ممتاز مفتي/ شگفته شاهه
ڪُئو
هن سجيل سنواريل آرام ڏيندڙ ڪمري ۾ اسين ٻه
هئاسين، پر ٻئي اڪيلا. جيڪڏهن اسين ٻئي اڪيلا
اڪيلا هجون ها ته يقيناً ايتريقدر اڪيلا نه هجون
ها. اسين ٻئي ته هڪ ٻئي کان تمام پري هئاسين....
بيحد دور. هوءَ مون مان بيزار هئي ۽ آئون هن مان
بيزار هئس. چاليهن سالن کان اسين هڪٻئي سان گڏ
رهندا آيا هئاسين.
چاليهه سال اڳ اسان کي هڪٻئي سان محبت هئي، عشق
هو. هڪٻئي سوا ڄڻ ساهه نڪرندو هو. مونکي اهو فڪر
رهندو هو ته جيڪڏهن هوءَ مونکي نه ملي ته آئون ڇا
ڪندس. کيس اهو غم رهندو هو ته هو ٻئي نه ملندا ته
زندگي ڏکي بڻجي ويندي. خوشقسمتيءَ سان معاملو ٺهي
ويو ۽ اسين ٻئي شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وياسين. ڄڻ
رنگ پکڙجي ويا. هڪ سال تائين ته اسين محبت ۾ گم
هئاسين.... ها بالڪل محبت جي رنگ ۾ رڱيل رهياسين.
هوءَ مون لاءِ جيئندي هئي ۽ آئون هن لاءِ.
پوءِ خبر ناهي ڇا ٿيو. آهستي آهستي کيس خبر پوندي
وئي ته آئون اهڙو نه هئس جهڙو هوءَ مونکي سمجهندي
هئي ۽ هوريان هوريان مونتي انڪشاف ٿيندو رهيو ته
سندس ڪجهه عادتون برداشت ڪرڻ جهڙيون نه هيون. پوءِ
جهيڙا شروع ٿي ويا ۽ ڪيترا ئي سال اسين هڪٻئي سان
جهيڙيندا رهياسين ۽ پوءِ اها صورتحال ايتريقدر
بگڙي جو اسان کي جهيڙي کانسواءِ ڄڻ ڪو ٻيو ڪم ئي
نه هو.
۽ هاڻي اسين پوڙها ٿي چڪا آهيون. وڙهي وڙهي ٿڪجي
پيا آهيون، سو هاڻي ته ايترو تعلق به نه رهيو آهي،
جو هڪٻئي سان جهيڙو ڪريون. هاڻي اسين فقط هڪٻئي کي
برداشت ڪري رهيا آهيون. هوءَ مونکي سهي پئي ۽ آئون
کيس سو به مجبوري ۾. هوءَ مون لاءِ چوندي آهي ته
منهنجو ته مٿو ڦريل آهي سو ڇا سمجهندس آئون هن
لاءِ چوندو آهيان ته سندس ته مغز ئي ڪونهي مٿي ۾
سو کيس ڪجهه به سمجهائڻ جي ڪوشش اجائي آهي.
اهڙي ريت اسين هڪٻئي سان گڏ، پر هڪٻئي کان پري،
ڳوٺ جي حويلي ۾ ڏاڍي سڪون جي زندگي گذاري رهيا
هئاسين. مون وٽ هن کي چوڻ لاءِ ڪجهه به نه هو ۽
هوءَ ته مونسان ڳالهائڻ پسند ئي نه ڪندي هئي.
ڏينهن ۾ فقط هڪ ٻه ڀيرو ڳالهائڻ جي ضرورت پوندي
هئي. هوءَ پٽاٽا ڇليندي چاقوءَ کي مخاطب ڪري چوندي
هئي.
”آئون پٽاٽن ۾ واڱڻ وجهان؟“
آئون شيوِ ڪندي پاڪيءَ کي چوندو هئس:
”وجهي ڇڏ.“
گهڻو ڪري ته اشارن ۾ ئي ڳالهه ٻولهه ٿي ويندي هئي.
هوءَ چوڻ کان سواءِ ئي سمجهائي ڇڏيندي هئي ۽ آئون
ڪجهه چوڻ بنان ئي سمجهائي ڇڏيندو هوس.
هاڻي جڏهن اسين ٻئي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي پٽ سڪندر جي
گهر آيا آهيون ته هڪٻئي سان ڳالهائڻ جي ضرورت ئي
نه رهي. هوءَ پنهنجي بستري تي خاموش ويٺي دريءَ کي
ويٺي ڏسندي رهندي آهي ۽ آئون ڪرسيءَ تي ويهي هيٺ
روڊ تي هلندڙ ٽريفڪ کي ڏسندو رهندو آهيان. ڪيترو
سڪون ۽ اطمينان آهي.
پهرين اسين ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين. اتي جي حويليءَ جي
ڪيترين سالن کان مرمت نه ٿي هئي. انڪري ٽٽل ڦٽل
هئي. سڪندر کي ڪيترائي ڀيرا ان کي جوڙائڻ لاءِ
چيم، پر هن ڪا به پرواهه نه ڪئي ۽ ڳالهه ٽاري ڇڏي.
سڪندر اسان جو سڪيلڌو پٽ هو. هو گهڻو وقت ڳوٺ ۾ نه
رهيو. پهريان شهر ۾ پڙهڻ لاءِ بورڊنگ ۾ رهيو ۽
پوءِ وڏو ڪامورو بڻجي ويو. زال به شهري مليس. هن
اسان کان پڇڻ بنان ئي پاڻ ڳولي ورتي. جيئن مون
ڳولي هئي ۽ هاڻي هو هن جي محبت ۾ جڪڙيل آهي، جيئن
آئون ٿيو هوس. سڪندر ۽ سندس زال ڪراچيءَ ۾ وڏي ٺاٺ
سان رهندا آهن. اڃا ٻار ٻچو ڪونهي، سو بس هُو فقط
هڪٻئي ۾ ئي ٻڏل آهن.
ڳوٺ واري حويلي جي اولهه واري پاسي ٽي ڪمرا چڱيءَ
حالت ۾ آهن جتي اسين ٻئي رهندا آهيون. حويلي ڳوٺ
کان ٿورو پرڀري آهي ۽ گوڙ گهمسان کان پري آهي.
حويليءَ کان سؤ قدم پريان سائين دروٽ جو مزار هو
جيڪو اسان جي درين مان صاف نظر ايندو هو. هن کي
سائين چپ شاهه به سڏيندا هئا. ڇو ته اها ڳالهه
مشهور آهي ته هن سڄي حياتي ڪنهن سان به نه ڳالهايو
هو. بس اشارن سان ئي ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا. آئون
پيرن فقيرن کي نه مڃيندو آهيان پر هڪ ٻه ڀيرا خبر
چار وٺڻ لاءِ مزار تي ويو هوس. اتي وڃي خبر پئي ته
سائينءَ جو اصل نالو در- وٽ هو جيڪو ناسمجهيءَ سبب
دروٽ ٿي ويو هو جو سائين سڄي عمر ڊر وٽي رکي هئي.
اهو ڄاڻي مونکي سائينءَ سان دلچسپي پيدا ٿي ان
لاءِ اسين به سائين وانگر ڊر- وٽي زندگي گذاري
رهيا هئاسين.
مزار تي هڪ شخص باقاعدي حاضري ڏيندو هو ۽ اتي
ٻهاري ۽ صفائيءَ ۾ مصروف رهندو هو. سندن نالو فضلا
هو. فضلا شهر ۾ رهندو هو، پر جڏهن به کيس موڪل
ملندي هئي ته مزار تي ايندو هو. مون کي مٿس رحم
ايندو هو. ويچارو احمق هروڀرو سائينءَ سان لنئون
لڳايو ويٺو هو.
پوءِ منهنجي ۽ منهنجي گهر واريءَ وچ ۾ ڪُئي بابت
ڳالهه ٻولهه شروع ٿي وئي ۽ ايترو ته هلي، ايترو
هلي جو سڀ ڪجهه الٽ پلٽ ٿي ويو. خبر ناهي ته ڇا
ٿيو جو هوءَ هوءَ نه رهي ۽ آئون، آئون نه رهيس.
اڃان ڪُئي جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي جو اوچتو
سڪندر اچي ويو ۽ اسان کي زوريءَ ڪراچي وٺي آيو.
ڪراچيءَ ۾ ٽي چار هفتا ته اسين گهمندا رهياسين.
منگهوپير، ڪياماڙي ۽ الاهي ڪهڙيون ڪهڙيون جايون ۽
پوءِ نيٺ اهي جايون به پوريون ٿيون. ۽ پوءِ اسين
سجيل سينگاريل بيدي جيان چمڪندڙ فليٽ ۾ اڪيلا رهجي
وياسين. سڪندر ۽ سندس زال صبح جو پنهنجي پنهنجي
آفيس هليا ويندا هئا ۽ شام جو ڪا پارٽي يا ڊنر
هوندي هئي. گهر ۾ فقط اسين ۽ نوڪر هوندا هئا.
وري ساڳي سجيل سينگاريل اڪيلائي ڪُکڻ لڳي. ڪمري جي
اها سجاوٽ، آرام ڏيندڙ صبح شام ۽ تڪليف ڏيندڙ رک
رکاءِ سڀ ڄڻ بار بڻجي پوندا هئا ۽ ڄڻ ساهه ٻوساٽجڻ
لڳندو هو. ڳوٺ ۾ اها ڳالهه نه هئي. اتي اڪيلائي ته
هئي، پر ساهه نه ٻوساٽبو هو. اتي اسين ٻئي ايڏا
اڪيلا نه هئاسين ۽ بيزاري ايڏي گهاٽي نه هئي.
ڳوٺ ۾ هوءَ مون لاءِ چانهن ٺاهيندي هئي، کاڌو
رڌيندي هئي ۽ آئون ڪڏهن ڪڏهن بازار مان ڳنڌڻ وٺي
ايندو هوس. ڪراچيءَ ۾ ته نه ته ماني ٺاهڻ جي ڳالهه
هئي نه ئي سودو سلف آڻڻ جي. انڪري اسين هڪٻئي کان
بنهه بي نياز ٿي ويا هئاسين ۽ سڄو سڄو ڏينهن
ورانڊي ۾ ويهي آئون رستي تي هلندڙ گاڏين جو نظارو
ڏسندو هوس ۽ هوءَ اندر ويهي الاهي ڇا ويٺي ڪندي
هئي.
هڪ ڀيرو جڏهن آئون روڊ جو نظارو ڏسي رهيو هوس ته
هن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. چيائين: ”شهرن ۾ ڪُئا نه
هوندا آهن ڇا؟“
مون حيرت مان مڙي کيس ڏٺو. هوءَ ٽائلن سان ٺهيل
فرش تي نگاهون وجهي ويٺل هئي ڄڻ هن مون کان نه، پر
انهن کان پڇيو هو.
ڪُئي جي ڳالهه ٻڌي منهنجي دل ٻڏڻ لڳي. سو نيٺ ڪُئو
هتي به پهچي ويو هو. ڪيڏي مشڪل سان ڳوٺ ۾ هن مان
جان ڇڏائي هئي.
”هوندا.“ مون وري روڊ ڏانهن ڏسندي چيو. دير تائين
خاموشي رهي پوءِ وري سندس آواز ٻڌڻ ۾ آيو:
”هتي ته ڪوبه ڪُئو نه آيو.“
”هتي نه آيو ته آئون ڇا ڪريان. ڇا ان ۾ به منهنجو
ڏوهه آهي؟“
مونکي ڪاوڙ اچي وئي ۽ مڙي ڏٺو. عابده ڪونڊيءَ مٿان
جهڪيل هئي ڄڻ هن اهو سوال ڪونڊيءَ کان ئي پڇيو هو.
مون به پنهنجي سليپر کي مخاطب ٿيندي چيو:
”ڪُئو هتي ٽائلن ۾ ڪيئن ٻِرو ٺاهيندو؟“ ڪمري ۾ دير
تائين خاموشي رهي ۽ پوءِ هن ڇت کي مخاطب ٿيندي
چيو:
”بيشڪ ٻِر نه ٺاهي، پر اچي ته سهي.“
ان تي مونکي ڪاوڙ لڳي. هن عورت جو ڪو پتو ئي نٿو
پوي. جڏهن ڳوٺ ۾ هئي ته چوندي هئي ته ڪئو ڇو ٿو
اچي؟ هاڻي چوي ٿي ته ڪئو ڇو نٿو اچي.
ڳوٺ ۾ ڪُئي واري ڳالهه اوچتي شروع ٿي وئي هئي. ٿيو
ايئَن هو جو ڳوٺ ۾ هڪ رات آئون جاڳيس ته ڏسان ته
عابده کٽ تي ڄڻ ڳٺڙي بڻي ويٺي هئي. مون سوچيو ته
ويٺي آهي ته ويٺي هجي پنهنجو ڇا ٿو وڃي؟ پر وري جو
ڏٺم ته هوءَ ڏڪي رهي هئي.
”ڇا ٿيو؟“ مون پڇيو.
هن ڏڪندڙ آواز ۾ چيو: ”ڪُئو آهي.“ ان تي مون کي
ڪاوڙ اچي وئي ته ڪئو آهي ته ڀلي هجي. ٻهراڙيءَ ۾
ڪئو ته هوندو ئي سو مون ڪو به جواب نه ڏنو ۽ رلي
پائي وري سمهي رهئس. ٻيهر جاڳيس ته ڏٺم ته هوءَ
ساڳي ريت جيئن جو تيئن ويٺل هئي.
”سمهين ڇو نٿي؟“ مون چيو.
”ننڊ نٿي اچي.“
”ڇو نٿي اچي؟“
”ڊپ ٿو ٿئي؟“
”ڇا جو ڊپ؟“
”ڪُئي جو.“
”ڇا ڪندو ڪُئو؟“
”چڪ پائيندو.“
لاحول ولا قوت! هيءَ سمجهي ٿي ته سندس گوشت ايڏو
لذيذ آهي جو ڪئو کيس چڪ پائڻ لاءِ ايڏو پري کان
آيو آهي.
ٻئي ڏينهن هن مونکي هڪ سوراخ ڏيکاريو ۽ چوڻ لڳي:
”ڪئو هتان ايندو آهي.“
مون ان سوراخ مطابق هڪ پٿر ڳوليو ۽ هٿوڙي سان ان
کي سوراخ ۾ ٺوڪي ڇڏيو ’اچي‘ مون کيس مخاطب ڪرڻ
بنان چيو:
”هاڻي ڪئو نه ايندو.“
رات جو هن مونکي جاڳايو ۽ چيو:
”ٿورو ٻڌ ته.“
مون ٻڌو ته واقعي ئي ٽڪ ٽڪ جو آواز پئي آيو. ٻئي
ڏينهن هن هڪ ٻيو سوراخ ڳولي لڌو ته هتان ٿو اچي.
اٺ ڏهه ڏينهن اسين سوراخ ڳولهيندا ۽ بند ڪندا
رهياسين پوءِ به ڪُئو ايندو رهيو. پوءِ مون هڪ
ترڪيب سوچي. مون کيس چيو ته ڪئو کيس چڪ پائڻ نٿو
اچي، پر ڪجهه کائڻ لاءِ ايندو آهي. جيڪڏهن ڏيڍيءَ
ڀرسان کائڻ جي ڪا شيءِ رکجي ته هو رڌڻي ۾ ويندو ۽
نه پوءِ اسان جي ڪمري ۾ نه ايندو. هن منهنجي ڳالهه
مڃي ورتي. ٻه ٽي ڏينهن ته هوءَ سڄي گهر ۾ بڙ بڙ
ڪندي گهمندي رهي ته ڪُئو ڪهڙي شئي شوق سان کائيندو
آهي. مونکي ڪهڙي خبر ته ڪُئو ڇا کائيندو آهي.
انڪري آئون خاموش رهئس. ٽئين ڏينهن هوءَ خبر ناهي
ڪٿان ٻڌي آئي ته ڪئو پنير شوق سان کائيندو آهي.
روز هوءَ رومال ۾ ڏهي ٻڌي لڙڪائي ڇڏيندي هئي ته
جيئن شام تائين پنير تيار ٿي سگهي.
ٻئي ڏينهن هوءَ صبح سوير ڊوڙندي آئي ته ڪُئي سڄو
پنير کائي ڇڏيو هو. ان کانپوءِ آئون جڏهن به ٻاهر
نڪرندو هوس ته ڏيڍيءَ وٽ پيل ڪُئي جي ٿالهيءَ کي
غور سان ڏسندو هئس ته هن ڪجهه کاڌو هو يا نه. رات
جو اک کلندي هئي ته ڪنائيندو هئس ته ڪُئو ٽڪ ٽڪ
ڪري پيو يا نه.
ڏهن پندرهن ڏينهن بعد عابده منهه ڀيلو ڪري ڪمري ۾
داخل ٿي ۽ چيائين:
”ڪُئو نه آيو.“
”ڪُئو نه آيو؟“ منهنجي وات مان نڪتو: ”ڇو ڪونه
آيو؟“
هن چيو: ”ڏس ته، ماني ۽ پنير اهڙا ئي پيا آهن.“
آئون اٿي ڏيڍيءَ وٽ آيس ته ڏٺم ته ڪُئي واري
ٿالهيءَ تي هڪ جهرڪي چڙهي ويٺي هئي ۽ ٺونگا هڻي
رهي هئي. مون عابده کي سڏيندي چيو: ”هي ڏس، ڪُئي
جو پنير جهرڪي پئي کائي.“ هوءَ دروازي تي آئي ۽
چيائين:
”کائڻ ڏينس! ويچاري بکايل آهي.“
ان بعد عابده روز صبح جو مونکي سڏي ٻڌائيندي هئي
ته ڪُئو اڄ به نه آيو. انهن ئي ڏينهن ۾ سڪندر اچي
ويو ۽ اسان کي زوريءَ ڪراچي وٺي آيو.
ڪراچيءَ اچڻ بعد آئون ڪُئي کي صفا وساري ويٺو هئس
ته اوچتو ان ڏينهن هن ڪُئي جو ذڪر ڇيڙي مونکي
پريشان ڪري ڇڏيو هو. دراصل آئون ان ڳالهه تي
شرمندو ٿي رهيو هوس ته ڳوٺ ۾ ڪُئي واري ڳالهه شروع
ڪري هن مونکي خوب احمق ٺاهيو هو انڪري مون سوچيو
هو ته ڪُئي جي ڳالهه جو آئون ڪو به جواب نه ڏيندس.
ٻه ڏينهن هوءَ ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڪُئي جو ذڪر
ڪندي هئي، پر آئون جواب نه ڏيندو هئس. ٽئين ڏينهن
هوءَ ڳوٺ موٽڻ لاءِ تيار ٿي وئي. سڪندر روڪڻ جي
ڪافي ڪوشش ڪئي. پر هوءَ نه مُڙي. ٻئي ڏينهن اسين
گاڏيءَ ۾ چڙهياسين. سڄي رستي ۾ هوءَ ڄڻ پنهنجو پاڻ
کي چوندي رهي:
”ڪُئو اسان جي واٽ نهاريندو هوندو.“ مون ڪوبه جواب
نه ڏنو. ٻئي ڏينهن تي اسين گاڏيءَ مان اسٽيشن تي
لٿاسين جتان ٽانگي تي ويهي ڳوٺ وڃڻو هو ته اتي
فضلا ملي ويو. مون چيو:
”فضلا! تون ڪٿان پيو اچين؟“
هن چيو: ”شهر مان آيو آهيان. سائينءَ جي حاضري ڏيڻ
ڳوٺ پيو وڃان.“
مون چيو: ”فضلا! تون سائينءَ دَر وَٽ کي مڃيندو
آهين ڇا؟“
هن نهڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ چيائين: ”مون سائينءَ کي
ڏٺو ئي ڪونهي ته مڃيندس ڪيئن؟“
”پوءِ تون مزار تي باقاعدي حاضري ڇو ڏيندو آهين؟؟“
”ان ۾ هڪ راز آهي.“
”ڪهڙو راز؟“
”بس ايترو راز آهي ته....“ فضلي چيو: ”ڌيان پاڻ
تان هٽائي ٻئي تي لڳائي ڇڏيو پوءِ کڻي اهو ڪو پير
فقير هجي يا کڻي ڪُئو هجي.“
”ڪُئو هجي؟“ مون حيرت مان ڏانهس نهاريو.
”ها“ هن چيو: ”ڀلي کڻي ڪُئو هجي.“ ۽ پوءِ معنيٰ
خيز مرڪ سان منهنجي طرف ڏسندي چيو:
”توهان هلو سائين. آئون نذر نياز کڻي ڳوٺ پهچي
ويندس.“
ٽانگو هلڻ لڳو ته مون ٽانگي واري کي چيو:
”ٿورو ترس“ ۽ پوءِ بنان سوچڻ ۽ سمجهڻ جي چيم:
”عابده!“
عابده حيرت مان مون کي ڏٺو. خبر ناهي ته ڪيترن
سالن بعد مون کيس نالي سان سڏيو هو.
مون چيو:
”عابده هن لاءِ ڪجهه وٺي هلون هِتان؟“
هن جي اکين ۾ خوشيءَ جي هڪ لهر ڇلي ۽ چيائين:
”آئون وٺي آئي آهيان.“
اهو چوندي هن ٿيليءَ مان ولائتي پنير جو هڪ دٻو
ڪڍيو ۽ فڪر مند آواز ۾ چيائين:
”سڪندر جا پيءُ! هو ولايتي پنير کائيندو ڇا؟؟“
عبدالرزاق ڪلهوڙو
بي گناهه
انتهائي ڪمزور ضعيف سُڪل ۽ هڙٻاٽيل جسم وارو هڪ
پوڙهو شخص، اڻ واقف هوندي منهنجي اندر ۾ پنهنجائپ
جي ڇِڪ جيان عزيزن وانگر لڳو هو. هڪ مسافرخاني ۾
خالي بئنچ تي اڪيلو اڪيلو مختلف خيالن جي وهڪري ۾
لڙهي رهيو هو، سندس پوڙهين اکين مان زخميل ڦڙا،
تيزيءَ سان ڳلن کان هيٺ ڏڙهه ڏڙهه ٿي وهي رهيا
هئا…
اهو المناڪ منظر ڏسي منهنجي ذهن کي جُهٻو اچي ويو،
آءٌ ٿوري دير بيهي رهيس…
بي ساخته طور تي منهنجي اندر جي آهه ڄڻ دانهن ۾
تبديل ٿي وئي هئي. هوا جون لڙاٽيل لهرون منهنجي
جسم مان نڪري آيل هلڪي پگهر کي ڄڻ ته ٿورڙو آٿت ٿي
ڏنو، پر اها هلڪي ڪَلَ منهنجي ظاهري جسم کي ڪجهه
به اثر نه ڏنو هو، ڇاڪاڻ جو جُهور پوڙهي جي ڏکايل
ذهني دٻاءَ مون کي به ڄڻ اذيت ۾ وٺي ڇڏيو هو.
مون ويجهو ويندي ساڻس ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪئي، ته
اذيت ۾ ورتل پوڙهي شخص خودبخود پنهنجو سربستو
احوال، ڪپڙن جي تاڪين جيان منهنجي اڳيان کولي
ڇڏيو.
”ظالمن… منهنجي ارڙهن سالن جي بي گناهه پٽ کي ٿاڻي
۾ اونڌو لٽڪائي ڇڏيو آهي. مسلسل سترهن ڏينهن کان
پوليس جي بيرحم تشدد هن جي سموري جسم کي ٽوڙي ڦوڙي
ڇڏيو آهي…
ڪرنگهيءَ جي هڏيءَ ۾ خلل پوڻ سبب دماغ ۾ چريائپ
جهڙا دؤرا پوڻ لڳا آهن…
پوليس جي وحشياڻي ڪاروائيءَ سبب منهنجو پٽ ٻنهي
ڄنگهن ۽ چيلهه کان معذور بڻجي ويو آهي…
ايڏي وڏي تشدد کان پوءِ به هن جي زبان مان مان
بيگناهه سائين… مان بيگناهه سائين… جون اُڀ
ڏاريندڙ دانهون نڪري رهيون آهن…
پوءِ ماٺ ٿي ويو، ليڪن سڏڪڻ کان چپ نه ٿيو. هُو
مسلسل روئي رهيو هو ۽ هن جي اکين مان ڳوڙها لار
ڪري وهي رهيا هئا.
ڏکايل پوڙهي جي ڳالهين مون کي ڪجهه وقت خاموش ڪري
ڇڏيو. آخر ٿوري وقت کان پوءِ آٿت ڏيندي مون کيس
چيو:
”چاچا… اوهان مٿي ڇو نه ٿا دانهيو…؟
نماڻيون اکيون کڻندي چيائين: ”ابا… هن بي درد دنيا
۾ انصاف ڪٿي رهيو آهي؟ مون پنهنجي نياڻي سميت قرآن
پاڪ کڻي، انصاف لاءِ ٻاڪاريو آهي، پر ڪنهن کي به
مظلوم تي ترس نه آيو، صرف زباني طور ”الله ڀلي
ڪندو.“ جو يقين ڏيارين ٿا… مون سميت گهر ڀاتين جي
ننڊ حرام ٿي چڪي آهي. صدمي ۾ هن جي ماءُ رات جو
ڇِرڪ ڀري چرين جيان دانهون ڪري اُٿي ٿي. آءٌ پوڙهو
سوچي سوچي ٿڪجي پيو آهيان. هاڻي ته راتين جون
راتيون رڳي دروازي ۾ نظرون وجهيو ويٺا آهيون. بي
رحم ظالمن رات به منهنجي پٽ کي ماريو آهي، الائي
ته ڪهڙي حالت ٿي هوندي منهنجي پٽ جي.“
”چاچا… ايڏي وڏي سزا ۽ ايڏو وڏو بي رحمي وارو تشدد
آخر ڪهڙي ڏوهه ۾ ٿي رهيو آهي؟“ مون کائنس پڇيو.
”ابا… چون ٿا جيستائين تنهنجو پٽ قتل ڪرڻ جو ڏوهه
نه ڀاسيندو ۽ فلاڻن فلاڻن تي نه بيهندو، ته سندس
سان اهوئي حشر ٿيندو…“
ٿاڻي ۾ منهنجي پٽ، جنهن بيوسيءَ جي نظرن سان مون
کي گهوري گهوري ڏٺو، انهيءَ منظر مون کي هن
پوڙهائپ ۾ ويتر به جهوري وڌو آهي، هن جي نماڻين
اکين، منهنجي اکين جي ننڊ ۽ سڪون گم ڪري ڇڏيو آهي.
ٽيون ڏينهن منهنجي پٽ جي باضابطه ٿاڻي تي گرفتاري
ڄاڻائي، سول جج وٽ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو.
عدالت اڳيان منهنجي پٽ اُڀ ڏار دانهون ڪندي پوليس
جي ڪيل تشدد ۽ بي رحميءَ کي وڏي واڪي بيان ڪيو ته
عدالت سڳوريءَ ۾ سڪتو طاري ٿي ويو. وڪيلن جا ڪنڌ
شرم کان جهڪي ويا. پوليس نفريءَ جي نِرڙ تان پگهر
نه پئي بيٺو. جج صاحب فوري طور تي منهنجي معذور
ڪيل ۽ ڌڪن ۾ مفلوج ٿيل پٽ کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جو
حڪم فرمايو، پر پوليس وارن هيلٿ سينٽر تان چڪر
لڳرائي ٿاڻي تي آڻي اونڌو لٽڪائي نڪ ۾ ٿڌي پاڻيءَ
سان نسوار ۽ ڄنگهن کي چيري هيٺين ڌڙ کي مڪمل طور
مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ڏوهه ۾ ته هن جج اڳيان
پوليس جي پڙهايل بيان کي ڇونه ورجايو…
مقتول جا حقيقي قاتل لکين رپيا رشوت ڏئي مڇون وٽي
کُلي عام آزاد گهمي رهيا آهن. پوري علائقي واسين
جي چپن تي قاتلن جي نالن جو چؤٻول هلي رهيو آهي.
پوليس ڳري رشوت وٺڻ بعد پنهنجي اکين ۽ ڪنن تي کوپا
چاڙهيو بيٺي آهي. ڪيترائي ٻڌا ۽ ڪيترائي ڇٽا وڃن
ٿا. هن وقت به ڪيترائي بي ڏوها بي گناهي جي سزا
ڪاٽي رهيا آهن. مٿين ليول تائين سفارش ۽ رشوت عيوض
هيڏو سارو خون لوڙهي مظلوم ۽ بي گناهن کي ٻوڙي
ڇڏيو آهي.“
پوڙهي جا ڏکائتا لفظ ۽ احساس، منهنجي ذهن ۾ عجيب
هلچل پيدا ڪرڻ لڳا، ڳچ وقت تائين پنهنجو پاڻ ۾ گُم
ٿي ويس.
پوڙهي شخص جو درد جون دانهون منهنجي روح جي
جهوليءَ ۾ گڏ ٿينديون ٿئي ويون.
ايڏيون وڏيون بي واجبيون، نسورا حق، سختيون ۽
عذاب، هن پوڙهي بي واهي ۽ يتيم کي ڪيترو ته ايذايو
آهي، ناحق پئسي ڪاڻ پوليس وارن، بي گناهه کي ڪيئن
ته مروڙيو ۽ مروٽيو آهي…
نئون ڪتاب
نوان ڪتاب
دنيا ۾ اهڙا گهٽ ماڻهو آهن، جيڪي ايڏو مشهور هجن،
جو سندن نالي جي جاءِ تي اڪثر سندن نالي جا
ابتدائي اکر واپرايا وڃن. اُنهن ۾ آئرلينڊ جو هڪڙو
رهواسي هو، جنهن جي نالي جا ابتدائي اکر
’جي.بي.ايس‘ آهن. آءٌ ڀانئيان ٿو، ته هو پنهنجي
وقت جو سڀ کان ناميارو اديب هو. هُن جي ڀروسي ۾ نه
ايندڙ زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ تي هڪڙو ڪتاب لکيو ويو
آهي، جنهن جو عنوان به هن جو نالو نه آهي، رڳو
پهرئين پَني تي اکر لکيل آهن: جي.بي.ايس- جارج
برنارڊ شا.
برنارڊشا جي زندگي اچرج ۾ وجهندڙ تضادن سان ڀرپور
هئي. مثال طور هو رڳو پنجن ورهين تائين اسڪول ۾
پڙهيو هو، پر رسمي تعليم جي کوٽ باوجود، هُن کي
پنهنجي دؤر جو مهانَ اديب مڃيو ويو آهي، ۽ هُن کي
زندگيءَ ۾ اهو اعزاز مليو، جيڪو ڪنهن اديب لاءِ
زندگيءَ جو سڀ کان وڏو اعزاز هجي ٿو، يعني: هُن کي
ادب ۾ ’نوبل پرائيز‘ مليو. انهيءَ انعام ۾ ست هزار
پائونڊن جي رقم به شامل هئي، پر جارج برنارڊ شا
سمجهيو، ته هُن کي نه اعزاز جي ۽ نه ئي رپين جي
گهُرج آهي، تنهنڪري هُن پئسا وٺڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو. نيٺ هُن کي انهيءَ ڳالهه تي راضي ڪيو ويو ته
هو رڳو هڪڙي سيڪنڊ لاءِ اِها رقم قبولي ۽هڪڙي هٿ
کان وٺي ٻئي هٿ سان ”اينگلو- سوئيڊش ادبي اتحاد“
نالي جماعت کي اَرپي ڇڏي.
برنارڊ شا جو والد سُٺي آئرش گهراڻي سان ناتو
رکندو هو، هُن جي ماءُ، پنهنجي امير چاچيءَ جي
مرضيءَ خلاف، برنارڊ شا جي پيءُ سان شادي ڪئي هئي
۽ انهيءَ ڏوهه سبب سندس چاچيءَ، پنهنجي ڀائيٽيءَ
کي پنهنجي ملڪيت کان عاق ڪري ڇڏيو هو. سندس ڪُٽنب
جي مالي حالت ڪمزور هئڻ سبب برنارڊ شا کي پندرنهن
ورهين جي ڄمار ۾ پيٽ پالڻ لاءِ مجبوريءَ ۾ ڪم ڪرڻو
پيو. ملازمت جي پهرئين سال هو هڪڙي پائونڊ ماهوار
کان به گهٽ پگهار تي ڪم ڪندو رهيو.
پوءِ سورنهن ورهين کان ويهن ورهين جي ڄمار تائين،
هو ذميدار خزانچيءَ طور فرض نڀائيندو رهيو. هُن جي
هفتيوار پگهار 35 شِلنگ هئي، پر هُن کي دفتري ڪم
کان نفرت هئي، انهيءَ جو سبب اهو هو، ته هُن جي
سکيا اهڙي گهراڻي ۾ ٿي هئي، جتي علم توڙي فن ۽ ادب
توڙي موسيقيءَ جا ڏيئا روشن هئا. ستن ورهين جي
ڄمار ۾ برنارڊ شا، شيڪسپيئر، بيڪن، الف ليليٰ ۽
انجيل جو اڀياس پورو ڪري ورتو هو. جڏهن هو ٻارنهن
ورهين جو هو ته بائرن، چارلس ڊڪنز، ڊوما ۽ شيلي
هُن جي نظر مان گذري چڪا هئا. ارڙهن ورهين ۾ قدم
رکڻ کان اڳ هو ٽوائن وال، اسٽوئرٽ مل ۽ هوبرٽ
اسپينسر جي لکڻين کان واقف ٿي چڪو هو. مهان اديبن
هُن جي سوچ کي تيز ڪري، سندس ذهن کي عجيب سپنن جو
مرڪز بنائي ڇڏيو هو ۽ هو انهيءَ سبب پنهنجي آفيس
جي مامرن ۾ بلڪل چاهه نه وٺندو هو. هُن جي سوچ ته
ادب، فن، سائنس ۽ مذهب جي سونهن کي پنهنجو گهرڙو
ٺاهي ورتو هو.
پنهنجي ويهين سالگره کان ٿورو وقت اڳ، جارج
برنارڊشا پاڻ کي چيو: ”زندگي رڳو هڪڙوڀيرو ملي ٿي.
آءٌ انهيءَ کي دفتري اُلجهنن جو هرگز شڪار ٿيڻ نه
ڏيندس.“
تنهنڪري 1876ع ۾ هو نوڪري ڇڏي لنڊن هليو آيو، جتي
هُن جي والده موسيقيءَ جا سبق ڏئي، گذران پئي ڪيو.
اُتي بربارڊشا ادبي زندگيءَ جي ابتدا ڪئي، جنهن
هُن کي دولت ۽ دنيا ۾ ناماچاري ڏني.
حسين بادشاهه
ڪتاب ”مشهور شخصيتون“ ص 7-9 تان کنيل
سيوهڻ سنڌ جو تاريخي شهر آهي. هن شهر جي هر پاسي
اڄ به اتهاس جا ڦاٽل ورق، ٽِڙيا پکڙيا پيا آهن،
پراڻن مقبرن قديم خانقاهن، سيوهڻ جي قلعي، حضرت
قلندر لعل شهباز، حضرت ڇٽي اُمراڻي، پير پوٽن جي
مقبرن، قلندر شبهاز جي قديم علم، گجگاهه ۽ ٻين
انيڪ هنڌن ۽ ماڳن مان جهاتيون پائيندي اهي اوراق
نظر ايندا، هوائن جي دوش تي جهاتيون پائي، اسان کي
پنهنجي تاريخ جا داستان ٻڌائيندي نظر ايندا.
تاريخ ۾ سيوهڻ جو ذڪر ايئن آهي، ڄڻ رات جي
اونڌاهيءَ ۾ ڪوئي هيرو جڳمڳ جڳمڳ ڪندو رهندو آهي.
سيوهڻ جو حسن تاريخ ۾ زنده آهي. دنيا کي فتح ڪندڙ
سڪندراعظم جي گهوڙن جي سنبن هيٺيان اچي هن ڌرتي
پاڻ کي ڌوڏيو آهي، ته ڪيترن حاڪمن سيوهڻ جا در اچي
پسيا آهن. سوين سڪندر، قاسم ۽ ٻيا آيا ويا، پر
سيوهڻ اڃان اُتي قائم آهي. لال شهباز جو قبو ۽
قلعو اڃا اُتي آهي سنڌو درياءَ ۽ اڙل واهه اتي ئي
پيا وهندا رهن. سنڌو درياهه اڄ به سيوهڻ کي سلام
ڪندو ٿو وهندو رهي ۽ سيوهڻ جو اتهاسرو ۽ پراچين
قلعو ڪنڌ کڻي هر اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي لام کي
ڏسندو پيو اچي، مشهور سياح اِبن بطوطه اڄ کان پوڻا
ست سؤ ورهيه سيوهڻ ڪهي آيو هو. اهو سال 1333ع جو
هو. سنڌ جي حڪمران ڄام فيروز خان انڙ ان وقت دهلي
جي حڪمران محمد شاهه تغلق جو صوبيدار ملڪ رتن سان
جنگ جوٽي رهيو هو. اِبن بطوطه، سيوهڻ جي قلعي جي
ويجهو، ڪنهن مدرسي جي ڇت تان، قلعي جي عالم پناهه
وٽ سنڌي جهونجهارن جا سر لڙڪندي ڏٺا هئا.سنڌ ان
مهل پرڏيهي حاڪمن سان ويڙهه وڙهي رهي هئي. ۽ اها
ويڙهه اڄ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جاري آهي.
مير حاجن مير
ڪتاب ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“ ص 14 تان کنيل |