سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :8

ريحانه نظير

 

سنڌي ڪهاڻي جي تخليق ۾ مقامي ادبي

تحريڪن جو ڪردار

ننڍي کنڊ ۾ اٿندڙ سماجي تحريڪن جي لھر سماج جي ھر شعبي سان گڏ ادب کي پڻ متاثر ڪيو بلڪـ ڪٿي ڪٿي ته ائين ٿيو ته ادب انھن سماجي تحريڪن کي زور وٺائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڇو ته بقول علي سردار جعفري جي ته

  ان حوالي سان سنڌي ادب جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته ان ۾ ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ مواصلاتي نظام جي تيز رفتاري سبب هن ڪيترين ئي سماجي تحريڪن جو اثر قبوليو. ننڍي کنڊ ۾ اھي تحريڪون 19هين صدي جي آخر ۾ اڀريون جنھن مان خاص طور تي بنگالي جاڳرتا جو به ذڪر ڪري سگھجي ٿو.

بنگالي جاڳرتا جي ڏس ۾ سڄي ھندستان ۾ سماج سڌارڪ ديش ڀڳتي مالڪ جون تحريڪون برپا ٿيون. بقول رسول بخش پليجي جي ته ”بنگال ۾ راجا رام موهن راءِ جي برهموسماج ۽ مهاراشٽر ۾ برهمڻ مخالف تحريڪ جي اڳواڻ جيوبا ڦلي جي ٺاهيل ”ستيا شوڌڪ“ سماج جهڙين سماجي سڌاري جي تحريڪن هندوسماج ۾ ڪافي هلچل پيدا ڪئي. ان کان علاوه  تلڪ جي شروع ڪيل ڳڻيش پوڄا، بنگال جي انقلابين جي شروع ڪيل درگا پوڄا جون تحريڪون اهي سڀ هندستان جي وچين طبقي جي ماتحت هلي رهيون هيون انهن جي پويان جيڪو نظريو هو سو هندو دانشور طبقي جي ذهني تخليقن جي پيداوار هو. هنن دانشورن ۾ مشهور ناول نويس بنڪم چئٽرجي شامل هو. جنهن بندي ماترم ۾ ڀارت ماتا جي نظريي مطابق ”بندي ماترم“ جو نعرو بلند ڪيو.“ (2) 

انڪري ان وقت جي لکيل ادب، شاعري توڙي ڪھاڻين ۾ انھن تحريڪن جو نمايان عڪس جھلڪندي نظر اچي ٿو. خاص طور تي قومي جاڳرتا جنهن ۾ آزادي جي جدوجهد سمايل نظر اچي ٿي.  بقول شمس الدين عرساڻي جي ته انھن تحريڪن جي اثر ھيٺ ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ منڊليون ۽ سڀائون قائم ڪيون ويون، انھن منڊلين ۽ سڀائن عوامي جاڳرتا لاءِ اخبارون۽ رسالا جاري ڪيا. ديوان ڪوڙومل انھن ئي بنگالي ڀڳتي تحريڪن کان متاثر ٿي سماج سڌارڪ خيال کان بئڪم چندر چئٽرجي جون ڪھاڻيون ترجمو ڪيون، ۽ جيئن ته اھو دور عالمي حوالي سان سياسي اٿل پٿل جو دور ھيو، جنھن ۾ قومي ۽ سماجي تحريڪون زورن تي ھيون، مٿان وري پھرين مھاڀاري لڙائي پڻ سڄي دنيا کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڪيترائي سنگين مسئلا کڙا ڪري وڌا ھئا. بقول خاڪي جويو جي تـه ”پهرين وڏي جنگ جنهن ۾ لکين انسان قتل ٿيڻ لڳا، هزارين شهر ڊهي پٽ پيا، ڌرتي تـه ڇا پر ڪروڙين انسانن جي وهيل رت سان سمنڊ بـه ڳاڙها ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾  سڄي انسان ذات  آويءَ ۾ ڪوئلي وانگر سڙندي رهي.“ (3)

انڪري ان لڙائي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل سماجي مادي ۽ اقتصادي مسئلن جو سنڌي سماج تي گهرو اثر پيو ۽ ادب ۾ نون قدرن جو اضافو ٿيو ڪجهه وقت ئي نـه گذريو هو جو عالمي سطح تي روسي انقلاب برپا ٿيو جنهن ادب ۾ مارڪس جي فلسفي جو ڦهلاءُ ڪيو، جنهن هاري، پورهيت ۽ مزدور کي غير طبقاتي سوچ  ۽ فڪر جو سڏ ڏنو. ڪيرت پاٻاڻي انهن حالتن جو تجزيو ڪندي لکي ٿو تـه“ روسي انقلاب جي عالمگيري اهميت ۽ اثر هيٺ مارڪسوادي جمالياتي نظريو ساري دنيا ۾ ڦهلجي ويو جنهن کان دنيا جا ڪيترائي ناميارا ٻڌيمان، ڪلاڪار، ساهتڪار ۽ خود وگياني متاثر ٿيا ۽ سندن رچنا ڪاريه تي به ان جو زوردار پرڀاءُ پيو. ٻين ديشن جي ساهتڪارن تي پڻ هن ويچار ڌارا جو زوردار اثر پيو، جنهن هڪ تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن کي رابندر ناٿ ٽئگور ۽ منشي پريم چند جهڙن مهان ساهتڪارن جي آشيرواد ملي تنهن کان پوءِ ته سڀني ٻولين ۾ برک ساهتڪارن هن نظريي جي آجيان ڪئي ۽ ڪيتريون اعليٰ رچنائون تخليق ڪيون.“ (4)

 انگريزن جي دور ۾ سنڌي سماج جي سرشتي ۾ تبديلي جا اھي اھڃاڻ ان دور جي ادبي ڪاوشن مان معلوم ٿي وڃن ٿا. ھيٺ انھن جو ڪجھ تفصيل پيش ڪجي ٿو.

 1914ع ۾ سنڌ جي ادبي ماحول مان جنم ورتل ”سنڌي ساھت سوسائٽي طرفان به ڪي رسالا به شايع ڪيا ويا جن ۾ انھن مسئلن تحت ڪھاڻيون ڇپجڻ لڳيون جن جو موضوع  سماجي ۽ اخلاقي ھو انھن رسالن مان ڪجھ رسالا مثلا لٽڪا چٽڪا ماھوار گلشن ”راجپوت وغيره. اھڙيون ڪھاڻيون ڇپجنديون ھيون مثال پرمانند ميوارام جي لکيل ڪھاڻي ”لڇڻ وڌيڪ ڪن لڌو، ۽ ھيري جي منڊي نانڪرام ڌرم داس اخلاقي موضوع تي لکيل ڪھاڻي ڌرم جي وھي ۽ جيوت جو جس ۽ نرملداس فتح چند ھندو مسلم اتحاد تي لکيل ڪھاڻي، سروجني لعل چند امر ڏني مل جيھر مکي جا ۽ ڪشني جا ڪشٽ  ۽ تلوڪ ٽيمي جي ڪھاڻي مون به سنگتي ۾ ڪجھھ ڏٺو ھو وغيره قابل ذڪر آھن.

1923ع ڌاري خود بنگالي اديب ۽ عظيم شاعر رابندر ناٿ ٽئگورجو سنڌ اچڻ پڻ سنڌي اديبن لاءِ اتساھڪ رھيو. (ٽئگور 1923ع ۾ چندي جمع ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو) ٽئگور جي سماج سڌارڪ امن، ڀائيچاري ۽ انسان دوستي وارن خيالن سنڌي اديبن کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ٽئگور جي سنڌ ياترا کان پوءِ گرڌاري ڪرپالاڻي( جيڪو ٽئگورجي قائم ڪيل تعليمي اداري ”شانتينڪيتن ۾ پڙھيو ھو) ٽئگور جي آکاڻين کي ترجمو ڪيو، ھندستان ۾ ان وقت خلافت تحريڪ، روسي انقلاب ۽ ٻين قومي تحريڪن جي حوالي سان ھلچل جو زور ھيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا ان دور تي روشني وجھندي لکي ٿو ته ”ان زماني ۾ خلافت تحريڪ ۽ ٻي عالمي جنگ جي حالتن جو اثر ھتي جي ملڪي ماحول سان گڏ علم ادب تي به پيو. آزادي جي تحريڪ قومي ۽ وطني جذبي ھندن جي اکنڊ ڀارت لاءِ ڪوشش ۽ مسلمانن جي پاڪستان لاءِ جدوجھد سنڌي ادب ۾ نوان موضوع، نوان قدر ۽ نئين نظر پيدا ڪئي، پر ساڳئي وقت ھندو مسلم اتحاد جي ڪوشش به ادب جو وسيلو اختيار ڪيو. انھن مڙني تحريڪن جو عڪس ان وقت جي ڪھاڻي ۾ نظر اچي ٿو.(5)

  ان دور جي ادبي رسالن مانڀارت جيون ڪھاڻي، آشا،  علمي دنيا، راجپوت ۽ گلشن جا نالا قابل ذڪر آھن ۽ سنڌ جا ڪجھ مشھورادبي اداراسندر ساھتيـه“ مسلم ادبي سوسائٽي رتن ساھتيـه منڊل وغيره جا نالا کڻي سگھجن ٿا.  ھن دور جو سڀ کان وڌيڪ قابل ذڪر رسالو ماھوارسنڌو
آھي جو جديد ادب خصوصا افساني جي ترويج ۽ ترقي ۾ سڀني کان اڳڀرورھيو.

اھو جريدو 1932ع ۾ پھرين شڪارپور پوءِ جيڪب آباد مان شايع ٿيڻ لڳو ۽ ملڪ جي ورھاڱي تائين باقائدا نڪرندو رھيو ھن رسالي جي اھم خاصيت اھا ھئي جو ھن ترجمن سان گڏ اصلوڪن افسانن کي به گھڻو فروغ ڏنو. هن رسالي ۾ شايع ٿيندڙ ڪهاڻي ۾ ”مايا جي مستي“ ارجن داس بي آڌواڻي (جولاءِ 1934ع) ”استري سکيا آدرش ۽ انڀپوءَ“  پروفيسر شيوارام اين ڦيراڻي ايم.اي جنوري 1932ع سنڌو (استري سماج) ۾ پرمانن ميوارام جو مضمون ”جتي زال جو قدر اتي سک جي پراپتي“،  ”مالهڻ جي ڌيءُ” نند لعل جرنلسٽ ۽ ”مشرق ۽ مغرب“ رڻبيرسنگ وير (نومبر 1934ع)  ”ڏسڻ ۾ ڇو نٿو اچين“ شيوڪ رام ڀوڄراج موٽواڻي سنڌو (جون 1934ع) ۽ ”امرت“ کيلداس وليرام ۽ ”جلاد“ مادهو داس شلالومل (فبروري 1936ع)  مرزا نادر بيگ پڻ پنهنجي افسانن جي شروعات هن رسالي سان ڪئي سندس لکيل پهرين ڪهاڻي ”موهني جي ڊائري“ هئي جا هن رسالي ۾ ڇپي. ان کان علاوه ھن رسالي  لطف الله بدوي، عبدالله عبد، شيوڪ ڀوڄراج، آسانند مامتورام، تارا چند ڦتل، گوبند مالھي ۽ ٻين جا معياري افسانا شايع ڪيا. جن ۾  لطف الله بدوي جو غريبت آسانند مامتورام جو ذھني ۽ نفسياتي مونجھارن بابت لکيل آکاڻي ڪڪي، عبدالله عبد جواسڪول ماسترياڻي، عشق ۽ فرض مرزا نادر بيگ جي اڇوتڀاڄائي موھنيماءُ جو قھر وغيره قابل ذڪر آھن. ان کان علاوھ ھن دور جي مشھور ڪھاڻي امر لعل ھنگوراڻي جي ادو عبدالرحمان آھي جيڪا ماھرن جي خيال موجب سنڌي ادب جي پھرين ترقي پسند ڪھاڻي ھئي.  بقول ڪيرت پاٻاڻي جي ته سنڌي ۾ صحيح معنيٰ ۾ نئين ۽ جديد ڪھاڻي جي ڪوشش ۽ وڪاس ۾ادو عبدالرحمان ھڪ وڏو قدم آھي. سنڌي ساھت اندر پنھنجي دور ۾ ھي ڪھاڻي حد نشان ٿي رھندي جتان سنڌي جديد ڪھاڻي جو بنياد ٻڌي سگھجي ٿو.“ (6)   

ھن 1930ع ۾ ڦلواڙي نالي رسالو ڪڍيو جنھن ۾ سندس لکيل بھترين افسانـه شايع ٿيا ۽ جيئن ته ھو ھڪ قانون دان ھو انڪري سندس اڪثر ڪھاڻيون ان پيشي سان تعلق رکنديون ھيون، سندس ٻين مشھور ڪھاڻين ۾ ھي به رانجھون سندي رمز (جيڪا فرانسي ليکڪ موپاسان جي ڪھاڻيمون لائيٽ تان ورتل آھي) رام رحيم“، لکيو ڪين ٽريو ”ٻڌي جي ڳالھ قابل ذڪر آھن.    ھن کان سواءِ ان دور ۾ عثمان علي انصاري جي افسانن جو مجموعو ”پنج پڻ شايع ٿيو جنھن ۾ ڪل پنج افسانا ڏنل ھئا جن مان ”ململ جو چولو  ھڪ نمايان حيثيت جو حامل افسانو مڃيو وڃي ٿو.  1925ع کان 1940ع تائين افسانن جو ٽيون دور شروع ٿيو جيڪو سياسي نقطـ نظر کان آزادي جي تحريڪن تي مشتمل هو. انڪري ان دور جون اڪثرڪھاڻيون قوميت جي رنگ ۾ رنگيل ڏسجن ٿيون، جن کي ادبي شاھڪار ته نٿو چئي سگھجي، پر اھي سڀ مقصديت سان ڀرپور ھيون. ڊاڪٽر عبدالجبار ان دور جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته ” اڻ ورھايل ھندستان ۾ آزادي جون تحريڪون شروع ٿيون، جڏھن اھي تحريڪون ھلندڙ ھيون يا پچي راس ٿيون ته ادب تي به اثر ڪيائون. انھن ڏينھن ۾ شيخ اياز جي افسانن جو مجموعو ”سفيد وحشي شايع ٿيو جنھن ۾ خاص طور تي انگريزن جي خلاف نفرت جو اظھارڪيل آھي. (7) شيخ اياز جيسفيد وحشِي کان سواءِ سرد آھون پرھ ڦٽي ريگستاني ڦول ۽سنڌي ڪھاڻيون ان دور جي ڪھاڻين جا مشھور مجموعا مڃيا وڃن ٿا.

1936 کان ننڍي کنڊ ۾ ”ترقي پسند تحريڪ” جي شروعات ٿي جنھن ۾ منشي پريم چند صدارتي خطبو ڏنو. ھن تحريڪ جو ننڍي کنڊ جي سڀني ترقي يافته زبانن تي گھرو اثررونما ٿيو. سنڌي ادب پڻ ھن تحريڪ جي اثر ھيٺ رھيو.    سجاد ظھير پنھنجي ڪتاب ”روشنائي ۾ لکيو آھي ته سنڌ مان ٻن ڄڻن محمد امين کوسو ۽ قادربخش نظاماڻي ان ۾ شرڪت ڪئي، جنھن مان ثابتي ملي ٿي ته  سنڌي ادب شروع کان وٺي ھن تحريڪ جو حصو رھيو. اھو ئي سبب ھو جو ان دور ۾ سندن ڪھاڻين جا اڪثر موضوع زميندارن، سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ مذھبي ٺيڪيدارن وغيرھ جي خلاف لکيل نظر اچن ٿا. جنھن جو مثال ھيٺ لکيل ڪجھ ڪھاڻين مان وٺي سگھجي ٿومنجري ڪولھڻ (ليکوتيل سياڻي)
ھاري حقدار (گوبند مالھي) سفيد وحشي (شيخ اياز) ڪتي جو موت (ڪرشن کٽواڻي)

 شمس الدين عرساڻي ان دورجي نشاندھي ھن طرح ڪئي آھي ته 1940 کان وٺي ورھاڱي تائين ڪھاڻيءَ جو ٽيون ۽ انگريزي راڄ جو آخرين دور ھو. ھيءُ سڄو زمانو ھنگامن سان ڀريو پيو ھو. آزاديءَ جي تحريڪ ننڍي کنڊ ۾ عروج کي پھچي چڪي ھئي. گانڌي جيڪوئيٽ انڊيا“، ترڪ موالات جي ھلچل ۾ جٿي ڪٿي سول نافرماني ٿي رھي ھئي ان کانسواءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھريون ڀيرو سوشلسٽ تنظيمون منظم ٿيڻ لڳيون، جيڪي روس جي ڪميونسٽ انقلاب کي نشانبر ڪم ڪرڻ لڳيون انڪري سرمائيدارن جاگيردارن ۽ پورھيتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويئي . (8)

 سنڌي ۽ بنگالي ڪھاڻين جو تقابلي مقابلو: 

شمس الدين عرساڻي: آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر ص 198

  ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ به ان دور کان ترقي ڪئي سن 1936 ۾ ترقي پسند مصنفين جي نالي سان ھڪ جماعت قائم ٿي جنھن جو سيڪريٽري گوبند مالھي ھو. نارائن شيام، شيخ عبدالرزاق، رام پنجواڻي، سوڀو گيان چنداڻي، ارجن شاد، سڳن آھوجا، شيخ عبدالستار، ۽ شيخ اياز ان دورجي پيداوارآھن. ھندو اديبن افسانن تي گھڻو زور رکيو. جڏھن ته ڪجھ مسلمان اديبن مثلا شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز ۽ شيخ عبدالستار ترقي پسند نوعيت جا ڪجھھ افسانا لکيا، جن ۾ معاشري تي طنز، غلط رسم رواج جي خلاف بغاوت ھاري ۽ مزدور سان ھمدردي جو اظھار ۽ زميندارن جي ظالمانا ڪردارکي وائکو ڪيو ويو. ھن دور جا مشھور رسالا جن ڪھاڻي جي فروغ ۾ اھم ڪردارادا ڪيو تن ۾ ماھوار ڪھاڻي جيڪو ڪراچي مان ڇپبو ھو ۽اڳتي قدم جنھن جو ايڊيٽر شيخ اياز ھو نمايان حيثيت رکن ٿا.  ھن دور جي ڪھاڻي جا مشھور مجموعا سرد آھون (1942) پرھ ڦٽي (1945)مائيداساڻي جون آکاڻيون(1943)
ريگستاني ڦول (1944) ۽ ان کان علاوھ ھن دور ۾ ئي شيخ اياز جي ڪھاڻين جو مجموعوسفيد وحشي پڻ ڇپيو. ان دور تي روشني وجهندي ڊاڪٽرانورفگارهڪڙو لکي ٿو ته ان دور ۾ ادب ۾ نوان لاڙا رونما ٿيا. حقيقت نگاري، جدت پسندي ۽ ترقي پسندي جي روپ ۾ سامهون اچڻ لڳي ۽ ليکڪ ادب براءِ ادب جي نظريي کان بغاوت ڪري ادب کي زندگي جو آئينو ڄاڻي هڪ تحريڪ ٿي اڀريا ۽ ادب جي افق تي سج جيان چمڪڻ لڳا. ٿوري عرصي اندر شيخ اياز جي ڪهاڻين جو مجموعو ”سفيد وحشي“ منظرعام تي آيو جنهن ننڍڙي شعور جي ڳنڍڙي، ڪيرتن جا ڪپاٽ کولي ڇڏيا.“ (9) 

ان کان سواءِ نيشنل ڪاليج حيدرآباد جي رسالي ڦليلي، اڳتي قدم، نئين دنيا، فردوس،
عبرت ۾ پڻ ان قسم جون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون شايع ٿيون جن ۾ اياز قادري جو بلو دادا جمال ابڙُو جوپشو پاشا غلام رباني جو پن ٻوڙي پاتال وغيره شامل آهن. ان ئي دور ۾ ڊاڪٽرھوتچند مولچند گربخشاڻي جي نگراني ۾ سنڌي ادبي سرڪل 1942ع ۾ قائم ٿي جنھن جي ٺاھڻ ۾  نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، روشن آرا مغل، ۽ سندري اتم چنداڻي وغيرھ جا نالا اھم آھن. جنهن جو ذڪر شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾  پڻ ڪيو آهي هو لکي ٿو ته  1945ع ۾ مان ۽ منهنجو دوست عبدالرزاق راز  ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ قائم ڪيل ”سنڌي سرڪل“ ۾ ويندا هئا سين.“  (10) 

  مجموعي طور تي ان سڄي دور (ورهاڱي کان پهرين) جو سنڌي ادب ترقي پسند فڪر سان سلهاڙيل مختلف  سياسي، سماجي، عملي ۽ ادبي تحريڪن جو ترجمان نظر ايندو  خاص طور تي سنڌي افسانوي ادب جا موضوع نـه صرف سياسي منظر ڪشي ۽ تبديلين جي ترجماني ڪن ٿا پر ان سان سنڌي معاشري جي  فرسوده رسم و رواج جنهن جو گهڻي ڀاڱي شڪار مظلوم طبقو خاص طور تي عورتون ٿين ٿيون ان جي انحرافي ۽   قديم توهمات جو شڪار معاشرو خاص طور ڳوٺاڻو سماج  ۽ ان تي پوندڙ  جديد صنعتي زندگي جاا ثرات ۽  عالمي جنگين جي تباهڪارين تي مشتمل نظر اچن ٿا. پاڪستان جي قيام کان پوءِ  افسانوي ادب جا موضوع گهڻي ڀاڱي هجرت، لڏپلاڻ  ۽ فسادن جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا. جن ۾ پنهنجي ڌرتي پنهنجي زبان کان وڇڙڻ جو درد ۽ يادگيريون شامل آهن.  ڊاڪٽر سحر امداد ان دور جي حالتن کي بيان ڪندي لکي ٿي ته ”شروعات جا پهريان  چند سال شاعري توڙي ڪهاڻي سنڌ کان جدائي جو هڪ نهايت دکدائڪ منظر پيش ڪندي نظر اچي ٿي. ساروڻيون سندن لفظ  لفظ مان لڙڪن جيان ٽمن ٿيون. اکر اکر آگم ٿي اڀري ٿو، سٽ سٽ ۾ سڏڪا سمايل آهن، پر پوءِ وقت سان گڏ زميني حقيقتون جذبن تي حاوي ٿي وڃن ٿيون. ليڪن دل ۾ وري به سنڌ سمايل اٿن اها سڪ ، اڪير ۽ اداسي  ڪڏهن خود بخود اٿلي ٿي پوي .“ ( 11)

  1954ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين تي وقت جي حڪمرانن بندش وڌي، پر تنھن ھوندي به ھي تحريڪ ادب ۾ پنھنجو معيار قائم رکڻ ۾ ڪامياب ويئي ۽ ھو ( حڪمران) سندس مقصد کي ختم ڪري ڪونـ سگھيا. بقول علي سردار جعفري جي ته ترقي پسند تحريڪ جو اھو ادب جيڪو وقتي ضرورتن جي سبب لکيو ويو، تاريخ جو اھو حصوآھي ۽ اھو باب آھي جيڪو زندھ آھي ۽ ھميشـه زندھ رھندو. تاريخ ادب جو ھڪ زندھ ڪارنامو آھي ڪير به ان کي ختم ڪري نـه ٿو سگھي. مستقبل جي راھ ۾ اھو ادب اسان لاءِ مشعل جي برابر ٿيندو ماڻھو گڏ ايندا رھندا ۽ قافلو بنجي ويندو.  (13)

ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جو پھريون مرڪزي ڪنوينشن ٿيو، جنھن ڪيترن ئي معياري افسانن ۽ افسانـه نگارن کي جنم ڏنو. حالتون تيزيءَ سان تبديل ٿي رھيون ھيون. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ  سماجي سڌاري تحت پڻ ڪيترين ئي تحريڪن جنم ورتو  مثلاً حيدر بخش جتوئي جي حقن ۽ فلاح بهبود لاءِ قائم ڪيل ”هاري حقدار تحريڪ“ الاٽي تحريڪ جيڪا بقول سوڀو گيان چنداڻي جي ته انهيء لاءِ هلائي ويئي هئي ته جيڪا به زمين هندو ڇڏي ويا  آهن  اها مهاجرن کي الاٽ ڪرڻ بدران سنڌي هارين جن جي پيڙهي به پيڙهي  پگهر ۽ رت شامل هو اها زمين انهن کي ڏني وڃي .“ (14)

 هن تحريڪ ان وقت وڌيڪ زور  پڪڙيو  جڏهن سنڌي هارين کان زمينون کسي ڀارت کان لڏي آيل مسلمانن کي اهي زمينون ڪليم ۾ ڏنيو ويون . ته انهن  حالتن پڻ افسانوي ادب تي پنهنجا اثرات مرتب ڪيا. سڀ کان وڏو سياسي بحران ون يونٽ جي قائم ٿيڻ سان ٿيو جنھن جي سياسي توڙي سماجي سطح تي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويئي. جنھن کان پوءِ سنڌي ادب ۾ قوميت جي لاڙي زور پڪڙيو جنھن ڪري ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ به قوميت ۽ جديديت جا ادبي ۽ فڪري لاڙا ۽ تحريڪون به سنڌي ادب جو حصو بنجي اڀريون. بقول ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي ته  سنڌي ڪھاڻي جا فڪري لاڙا مختلف رھيا آھن ڇاڪاڻ ته فڪر ڪھاڻيڪار جو پنھنجو آھي ليڪن جنھن سماج ۾ ھو رھي ٿو ۽ جنھن سماجي صورتحال بابت ڪھاڻي جو پلاٽ ٺاھيو ويو آھي انھيءَ ۾ گھڻا ئي ٺڪر، ٽوٻر، پٿر يا لاھ کتل آھن جن کي ڪڍي ٻاھر ڪرڻ ھڪ ڪھاڻي ڪار لاءِ لازمي امر ٿئي ٿو. پوءِ جڏھن سماج جا ڪي پول پڌرا ٿين ٿا ته خود به انھيءَ سماج جو حصو آھي ٻين سان گڏ سماجي نا برابري نا انصافي، ڏاڍ ۽ ڏمر جو خود به شڪار بنيل آھي. تنھنڪري لا محالا سندس قلم ھڪ رخ اختيار ڪري ٿو اھا نعري بازي ھجي، قوم پرستي ۽ ترقي پسندي جي تنوار ھجي علامتي اظھار جو تڪرار ھجي يا انقلابي شعلا بياني ھجي اھا روءِ داد سڀني اديبن سان لاڳو آھي. ان ۾ ڪھاڻيڪار گھٽ ۾ گھٽ تضاد جو مظاھرو ڪري ٿو ۽ وڌ ۾ وڌ پنھنجي ڪھاڻي جي پلاٽ، ڪردارن ۽ واقعن کي موثر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. (15)

سياسي ۽ سماجي تحريڪن جي اثرات کان بچڻ ھڪ عام ماڻھو لاءِ ته مناسب ٿي سگھي ٿو، پر ھڪ سجاڳ انسان جو انھن ( تحريڪن) کان متاثر ٿيڻ اڻٽرھوندو آھي. ان لاءِ جو اديب صرف پنھنجي ذات تائين پنھنجي ڏات کي محدود نـه ٿو رکي سگھي، ھن مٿان ملڪ، معاشري ۽ قوم جي به ذميواري آھي. انڪري سندس تخليق ۾ انھن سڀني رجحانن جو عمل دخل شامل ھوندو آھي. بقول غلام نبي مغل جي تهاديب شاعر، سماجي، سياسي ۽ تھذيبي تحريڪن کي پنھنجي تحريرن سان ھمٿائيندا آھن. (16)

حوالا

1.             تحريک جماليات اور سياست  ص 62  ترقي پسند ادب پچاس سالا سفر“: ايجوڪيشنل پبلڪ هائوس 1994

2.            ص ـ 48 رسول بخش پليجو (سياسي ادب)  ڀاڱو پهريون سهيڙيندڙ جامي چانڊيو نومبر2005 ڇپائيندڙ سي.پي.سي.ايس      

3.            خاڪي جويو: ترقي پسند ادب جا معمار  سنگم پبليڪيشن 1988

4.            ص 95: ڪيرت پاٻاڻي  پيهي منجهه پاتار آرمڪ سنڌي ساهتيـه پرچاريوجنا پونا

5.            ڊاڪٽر غلام علي الانا ص ( 62 ) سنڌي نثر جي تاريخ

6.            ص 119 ڪھاڻي ادو عبدالرحمان  ڪيرت پاٻاڻي افسانوي ۽ فڪري ادب: مرتب جامي چانڊيو

7.            ص 169:  عبدالجبار جوڻيجو: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

8.            ص 8 ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو:  جي تند برابر توريان:  شيخ اياز  سنڌ ادبي اڪيڊمي 1998

9.            ص 170  شيخ اياز: ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ نيو فيلڊ پبليڪيشن  ٽنڊو ولي محمد حيدآباد  ڇاپو پهريون 1986

10.        سحر امداد : ”شعور شاعر ۽ شاعري ص 14  سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب گهر تلڪ چاڙهي حيدرآباد سنڌ  چاپو پهريون جولاءِ 2008  

11.         ص 68 ”تحريک جماليات اور سياست:  ترتيب قمر رئيس عاشور قاسمي ترقي پسند ادب پچاس سالا سفر

12.        ص 320) سوڀي جون تحريرون مرتب ناز سنائي  سنڌي ساهت گهر  حيدرآباد  ڇاپو پهريون اپريل 2011

13.        ص: 133 ھڪ قلم ھڪڙو مان  حبيب الله صديقي مرتب محمد عثمان منگي: سنڌ  ماڻڪ  موتي  تنظيم حيدرآباد ص 39: يڪ نعرا حيدري: ماھوار سھڻي 1989    

 

نئون ڪتاب

 

 

ڪتاب: چوٽا تيل چنبيليا

موضوع: شاعري

مرتب: مارو جمالي

ڇاپو پهريون: 2013ع

ڇپائيندڙ: اُڏام پبليڪيشن دادو

سائيز: ڊيمي

صفحا: 255

قيمت: -/300 رپيا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com