سٺيو اميد
علي چاڪي
نوري ڪير هئي.......؟
سنڌ جي سمن حاڪمن جي وقت ۾ ”نوري ڄام تماچي“ جي
عشقيه داستان جنم ورتو. اڄڪلهه سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
عالمن، سگهڙن ۽ ڏاهن ماڻهن جي محفل ۾ نوريءَ تي
بحث مباحثو هلندڙ آهي نوري مهاڻي آهي يا ڪا ٻي
ذات. ظاهر ته اها ڪينجهر ڍنڍ تي رهندڙ مهاڻن مان
هئي، جتي سنڌ جي بادشاهه ڄام تماچي ساڻس عشق لاتو
ڄام جو تخت ٺٽي لڳ ساموئيءَ ۾ هو. گهڻو ڪري سگهڙ
ان ڳالهه تي بحث ڪندا آهن ته ”نوري“ راجه جسودڻ جي
ڌيءَ هئي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اها مهاڻن تائين
پهتي حوالي طور هڪ بيت به ڏيندا آهن.
هٿين پيرن آڱرين، مُنهن نه مهاڻي، ڌيءَ جسودڻ راءِ
جي
ماءُ مروبت راڻي، سمي سُڃاڻي ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾ (ص
269- 01
شاعرن جي سرتاج جي هڪ بيت ۾ پڻ اهڙا اهڃاڻ مليا
آهن جيئن:-
هٿين، پيرين، لکڻين، منهن نه مهاڻي،
جيئن سڳو وچ سرندڙي، تيئن راڻين منجهه راڻي
اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي
سمي سڃاڻي، ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾ ص 346. (02
وري ٻين بيتن ۾ کيس ئي، گندري ۽ مهاڻي به سڏيو
مثال:-
مُهاڻيءَ جي مَن ۾ گيرپ نه گاءُ
نيڻن سين ناز ڪري ريجهائين راءِ
سمو سڀن ملاء، هيريائين حرفت سين ص 345 (03
اچو ته نماڻيءَ نوريءَ کي عالمن جي نظر ۾ ڏسون
ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ لکيو ته مستند روايت مطابق
نوري راجه جسودڻ جي ڌيءَ هئي. راجه سمن حاڪمن جي
دور ۾ ڪنهن رياست جو حڪمران هو. سندس والد جو
نالو ڄام مهڙ هو. سندس زال جو نالو مرويت هو. نوري
سندس ڌيءَ هئي. ننڍي هوندي ڪوڙهه جي مرِض ۾ وڪوڙجي
وئي. اهڙو اشارو ڄمڻ کان اڳ والدين کي ڪنهن بزرگ
ڏنو هو. ڇوڪريءَ جي گهڻي زندگي تڪليف ۾ گذري انڪري
مائٽن هڪ دائيءَ کي ڏني ته کيس اوڙاهه ۾ اڇلائي.
دائيءَ کي رستي ۾ ڪِينجهر نالي مهاڻو گڏيو، جنهن
کانئس ڇوڪري ورتي، وڏي ٿيڻ تي نوريءَ جو سڱ ڪوڙهه
هئڻ ڪري ڪنهن به ملاح نه ورتو. ڍنڍ تي رهندڙ بزرگ
هندڙو شاهه جي دعا سان ٺيڪ ٿي ۽ ڄام تماچيءَ سان
شادي ڪيائين ص 13 کان 16. (04
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان بابت ڪجهه روايتون
آنديون آهن، جيڪي هن ريت آهن. روايت پهرينءَ ۾ آهي
ته ”نوري گندري هئي، پر انهن واري ڪرت نه ڪندي هئي
ص 248. روايت ٻيءَ ۾ آهي ته نوري جسودڻ بادشاهه جي
ڌيءَ هئي ۽ تمام ڪوجهي هئي. انڪري ماءُ پيءَ ڇڏي ۽
ڪينجهر گندري نپائي. شاهه هوندڙي جي دعا سان
صحتياب ٿي، ص 254. روايت ٽين ۾ لکيو ته جسوتڻ نالي
سمون بادشاهه هو. جنهن جي ”ڪينجهر“ جي ڪپ تي حڪومت
هئي. وڌيڪ نوريءَ جو ڄمڻ، ڪوڙهه لڳڻ ۽ ”شاهه
هوندڙي“ جي دعا وارو بيان، ص 260. روايت چوٿين ۾
آهي ته نوري راجه جسودڻ راءِ جي ڌيءَ هئي. والد جي
مارجي وڃڻ بعد سندس ماءُ ڌي سميت ڪينجهر جي گندرن
ملاحن ۾ پناهه ورتي. راجا جي ٺٽي واري علائقي ۾
حڪومت هئي. ڄام تماچي سندس حڪومت ختم ڪئي. سندس
حڪومت ڪينجهر ڍنڍ کان ڏکڻ طرف هئي ص 269. هن جو
نالو نورئين هو. ص 171 ۽ ص 272 تي لکيل آهي ته هن
راجا جي حڪومت لاڙ جي هڪ وڏي ايراضيءَ تي هئي.
سندس حڪومت ٺٽي شهر کان اوڀر طرف هئي. جنهن مان
پٽيهل درياء وهندو هو. انڪري کيس پيار وچان
”ڍورڌڻي، ڪوٺيو ويندو هو. ضميمو، ص 272.
تحفةالڪرام جي حوالي سان لکيو ته نوري گندري هُئي
۽ ڪينجهر جي مهاڻن جي ڇوڪري هُئي. ص 253. (05)
مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته مهاڻن جي گندري ذات مان
نوري يا ”نورئين“ هُئي. جنهن تي سمو ڄام تماچي
عاشق ٿيو ۽ شادي ڪيائين ص 174. (06) محمد حسين
ڪاشف لکيو ته نوري جسودڻ آگري جي ڌيءَ هئي، جيڪو
آگڙي پٽ جو سرواڻ هو. سندس زال جو نالو ”مردبت“
راڻي هو. جڏهن سمين سردار هٿان جسودڻ مارجي ويو ته
راڻي ڌيءَ نوريءَ سميت آڳڙي ۽ پٽهيل ڍوري جي ڪپ تي
ويٺل جهٻيرن، گندرن، ملاحن ۽ مهاڻن کي وٺي وڃي
ڪينجهر جي ڪناري تي رهي، جتي نوري ڄام تماچي
رومانوي داستان مشهور ٿيو ص 84 (07).
سڪندر سرواڻ ڄاڻايو ته (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
حوالي سان) نوري ڄام جي محبت واري قصو سندس (چام
تماچي) حڪمرانيءَ جي پهرين دؤر (1366ع کان 1375ع)
واري عرصي اندر وجود ۾ آيو هوندو. ان بابت مختلف
عالمن جا مختلف رايا آهن، پر هلندڙ تحقيق ۾ نوريءَ
کي ”راجه جسودڻ“ جي ڌيءَ ڄاڻايو ويو آهي. ڪلياڻ
آڏاڻي جي حوالي سان لکيو ته نوري ذات جي مُهاڻي
هُئي ص 113 (08). محترم ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌيءَ
جي راءِ ۾ ”نوري“ ”جسودڻ“ راءِ جي ڌيءَ وارو ڪوڙو
قصو آهي، اها مهاڻن مان هئي ص 234 (9). ڊاڪٽر غلام
محمد ڀٽي لکيو ته نوري مهاڻي هئي
انڪري سُر ڪاموڏ ۾ مهاڻن جي زندگي بيان ٿيل ۽ چٽيل
آهي. مُهاڻا مڃر ذات جا آهن جيڪي ٻيڙين تي گذارين
ٿا. سندس گذران به مڇي مارڻ تي آهي. ص 24 (10).
شيدائي مرحوم لکيو ته ڪينجهر ڍنڍ جي گندرن (مهاڻن)
وٽ هڪ خوبصورت ڇوڪري نالي ”نوري“ هوندي هُئي. چون
ٿا ته هُوءَ اصل وڏ گهراڻي جي هُئي، پر ننڍي هوندي
مهاڻن پاليو هُئس. ڪنهن طرح سان مهاڻن سان گڏجي
ويئي هُئي. ص 51- 350 (11).
مرحوم قانع لکيو ته ”نوري“ ذات جي گندري ”ڪينجهر
ڍنڍ“ جي مُهاڻن مان هُئي ص 129 (12). محترم غلام
محمد لاکي لکيو ته ڄام تماچيءَ ڪينجهر ڍنڍ جي
مهاڻن جي ڇوڪريءَ ”نوري“ سان نينهن لاتو ص 21
(13). رچرڊ برٽن لکيو ته ڄام تماچي ڪينجهر ڍنڍ جي
مهاڻن جي ڇوڪري جيڪا حسين هئي، سان شادي ڪئي ص 212
(14). ڀيرومل مهر چند آڏاواڻيءَ لکيو ته ڄام
تماچيءَ ڪينجهر ڍنڍ جي هڪ ڇوڪري نوري نالي، مهاڻي
ذات جي گندري پرڻيو. جيڪا گهڻو حسين هُئي. ص 64
(15). محمد پنهل ڏهر صاحب لکيو ته نوريءَ جو تعلق
مهاڻا قوم سان هو. جيڪا ڪينجهر ڍنڍ جي راهوڪو هُئي
۽ سمي ڄام تماچيءَ سندس سڱ مهاڻن کان ورتو ص 80
(16). پروفيس عبدالستار سومري صاحب نوريءَ کي
ڏنگين ۾ مُهاڻي لکيو ص 04 (17). اياز قادريءَ جي
راءِ ۾ نوري مُهاڻي هئي. وڌيڪ لکيو ته مُهاڻيءَ
اکين جا نيزا هڻي تماچي جو تن جهوري وڌو ص 20
(18). محمد خان ڪنڀار جي راءِ ۾ ”نوري“ راجه جسودڻ
جي ڌيءَ هئي ص 37 (19). سليم چنا لکيو نوري مُهاڻي
هئي. اها نه ڪنهن دولت مند سوداگر نه شهزادي، نه
راجمڪاري ۽ نه مالوند شخص جي ڌيءَ هئي، پر غريب
مهاڻن مان هئي ص 9-8 (20) غلام محمد شهواڻي نوري
مهاڻن مان لکيو آهي. ص 859 (21). ڊاڪٽر گربخشاڻي
لکيو ته ”نوري“ مهاڻن مان هئي. شڪل شبيهه ۾ امل
ماڻڪ هئي. ص 734 (22).
اسان جي سنڌ جا سگهڙ تمام ڏاها ۽ هوشيار آهن. انهن
جي راءِ موجب يا ڪجهه مورخن جي راءِ موجب ”نوري“
راجه جسودڻ جي ڌيءَ هُئي. اچو ته ڏسون ته راجه
جسودڻ ڪهڙي دور ڪهڙي وقت جو هو.؟
لطيف سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ سندس ذڪر به ڪيو
آهي
نئين زندگيءَ جي هڪ مضمون ۾ لکيل آهي ته جسودڻ ڪڇ
۾ هو. ساڻس جاڙيجن جي اڻبڻت ٿي پئي. انڪري پاڻ
اتان لڏي سنڌ ۾ ڊگهڙي لڳ پراڻ ڍوري تي ويٺو. اتي
مهاڻن جي مياڻ هئي. پراڻ کي ”ڍور“ به چوندا هئا.
جڏهين ”ڍور“ ۾ پاڻي گهٽ آيو ته ماڻهن اتان لڏڻ
شروع ڪيو. ان وقت ۾ جسودڻ کي هڪ نياڻي ڄائي. جيڪا
ڏاڍي سهڻي هئي. راجا هندن جي پراڻي رسم مطابق مارڻ
ٿي چاهيو، پر سندس گهر واري کيس روڪيو. ڇوڪريءَ کي
ڪپڙن ۾ ويڙهي ”ڍوري“ جي ڪپ تي ڇڏي پاڻ اتان نڪري
ويا. صبح جو اُها مهاڻن کي هٿ لڳي. يعني مهاڻن جي
چڱي مڙس کي هٿ لڳي ۽ ان کي اولاد به ڪونه هو. ان
کيس نالو ”نوري“ رکيو ۽ پاليو. جڏهين ”ڍور“سڪي
ويو. تڏهين مهاڻا به لڏي وڃي ڪينجهر ڍنڍ تي ويٺا.
جتي نوريءَ جي شادي ڄام تماچيءَ سان ٿي 38- 37
(23).
حميد سنڌي جي مرتب ڪيل ڪتاب ۾ لکيل آهي ته نوري
سمياڻي هئي (سمن جي) جيئن مرزا بيگ پنهنجي نياڻي
نورجهان کي ڇڏي ويو هو. تيئن نوري جا مائٽ ڪنهن
اوچتي واقعي جي ڪري ڀاڄ ڪري ڪڇ ڏانهن ويا. ڪتابن ۾
جيئن مومل جي ۽ سسئيءَ جي پيءُ جي نالو اچي ٿو
تيئن نوريءَ جوبه نالو اچڻ کپي ها. نوريءَ جو
نالو نور ڀري هو. ص 143 (ايف).
ساڳي ڪتاب جي ص 27 کان 051 تائين ۾ لکيل آهي ته
مهاڀارت ڪتاب ۾ هڪ
قصو راڻي”ستيروتيءَ“جو آهي جيڪو نوريءَ سان مشابهت
رکي ٿو
مرزا قليچ بيگ لکيو ته جسودڻ کي آگرو به چوندا
هئا. جيڪو برمڻ آباد ۾ هو. برهمڻ آباد کي ڀانڀرام،
ٻانڀڻاهه يا ڀنڀور سڏيندا هئا. ساڳي وقت ۾ دلوراءِ
”الور“ شهر جو حاڪم هو. ص 319 (24). ”ڍور“ ڍوري جو
ذڪر لطيف سائين پنهنجي بيتن ۾ به ڪيو آهي راقم
”نئين زندگيءَ“ جي ٻي هڪ رسالي ۾ لکيل آهي ته
ناصرالدين قباچه سن 1201 ۾ اُتر سنڌ تي فتح حاصل
ڪئي. دهليءَ طرفان اُچ ۽ بکر جو گورنر ٿيو هو.
سندس گادي اُچ شريف ۾ هئي. سلطان محمود جي پٽ
عبدالرشيد جي ڏينهن ۾ سومرا ٿرڙيءَ ۾ گڏ ٿيا ۽
سومري نالي شخص کي گاديءَ تي ويهاريو. ان زماني ۾
سنڌ ۾ ننڍيون ننڍيون حڪومتون هيون. جيڪي ملتان جي
حڪومت جي ماتحت هيون انهن ۾ جوڌن آگرو به هو. جيڪو
مين ٽڪر تعلقه ڀانڀرواهه ۾ هو. ص 17 (25). معمور
يوسفاڻي مرحوم لکيو ته جسوڌڻ مهراڻي، جي حڪومت
پاري نگر کان ”پٽيهل“ تائين هئي. پٽيهل جي ڪناري
جسوڌڻ جي وڏن جو آباد ڪيل شهر آڳڙو هو. ڇاڪاڻ جو
جسوڌڻ جا وڏا لوهار هئا. جسوڌڻ مهڙاڻي ۽ جسوڌڻ
آگرو هڪ ئي آهي. مهڙاڻي سندس پاڙو آهي. ص 20- 19.
ساڳي ڪتاب ۾ مذڪور آهي ته راجا جسوڌڻ کي نرينو
اولاد ڪونه هو. کيس ٻه نياڻيون نالي ”سهڻي“ ۽
”سانجهي“ هيون. سهڻي ڄام هوٿي ۽ سانجهي ڄام جکري
جي نڪاح ۾ آيون ص 21. راجا جسوڌڻ جي ڏهٽن ۽ انهن
جي اولاد به پنهنجو علائقو سنڀاليو. جسودڻ آڳڙيو،
لاکو ڦلاڻي ۽ پڊاماڻي پنرو وغيره ڏهين صدي عيسوي ۾
هئا. ص 29 محمد حسين ڪاشف پنهنجي مضمون ۾ لکيو ته
جسودڻ آگرو، پڊاماڻي پنرو ۽ لاکو ڦلاڻي سمن حاڪمن
جي دور ۾ هئا. ص 85 شيخ محمد اسماعيل لکيو ته راجا
جسودڻ سمو سردار هو. ص 75. پٽيهل، ڍاڳي ۽ ڍور جو
به ذڪر ٿيل آهي جيڪي پراڻ درياهه جون شاخون هُيون.
ڍور ۽ ڍاڳي وهي اچي ٻلهيار ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. ص 198
ٻلهيار تعلقي ڏيپلي جي ڏکڻ واري ايراضي رڻ ڪڇ
تائين سڏبي هئي. هن علائقي ۾ ٻيلهار جا کنڊر
ٻلهيار پڻ آهن. جڏهين ڍاڳي ۽ ڍور ٻئي وهن ٻلهيار ۾
ص 194. ڍور ساڳي (ڏيپلي) ايراضي مان راجا جسودڻ جي
دور ۾ وهندو هو ۽ ان ئي دور ۾ سڪي ويو. ص 197.
پوءِ ماڻهن راجا جسودڻ مهراڻي کان اکين مان لڙڪ
وهائي اجازت گهري.
ڪنڌي اڪ ڦلايا، سانگه سڪو ساه، مهڙاڻي وٽان، رويو
راڄ رضا گهري 118. (26).
ايڇ ٽي لمبرڪ ناصرالدين قباچه جي نواب جي دور ۾
ڌماچ جي پٽ ساند ڪوريجي سمي جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو
سنڌ ۾ تيرهين صدي عسيويءَ جي شروع ۾ هو. ص 309
(27). قانع مرحوم ناصرالدين قباچه جي ۽ سنڌ ۾ ستن
راڻن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ۾ راجه جسوڌڻ آگري جو
به نالو آهي هي راجه ”مين ٽڪر“ تعلقه ڀانڀرواهه ۾
هو قباچه کي ڏن ڏيندو هو. 81. پر قباچه جي ڏينهن ۾
”ديبل“ تي سومرو حاڪم چنيسر حڪومت ڪندو هو. راقم
محترم عبدالستار ڪوريجي اهو لکيو ته راجه جسودڻ
آڳڙو ناصرالدين قباچه جي دور ۾ هو جيڪو رياست بهمڻ
آباد ۽ سندس مرڪزي شهر ميڻانگر هو. ص 447- 391
(28). مذڪوره راجه جي باري ۾ شمس العلماء مرزا
قليچ بيگ صاحب لکيو ته هي راجه هندو هو ۽ قباچه جو
ڏن ڀرو هو. جيڪو ڀنڀور يا برهمڻ آباد ۾ هو. ص 390
(29). قباچه کي سن 607 هه/1210ع ۾ سنڌ ۽ ملتان
وارو حصو مليو، خان بهادر خداد خان لکيو ته سن 607
هه/1210ع ۾ قطب الدين گذاري ويو. پوءِ سندس پٽ کي
(آرام شاهه) تخت تي ويهاريو ويو. پر هلي نه سگهيو.
انڪري بادشاهت التمش کي ملي. ان ڪري انتشار پيدا
ٿيو. ۽ هندوستان جي سلطنت چار حصا ٿي وئي. اُچ
ملتان ۾ سنڌ جا علائقه ناصر الدين قباچه کي مليا.
سنڌ ۾ ست راڻا هئا جيڪي قباچه جا ڏن ڀروٿيا. انهن
۾ راجه جسودن به شامل هو. قباچه سن 625 هه/ 27-
1226ع ۾ ٻيڙيءَ سوڌو درياءَ ۾ ٻُڏو. ص 410- 40- 38
(30).
هاڻ اچو ته ڏسون ناصرالدين قباچه جي حڪومت ڪڏهن
هئي ۽ هُو ڪير هو؟
قباچه پهريان نواب طور 1210ع کان 1206ع تائين ۽
آزاد 1210ع کان 1227ع تائين. قطب الدين ايبڪ تخت
تي (602ع 1204ع) ويٺو. جيڪو قباچه جو سهرو هو. سن
1210ع/607هه ۾ مري ويو ۽ قباچه آزاد حڪمران بڻيو.
اتر سنڌ ۽ ملتان جا حصا فتح ڪيا ۽ آزاد هئڻ جو
اعلان ڪيو 236 ص 251 (31). قباچه جي دور ۾ سن
1216ع/ 613هه ۾ علي بن حامدبن ابوبڪر ڪوفيءَ ڪو
ڪتاب ترجمو ڪيو (فارسيءَ ۾) جنهن تي چچ نامو نالو
رکيائين ۽ قباچه جي وزير سردار جهان عين الملڪ
حسين کي ارپيو. حسين جو والد شرف الملڪ به قباچه
جو وزير هو. ص 252. هلندڙ ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ربيع
الثاني 625 هه/ 1228ع ۾ التمش جي وزير نظام الملڪ
کي ”بکر قلعي“ تي حملي جو حڪم مليو ڇاڪاڻ جو قباچه
سمورو ڌن دولت کڻائي ”بکر“ ۾ آيو هو. نظام الملڪ
حملو ڪيو. قباچه 22 جمادالاول تي قلعي تان ٽپ هڻي
درياءَ ۾ آپگهات ڪيو. ص 225
محترم حافظ عبدالستار ڪوريجي لکيو ته (ڊاڪٽر بلوچ
جي حوالي سان) علي ڪوفي سن 613 هه/1216ع ۾ ڪتاب
فارسي ۾ ترجمو ڪري مٿس چچ نامو نالو رکيو اهو
ناصرالدين قباچه جي وزير عين الملڪ فخرالدين حسين
جو نالي منسوب تان ته سندس رسائي حڪومت تائين حاصل
ٿئي. قباچه 624 هه/27-1226ع ۾ نظام الملڪ کان ڀڳو
ته ٻيڙيءَ تي درياءَ تي ۾ ٻُڏي ويو. ان وقت سنڌ ۾
ست راڻا هئا. سڄي سنڌ تي سومرن جي حڪومت ڪانه هئي.
چنيسر ”ديبل“ ۾ حڪومت ڪندو هو. جيڪو التمش سان
مليو ص 280، 448 ۽ 447. (32).
سيد اصغر علي شاهه جي بيان مطابق سلطان شمس الدين
التمش (1211ع جي دور ۾ سن 1227ع ۾ ناصرالدين قباچه
جي حڪومت ختم ٿي ص 69- 68 (33). شيدائيءَ جي بيان
۾ آهي ته قباچه قراخطائي ترڪي نسل مان هو. قطب
الدين ايبڪ سندس سهرو هو. ايبڪ سن 606هه/1210ع ۾
وفات ڪئي سندس پٽ آرام شاهه کي تخت تي ويهاريو
ويو. پر هڪ سال کان پوءِ التمش دهليءَ جي تخت تي
ويٺو قباچه. پنجاب تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
ڪري نه سگهيو. التمش جي حڪم تي نظام الملڪ بن ابو
سعيد جنيد اُچ تي حملو ڪيو. قباچه گجرات ڏانهن ڀڄي
ويو. ٿوري وقت ۾ ”دبيل“ رستي سيوهڻ تي قبضو ڪيو.
سن 625 هه/1228ع ۾ التمش اچ تي حملو ڪيو. قباچه
وڃي بکر جي قلعي ۾ لڪو، پرلشڪر اتي به پهچي ويس.
پاڻ ڀڄڻ جي نه ڪيائين، پر درياءَ ۾ ٻيڙي ۽ دولت
سميت ٻڏي ويو. سندس حڪومت 23 سال (602 هه کان 625
هه) هلي. ص 260 (34). علامه سيد سليمان ندوي جو
بيان آهي ته قباچه سلطان ايبڪ قطب الدين جي وفات (
607 هه) تائين دهليءَ جي ماتحت رهيو. پوءِ خود
مختيار ٿيو. سنڌ جا گهڻا حصا يا علائقا فتح ڪيا. ص
264 (35). مير معصوم ان جو احوال ڏنو ته سن 607 هه
۾ سلطان ايبڪ گذاري ويو (لاهور ۾) سندس پٽ آرام
شام کي لاهور ۾ تخت تي ويهاريو ويو. نا اهل هئڻ
ڪري التمش کي بادشاهه بڻايو ويو. تڏهن هندستان چئن
حصن ۾ ورهائجي ويو. اُچ ملتان ۽ سنڌ قباچه جي حڪم
هيٺ آيا. سن 624 هه ۾ التمش اُچ تي ڪاهيو. بعد ۾
نظام الملڪ 28 جمادالاول 625هه اڱاري ڏينهن بکر
ڏانهن متوجه ٿيو. قباچه ٻيڙيءَ تي چڙهي اُتان ڀڳو،
پر درياء ۾ ٻيڙيءَ سوڌو ٻڏي ويو ص 74 ساڳي ڪتاب جي
ص 329 توضيحات، تعلقات ۽ استدارڪ ۾ لکيل آهي ته
قباچه 19 جمادالاخر 625هه ۾ ڇنڇر جي رات بکر جي
قلعي تان پاڻ کي درياءَ ۾ اُڇلايو ۽ ٻڏي ويو.
(36). ڊاڪٽر مهر عبدالحق سومرو جي ڪتاب ۾ لکيل آهي
ته قباچه پهرين 1206ع 1210ع تائين ۽ خودمختيار
1210ع کان 1227ع تائين هو. ص 307 (37). چچ نامي ۾
اشارا ۽ وڌارا ۾ لکيل آهي ته فارسي زبان ۾ ”قبا“
جي تصغير يعني ننڍڙي قبايا ڪڙتڙو پر غالباً هيءُ
لفظ ترڪي آهي جنهن جي معنيٰ ٿي وڏو ۽ عاليشان
قباجة السلاطين (ناصرالدين قباچه) محمد بن سام
غوري جي غلامن مان هو. سلطان ابيڪ قطب الدين جون
ٻه نياڻيون هڪٻئي پٺيان سندس نڪاح ۾ ٿيون. ان ڪري
فتح نامي جي ترجمه نگار کيس اميرالمومنين
البوالفتح قباجة السلاطين لکيو. قباچه جو دور
602هه کان 625هه تائين هو. ص. 77، 72، 371 (38).
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جي ڪتاب ۾ لکيل آهي. ته
قباچه ايبڪ جي وفات کان پوءِ ملتان تي قبضو ڪيو.
سيوستان ۽ دبيل تائين قبضي ۾ آندائين سن 619هه/
1222ع ۾ جلال الدين خوارزم شاهه سنڌ ۾ تاتارين کان
ڀڄي آيو. جيڪو هندستاني لشڪر کان لنوائي سنڌ ۾
آيو. سيوهڻ ۾ قباچه جي نائب جهيڙو ڪيو، پر شڪست
کاڌائين. پوءِ جلال الدين هيٺائين سنڌ ديبل ڏانهن
ويو. سن 623هه / 1266ع ۾ ملڪ خان خلجي سان قباچه
جو معرڪو ٿيو. کيس فتح يابي ٿي. 624هه ۾ التمش جي
وزير نظام الملڪ سان جمادالاخر ۾ مقابلو ٿيو جنهن
۾ شڪست مليس. قباچه. 9 جمادالاخر 625هه/1228ع ڇنڇر
جي رات بکر وٽ درياءَ ۾ ٻڏو ص 149 کان 151 (39).
غلام محمد لاکي صاحب لکيو ته قباچه سومرن جي دور ۾
بکر جي قلعي ۾ پناهه ورتي پوءِ درياءَ ۾ ٻڏي مئو.
ص 28 (40).
مطلب ته قباچه جو وقت نائبي ۽ آزاديءَ وارو زمانو
1206ع کان 1227ع تائين ۽ 602هه کان 625هه تائين
هو.
ڄام تماچي پهريون دفعو سن 1368ع کان 1370ع تائين
۽ ٻيون دفعو سن 1389ع کان 1392ع تائين حڪومت ڪئي
نوريءَ سان عشق ٻيو دفعو، حڪومت تي ويهڻ وقت ۾
ٿيو. ص 281 (41).
مولائي شيدائي لکيو ته پهريون دفعو ڄام تماچي ۽
ڄام ڀانڀيڻو گڏيل حاڪم هئا. سلطان فيروز 762هه ۾
ڪاهه ڪئي، پر ناڪام ٿيو. سن 762هه/ 1361ع ۾ وري
ڪاهيائين. سيد جلال شاهه بخاري جو پوٽو سيد جلال
الدين حسين جي ذريعي ٺاهه ٿيو. جلال بخاري جو
زمانو 707هه کان 800هه جوهو. ٻيو دفعو ڄام ڀانڀڻي
ثانيءَ کان پوءِ وري حاڪم ٿيو. ٻيون دفعو حاڪم ٿيڻ
کان اڳ دهليءَ ۾ نظربند هو. پوئين دور ۾ نوريءَ
سان عشق ڪري شادي ڪيائين. ص 350- 348 (42). قانع
مرحوم لکيو ته ڄام جوڻي کان پوءِ ڄام تماچي حاڪم
بڻيو. وري ڄام ڀانڀيڻو يا ڀنڀي جيڪو سندس ڀاءُ هو.
کان پوءِ حڪمران بڻيو. ٻئي ڀيري حڪومتي وقت ۾
نوريءَ سان شادي ڪيائين. ص 29- 128 (43). خداداد
خان لکيو ته ڄام پاپيه کان پوءِ حڪومت تي ويٺو.
لڙائي ۾ کان پوءِ گرفتار ٿي دهليءَ ويو. وري ڄام
پاپيو ثانيءَ کان پوءِ حڪومت تي ويٺو ص 56 (44).
محترم غلام محمد لاکي صاحب تماچيءَ بابت لکيو ته
هن جي پهرين حڪومت تي ويهڻ کان پوءِ کيس اٽڪل سان
گرفتار ڪيو ويو. اهو سن 1371ع هو. فيروز تغلق جي
مرڻ (1388ع) تائين ڄام ڀابيڻو ۽ پاڻ دهليءَ ۾
نظربند رهيا، ص 19. ان سال يعني 1388ع ۾ ئي حڪومت
تي ويٺو. اُن ئي وقت ۾ ”نوريءَ“ سان نيهن لاتو. 13
سال حڪومت ڪري طاعون جي بيماريءَ ۾ گذاري ويو ص 19
کان 21 تائين (45). تاريخ طاهري جي تصحيح نامي ۾
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو ته ڄام تماچي ڄام
جوڻي سان گڏ 768هه کان 777هه تائين حڪومت ڪئي ۽
ٻيون ڀيرو 791هه کان 795هه تائين حڪومت ڪئي ص 303
(46). مير معصوم پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته مذڪوره
بادشاهه حڪومت تي ويهڻ کان پوءِ گرفتار ٿي دهليءَ
۾ رهيو. ٻيون ڀيرو قيد مان آزاد ٿي آيو. ڀاءُ جي
فوت ٿيڻ کان پوءِ حڪومت تي ويٺو. آرام پسند ۽ عيش
عشرت ۾ گذاريندو هو. تيرهن سال حڪومت ڪري طاعون جي
بيماريءَ ۾ الله کي پيارو ٿيو ص 104 (47). محترم
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جماريءَ لکيو ته هن بادشاهه
کي دهلي جي فوج گرفتار ڪري کڻي وئي. ماڻهن جي
اسرار ۽ احتجاج تي آزاد ڪيو ويو ۽ وري حاڪم بڻيو.
سندس دور ۾ ڄام تماچي ۽ نوريءَ جو عشقيه داستان
ٿيو. پهرين حڪومت تي سن 1368ع کان 1370ع (بحوالاه
سمن جي سلطنت) بيون دفعو 1388ع کان 1392ع ص 29 ۽
64 (48).
راجه دلوراء
هن راجه بابت ٿوري معلومات ۽ گهڻي آکاڻي ملي. ان
بات ڊاڪٽر اديب انقلابي جيڪو سنڌ جو تحقيقدان آهي.
لکيو ته هي راجه 729ع کان 773ع تائين اروڙ جو حاڪم
هو. هن جي خلاف عربن ڪوڙي پروپئگنڊا ڪئي ته هي وڏو
ظالم آهي. هي چندرونسي راون جو اڳواڻ هو. ص 93- 92
(49). مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي هڪ مرتب ڏنل
ڪتاب ۾ لکيل آهي ته مٿيون راجه اندازاً پنجين،
ڇهين صدي ۽ يارهين صدي عيسويءَ ۾ هو. عربن جي آخري
دور ۾ سومرن جي اوائلي دور جو هو (روايتن ۽ بيتن
جي حوالي سان) ص 12 (50). هڪ رسالي ۾ لکيل آهي ته
سومرن جو پهريون حاڪم دلورا هو. جيڪو سن 733ع ۾
”اروڙ“ ۾ نيم آزاد جي حيثيت ۾ حڪمران بڻيو، ص 19
(51). مولائي شيدائي مرحوم تاريخ طاهري جي حوالي
سان لکيو ته راجه دلوراء جو علائقو ”محمد طور“ ۽
”الور“ جي وچ تي هوندو هو. هي بادشاهه ڏاڍو ظالم
هو. سوداگر سيف الملوڪ ۽ سندس زال بديع الجمال
وارو قصو هن بادشاهه سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. ص 248-
249 (52). بهرحال هن سنڌ جي بادشاهه تي تحقيق جي
ضرورت آهي. هتي مختصر بيان انڪري ڏنو ويو جو ڪجهه
احوال اڳ مليو ته هي راجه، راجه جسودڻ جي وقت ۾
هو. گوهر سنڌي لکيو ته مذڪوره حاڪم 1050ع کان
1053ع تائين هو. سندس تخت ”الور“ ۾ هو. درياءَ جي
رخ ڦيرائڻ ڪري عربن جي شهر ”محفوظ“ ۾ رهيو تخت به
اتي ئي ڪيائين. اهو شهر پوءِ دلواراء نالي سڏيو ص
21 (53). هه سن 442 کان 445 بيهندو.
(الف
راجه جسوڌڻ
-
مير قانع: هي قباچه جي دور ۾ هو
-
عبدالستار: هي راجه قباچه جي دور ۾ هو.
-
مرزا قليچ بيگ: هي راجه قباچه جي دور ۾ هو.
-
خانبهادر خان خداداد: هي راجه قباچه جي دور ۾ هو
(ب) ناصر الدين قباچه جو زمانو
-
ايم ايڇ پنهور: 1206ع- 1210ع ٻيون دفعو 1210ع
کان 1227ع
-
عبدالستار ڪوريجو: 624هه 27- 1226ع ۾ وفات
-
سيد اصغر علي شاهه: 1227ع ۾ حڪومت ختم
-
مولائي شيدائي: 602هه کان 625هه تائين
-
سيد سليمان ندوي: 607هه تائين ماتحت ۽ پوءِ آزاد
-
مير معصوم: نظام الملڪ جو بکر تي حملو 28
جمادالاول 625 هه. قباچه 19 جمادالاخر بروز ڇنڇر
رات 625هه ۾ وفات.
-
ڊاڪٽر مهر عبدالحق سومرو: ماتحت 1206ع- 1210ع.
-
چچ نامه اشاراء واڌارا: 602هه- 625هه تائين
-
ميمڻ عبدالمجيد: قباچه دور ۾ 619هه/ 1222ع ۾
جلال الدين خورازم شاهه سنڌ ۾ آيو. قباچه 9
جمادلاخر 625هه ۾ درياءَ ۾ ٻڏو
ڄام تماچي
-
مولائي شيدائي: ٻه ڀيرا حڪومت ڪئي. فيروز تعلق
جو حملو 762هه / 3161ع
-
پروفيسر غلام محمد لاکو: حڪومت تي ويهڻ کانپوءِ
گرفتاريءَ جو سال 1371ع. (773هه تقويم تاريخي
تان ورتل) هجري سن ص 193 آزادي 1388ع (هجري سن
تقويم تاريخي ۾ 790هه ص 198) ٻيون ڀيرو 1388ع
کان شروع 13 سال حڪومت ڪئي.
ڄام تماچي وفات 1392ع (795هه سن تقويم تاريخي
تان ص 199) پهريون ڀيرو حڪومت ۾......
1371ع..... (1)....... قيد ۾ 18 سال ٻيون ڀيرو
حڪومت ۾ 1388ع کان 1392ع تائين (2) 05 سال مير
معصوم جي حوالي سان لکيو ته 13 سال حڪومت ڪري
گذاري ويو
-
ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ پهرين 1368ع کان 1370
(770هه کان 72- 771هه تائين تقويم تاريخ تان ص
193. ٻيون ڀيرو 1388ع کان 1392ع) 790هه کان
795هه هجري سن تقويم تاريخي تان ورتل ص 199
-
03 سال
-
05 سال
8 سال حڪومت ڪئي
-
طاهر محمد نسياني: (1) 768هه کان 777هه- 1366ع
کان 1375ع تحصيح نامو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: (2)
791هه کان 795هه- 1388ع کان 1392ع
(1) 10 سال حڪومت ۾
(2) 05 سال حڪومت ۾
تماچي وفات 1392 تماچي ٻيو ڀيرو 1388ع
قباچه 1206ع کان 1227ع، قباچه ناصرالدين وفات
1227ع قباچه وفات 1227ع
حڪومت ۾ 602هه کان 625هه
165سال 161 سال
مير علي شير قانع، مولائي شيدائي ۽ پروفيسر غلام
محمد لاکي لکيو ته ڄام تماچيءَ ٻئي ڀيري حڪومت ۾
نوريءَ سان شادي ڪئي.
يعني ڄام تماچيءَ جي ٻيهر حڪومت ۾ اچڻ کان قباچه
161 سال اڳ ۾ ٻنهي جي وفات ۾ 165 سالن جو فرق آهي.
يعني ناصر الدين قباچه ڄام کان اڳ هو. ڪتاب جنت
السنڌ واري ص 314 کان 316 تائين جيڪا فهرست منتخب
التواريخ ۽ چچ نامو جي حوالي طور ڏني آهي ان ۾
پهرين ڪتاب ۾ سن 831هه تي باقي سومرن جي هڪ حاڪم
همير جو وقت ڏنل نه آهي. ٻي (ٻين) ڪتاب ۾ سن 803هه
(1400ع) ڏنل آهي. همير جو وقت ان ۾ ڄاڻايل نه آهي.
سومرن جي حاڪمن جي سنن ۾ ڪافي عالم مونجهاري جو
شڪار آهن. گهڻن ڪتابن ۾ 1351ع کان سمن جي حڪومت جي
شروعات لکيل آهي. ناصرالدين قباچه وفات 625هه سن ۾
اختلاف ناهي. اهو يقيناً سومرن حاڪمن جو دور آهي.
منتخب التواريخ مطابق 620هه کان 636هه ۾ خيرو
سومرو حڪومت ٿي ويٺل آهي ۽ چچ نامي مطابق 623هه
کان 639هه کينئڙو سومرو حاڪم آهي. (ڏسو ص مٿيون،
جنت السنڌ)
مٿئين بحث مباحثي مان اسان کي معلوم ٿيو ته راجه
جسودڻ ڄام تماچي کان تقريباً ڏيڍ صدي اڳ جو آهي.
انڪري ”نوري“ ڪيئن ان جي ڌيءَ ٿي. اهي سگهڙن
ڳالهيون گهڙي ٺاهي پيش ڪري ڇڏيون آهن. نوري مهاڻن
جي ڄائي هئي. اللهج پاڪ ڪنهن کي سونهن
بخشي ته ان جي مرضي آهي ان کانسواءِ خانداني رت جي
قانون مطابق جيڪڏهن ڪنهن خاندان جي وڏن ۾ ڪو سهڻو
هو ۽ خاندان جي ڪهڙي به پشت ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو.
منهنجي خيال ۾ ”نوري“ جسماني طرح خوبصورت نه هئي
سندس اخلاق ئي هئا جن سمي سلطان کي ڏانهس مائل
ڪيو. جي حسين هجي ها ته ڪر ملاحن مان ڪونه ڪو ساڻس
شادي ڪري ها. سمن حاڪمن جي شروعاتي دور ۾ سواءِ
همير سومري جي ٻي ڪنهن به راجه جو سنڌ ۾ هئڻ ثابت
نٿو ٿئي
مختصراً شاعري ۾ نظر ڊوڙائجي
الف ملڪ نديم: (01 مي هٿ مڪڙي، ڄام هٿ ڄار-
مُهاڻيءَ جا مائٽ هٿ ٻڌيا چوڌار ننڍي هوندي نوريءَ
جو ڪنهن سان ته هوندو پيار
غريب جي غيرت جو لاش هيونروار، هي سارو ڏينهن
شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه هو ص 117.
مون لاءِ ڪاري قبر، تنهنجي حويلي هيءَ، سما سانوڻ
۽ سيءَ، ڪنئين وساريان ڪينجهر جا ص 119. (54)
(ب) حاجي شاهه: سما ڄام سلطان، منهنجي ذات مهاڻي ص
18- 19 (55)
(ٻ) محمد خان مسڪين: نه نوري نه گندري نه مَي
مهاڻي، پيءُ جسودن راءِ جنهن جي ماءُ مروبت راڻي،
سمي سڃاڻي ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾. هي بيت شاهه جو ڪري
لکيو ويو، پر شاهه جو نه آهي راقم ص 37 (56).
(پ) صوفي عبدالستار ثاني جوڪ: (1) آئون اصل کان
آهيان مهاڻي مي- پناري پيس تنهنجي مون ڏهاڳ مَ ڏي.
ازل کان اڳي، تنهنجي نانء نوازي آهيان.
(2) سموين سڀئي سُهڻيون، سڀني ڳچيءَ هار، مان
مهاڻي آهيان، بيحد بدڪار، سمين جي آڌار، ٿي سونها
سمين وچ ۾ ص 13- 312 (57).
(ڀ) قاضي غلام علي: مهاڻي جي من ۾ آهي سمون سدا
ساڻ- سميون سڀئي سومريون هيون حسن ۾ حيران ص 512
مٿيون ڪتاب
(1) 10 سال حڪومت ۾
(2) 05 سال حڪومت ۾
تماچي وفات 1392 تماچي ٻيو ڀيرو 1388ع
قباچه 1206ع کان 1227ع، قباچه ناصرالدين وفات
1227ع قباچه وفات 1227ع
حڪومت ۾ 602هه کان 625هه
165سال
161 سال
مير علي شير قانع، مولائي شيدائي ۽ پروفيسر غلام
محمد لاکي لکيو ته ڄام تماچيءَ ٻئي ڀيري حڪومت ۾
نوريءَ سان شادي ڪئي.
يعني ڄام تماچيءَ جي ٻيهر حڪومت ۾ اچڻ کان قباچه
161 سال اڳ ۾ ٻنهي جي وفات ۾ 165 سالن جو فرق آهي.
يعني ناصر الدين قباچه ڄام کان اڳ هو. ڪتاب جنت
السنڌ واري ص 314 کان 316 تائين جيڪا فهرست منتخب
التواريخ ۽ چچ نامو جي حوالي طور ڏني آهي ان ۾
پهرين ڪتاب ۾ سن 831هه تي باقي سومرن جي هڪ حاڪم
همير جو وقت ڏنل نه آهي. ٻي (ٻين) ڪتاب ۾ سن 803هه
(1400ع) ڏنل آهي. همير جو وقت ان ۾ ڄاڻايل نه آهي.
سومرن جي حاڪمن جي سنن ۾ ڪافي عالم مونجهاري جو
شڪار آهن. گهڻن ڪتابن ۾ 1351ع کان سمن جي حڪومت جي
شروعات لکيل آهي. ناصرالدين قباچه وفات 625هه سن ۾
اختلاف ناهي. اهو يقيناً سومرن حاڪمن جو دور آهي.
منتخب التواريخ مطابق 620هه کان 636هه ۾ خيرو
سومرو حڪومت ٿي ويٺل آهي ۽ چچ نامي مطابق 623هه
کان 639هه کينئڙو سومرو حاڪم آهي. (ڏسو ص مٿيون،
جنت السنڌ)
مٿئين بحث مباحثي مان اسان کي معلوم ٿيو ته راجه
جسودڻ ڄام تماچي کان تقريباً ڏيڍ صدي اڳ جو آهي.
انڪري ”نوري“ ڪيئن ان جي ڌيءَ ٿي. اهي سگهڙن
ڳالهيون گهڙي ٺاهي پيش ڪري ڇڏيون آهن. نوري مهاڻن
جي ڄائي هئي. اللهج پاڪ ڪنهن کي سونهن
بخشي ته ان جي مرضي آهي ان کانسواءِ خانداني رت جي
قانون مطابق جيڪڏهن ڪنهن خاندان جي وڏن ۾ ڪو سهڻو
هو ۽ خاندان جي ڪهڙي به پشت ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو.
منهنجي خيال ۾ ”نوري“ جسماني طرح خوبصورت نه هئي
سندس اخلاق ئي هئا جن سمي سلطان کي ڏانهس مائل
ڪيو. جي حسين هجي ها ته ڪر ملاحن مان ڪونه ڪو ساڻس
شادي ڪري ها. سمن حاڪمن جي شروعاتي دور ۾ سواءِ
همير سومري جي ٻي ڪنهن به راجه جو سنڌ ۾ هئڻ ثابت
نٿو ٿئي.
مختصراً شاعري ۾ نظر ڊوڙائجي
الف ملڪ نديم: (01 مي هٿ مڪڙي، ڄام هٿ ڄار-
مُهاڻيءَ جا مائٽ هٿ ٻڌيا چوڌار ننڍي هوندي نوريءَ
جو ڪنهن سان ته هوندو پيار.
غريب جي غيرت جو لاش هيونروار، هي سارو ڏينهن
شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه هو ص 117
مون لاءِ ڪاري قبر، تنهنجي حويلي هيءَ، سما سانوڻ
۽ سيءَ، ڪنئين وساريان ڪينجهر جا ص 119. (54)
(ب) حاجي شاهه: سما ڄام سلطان، منهنجي ذات مهاڻي ص
18- 19 (55)
(ٻ) محمد خان مسڪين: نه نوري نه گندري نه مَي
مهاڻي، پيءُ جسودن راءِ جنهن جي ماءُ مروبت راڻي،
سمي سڃاڻي ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾. هي بيت شاهه جو ڪري
لکيو ويو، پر شاهه جو نه آهي راقم ص 37 (56).
(پ) صوفي عبدالستار ثاني جوڪ: (1) آئون اصل کان
آهيان مهاڻي مي- پناري پيس تنهنجي مون ڏهاڳ مَ ڏي.
ازل کان اڳي، تنهنجي نانء نوازي آهيان.
(2) سموين سڀئي سُهڻيون، سڀني ڳچيءَ هار، مان
مهاڻي آهيان، بيحد بدڪار، سمين جي آڌار، ٿي سونها
سمين وچ ۾ ص 13- 312 (57
(ڀ) قاضي غلام علي: مهاڻي جي من ۾ آهي سمون سدا
ساڻ- سميون سڀئي سومريون هيون حسن ۾ حيران ص 512
مٿيون ڪتاب
(ت) شاهه عنايت رضوي: بخت بلندي جن، تني منجهان
نورئين. گامين، نامين، گاندرين، تماچي سندن، هردم
ڏهه ڏي تن، اَٺوپهر عنايت چئي ص 210.
(ٺ) شريف: تخت تنهين تڙ ٿي، پائي ويٺو ڄام، سُهاڻس
شريف چئي، غريباڻو گام تماچيءَ تمام، عيب اُنهيءَ
جا ڍڪيا ص 210 (58)
(ٿ) سچلؒ : تون سمون سائين آءُ مي مهاڻي آهيان-
مون لڄ رهائين. جو پلهه لڳيس تانجهي.پلئه مون
پاتوءِ، تون راجه لڄ رهائين، سما سڃاتوءِ، ڪامل
پنهنجي قرب کي ص 11 (59)
(ث) شاهه عنايت رضوي: ماڻهو چون مي، آءُ آهيڙي
آهيان، ٿوري جي ٿرن جا، مون کان چڱاسي- ڄام
تماچيءَ جي نظر نوازي آهيان ص 214 رسالو شاهه
عنايت
.(ٿ)....... ابي ڏاڏي، گندري، مهاڻي ميري،. تڪيئي
تماچي ڄام جي آئي سويري. ڦلن ڦليري سمي جي سهاڳ
سين ص 317 (60)
(ف) شاهه عبداللطيف
-
تون سمو، آءُ گندري مون ۾ عيبن جوءِ، ص 894
-
تون سمو، آءُ گندري مون ۾ عيب اپار، ص 895
-
تون سمو، آءُ گندري مون ۾ عيب ڪوڙ، ص 895
-
تون سمو، آءُ گندري مون ۾ عيبن ويهه. 895
-
تون سمو، آءُ گندري مون ۾ عيبن لک، ص 895
-
تون سمو، آءُ گندري عيب منهنجي ذات ص 895
-
تون تماچي تڙڌڻي، آءُ مُهاڻي مِي، ص 895
-
تون تماچي تڙ ڌڻي آءُ گندري غريب، ص 895
-
مي مڇي مارا، سمي سيئي سيڻ ڪيا، ص 896
-
نه وڍي، نه وڪڻي، نه ماري نه ڍاري، ص 896
-
نه وڍي نه وڪڻي، نه کڻي ۾ کاري، ص 896
-
نه وڍي نه وڪڻي، نه کڻي ۾ کارو، ص 898
-
مُهاڻيءَ جي من ۾ نه گيرب نه گاءُ، ص 898
-
جُهلي جهٻيرن وچم مرڪيو مُهاڻي، ص 898
-
ميءَ مڇيءَ ۾ هٿڙا، ويٺي ڪري ورَن، ص 899 راءِ
اڳهين رکي مُهاڻي ۾ من، ص 899
-
هٿين، پيرن، آرکڻين مُنهن نه مهاڻي، ص 899
-
مهاڻيون موهين، تخت تماچي ڄام جو، ص 901
-
لٿو پاند مهاءُ، ميء چڙهندي مڪڙي، ص 901
-
حرف هڻي حساب جو ماڙي چڙهي مي، ص 903
-
سميون جت سِرهين، تت مُهاڻي مٿي وهي، ص 904
-
مئيءَ هٿ مڪڙي ڄام هٿ ڄار، ص 904
-
گاڏي چاڙهي گندري، ماڙهو ڪيائين مي کوڙ، ص 905
-
ڪوجو ڪامڻ مي آهي اکڙين ۾، ص 906
-
سندومي مقام، سمي سيراندي ڪيو، ص907
-
تنهن کي گندري چوڻ گناهه، جنهن ۾ جهوليءَ چنڊ
جُهلي پيو، ص 908 (61
-
مون کي گندري ٿا چون آهيان گندرين سندي گولي،
ڀانئيان ڪينئن ڀاڳ ڀوريءَ جا. ڀلايون ڀال تي
ڀانئيان تِماچي جي تڪيئي، سما تنهنجي سام پئي
آهيان، خوشي خير محمد (ب
راجه جسودڻ شاعريءَ ۾
1. الف:
لطيفؒ سائين:
-
ڪنڊا ڍور ڌڻين توکي ڪونهي سُور، ص 695.
-
ڪرڪي ڳالهڙيون ڪنڊا ڍور، ڌڻين جُون، ص 695
-
ڪرڪا ويهي ڳالهه، ڪنڊا ڍور ڌڻين جي، ص 695
-
جي ٿو هينئڙو سور، ڪنڊا ڍور ڌڻين جو، ص 696
-
جي تو هينئڙو وڍ، ڪنڊا ڍور ڌڻين جو، ص696
-
جسودن جيڏو، توڪو گڏيو پهيڙو، ص 696
-
جسودن جيها يار، پيار وير وماس ۾، ص 697
-
جسوتڙيارن کڻي ڇني ڇڏيا، رُنو اکڙين، جڏهين ڦوڙائو
سڄڻين، ص 697
-
آهيم اولاڪو جسوتڙ جو جان ۾، ص 697 (62)
نوٽ: ڍور درياهي شاخ هئي جنهن جو راجه جسودڻ مالڪ
هو.
ڍاڳي: به دريائي شاخ هئي. جيڪا راجه جي علائقي مان
وهندي هئي
پٽهيل: هي به دريائي شاخ هئي جتي راجه جو آڳڙا شهر
هو. هي ٽيئي شاخون پراڻ درياءَ جون هيون ص 75
(63).
-
سڪي ڊور ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو ص 696
-
پٽيهل تو ۾ پور، اڳئون نه آب جو ص 697.
-
پٽيهل چئي پرينءَ کي، ساري آئون سڪم، ص 697
-
ڍور نه اڳئين ڍار، مهند ملاحن لکيو ص 696.
-
مُهراڻي وٽان، رويو راڄ رضا گهري ص 700 (64).
-
جڏهين ڍاڳي ۽ ڍور، ٻئي وهن ٻلهيار ۾، ص 149-
ٻلهيار علائقو راجه جسودڻ جو هو (65
ڪتابيات
-
سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي: مرتب ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ س اب 2007ع.
-
شاهه جو رسالو: علامه آءِ آءِ قاضي س اب ڄام شورو
1993ع.
-
شاهه جو رسالو: علامه آءِ آءِ قاضي س اب ڄام شورو
1993ع
-
اخبار تعليم مارچ، اپريل 1985ع نگران محمد اسماعيل
خاصخيلي
-
سُهڻي ميهار ۽ ڄام تماچي، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ س اب 2007ع
-
احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مرزا قليچ بيگ ڇاپو
1987ع ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز
-
سُر ڏهر. مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق ڇاپو 1989ع ڀٽ
شاهه ثقافتي، مرڪز.
-
”ڪلاچي“ تحقيقي جرنل جلد ٻيون ڊسمبر 1999ع ايڊيٽر
ڊاڪٽر فهميده مرزا
-
”شاهه جي ڪلام ۾ مرد ڪردار“ ڊاڪٽر محمد ابراهيم
سنڌي پي ايڇ ڊي ٿيسز ڇاپو 2011ع روشني پبليڪيشن
-
ماهوار نئين زندگي حيدرآباد فيبروري مارچ 2002ع
ذوالحج، محرم 23-1422هه
-
جنت السنڌ: رحيم داد خان مولائي شيدائي ڇاپو 1985ع
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
-
تحفةالڪرام، مير علي شير قانع س ت.
-
سمن جي سلطنت: غلام محمد لاکو- ڇاپو 1987ع
-
سنڌ ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون: رچرڊ برٽن س ت-
سنڌي ادبي بورڊ 1995ع
-
سنڌ جي هندن جي تاريخ: جلد پهريون ڀيرومل مهرچند
آڏاواڻي ڇاپو ٻيون 2002ع گلشن پبليڪيشن
-
مهراڻ جنوري مارچ 1996ع مقالو: سنڌ جا ميربحر،
انهن جون ذاتيون ۽ پاڙا.
-
ماهوار نئين زندگي آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر 2008ع
شوال ذالحج 1429هه مضمون شاهه لطيف وٽ سماجي اڏاوت
جو اعليٰ ۽ عظيم تصور
-
ماهوار نئين زندگي جنوري 1980ع مضمون مومل جي مورت
-
ماهوار نئين زندگي سيپٽمبر، آڪٽوبر 1994ع مضمون:
نوري ۽ ڄام تماچي
-
ماهوار نئين زندگي: اپريل، مئي 2007ع مضمون،
نوريءَ جو نياز.
-
شاهه جو رسالو: غلام محمد ابراهيم شاهواڻي، ڇاپو
ٻيون 61، 1960ع آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس
-
شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر گربخشاڻي ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز ڇاپو ٽيون 1985ع
-
ماهوار نئين زندگي سيپٽمبر، آڪٽوبر 1994ع مضمون:
”نوري ڄام تماچي“ از محمد خان ڪنڀار ”مسڪين“
-
قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو مرزا قليچ بيگ
-
ماهوار نئين زندگي جنوري فيبروري 2000ع.
-
سُر ڏهر: مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق ڇاپو 1989ع
مضمون يوسفاڻي
ص 19- 20 معمور يوسفاڻي
ص 21=29،
معمور يوسفاڻي
ص 85
= محمد حسين
ڪاشف
ص 75=
شيخ اسماعيل
ص 198=
معمور يوسفاڻي
ص 194=
پريتم پياسي
ص 197 معموريوسفاڻي
ص 198، معمور يوسفاڻي
27.
سنڌ هڪ عام جائزو: تاريخ سنڌ- ايڇ ٽي لئمبرڪ،
مترجم سليم احمد ڇاپو 2010ع
28.سنڌ
جون رياستون ۽ شهر: حافظ عبدالستار ڪوريجو
29.قديم
سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مرزا قليچ بيگ
30.لب
تاريخ سنڌ: خانبهادر خداداد خان ڇاپو 1989ع سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو
31.سنڌ
پيرائتي ڪٿا. ايم ايڇ پنهور سنڌيڪار، عمر سومرو
32.سنڌ
جون رياستون ۽ شهر: حافظ عبدالستار ڪوريجو
33.تاريخ
پنجاب (اردو) نيوبڪ پيلس اردو بازار لاهور
34.جنت
السنڌ: مولائي شيدائي
35.تاريخ
سنڌ (اردو) علامه سيد سليمان ندوي
36.تاريخ
معصومي، مير معصوم بکري
37.سومرا
راڄ گهراڻو، ڊاڪٽر مهر عبدالحق سومرو، س ت عمر
سومرو ثقافت کاتو 2010ع
38.چچ
نامو. س ت
39.سنڌ
سياحن جي نظر ۾: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ڇاپو 2001ع
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
40.ماهوار
نئين زندگي ڊسمبر 1981ع
41.سنڌ
پيرائتي ڪٿا. ايم ايڇ پنهور، سنڌيڪار عمر سومرو
42.جنت
السنڌ، مولائي شيدائي
43.تحفةالڪرام،
س ت مير علي شير قانع
44.لب
تاريخ سنڌ، خانبهادر خداداد خان
45.سمن
جي سلطنت، غلام محمد لاکو ڇاپو 1987ع
46.تاريخ
طاهري. طاهر محمد
47.تاريخ
معصومي، مير معصوم بکري (س ت)
48.صوفي
شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر پي.ايڇ.ڊي
ٿيسز ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جماري ڇاپو 2010ع
49.سنڌ
جي ڪوپائتي ڪٿا، ڊاڪٽر اديب انقلابي ڇاپو 1993ع
سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد
50.سهڻي
مهيار ۽ نوري ڄام تماچي، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2007ع
51.ماهوار
نئين زندگي فيبروري، مارچ 2005ع محرم، صفر 1426هه
52.جنت
السنڌ مولائي شيدائي
53.ماهوار
نئين زندگي اپريل 2009ع ربيع الثاني 1430هه.
مضمون: سومرا دور جا حڪمران. از گوهر سنڌي
54.ڪلاچي
جرنل ڊسمبر 1999ع مضمون دريائن جي ڌي مُنجهي آ
محلن ۾.
55.ماهوار
نئين زندگي، آڪٽوبر 2001ع رجب شعبان 1422هه
56.ماهوار
نئين زندگي، سيپٽمبر،. آڪٽوبر 1994ع مضمون: نوري
ڄام تماچي از محمد خان مسڪين ڪنڀار.
57.صوفي
شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر. ڊاڪٽر محمد
علي مانجهي
58.رسالو
شاهه عنايت جو
59.ماهوار
نئين زندگي آڪٽوبر، نومبر 2003ع شعبان رمضان 1424ع
60.رسالو
غلام محمد خانزئي جو تصحيح: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
1985ع 1405هه ڀٽ شاهه ثقافت مرڪز.
61.شاهه
جو رسالو: شمس العماء مرزا قليچ بيگ ڇاپو چوٿون.
1994ع 1415هه
62.شاهه
جو رسالو. شمس العماءَ مرزا قليچ بيگ ڇاپو چوٿون.
1994ع 1415هه
63.سُر
ڏهر: مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق
64.شاهه
جو رسالو: شمس العماءَ مرزا قليچ بيگ
65.سُر
ڏهر: ڊاڪٽر نواز علي شوق
66.(الف)
سُر ڪاموڏ: مرتب حميد سنڌي
67.(ب)
خوش خير محمد شاعر هو. بلوچ قبيلي هيسباڻيءَ مان
هو. ڏسو ڪارا منهن موچارا مُنهن“ ڪامريڊ مير محمد
ٽالپور، ڇاپو 2000ع خوش خيرمحمد جو شعر قلمي ڪاپي
تان ورتل.
|