سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :6

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

 

   ڪلام شاهه نصير جو جائزو

 

 

شاهه نصير جو اصل نالو نصيرالدين هو. عام طور تي شاهه نصير جي نالي سان مشهور ۽ مقبول آهي. سندس والد بزرگ جو نالو عبدالحّي هو، جنهن کي عاشق عبدالحّي، عارف عبدالحّي ۽ خواجه عبدالحّي جي نالن سان سڏيندا هئا. پاڻ نقشبندي سلسلي سان لاڳاپيل هو ۽ جهوڪ شريف جي مشهور و معروف بزرگ ۽ درويش صفت انسان فقير فضل الله قلندر جو مريد ۽ معتقد هو. عارف عبدالحّي سٺو شاعر ۽ عالم پڻ هو، سندس هيءَ ڪافي لوڪ ادب سلسلي جي ڪتاب ڪافيون جلد ٽيون ۾ درج ٿيل آهي:

واه بسنت بهاري جي، گل کليا گلزاري جي.

1. باغ حسن دا جڏان کليا، ويک حيران هو يا بلبليا،

عجب گل اناري جي.

2. غنچہ دهن دي غائب پويا، لشڪر نين سپاهي هويا،

چاهه زنخ دي چاري جي.

3. وچ صحن دي ساقي آيا، ساغر دُنگ سامان صراحيا،

محبت مينگهه ملهاري جي.

4. عاشق”عبدالحّي“پيارا، جس ني ڪيتا نينهن نظارا،

چوطرف چوڌاري جي.

(بلوچ 1433، 1990ع)

مخدوم عبدالحّي، پير شهاب الدين ”سير ڌڻيءَ“ جو فرزند هو. پاڻ وڏو روحانيت جو صاحب، ولي ڪامل ۽ تصوف ۾ يگانئه روزگار هو، عالم باعمل ۽ خدا پرست هو. نادر شاهه ايرانيءَ جي حملي وقت پاڻ ننڍيءَ عمر جو هو، هُن نوشهري فيروز تي خونخوار حملو ڪري اچي شهر کي لُٽيو هو. پير عبدالحّي انهيءَ ظالم جي فوجين کي اکين سان ڏٺو هو. (خانائي 315، 1987ع) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي پير عبدالحّي جي متعلق لکي ٿو ته:

”مخدوم عبدالحّي ڪامل بزرگن مان آهي. وڏو زاهد، تقويٰ وارو، متشرع ۽ گوشي نشين بزرگ هو. ذڪر خدا جي فيض جو صاحب هو. سندس مريدن ذڪر مان گهڻو نفعو پرايو آهي، هيءُ بزرگ نقشبندي طريقي جو هو.“ (خانائي، 316، 1987ع) خانزاده سميع نوشهروي لکي ٿو ته:

”حضرت عبدالحي بن حافظ حاجي عطا محمّد کي اڄ تائين ”درگاهه وارو سائين“ ڪري سڏيندا آهن، سندن وڏو حضرت شهاب الدين جيڪو يمن ۾ مدفون آهي. ”سير ڌڻيءَ“ جي نالي سان مشهور آهي، هن بزرگ درياءَ جي سِير تي نماز پڙهي هئي.“ (نوشهروي، 38، 1978ع) عارف عبدالحي جي باري ۾ ڪافي اختلاف نظر اچي ٿو، پر تحقيق ٿيڻ گهرجي ته حقيقت ڪهڙي پاسي آهي.

خواجه عبدالحّي عالم، درويش ۽ شاعر هو، سندس فيض مان ڪيترن ئي انسانن کي فيض حاصل ٿيو،  جن مان عثمان فقير سانگي، خوش خيرمحمد هيسباڻي ۽ فقير هري سنگهه عاصي وغيره اعليٰ درجي جا صوفي ۽ شاعر مشهور ٿيا.

شاهه نمبر 1223هه ۾ نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. ]نوشهروي 38، 1978ع- شوق 01، 2004ع[ شاهه نصير سن 1248هه ۾ تاريخي شهر نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو، (قريشي مارچ 1995ع) پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ موروثي گاديءَ تي ويٺو، شاهه نصير کي عربي ۽ فارسيءَ جي سٺي تعليم ملي، هن پنهنجو گهڻو وقت سير ۽ سياحت ۾ گذاريو، هن بزرگ سنڌ کان ٻاهر به سير ڪيا، سنڌ اندر لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سندس گهڻا مريد هئا. سنڌي، سرائڪي ۽ فارسيءَ ۾ شعر چيائين. (بلوچ، 439، 1961ع)

سنڌي ٻوليءَ تي ڪافي عبور هوس، سندس شاعريءَ تي صوفياڻو رنگ چڙهيل آهي. ]بلوچ، 194، 1961ع[ فقير خير محمّد هيسباڻيءَ جي ڪلامن جو مٿس وڏو اثر ٿيو. (بلوچ، 411، 1985ع) سندس تصنيفات مان ظاهر ٿئي ٿو ته کيس وڏي علميت حاصل هئي. اردوءَ تي به کيس وڏو درڪ حاصل هو. ظاهري علم حاصل ڪرڻ بعد هو باطن جي صفائيءَ طرف رجوع ٿيو. هن بزرگ باطني فيض جو ونڊ پنهنجي والد کان ورتو هو. ]خانائي، 321، 1987ع[ سندس شاعري ورثي ۾ ملي، سنڌي ٻوليءَ کانسواءِ اردو، سرائڪي، فارسي ۽ هندي ٻولين ۾ سندس ڪلام ملي ٿو، سنڌي ٻوليءَ کانسواءِ اردو، سرائڪي، ڪافيون، بيت ۽ مرثين وغيره تي مشتمل آهي. سندس ڪلام ٽيهه اکريون، مولود، ڪافيون، بيت ۽ مرثين وغيره تي مشتمل آهي. سندس ڪافيون فني لحاظ کان نهايت پڪيون پختيون ۽ نهايت حَسين پَيرائي ۾ آهن، شاهه نصير جي ولادت جي باري ۾ هڪ روايت رهجي ويئي. جيڪا هتي موزون ۽ مناسب سمجهي ڏيان ٿو. جنهن ۾ حاڪم علي مهر لکي ٿو ته: نامياري ليکڪ: ڊاڪٽر ديال آشيا الهاس نگر هندستان مان شايع ٿيل پنهنجي ڪتاب ”سنڌي شعر جي تواريخ“ ۾ سنڌ جي 494 شاعرن جو تذڪرو ڪيو آهي. ان پنهنجي ڪتاب جي صفحي 262 تي شاهه نصير بابت لکيو آهي ته: ”شاهه نصيرالدين نقشبندي پيرن جي خاندان مان هو. هي صاحب 1830ع ڌاري نوشهري فيروز ۾ پير عبدالحّي جي گهر تولد ٿيو. سندس تصنيفن مان ظاهر آهي ته هن سنڌي، عربي، فارسي ۽ اردوءَ جو چڱو ئي مطالعو ڪيو هوندو.“ ]مهر، روزانو ڪاوش، 1-4، 2007ع[

پاڻ سنڌ کان علاوه بلوچستان، هندستان ۽ قنڌار جو سفر به ڪيائين. ان کان علاوه اجمير شريف، سرهند ۽ بمبئيءَ تائين پڻ ويو. اهڙيءَ طرح مريدن، معتقدن ۽ طالبن جو حلقو به وڌايائين. ان سان گڏوگڏ طالبن ۽ مريدن جي روحاني تربيت پڻ ڪيائين. خاص ڪري لاڙڪاڻي جي سرزمين کي روحانيت سان رڱي ڇڏيائين. سندن سموري شاعري صوفياڻي ۽ عارفاڻي رنگ سان ڀري پيئي آهي. سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي صوفي درويشن ۽ فقيرن وانگر هندو مسلم جي متڀيد جي ويجهوئي نه هوندو هو. مسلمانن کان علاوه هندو به سندس عقيدتمندن ۾ شامل هئا، جنهن لاءِ محبوب علي چنا لکي ٿو ته: ”هي صاحب سيّار به هڪڙوئي هو. هن جي خمخاني مان هندو خواهه مسلمان ٽِڀا پي مخمور ٿيا. شاهه نصير جو مرتبو نه رڳو سنڌي شاعريءَ ۾ بلند آهي، پر اردو ۽ فارسي شاعرن ۾ به برک هو. هن جي فارسي شاعريءَ تي حافظ جو گَهرو رنگ چڙهيل آهي. اردو شاعرن ۾ هي پنهنجن متقدمن خواهه معاصرن کان سرس نظر اچي ٿو.“ (چنا، 262، 1966ع)

تحقيق ڪندي معلوم ٿيو ته پاڻ سخاوت ۾ وڏو مشهور هو، جو سندس در تان ڪو به سائل هٿين خالي واپس نه وريو. پاڻ نهايت خوش خُلق، خوش پوشاڪ، خوش اخلاق ۽ اعليٰ خوبين جو مالڪ هو، جنهنڪري هر ننڍو خواهه وڏو ۽ هندو خواهه مسلمان سندن ساراهه ۾ نه ماپندو هو.

سنڌ سونهاريءَ جي باڪمال، صوفي ۽ درويش ۽ بيباڪ شاعر شاهه نصير سن 5 ذوالقعد 1318هه مطابق سال 1900ع ۾ وڏيءَ ڄمار ۾ فاني جهان کي الوداع چئي دار باقيءَ ڏانهن راهي ٿيو، سندس وفات جي ماده تاريخ قادر بخش بيدل هن طرح چئي آهي:

اين چه دوري، کردر زمان رفته

يوسف مصر جان عزيز وجود

گشت روپوش زين تجلي گاه

نور حق مدتي بدبستي ماند

سال وصلش خرد يحست سروش

عارف کامل از جهان رفته

جانب ملک جاودان رفته

بدنهان خانه بي نشان رفته

باز براوح لامکان رفته

گفت: طائر بر آشيان رفته

قادر بخش بيدل کان هفت زبان شاعر علامه محمّد هدايت علي نجفي تارڪ (لعلورانوڪ) سندس وفات جي تاريخ هن ريت چئي آهي:

رحلت حضرت نصيرالدين از آغوش خواه

بود در نوشهرهء فيروز بافقر و فنا.

شاهه نصير جي ولادت ۽ وفات متعلق ڪافي مونجهارا آهن، جيڪي تحقيق طلب آهن ۽ تحقيق جي دائري کي وسيع ڪري آيل مونجهارا ختم ڪري سگهجن ٿا. شاهه نصير جي مريدن ۽ معتقدن جو تعداد به گهڻوئي آهي، جن مان فقير دولهه درياهه خان ڪلهوڙو، فقير محمّد ڏوتيو، فقير سيد حاجن شاهه، فقير عالم شاهه، فقير عين علي شاهه، فقير درمحمّد، فقير موهن، فقير حشمت راءِ، فقير هري سنگهه، فقير تنومل خاص طور تي مشهور آهن. ليڪن فقير عثمان سانگي ۽ خوش خير محمّد هيسباڻي جن جو سندس عقيدتمندن ۾ نالو مڙني کان سرس ۽ سوايو آهي.

شاهه نصير جي ڪلام جو ڪلام تعداد ته گهڻو آهي، پر سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام ڊاڪٽر نواز علي شوق وڏي محنت ۽ جستجو ڪري يڪجاءِ ڪيو، جنهن کي ”ڪلام شاهه نصير“ جو نالو ڏنائين. سندس ترتيب ڏنل اهو مجموعو شاهه نصير جي درگاهه جي ڌڻين ”شاهه نصيرالدين ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي“ جي طرفان نهايت سهڻيءَ سٽاء ۾ سال 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

هن ڪتاب کان اڳ ۾ ساڳئي ئي سال ۾ ”ڪلام عثمان فقير سانگي“ به مٿينءَ ڪاميٽي اشاعت هيٺ آڻي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو مرتب پڻ ڊاڪٽر نواز علي شوق آهي. هنن ڪتابن کان گهڻو اڳ ڊاڪٽر نواز علي شوق پنهنجي ميڙا چونڊيءَ مان ٻين صوفي شاعرن جا ڪتاب نالي ”ڪلياتِ علوي“ (1982ع)، سچل سرمست جي طالب فقير محمّد صالح جو ڪلام 1992ع ۾ سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور طرفان ڇپايائين. هن ڏس ۾ شوق صاحب جو ڪم جهَجهو ٿيل آهي ۽ هن سلسلي ۾ اڃا پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. ڪلاسيڪي شاعريءَ جي حوالي سان ”ڪلام فقير عبدالله ڪاتيار“ (1998ع) ۽ ڪنڊڙيءَ جو ڪلتار/روحل فقير“ (2001ع) ۾ شايع ڪرايائين. اميد واثق آهي ته اڃا به اسان کي اهڙيون گُم ٿيل يا وساريل وِٿون واري ڏيندو رهندو.

مذڪور ڪتاب ”ڪلام شاهه نصير“ ۾ شاهه نصير جي درج ٿيل ڪلام کان علاوه سندس ٻيو به ڪيتروئي ڪلام هوندو، جيڪو مذڪور ڪتاب ۾ درج ٿيڻ کان رهجي ويل آهي. ان کي گڏ ڪرڻ جي پڻ وڏي تحقيق ۽ ڳولا ڦولا جي ضرورت آهي. شاهه نصير جو ڪجهه ڪلام حضرت علامه تارڪ پنهنجي بياض ۾ جمع ڪيو هو. جنهن جي فوٽو ڪاپي مون وٽ آهي. جڏهن مون ڪتاب ۾ درج ٿيل ڪلام ۽  علامه تارڪ جي گڏ ڪيل ذخيري ۾ شاهه نصير جي ڪلام جي ڀيٽ ڪئي ته ڪافي فرق نظر آيم. جنهنڪري اهو محسوس ڪيم ته ڇو نه ٻنهي لکيتن کي ادب جي ميدان تي ادب جي گهڻگهرن ۽ شائقن جي آڏو آڻيان ته جيئن هو ٻنهي صورتن کان واقف ٿين. تنهنڪري اهي ٻيئي صورتون هيٺ ڏيان ٿو ته جيئن آيل تفاوت جي خبر پوي ۽ ڪلام کي صحيح طور تي ادا ڪري سگهجي.

]بيت[

شاهه نصير جي ڪلام ۾ ابتدا بيتن سان ٿيل آهي، جنهنڪري مان به بيتن جو جائزو شروعات ۾ پيش ڪيان ٿو، ڪلام شاهه نصير ۾ هيءُ بيت هن طرح آندو ويو آهي:

نانهه منجهان ٿي آنهه، ڏس عبرت آنهه جي،

آنهه منجهان اظهار ٿئي، سندي نانڪ نانهه،

آنهه ’نصير‘ نانهه، ٻئي محو ٿيا موج ۾.

(ص 11)

هيءُ بيت ٿوري ڦيرڦار سان هڪ آڳاٽي قلمي بياض مان نقل ڪيم، جنهن جي هيءُ صورت آهي:

نانهه منجهئون ٿي آنهه، ڏس عبرت هن نانهه جي،

آنهه مَنجهُون اظهار ٿي، سندي نائڪ نانهه،

آنهه ’نصيرا‘ نانهه، محو ٿيون ٻئي موج ۾.

هونئن ته بيت جو قالب يا جوڙجڪ ساڳي آهي، پر هت جيڪو فرق آهي، سو نانڪ ۽ نائڪ مان ظاهر آهي ۽ منهنجي خيال ۾ نائڪ وڌيڪ موزون ٿو لڳي.

ڪين کڻي وڃ ڪين ڏي، تون ڀي ٿيءُ ڪي ڪين،

ويندڙ وڃڻ وڃائي، رک قلب ۾ ڪين ڪي،

ڪين ’نصيرا‘ ڪين، ڪين کڻي گهِڙُ ڪين ۾.

(ص 11)

(چنا، 264، 1966ع)

هيءُ ساڳيو بيت حضرت علامه تارڪ جي قلمي بياض تان ورتو اٿم، جيڪو هن ريت قلمبند ٿيل آهي:

ڪين کڻي گهِرُ ڪين ۾، تون ڀي ٿي ڪي ڪين،

ويندڙ وڃڻ وڃاءِ تون، اَٿي مطلب منجهه ڪي ڪين،

ڪين ’نصيرا‘ ڪين، ڪين کڻي گهِرُ ڪين ۾.

نـــــه اڳ نـــــــــــه پــــــوءِ، نـــــه هيٺ نـــــه مٿ،

نـــــه ننهن ’نصير‘ سان، نـــــه پير نـــــه هٿ،

هي جا وير سندي وٿ، سا قلزم ڪارونڀار جي.

(ص 11)

هيءُ بيت علامه تارڪ جي بياض ۾ هن طرح ڏنل آهي:

]بيت- رقيب[

نه ڪو هيٺ نه مَٿ، نه ڪو اڳ نه پوءِ ڪو،

نه ڪو نينهن ’نصير‘ سان، نه ڪو پير نه هٿ،

وير سندي آ وِٿ، قلزم ڪارونڀار جي.

هيءُ بيت ڏسو:

’نصيرا‘ ناحق ڪري، ويا دلڙي ڌتاري،

موٽائن نه منٿ سان، ويچاري واري،

محبت ٿي ماري، ٿا خوش وسن پنهنجي خيال سان. (ص 13)

علامه تارڪ مٿيون بيت هن ريت قلمبند ڪيو آهي:

ناحق ’نصير‘ ڪري نيائون دلڙي ڌتاري،

سا موٽائِن نه منٿ سان، ويچاري واري،

محبتي ماري، اُهي خوش ٿيا خيال سان.

شاهه نصير جو هيءُ بيت سندس ڪلام ۾ هن طرح آندل آهي:

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ٻار محبت جو مَچُ،

هستيءَ جي حجاب جو، ڀڃج ڪائو ڪَچُ،

منجهه رمز رنديءَ جي، اچي رانول رچ،

ڇيريون پائي شوق جون، بيهي ناچو نچ،

سامي توکي سچ،  ڪنهن  به  چيو ڪڏهين. (ص 19)

هن بيت جي هيٺين صورت صحيح ۽ درست لڳي ٿي، جيڪا علامه تارڪ جي قلمي بياض تان ورتي اٿم:

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته مارِ هُوَڻَ جو مَچُ،

هستي جي به حجاب جو، ڀڃ ڪائو تون ڪچ،

مَنجهيءَ رمز رندي جي، اچي رانول رچ،

ڇيريون پائي شوق جون، بيهي ناميا نچ،

سامي توکي سچ، ڪنهين نه چيو ڪڏهين.

هيءُ بيت ڪلام شاهه نصير جي صفحي نمبر 13 تي هن ريت آهي:

خوش وتن پنهنجي خيال سان، رهن بي پرواهه،

اسان کي ڳاري وڌو، هِت ڳاراڻي جي ڳالهه،

نيٺ ’نصيرا‘ هنڌ ڪندي، سندي عاشقن آهه،

ڪشش سندي ڪاهه، شل موٽائي آڻيندي ماڳ تي.

هيءُ بيت علامه تارڪ پنهنجي بياض ۾ هن ريت قلمبند ڪيو آهي، پر منجهن جيڪو فرق آهي، سو ٻنهي صورتن لکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ۽ علامه تارڪ هن بيت جون ٽي سٽون لکيون آهن:

خوش ٿيا وتن خيال سان، ڪا نه رکن پرواهه،

اسان کي ڳاري وڌو، ڳاراڻي جي ڳاهه،

ڪشش سندي ڪاهه، نيٺ موٽائيندي ماڳ تي.

هيٺيون بيت ’ڪلام شاهه نصير‘ ۾ هن طرح درج ڪيل آهي:

جان جا ڪرين نفي، تان تان ٿو اثبات ٿئي،

ناهه ’نصير‘ نگاهه ۾، الف بنا ڪو اي،

جت وحدت سندي وي، تتي نفي نه اثبات ڪو.

(ص 11)

هن بيت جي علامه تارڪ جي بياض ۾ هن ريت آهي:

جيئن جيئن ڪيان نفي، تيئن تيئن ٿو اثبات ٿئي،

ناهه ’نصيرا‘ نگاهه ۾، الف بنا نه ڪو ايّ،

جتي وحدت سندو ويّ، نفي نه تٿ اثبات ڪو.

وري هن بيت جي صورت کي ڏسو، جنهن ۾ لفظن جو ٿورو فرق آهي، ان فرق کي ظاهر ڪرڻ لاءِ علامه تارڪ جي ڏنل بيت صرف انهن لفظن تي نظر وجهڻ سان فرق معلوم ٿيندو:

اڄ اسان جي ڏيهه تي، ٿيا ڪڪر ڪارونڀار،

بادل برساتيون سٽيون، جيئن سيفن سان شڪار،

موٽي مهر سان لڌي، سائين اسان جي سار،

وڄن وڏا وس ڪيا، چؤطرف چؤڌار،

هڪ طرف هنگاما ٿيا، گاجين جا گجڪار،

هاڻي ڇُٽا ’نصير‘ ٺار، مينهن موڪان لائيون.

(ص 21)

اهڙي طرح علامه تارڪ جيڪي قلمبند ڪيو آهي، ان ۾ لفظن کي پڙهڻ سان فرق پڌري پَٽ ٿي بيهي ٿو، علامه تارڪ جي ڏنل بيت ۾ ”شڪار“ لفظ جي بجاءِ ”سٽڪار“ آهي، جيڪو وڌيڪ درست ۽ موزون لڳي ٿو، ٻي سٽ ۾ ”موٽي مهر ڪري لڌي“ علامه سائين لکيو آهي، ٽين سٽ ۾ ’وڏا وس‘ جي جاءِ تي ’وڏا ويس‘ لکيو آهي، ’هنگاما‘ جي جاءِ تي ’هاگام‘ آندو آهي. ’نصير‘ جي جاءِ تي ’نصيرا‘ ۽ ’موڪان‘ جي بدران ’موڪون‘ لکيو آهي، مٿئين بيت ۾ علامه تارڪ جا هي مٿيان الفاظ بيت جي معنيٰ ۽ مفهوم ۽ مطلب کي وڌيڪ اجاگر ۽ ظاهر ڪن ٿا.

هي بيت شاهه نصير جي ”ڪلام شاهه نصير“ ۾ درج ٿيل نه آهي، جنهن مان معلوم ٿوٿئي ته ڊاڪٽر نواز علي شوق کي جيئن ۽ جيڪو ڪلام مليو آهي، تنهن تيئن ئي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي.

]در بيت هز نامهائي سگ[

جبل ۾ ڪر جار، ٽَرُ ٽَڪَر کان ڪينڪي،

چُهٽي ٿي نه تون جڏهن بودن کنيا بار،

هاڻي رهزن راهن تي اَٿي، هلج ٿي هوشيار،

سَو واسينگ واٽ تي، اَتي تليهر تيار،

واڳون وِيهون وچ تي، اَٿي شينهن جا شوڪار،

مانگر مِرون ٿا ٻُجهن ۽ ڏينڀو ڏنگڻهار،

چيٽا چنبڙ سڀ اٿي، اڳيون شوق شڪار،

ٻَهُه ڙي ڪين ٻروچ ري، ست سسئي سڀ سينگار،

ساڻ وڏاڻ وِره جي، ڏونگر سارو ڏار،

ڇڏ پلنگهه پيار، ته ملين نيٺ ’نصير‘ چوي.

هيءُ بيت علامه تارڪ جي قلمي بياض تان کنيو ويو آهي. هن کان علاوه ٻيا سرائڪي ٻوليءَ ۾ اهڙا بيت چيل آهن، جي ’ڪلام شاهه نصير‘ ۾ شامل ٿيل نه آهن، تنهنڪري هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان ته جيئن اشاعت هيٺ اچن ۽ بيت محفوظ پڻ ٿين:

1.

سردار سانگا سٽ ڪران هڻ مرشد ڪولون آوين،

ڏوُنهان جهانان تؤن هٿڙا هِڪو واري چاوين،

گِهن سَقيلا ’لا‘ دا پڇي، کانڊي کڙڳ کِنواوين،

نال تفنگ فنا دي جهڳڙا، نال جسم دي لاوين،

نفي اثبات ڪنون جڏان لنگهين، تڏ سارا مقصد پاوين،

پڇي مار نغارا وحدت وارا، سولي سر چڙهاوين،

ڪر معراج سولي اُتي، اور ڳيت اناالحق ڳاوين،

آکي ’نصير‘ سائين هرگز هرگز پير اڳون تان پاوين، قدم اٺاوين.

2.

هڪوار پيارا ڏاڍي ناز هِستي ڏيک هَسدي هَسدي هَس ڳئي،

اُونهين ڏينهن ٿون بِرهين مينهن ساڏي سر وَسدي وسدي وَس ڳئـﻶ،

مَل مَل ڏوُهين افسوس والي هٿ، گسدي گسدي گس ڳئـﻶ،

عاشق توڙ ’نصير‘ نباه آون، سڌڙي نسدي نسدي نس ڳئـﻶ.

3.

طول وهاڻي مون نه ڀاون، ڀاون يار دي ڀاڻي، مولا ڄاڻي،

طلب تساڏي ڏيک اسان ڪون، کيڙي ڀيڙي کاڻي، مولا ڄاڻي،

مَئن ڪون فرقت فاني ڪيتا، نيتا جهور جهوراڻي، مولا ڄاڻي.

تئڏي ڪيتي راوي رت ٿيا، ساوي ڪانهن ڪوماڻي، مولا ڄاڻي،

مَنجهيان مول نه مڙديان ماهي، اَلهه تُساڪون آڻي، مولا ڄاڻي،

چڙهه کٽ تي آرام نه آوي، چوکـﻶ جهنگ دي ٿاڻي، مولا ڄاڻي،

راوي وانگر وهندي مئڏي، نيڻ ’نصير‘ نماڻي، مولا ڄاڻي.

]بيت- رقيب[

4.

دلبر دي دروازي تي هڪ رهي حرامي حالا، مُنهن دا ڪالا،

لائي چائي دي هس عادت، هَي روڳي ريزالا، مُنهن دا ڪالا،

سو رڪ رقيب روازي ڪردا چتون والا چالا، مُنهن دا ڪالا،

لوئر سوئر وانگر وڙهدا، هي سوئر دا سالا، مُنهن دا ڪالا،

چتون چغل چنڊورا چُهڙا، ڀاڙي بد افعالا، مُنهن دا ڪالا،

وقت وصل دا ڏيک بد نسل ٿيوي بي حالا، مُنهن دا ڪالا،

نانءُ اُنهندا ڪيوين گهتان، ٿيس ندورا  نالا، مُنهن دا ڪالا،

ڪور اهو بي نور ’نصيرا‘ ٿيسي شري شالا، مُنهن دا ڪالا.

-----

5.

مَستين روز الست دا ڪيتا جان جسم قرباني،

ڪشف ڪيتوني ڦير تنهاني سڀ روز نهاني،

وَهُوَ مَعڪُم اَينَمَا ڪُنتُم، هي فرموده فرقاني،

فڪر فقيران اُتي ناهين، ٻاجهون فڪر فاني،

وهم دوئي دا دور سَٽيندي، ٻاجهون راز رباني،

خيال رکن هڪ وحدت والا، ناوت ذڪر زباني،

سمجهه ’نصيرا‘ هر صورت وچ، سير هَيئي سلطاني.

ريخته هندي

هيءُ غزل ”ڪلام شاهه نصير“ جي صفحي نمبر 117 تي ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ مصرعن ۽ لفظن جي ڪافي ڦيرڦار ٿيل آهي، پر اهو غزل آهي اڌورو ۽ اڻپورو، هيءُ ساڳي غزل علامه تارڪ سائين پنهنجي بياض ۾ مڪمل درج ڪيو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:

مَئن يعقوب سي حيران، يوسف وار ڪب آوي،

زليخا سين ٻَهون غم ۾ مصر بازار ڪب آوي،

نهين ننڊ آتي آ ڪَهين ڪُون هـﻶ کچهه صبر خاطر ۾،

خدا سـﻶ مانگتا هُون طالع بيدار ڪب آوي،

نهين آرام رات اور دن دلِ بي صبر ميرﻵ کو،

هميشه منتظر هُون او پَري ديدار ڪب آوي،

کيا مجبور فراق مجهـﻶ ايسا که چون بادِ خزان گل کو،

ميرا فرياد يه هـﻶ موسم گلزار ڪب آوي،

ڪهان قاصد نـﻶ اس کـﻶ هـﻶ ڪَهان ڪَهتا اوئي ڪَب ڪَت،

اوئي رنجور ديوانه ميري دربار ڪب آوي،

تيري لشڪر معّلم ڪو جبلي جيسا حَسينا کو،

ڇُڙانـﻶ کو ’نصيرا‘، حيدر کّرار کب آوي.

طوالت جي خوف کان حضرت شاهه نصير (جنهن کي هفت زبان شاعر، فخرالشعراء، حضرت علامه تارڪ (لعلورانوڪ تعلقو وارهه)، مولانا، هادي، مرشد سائين، نصيرالدين گهوٽ قدس الله سره العزيز عليه السلام، سڏيو آهي ۽ سندس ڪلام کي سراسر الهام چيو آهي.) جي ڪلام مان بيتن جو جائزو ورتو اٿم ۽ ٻيو به سندس ڪلام گهڻوئي آهي، جيڪو تقابلي اڀياس ۾ آڻي سگهجي ٿو. پر هتي اهو ضروري ڄاتم ته ٿوري تي اڪتفا ڪجي ۽ اڪتفا ڪيم. باقي جيڪو ڪلام آهي، سو جڏهن به سندس ڪلام جو ٻيو ڇاپو ڇپايو وڃي ته ان ۾ اهو رهيل ڪلام اڀياس هيٺ آڻي داخل ڪيو وڃي ته جيئن جيڪو به فرق ۽ تفاوت هوندو، اهو ظاهر ٿي پوندو.

مون گهڻو وقت اڳ پنهنجي مضمون (1995ع) شاهه نصيرالدين نصير ۾ اهو ذڪر ڪيو هو ته مون کي علامه نجفي تارڪ جي قلمي بياض مان جيڪو شاهه نصير جو ڪلام مليو آهي، تنهن ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جون پنج ڪافيون، سرائڪيءَ جون ٽي ڪافيون، سر سارنگ مان ڇهه بيت، هيرا رانجهو جا سرائڪي سورنهن بيت، سنڌي ۽ سرائڪي ڇهه بيت، سُر جوڳ جا سنڌي ۽ سرائڪي پندرنهن بيت (جنهن ۾ ڪجهه بيت هير رانجهوءَ جا شامل ڪيل آهن). بيت در هزنامهائي سگ جو هڪ بيت، سر رقيب جا ٽي بيت، سنڌي ۽ سرائڪي ٻارنهن بيت، هڪ غزل ريخته هندي، مرثيه پنج (جنهن ۾ سلام جي عنوان سان به شامل آهن). سي حرفي هير رانجهن ٻه ۽ ٻيون ٻه سه حرفيون“ اچي وڃن ٿيون.

مون اڳي پنهنجي مضمون ۾ اهو ڄاڻايو هو ته جيڪر شاهه نصير جو ڪلام هڪ هنڌ ڪَٺو ڪري ڇپايو وڃي ۽ خاص ڪري مون سنڌ جي اهم اداري سنڌي ادبي بورڊ کي گذارش ڪئي هئي ته هن درويش صفت انسان ۽ صوفي شاعر جي ڪلام گڏ ڪرڻ ۽ ڇپائي پڌرو ڪرڻ ۾ جيڪر وِک وڌائي ته جيئن هن باڪمال شاعر جو ڪلام شايع به ٿئي ۽ ضايع ٿيڻ کان محفوظ پڻ ٿئي. سو اڄ مون کي خوشي ٿي آهي، جو حضرت شاهه نصير جو ڪلام اشاعت جي زيور سان سينگاري سهڻو ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي، اهو جس آهي ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ شاهه نصير جي سجاده نشين کي، جن ذاتي ڪوششون وٺي ۽ هڙان وڙان خرچ ڪري شاهه نصير سائينءَ جو ڪلام ادب جي ميدان تي آندو آهي.

شاهه نصير جو سمورو ڪلام سراسر الهام آهي، سندس ڪلام ۾ وڏو سوز ۽ درد سمايل آهي، جنهنڪري سندس ڪلام کي پرکڻ ۽ پُرجهڻ لاءِ دانشمنديءَ جو هئڻ نهايت ضروري آهي، آخر ۾ سندس ڪلام، فارسي، هندي ۽ اردوءَ مان نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:

]فارسي[

در رضائي خاطر فقرائي کوشيدن خوش است،

سم قاتل از ڪيف اين قوم نوشيدن خوش است،

بارها تڪرار ڪردم نزد پير مي فروش،

گفت از بيرخ ’نصيرا‘ عجيب پوشيدن خوش است.

----

غبار کوي او باديده رفتيم، زد رد جو ريش شبها نخفتيم،

زيار غبار، حال دل نهفتيم، بشمشيرم زدو باکس نگفتيم.

کہ راز دوست از دشمن نهان بہ.

]هندي ريخته ڪافي[

رک نور جمال نظر وچ، تصوير نگار اندر وچ

سڻ عاشق عشق اشارا- بره نقارا.

جنهن وچ معشوق سماوندا، پهر موت نه اس نون آوندا

قسم رسول خدارا- ڪر اعتبارا.

برهان وچ بيخود دهوڪـﻶ، جند جان ڪنون هٿ ڌوڪـﻶ

پِڇـﻶ مارين نينهن نظارا- اناالحق وارا.

سانون پيرِ مغان فرمايا، وحدت راهه بتايا

ٻلهار چوان ٻلهارا- يوسف يارا.

]اردو[

پنجئہ مرجان سے اُس کے، جب پیا جام می،

اڑ گیا دل سے میرے جو خوف مرجانے کا تھا۔

ساقیا میخواروں نے کی آج میخواری عجیب،

زعفران سا رنگ سارا زرد میخانے کا تھا۔

مرغِ دل کو دام گیسو میں نہیں جینے کا غم،

اک خیال اس کو مگر ان خال کی دانے کا تھا۔

رشک، رضوان لیتا ہے، اس یار کے دربان سے،

اے "نصیرا" شرمگین کاشان کاشانے کا تھا۔

]نظم[

حاڪم  دوجهان  نصيرالدين،

مالڪ هو مڪان نصيرالدين.

هاديء گهر مان نصيرالدين-

سرور عارفان نصيرالدين-

مرجع سالڪان نصيرالدين-

بود در عصر خويش قطب زمان-

گشت نوشهره منبع انوار-

از امانت همي توان گفتن-

بود الهام از شعرش-

مهدي طالبان نصيرالدين.

مهتر عاشقان نصيرالدين.

منبع ڪاملان نصيرالدين.

غوث پير و جوان نصيرالدين.

شدچه پرتو فشان نصيرالدين.

مرشد مرشدان نصيرالدين.

داشت شيرين بيان نصيرالدين.

’تارڪ‘ آمد بدر گهش سائل،

رهبرش هر زمان نصيرالدين.

فخرالشعراء علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جو مٿي نظم ڏنو اٿم، شاهه نصير جي ساراهه ۾ ڪهڙو نه سهڻو نظم آهي، جنهن مان سندس فڪر و فن ۽ مرشد جي روپ ۾ واضح طور تي ڄاڻ ملي ٿي. ۽ هرڪو سندس مقام ۽ مرتبو سمجهي ٿو، اهڙيءَ ريت شاهه صاحب جي باري ۾ هن نظم مان خوب محظوظ ٿي سگهي ٿو.

مددي ڪتاب

1.            بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (1961ع)، مولود، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد

2.           بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (1961ع) ٽيهه اکريون (جلد ٻيو) سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد

3.           بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (1985ع) سنڌي ڪافيون (جلد پهريون) سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد

4.           بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (1990ع) سنڌي ڪافيون (جلد ٽيون) سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد

5.           چنا، محبوب علي (1966ع) ڪليات امين محمد/ ڇاپو پهريون سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد

6.           خانائي، قريشي حامد علي ڊاڪٽر (1987ع) ضلعو نوابشاهه، تاريخي شهر ۽ شخصيتون، ڊسٽرڪٽ نوابشاهه ڪلچرل سوسائٽي نوابشاهه سنڌ.

7.           شوق نواز علي ڊاڪٽر (2004ع) ڪلام شاهه نصير، شاهه نصيرالدين ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي نوشهرو فيروز.

8.           قريشي علي اڪبر اسير (مارچ 1995ع)، مضمون/شاهه نصيرالدين نصير، ماهوار نئين زندگي حيدرآباد

9.           مهر حاڪم علي (1-4-2007ع) روزانه ڪاوش حيدرآباد (هائيڊ پارڪ)

10.       نوشهروي سميع خانزاده (جنوري 1978ع) ماهوار نئين زندگي حيدرآباد

نوٽ: حضرت علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جو هيءُ بياض مڪمل 344 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ مختلف شاعرن جو فارسي، سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام جمع ڪيائين، جن مان شاهه نصير به هڪ آهي. هن ئي بياض جي آخر ۾ پنهنجون ٽي مثنويون بيسرنامهء عطار، نظم مقبول ترجمه مثنوي بهلول ۽ مثنوي برهان الواصلين (قرآن شريف جي چند آيتن جو ترجمو) درج ڪيون اٿائين، ٽنهي مثنوين جي فوٽو ڪاپي مون وٽ آهي.

ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو

ڪلهوڙن جي دور جي هڪ وڏي عالم مخدوم محمد معين ٺٽوي جي تصنيفن جي الفابيٽيڪل فهرست

مخدوم محمد معين ٺٽوي (وفات 1161هه) ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ جي انهن ستن عالمن مان هڪ هو، جن بابت علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب فرمائيندو هو ته جنهن وقت هندستان ۾ شاه ولي الله دهلوي (وفات 1176هه) علم جا واهڙ وهائي رهيو هو، ان وقت سنڌ ۾ ان جي ٽڪر جا ست عالم موجود هئا. جنهن بابت خود شاهه ولي الله دهلويءَ فرمايو هو ته :

ومن الرديف وقدرکبت غضنفراً. (1)

يعني: تون علم جي ميدان ۾ شينهن تي سوار آهين، ان تي توسان ٻيلهه سوار ڪير ٿيندو؟

مخدوم محمد معين ٺٽوي هڪ ئي وقت ۾ علم تفسير، حديث، اصول حديث، فقه، اصول فقه، تصوف، فلسفه، منطق، زيج، نحو، صرف، معاني، بيان، بديع، نجوم، موسيقي، ريميا، ڪيميا ۽ هيميا ۾ ڪامل مهارت رکندو هو. ۽ انهن علومن ۽ فنونن ۾ هو تصنيف به ڪري سگهندو هو بلڪه هن انهن مان ڪجهه علمن ۾ ڪيترائي رسالا ۽ ڪتاب لکيا ۽ پنهنجي يادگار طور 100 کان وڌيڪ تصنيفون ڇڏي ويو. کيس لکڻ جو ڏانءُ هو . سندس بيان ۾ رواني ۽ پختگي هئي. سندس تصنيفون عربي ۽ فارسي ۾ آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪا به سندس تصنيف دريافت نه ٿي سگهي آهي. مخدوم محمد معين ٺٽوي جي تصنيفن تي جڏهن نظر وجهجي ٿي ته ڪڏهن هو ابن الهمام جهڙي محقق تي تنقيد ڪندي نظر اچي ٿو. ڪڏهن امام نووي ۽ ابن الصلاح جهڙن جبلن جي وچ ۾ محاڪمو ۽ سرچاءُ ڪندي ڏسجي ٿو. ڪڏهن سيد صفة الله خير آبادي جي اعتراضن جا جواب ڏيندي علم جا موتي ورهائي ٿو . ڪڏهن فلسفي جي باريڪ مسئلن تي بحث ڪندي ملا صدرا، ابن سينا ۽ طوسي جون سڪون لاهي ٿو. ڪڏهن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سان ته ڪڏهن شيخ محمد حيات چاچڙ عادلپوري سان رساله بازي ڪندي ڏسجي ٿو. ڪڏهن صوفين جي سائيڊ ۾ آهي ته ڪڏهن ماتريدين سان موافقت ڪندي، اشعرين تي اعتراضات ڪري ٿو. هن مختصر مقالي ۾ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي سوانح حيات ڏيڻ ممڪن نه آهي، ان تي منهنجو تفصيلي مقالو اڻ ڇپيل صورت ۾ ۽ رف موجود آهي. اسان کي صرف مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي تصنيفات جو مختصر جائزو پيش ڪرڻو آهي ۽ الف باء جي ترتيب تي هڪ مفصل فهرست سندس ڪتابن جي ڏيڻي آهي. جيئن مخدوم محمد معين يا سنڌي عالمن تي تحقيق ڪندڙن ۽ تحقيقي مقالا لکندڙن لاء هڪ بنياد فراهم ٿئي ۽ مخدوم صاحب جا جيڪي ڪتاب ۽ رسالا دستياب نه ٿي سگهيا آهن، سي سنڌ جي ڪتب خانن مان ڳولهي سگهجن ۽ انهن جي حفاظت ڪري سگهجي.

اسان جي قديم عالمن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات 1174 هه)، تصنيفات جي تعداد ۾ سرفهرست آهي جنهن جي تقريباً 175 کن تصنيفن جا نالا ملن ٿا ۽ 100 کن دستياب به آهن. ان کان پوء ٻئي نمبر تي مخدوم محمد معين ٺٽوي آهي. جنهن جي 100 کان وڌيڪ تصنيفن جا نالا مليا آهن.

اها ته اسان جي خوش قسمتي چئجي جو مخدوم صاحب جي ڪنهن شاگرد سندس 90 کن تصنيفات جي فهرست مخدوم صاحب جي رسائل جي هڪ مجموعي ۾ لکي ڇڏي، جيڪو مرحوم حافظ اسماعيل صاحب جي ذاتي ڪتب خاني جي زينت بڻيل آهي. الحمدلله انهيءَ مجموعي جي زيارت سندس لائق فرزندن ۽ استاد غلام مصطفى راڄپر جي مهربانين سان نصيب ٿي. جنهن جي مطالعي مان اهو به معلوم ٿيو ته اهي ڪتاب ۽ رسالا ڇهن جلدن ۾ محفوظ هئا، پر افسوس جو باقي 5 مجموعا اسان جي نظرن کان اوجهل آهن ۽ اسان کي ديدار کان محروم ڪيو ويٺا آهن . خبر نه آهي ته اهي 5 مجموعا پنهنجي ساٿين کان ڪٿي وڇڙيا ۽ ڪيئن وڇڙيا.

ان کانسواء مخدوم صاحب جون ٻيون به تصنيفون آهن، جن جا يا ته نالا مليا آهن يا خود دستياب آهن.

ڪنهن دور ۾ مشهور محقق پير حسام الدين راشدي صاحب، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي تصنيفن جي الفابيٽيڪل فهرست ”ٽِماهي مهراڻ ۾ ڏني هئي، جيڪا بعد ۾”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون اندر به شايع ٿي هئي. مان به انهي طرز تي مخدوم محمد معين ٺٽوي جي تصنيفن جي فهرست ترتيب ڏني آهي، سا پيش خدمت آهي. جن ڪتابن جي باري ۾ معلومات ملي آهي ته ڪاٿي آهن، انهن جي وضاحت ”حوالا ۽ سمجهاڻيون ۾ ڪئي آهي. ياد رهي ته هيءَ فهرست 105 ڪتابن جي بيان تي مشتمل آهي .

تصنيفيات

مخدوم محمد معين بن محمد امين ٺٽوي

(الفا بيٽيڪل فهرست).

-الف-

1.             اِبرَاءُ العينِ العَمياء فِي عدم تَبڪتِ البتول الزهراء.

2.           اِبراز الضمير للمنصف الخيبر.

3.           اِثباتُ واجب الوجود بِالمَنهِج الغير المعهود.

4.           اَداء الذمة في ما بُدي مِن عَصمة الاَئِمَة.

5.            الاعتِدالاتُ الاربعة. (رسالة في الاعتدالات الاربعة) (2)

6.           اَقوَي الذريعة في الفرق بَين الرافضي والشيعة.

7.           اِڪسير الهداية والنفع في جمع احاديث الرافع. (3)

8.           اَنوار الوجد من منح المجد.

9.           اَنِينُ الڪربة في اَحزان الغربة. (قصيدة مسماة بانين الڪربة في احزان الغربة)

10.    ايقاظ الوسنان في بطلان الڪفاء ة باهل بيت الرضوان. (4)

- ب -

11.      بادهة الورود في اثبات وحدة الوجود. (5)

12.    البرهان اللازب على استحالة ترويج الڪاذب. (6)

13.    بَهجَةُ النظار في براء ة الابرار.

14.    بوادرالجود في تحرير وحدة الوجود. (7)

15.     بياض الحديث. (8)

16.    البيان المحمود في اَن الحقائق مع النفسِ في الهبوط والصعود.

- ت -

17.    تُحفة الظريف في جمع الحديث با لضعيف.

18.     تحفة النحرير في من نزلت فيه آية التطهير.

19.    ترصيص الاساس في اثبات التڪوين مع الانفاس.(9) (رسالة في اثبات التڪوين مع الانفاس)

·               تعليقات على بادهة الورود في اثبات وحدة الوجود. (حل العقود عن نقود بادهة الورود)

20.  تعليقات على دلائل الخيرات. (10)

·               تعليقات على الآدابِ الباقيةِ. (التنبيهات الوقية عن سوء الفهم في الآداب الباقية)

21.    تعليقات على رسالة التَوَجھ الاَ تَم لِلقونوي.

22.  تعليقات على رسالة صدع القدم.

23.  تعليقات على نَيِّر الضّحى.

24.  التنبيهاتُ الوَقِيّةُ عن سوء الفهم في الآداب الباقية (11) (تعليقات علي الآداب الباقية)

25.   التنبيهه على سوء الفهوم في اَنّ المثليةَ لا تُوجِبُ العموم.(12)

26.  تنبيهه القاصر في منع تاخّرِ خلق السماء عَن العناصر.

27.  تنوير الهادي في رفع الايادي في جواب کشف الرّين.  

·               تعليقات على شرح الزوراء (جلاءالعين العمياء)

- ث -

28.  ثبت الاسانيد. (13)

- ج -

29.  جلاء العين العمياء في حل عبارات شرح الزوراء. (تعليقات على شرح الزوراء). (14)

30.  الجو هر الثمين في اثبات قدم التکوين. (15)

31.    جمع النکات.

- ح -

32.  حاشية شرح عمدة الاحڪام لابن دقيق العيد.  

·               حاشية شرح الزوراء (جلاء العين العمياء / تعليقات شرح الزوراء).

33.  الحجة الباهرة في لزوم المعادين علي الاشاعرة.

34.  الحجة الجلية في رد  من قطع بالافضلية. (16)

35.   حصول المرام في التوسل بخير الانام .

36.  الحق الصريح في ما يتعلق بشعور الميت في الضريح.

37.  حل العقود عن نقود بادهة الورود. (تعليقات على بادهة الورود)

- خ -

38.  خرق العاد ة الدرسية في بيان اسرار القصيدة الخرسية.

39.  خرق العادة في بعض ما يتعلق بمسئلة الاعادة.

40.  الخواطف مِن منح العواطف.

- د -

41.    دراسات اللبيب في الاسوة الحسنة با لحبيب . (17)

42.  دفع ازدراء الصدراء عن عبارة الزوراء.

43.  الدقيقة الفاخرة في ڪشف نزا هة العارفين.

- ر -

44.  رسالة اُويسيه. (18)

45.   رسالة في اثبات ايمان ابي طالب. (19) 

·               رسالة في اثبات التڪوين مع االانفاس (ترصيص الاساس في اثبات التڪوين).

46.  رسالة في الجواب عن ما اورد الشيخ حيات علي المواهب.

47.  رسالة  في الجواب عن ما ڪتب الشيخ حيات علي نيّر الضحى . 

·               رسالة في انتقاد الموضعين من فتح القدير (غاية التحرير في تعقب عبارة فتح القدير).

48.  رسالة في جواب ما ڪتب الشيخ محمد هاشم علي المڪتوبين.

49.  رسالة في بعض مصطلحات الزيج.

50.   رسالة في بحث التناسخ. (20) 

·               رسالة في بيان الکلي الطبعي (منحة الالمعي في بيان الکلي الطبعي). (21)

51.     رسالة في الردّ على منهاج السنة لابن التيمية. (22)

52.   رسالة في تحقيق معني حديث لا نُورث ما تَرَڪنَاهُ فهو صدقة. (23)

53.   رسالة في الڪلام على حديث المصرّاة. (24)

54.   رسالة في الاجوبة الفاضلة للاسئلة العشرة الڪاملة.

55.    رسالة في قدح يزيد. (25)

56.     رفع الاشڪال والزحمة في مآل الڪل اِلي الرحمة. (26)

57.   رفع الالتباس في امر الخاتم والقرطاس.

58.   رفع الجهالة في مد عهد الرسالة. (27)

59.   رباعيات وغزليات على مذاق اهل الذوق.

·               رسالة في الاعتدالات الاربعة. (الاعتدالات الاربعة)

60.  رباعيات وقصائد في مرثية سيد الشهداء.

61.    رفع الغين في تنزل العلم الي العين. (28)

62.  رفع الغين في المنع على ان المهدي ليس من ولد الحسين.

- ز -

63.   زبدة التدقيقات في تحقيق زيادة الصفات.

- س -

64.                           سحق الصلاية لمسئلة خاتم الولاية.

- ش -

65.                           شرح ابيات ثلاثة من القصيدة التائية (الهائية) من ديوان ابن الفارض.

66.                          شرح ديوان حافظ. (29)

67.                          شرح المثنوي المعنوي. (30)

68.                          شفاء العليل في حديث امامة جبرئيل.

·               شرح العقائد الصوفية (المعرفة المحيرة)

- ص -

69.  صدع القدم في تحقيق تعلق الوجود بالعدم. (31)

70.  صحو المعلوم عن الموهوم في الفرق بين الحال المحمود والمذموم.

- ط -

71.    طريقة العون في حقيقة الڪون. (32)

- ع -

72.  عقد الانامل في الايمان علي العلم الڪامل .

- غ -

73.  غاية الاعتماد في مسئلة الخضاب بالسواد.

74.  غاية الايضاح في المحاڪمة بين النووي وابن الصلاح. (33)

75.   غاية التحرير في تعقب عبارة فتح القدير. (رسالة في انتقاد الموضعين من فتح القدير)

76.  غاية الفسخ لما تمالؤوا عليه في مسئلة النسخ.

77.  غاية ما ظهر لا ضعف الانام في ان الڪلام المحتمل لا يوجب الاسلام. (34)

78.  غاية مدارج الفڪ لعقدة قولهم اليقين لا يزول بشڪ. (35)

- ق -

79.  قرة العين في البڪاء علي الحسين ؓ . (36)

80.  القصيدة الخرسية في تحير جمال خير البرية .

·        قصيدة مسماة ب ”انين الڪربة في احزان الغربة (انين الڪربة في احزان الغربة).

·        قصيدة مسماة ب ”نعيم الاذواق (نعيم الاذواق)

81.    القول الجلي في بطلان النڪاح بغير اذن الولي.

82.  القول السوي في ايمان آباء النبي

- ل -

83.  لباب  الاسرار (37 )

84.  لمعان الاشراقات في حل بعض مواضع النفحات.

85.   اللمعة في شروط الجمعة.

- م -

86.  مدد الغيوب في حل نڪات ڪشف المحجوب.

87.  المدرار الديمة الي الحا شية القديمة.

88.  مرآ ة الشهود لوحدة الوجود والموجود. (38)

89.  مرقات الافهام في مسئلة الڪلام.

90.  مطارحات التحقيق في ما يتعلق ببرهان التطبيق. (39)

91.    الملتقط من الواضح ڪالبدر في وضع الايدي علي الصدر. (40)

92.  المنتخب من مجمع النڪات. (41)

93.  منحة الالمعي في بيان الڪلي الطبعي. (42)

94.     منظومه فارسيه درجواز گريستن بر امام حسين ؓ . (43)

95.   منهج السداد في قسمة معاش الاولاد.

96.  مواهب سيد البشر في حديث الخلفاء الاثني عشر. (44)

97.  المعرفة المحيرة في شرح العقائد الصوفية (شرح العقائد الصوفية)

- ن -

98.  نزل الاذڪياء في شرح بيت واحد من ديوان سيد الاوصياء .

99.  نزهة الفهوم في تعريف اعجوبة العلوم .

100.                   نعيم الاذواق (قصيدة مسماة ب ”نعيم الاذواق )

101.                     نورالعين في تحليل قول صاحب حڪمة العين .

102.                   نير الضحى في حڪم قص اللحى . (45)

- هه -

103.                   هداية اولي الالباب في دلالة المطلق  علي الاستيعاب.

- و -

104.                   الواضح ڪالبدر في وضع الايدي علي الصدر.

105.                    وصل الاصل في ابطال النقل.

حوالا ۽ سمجهاڻيون

(1)                    حواشي دراسات اللبيب  طبع سنڌي ادبي بورڊ 1957   ص 292

(2)                  علامه قاسمي صاحب جي ڪتب خانه ۾ محفوظ آهي.

(3)                  سيوهاڻي بزرگن جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.

(4)                  علامه آء آء قاضي سينٽرل لائبرري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڏٺو اٿم.

(5)                   علامه قاسمي صاحب جي ڪتب خانه ۾ محفوظ آهي.

(6)                  راقم الحروف وٽ قاسميه لائبرري ۾ موجود آهي.

(7)                  علامه قاسمي صاحب جي ڪتب خانه ۾ محفوظ آهي.

(8)                  سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ موجود آهي.

(9)                  علامه قاسمي صاحب جي ڪتب خانه ۾ محفوظ آهي.

(10)          سنڌ آرڪائيوز ۾ موجود ذخيره ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اندر موجود آهي .

(11)             چوٽياروي بزرگن جي ڪتب خانه ۾ (ڳوٺ ڪانڊيرو ڪنڀار لڳ هنڱورنو،کپرو) ۾ موجود آهي.

(12)           راقم الحروف وٽ قاسميه لائبرري ۾ موجود آهي.

(13)          راقم الحروف وٽ قاسميه لائبرري ۾ ان جو عڪس موجود آهي.

(14)          تذڪره مشاهيره سنڌ جلد 1 صفحه 163 .

(15)           علامه قاسمي صاحب جي لائبرري ۾ موجود آهي. علامه قاسمي صاحب ان جو اردو ترجمو، ماهنامه ”الولي ۾ قسط وار شايع ڪيو هو .

(16)          راقم الحروف وٽ قاسميه لائبرري ۾ ان جو فوٽو موجود آهي. ان رسالي جي رد ۾ شيخ حيات سنڌي ڪتاب لکيو هو.

(17)          سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1957 ۾ ڇپيو هو.

(18)          تازو اردو ترجمي سان، وري سنڌي ترجمي سان شايع ٿيو آهي.

(19)          ڏسو فقهاء هند جلد 5/2 صفحه 239.

(20)        علامه قاسمي صاحب جي لائبرري ۾ موجود آهي.

(21)          ڏسو فقهاء هند جلد 5/2 صفحه 239.

(22)        اهو رسالو ته دستياب نه ٿي سگهيو آهي البته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي طرفان ان جو رد ”الحجة القوِية نالي سان ڊاڪٽر عبدالقيوم السندي (پروفيسر ام القرى يونيورسٽي ، مڪة المڪرمة) جي تحقيق ۽ مقدمه سان، سعوديه ۾ شايع ٿيو آهي.

(23)        راقم الحروف اهو رسالو ڏٺو آهي .

(24)        ڏسو فقهاء هند جلد 5/2 صفحه 239.

(25)         ذخيره مخطوطات ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ آرڪائيوز ڪراچي ۾ موجود آهي.

(26)        علامه قاسمي صاحب جي ڪتبخانه ۾ محفوظ آهي.

(27)        سيوهاڻي بزرگن وٽ موجود آهي.

(28)            علامه قاسمي صاحب جي لائبرري ۾ محفوظ آهي.

(29)        شرح ديوان حافظ جو ذڪر مولانا وفائي تذڪره مشاهيره سنڌ ج 1 ص 163 ۾ ڪيو

(30)        شرح المثنوي جا ڪجهه اقتباس ”لطائف المعلوم نالي هڪ علمي بياض (تصنيف مولانا عبدالقادر پنهواري) ۾ راقم الحروف ڏٺا آهن.

(31)          علامه قاسمي صاحب جي لائبرري ۾ محفوظ آهي.

(32)        سنڌ آرڪائيوز (ذخيره ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۾ موجود آهي. ۽ علامه قاسمي صاحب جي ڪتب خانه ۾ به آهي.

(33)        راقم الحروف وٽ قاسميه لائبرري ۾ ان جو عڪس موجود آهي.

(34)        راقم الحروف وٽ ان جو خطي نسخو موجود آهي.

(35)         راقم الحروف وٽ ان جو عڪس موجود آهي.

(36)        ان جو خطي نسخو، مڪتبة الملڪ عبدالعزيز، مدينة المنورة ۾ موجود آهي.

(37)        لباب الاسرار جو ذڪر ”مناقب مخدومين ۾ آيل آهي.

(38)        علامه قاسمي صاحب جي لائبرري ۾ محفوظ آهي.

(39)        علامه قاسمي صاحب ان جو اردو ترجمو الولي ۾ قسطوار شايع ڪيو هو.

(40)        راقم الحروف وٽ ان جو قلمي نسخو موجود آهي.

(41)          راقم وٽ ان جو عڪس موجود آهي.

(42)        علامه قاسمي صاحب جي لائبرري ۾ محفوظ آهي. 

(43)        راقم الحروف وٽ اهو منظوم ۽ ان جو جواب منظوم فارسي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي طرفان، فوٽو اسٽيٽ موجود آهي.

(44)        راقم الحروف ان جو ڪجهه حصو مٽياري ۾ ڏٺو هو.

(45)         راقم وٽ ان جو عڪس موجود آهي.

جيڪو چاهيو ٿا، سو ماڻيو

 

دنيا جي سڀ کان وڏي سائنسي دماغ البرٽ آئن اسٽائن چيو هو ته: ”حدف ۽ خيال ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ اهو توهان جي ايندڙ ڪاميابين جو عڪس آهي.“

پنهنجين ڪاميابين بابت حدف ۽ خيال.... يا وري اسان جي ذهن جو پنهنجي ڪاميابين جي سلسلي ۾ هڪ صاف تصور ٺاهڻ جو عمل ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ بهترين هٿيار ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان وسيلي اسين ٽن وڏن رُخن کان ڪاميابي حاصل ڪرڻ کي غيرمعمولي حد تائين تيز کان تيز ڪري سگهون ٿا.

1- خواب ۽ خيال واري عمل ذريعي توهان جي پنهنجي لاشعوري ذهن جون تخليقي صلاحيتون پيدا ٿين ٿيون.

2- خواب ۽ خيال ذريعي توهان جون صلاحيتون پيدا ۽ فعال ٿي،، ذهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿيون، جنهنڪري اسين ڪاميابيءَ ڏانهن انهن امڪانن ۽ موقعن تائين پهچي سگهون ٿا.

3- خيالن ۽ خوابن واري عمل ذريعي اهي ماڻهو، ذريعا ۽ وسيلا توهان ڏانهن ڇڪجي ٿا اچن، جن جي مدد ۽ سهڪار سان توهان ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا.

ماهرن ۽ تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جڏهن توهان پنهنجي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪوبه ڪم ڪريو ٿا ته توهان جو دماغ ان تي ايئن ئي عمل ڪري ٿو، جيئن توهان سوچيو ٿا. جڏهن توهان صرف ڪنهن خيال يا خواب ذريعي ڪا سرگرمي ڪندي محسوس ڪريو ٿا، ٻين لفظن ۾ توهان  عملي طور ڪو ڪم ڪريو يا ان بابت سوچڻ بنا عمل ڪريو، توهان جو ذهن ٻنهي حالتن ۾ سرگرم ٿي توهان جو ساٿ ڏئي ٿو.

جيڪڏهن اسين ڪابه نئين شيءِ ڪريون يا وري ان بابت سوچيون ته ان تي به اهو عمل لاڳو ٿئي ٿو. تازي کوجنا مان ظاهر ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجو گهربل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين خيال ۽ خواب ذريعي ان جو خاڪو ٺاهين ٿا، اهي سؤ سيڪڙو ڪامياب رهن ٿا ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجن خيالن ۽ خوابن کي سرگرم نه ٿا ڪن، انهن کي اڌ جيتري ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com