سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :5

ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

 

شمس العلماء مرزا مخلص علي علوي

سنڌ ۾ سنڌي ۽ فارسي صحافت جو باني

 

سنڌي صحافت جو باني مرزا مخلص علي علوي سن 1795ع ۾ تولد ٿيو، سندس والد جو نالو مرزا سلطان محمود هو، جو علوي سادات خاندان مان هو. سندس اصل وطن قزوين (اصفهان) هو، جو 1801ع ۾ ڇڏي دهلي ۾ آيو. هن جي وطن ڇڏڻ جو اصل ڪارڻ اهو هو ته ايران ۾ ان وقت جي حاڪمن پاران اثنا عشريه شيعه حضرات لاءِ سخت گير اقدامات اختيار پئي ڪيا ويا، جنهن ڪري ان وقت جي عالمن ۽ مجتهدين ايران کي ڇڏي عراق ۽ هندستان ڏانهن رُخ ڪيو.

مرزا سلطان محمود علوي هڪ عابد، زاهد، متقي ۽ متوڪل شخصيت جو مالڪ هو. ڪجهه ڏينهن ۾ دهلي ڇڏي اچي ملتان ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. کيس چند ڏينهن اندر بهاولپور جي نواب صادق محمد خان ثاني ملاقات جي دعوت ڏيئي کيس پاڻ وٽ گهرايو ۽ مستقل رهڻ جي آڇ ڪئي. مرزا سلطان محمود اتي به قلبي قرار ڪونه پاتو ۽ واپس ملتان موٽي مستقل مڪاني اختيار ڪئي. مختصر مدت کان پوءِ وفات ڪري ويو. اتي ئي کيس مٽيءَ پنوڙو نصيب ٿيو. هڪ اندازي مطابق اهو هجرت ۽ سڪونت وارو سمورو معاملو 1801ع اندر ئي پيش آيو. سندس وفات وقت مرزا مخلص علي علوي ڇهن ورهين جو هو.

معلوم ٿئي ٿو ته مرزا مخلص علي علوي جوانيءَ جي ابتدائي ايام ۾ ملتان ڇڏي شڪارپور ڏانهن منهن ڪيو ۽ اتي ئي اچي رهائش اختيار ڪئي. شڪارپور ميونسپل جي پراڻي رڪارڊ ۾ ڄاڻايل آهي ته سندس رهائش هاٿيدر جي ٻاهران هئي. جنهن مان اهو بخوبي ظاهر ٿئي ٿو ته شهر جي قلعي جي ديوار انگريزن جي دور جي شروعات تائين قائم رهڻ کان پوءِ انگريزن ان کي مسمار ڪرائي شهر جي ايراضي وڌائي ڇانوڻي ٺاهڻ لاءِ زمين هموار ڪرائي ۽ صدر وارو علائقو پڻ جڙي راس ٿيو. ان ڪري هاٿيدر جي ٻاهران جايون جوڙايون پئي ويون. ان کان اڳ پڻ شهر جي قلعي جي ديوار کان ٻاهر افغانستان کان آيل اميرن ڪڙيون (ڪڙي نواب خان ۽ ڪڙي عطا محمد خان) قائم ڪري رهائش اختيار ڪئي، پر اهي هاٿيدر ۽ سويدر کان ڪجهه فاصلي تي آهن، بهرحال مرزا مخلص علي علوي انگريزن جي ابتدائي ايام ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيل ٿو محسوس ٿئي ۽ اهو پڻ گمان ٿئي ٿو ته هن پنهنجي تعليم ملتان ۾ ئي حاصل ڪري، پوءِ ان کي خيرآباد چيو هوندو.

سنڌ ۾ برطانوي راڄ جي ابتدا (17- فيبروري 1843ع) کان پوءِ چارلس نيپيئر 1844ع ۾ ”ڪراچي ايڊورٽائيزر پريس“ جي نالي سان هڪ ڇاپخانو قائم ڪري حيدرآباد جي ڪليڪٽر راٿ بورن ۽ رچرڊ برٽن جي نگرانيءَ ۾ ”ڪراچي ايڊورٽائيزر“ (Kurrachee Advertiser) جي نالي سان انگريزي اخبار جاري ڪئي، جنهن ۾ چارلس نيپيئر جي ڪارڪردگيءَ ۽ واکاڻ تي مبني ۽ مشتمل خبرون شايع ڪيون وينديون هيون.

سن 1853ع ۾ جارج بيز ”سنڌين پريس“ (Sindhian Press) جي نالي سان ڇاپخانو قائم ڪيو جنهن مان اي.ڊبليو اسٽريچ (جنهن جي نالي سان ڪراچيءَ جو اسٽريچن روڊ منسوب آهي) جي ايڊيٽريءَ ۾ ”سنڌين“ نالي انگريزي اخبار جاري ڪئي، جا هفتي ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيندي هئي. اهڙيءَ طرح ٽين انگريزي اخبار 6- جون 1854ع تي ”سنڌ قاصد“ شايع ٿي، جا اڱاري ۽ جمعي تي پڌري ٿيندي هئي.

سنڌ ۾ پهريون خانگي ڇاپخانو سن 1855ع ۾ ڪراچيءَ ۾ مرزا مخلص علي علوي ”مفرح القلوب“ جي نالي سان قائم ڪيو ۽ انهيءَ ڇاپخاني مان ساڳي ئي سال ”مفرح القلوب“ جي نالي سان هر آچر تي هفتيوار اخبار جاري ڪئي. فارسي ۾ شايع ٿيندڙ سنڌ جي هن پهرين اخبار کي مولانا غلام محمد گرامي دنيا ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل پهرين اخبار سڏيو آهي (ٽماهي مهراڻ 1/1964ع، ص 172) مگر 13 سال اڳ ڪلڪتي مان راجا رام موهن راءِ جي ايڊيٽريءَ ۾ 20- اپريل 1842ع تي شايع ٿيل فارسي اخبار ”مراة الاخبار“ آڳاٽي آهي. ان کان علاوه ٻي فارسي اخبار ”جامِ جهان نما“ پڻ مئي 1923ع کان ڪلڪتي مان ئي منشي سدا سنگهه جاري ڪئي. بهرحال ”مفرح القلوب“ جهڙي مقبوليت ٻي ڪنهن به فارسي اخبار کي حاصل ٿيل ڪونه هئي ۽ پورا پنجاهه سال (1904ع تائين) بنا ناغي ڪراچيءَ ۽ سکر مان جاري رهي.

تعليم کاتي پاران شايع ٿيندڙ هفتيوار اخبار ”فوائد الاخبار“ 25- مئي 1858ع کان فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ پڌري ٿي. هيءَ اخبار گورنمينٽ پريس ۾ ڇپبي هئي ۽ منجهس جراحت، سائس ۽ تاريخ متعلق مواد ڇپيو هو. باضابطه ان جي ايڊيٽريءَ جا فرائض ڪير سرانجام ڏيندو هو سو معلوم ڪونه پيو ٿئي. ٿي سگهي ٿو ته اها سرڪاري اخبار هئڻ ڪري ان جو ڪو مخصوص ايڊيٽر مقرر ئي ڪونه ٿيو هجي. البت 15- اپريل 1858ع تي ميجر گولڊ سمڊ جي صحيح سان فوائد اخبار بابت انگريزي ٻولي ۾ نوٽيس جاري ٿيو. (ٽماهي مهراڻ 3/1994ع، ص 96) اهڙي طرح سن 1860ع کان اهڙي ئي ٻه زباني هفتيوار اخبار ”مطلع خورشيد“ جي نالي سان مرزا مخلص علي علويءَ سکر مان شايع ڪئي، جا فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ وڏي آب تاب سان پڌري ٿيندي هئي.

”مطلع خورشيد“ ۽ ”فوائد الاخبار“ جي اهميت ۽ افاديت جي لحاظ کان تقابلي جائزو وٺجي ٿو ته، سنڌي صحافت جي ميدان ۾ بنيادي اهميت ”فوائد الاخبار“ کي حاصل آهي، جنهن سنڌي زبان ۾ اخبار نويسيءَ لاءِ گنجائش ضرور پيدا ڪئي. اها فقط تعليم کاتي جي ترجمان هئي ۽ منجهس محدود موضوع شامل ٿيندا هئا، جڏهن ته ”مطلع خورشيد“ سڌوسنئون سماج جي ترجمان هئي ۽ باضابطه صحافتي قاعدن تحت اشاعت هيٺ ايندي هئي. جنهن ڪري ڪيترن صحافتي نقادن ان کي غير سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي پهرين سنڌي اخبار جي حيثيت ڏيئي، سماج جي ترجمان ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گهڻ طرفي لساني استعمال ۽ لغوي ڀنڊار جي وسعت ڀري مخزن سڏيو آهي. ان جي خبرن جي نوعيت به باضابطه اخبار واري آهي، جڏهن ته ”فوائد الاخبار“ ننڍن ۽ وڏن مضمونن جي شڪل ۾ پڌري ٿيندي هئي. تاريخ جي اها ستم ظريفي چئجي ته ڏيهي زبانن ۾ سنڌ مان نڪرندڙ سڀ کان آڳاٽي اخبار جو هڪ به پرچو ملي نه ٿو سگهي ۽ نه وري اها خبر پئجي سگهي آهي ته اها اخبار ڪيترو وقت جاري رهي. فوائد الاخبار سٺي ڪاميابي نه ماڻي ۽ نه ڪو گهڻو وقت جالي سگهي. (3/1994ع، ص 97) ان بنياد تي اسان ”مطلع خورشيد“ کي سنڌيءَ جي پهرين باضابطه اخبار چئي سگهون ٿا ۽ مرزا مخلص علي علويءَ کي سنڌ ۾ فارسي ۽ سنڌي صحافت جو باني مباني سمجهي سندس تاريخي ڪوششن کي ساراهيندي، اهو واضح ڪرڻ کان ڪوبه عار ڪونه ٿا ڪريون ته، بيشڪ مرزا مخلص علي علويءَ جون سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيل صحافتي خدمتون ناقابلِ فراموش آهن. پاڻ جڏهن 1860ع ۾ سکر مان ”مطلع خورشيد“ جاري ڪيائين، تڏهن ان جي 21 رمضان 1177هه مطابق 14- اپريل 1860ع ڇنڇر جي ڏينهن شايع ٿيل شماري ۾ لکي ٿو ته:

”در سکهر نوصرف به همت و تفقدات کثير، چهاپخانه لتها گرافتک موسوم ”مطلع خورشيد“ جاري گشته، والانه اين مرد مان ازنام چهاپخانه واقف نه بودند.“

(سکر ۾ وڏي همت ۽ وڏي کاپاري کان پوءِ ليٿو گراف مشين ”مطلع خورشيد“ جي نالي سان هي ڇاپخانو قائم ٿيو آهي، هن کان اڳ هتي جا ماڻهو انهيءَ کان واقف ڪين هئا.)

مرزا مخلص علي علوي ”مطلع خورشيد“ جي نالي سان 1860ع ۾ سکر ۾ ڇاپخانو قائم ڪري، اُتر سنڌ ۾ اشاعت کي فروغ ڏيڻ لاءِ جيڪي ابتدائي ڪوششون ڪيون، سي قابلِ تعريف ضرور آهن، ڪراچيءَ کان پوءِ سکر ۾ اچي ڇاپخانو قائم ڪرڻ ۽ اخبار جاري ڪرڻ جو هڪ سبب عوامي خدمت کان سواءِ اهو به هو ته کيس سکر ۾ ليٿو پريس جي پٿر جي ڳولا ڪندي، هو اهو قيمتي ۽ مضبوط پٿر هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ ان کي ڇپائيءَ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندو ڏسي لکي ٿو ته:

”کانِ سنگ چهاپ در کوهستان سکهر نوبه سعي مهتمم ”مطلع خورشيد“ سکهر نو برآمد گريد، که ازان منافع قوم و افاده مردم بيوپاري و مطابع تمام هندستان وغيره بلاد مقصورو نيک نامي، علاوه بران که اين سنگ ازل اول از کوهستان جرمن برآمده که سوداگران ولايت لندن آن رادر تمام اقليم هند وغيره آورده اکنون بفضل الاهي کانِ سنگ چهاپ در سکهر نوموجود.“

(مطلع خورشيد سکر جي مهتمم جي ڪوشش سان سکر شهر ۾ هي ڇاپخانو قائم ڪيو ويو آهي، جنهن مان قوم جي ڀلائيءَ سان گڏ واپارين ۽ سموري ملڪ جي ماڻهن کي فائدو رسندو ۽ نيڪنامي به ٿيندي، هيءَ مشين (پٿر جو ڇاپو) اشاعت ۾ لنڊن جي سوداگرن جرمني مان آندي هئي، جيڪا سڄي هندستان ۾ پهچڻ کان پوءِ اجهو خدا جي فضل سان سکر پهتي.)

مٿين فقره مان معلوم ٿو ٿئي ته مرزا مخلص علي علويءَ کي عوام الناس جي خدمت جي جذبي سان گڏ انهن جي مسئلن، اهنجن ۽ ساڻن پيش آيل واقعن ۽ حادثن کي عام آڏو پيش ڪرڻ کان سواءِ اظهار کي عام ڪرڻ ۽ وسيع ڪرڻ جو پڻ اونو ۽ اون رهندي هئي پاڻ ان وقت جي حالتن موجب فارسي زبان جو ته عالم ۽ ماهر هو، پر سنڌي زبان جي سکڻ ۽ لکڻ ۾ به سرگرم ثابت ٿيو. سنڌي زبان سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جي اظهار طور اخبار جاري ڪري سنڌ ۾ ان جي سکيا ۽ وسعت لاءِ قابلِ قدر ڪوششون ڪيائين. جيتوڻيڪ سندس گهراڻو شڪارپور ۾ سڪونت پذير هو، تنهن هوندي به پاڻ ڪراچي ۽ سکر اچڻ وڃڻ جا ڪشالا پيو ڪاٽيندو رهندو هو. پنهنجي اخبار ”مفرح القلوب“ جي اشاعت سان سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جي ابتدائي اشاعت جو هڪ اهڙو ته خوبصورت ماحول پيدا ڪيائين جو سنڌ توڙي هندستان ۽ ايران جي ڪنڊڪُڙڇ مان شاعر پنهنجو ڪلام اشاعت لاءِ موڪليندا رهندا هئا سندن ڪلام نهايت شاندار نموني اشاعت هيٺ ايندو هو. هڪ ئي وقت گهڻن شاعرن جي ڪلام شايع ٿيڻ ڪري چند صفحن تي اخبار ڦهلجڻ ڪري اها رسالي جي شڪل اختيار ڪري ويندي هئي.

مرزا مخلص علي علوي پاڻ به ”مخلص“ تخلص اختيار ڪري فارسيءَ ۾ شعر چوندو هو. ”تڪملہ مڪالات الشعراء“ جي مؤلف محمد ابراهيم خليل ٺٽويءَ (1317هه- 1243هه) سندس هڪ غزل جو اقتباس پيش ڪيو آهي.

ازمي لعل لب صياد هستم در قفس

موسمِ گل رفت از ياد و نشستم در قفس

بربهارِ عارضِ دلدار مستم در قفس

ديده را از ديدنِ اغيار بستم در قفس

ذوقِ ديدارِ رخِ جانان چنا محوم نمود

اين نميد ان که رستم يا که هستم در قفس

ياد بزمِ همصفيران بردلم ناخن زد است

بادهء غم ’مخلصا‘ تاکي پرستم در قفس

(ص 552)

مرزا مخلص علي ’مخلص‘ پنهنجي همعصر دور ۾ سنڌ جي شاعرن ۾ پنهنجو چڱو مقام جوڙي ورتو. علمي، ادبي ۽ فني قابليت سندس سڀ کان وڏي سڃاڻپ هئي، وري جو ”مفرح القلوب“ ۽ ”مطلع خورشيد“ جاري ڪيائين ته هيڪاندو ڄڻ سخن جو ميدان سنواري، سڀني کي پنهنجي اظهار جي اشاعت جو موقعو فراهم ڪيائين. جيتوڻيڪ هو سٺ سالن جي عمر ۾ صحافت جي ميدان ۾ آيو ۽ جوانيءَ جو زمانو لنگهي پيريءَ ۾ پير پائي چڪو هو. تڏهن به ٻاويهه سال سندس جدوجهد جو عرصو ائين پيو ڏِک  ڏئي گويا ڪو نوجوان پيو پنهنجي جيءُ جنجهوڙي، پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت ڏانهن به توجهه ڏنائين. کيس چار فرزند هئا. چارئي ناماچار حاصل ڪري چڪا. پهريون مرزا محمد شفيع، ٻيو مرزا محمد مقيم، ٽيون مرزا محمد صادق ۽ چوٿون مرزا محمد جعفر.

مرزا محمد شفيع پنهنجي پيءُ سان گڏ اخبارن ”مفرح القلوب“ ۽ ”مطلع خورشيد“ جو ايڊيٽر به رهيو ته سنڀاليندڙ به. بعد ۾ ٻئي اخبارون سکر مان شايع ڪندو هو. مرزا محمد صادق ايران جو قونصل هو. شهنشاهه ايران پاران کيس ”مقربِ خاقان“جو خطاب به عطا ٿيل هو. مرزا محمد جعفر، ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو پروفيسر هو ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جو فيلو ۽ ممتحن پڻ رهيو. مرزا محمد مقيم ريلوي ۾ هو ۽ مرزا قليچ بيگ جو دوست ۽ هم سبق به رهيو. مرزا مخلص علي علوي ٻياسي سال زندگي ماڻي 12 رمضان 1294هه مطابق 20- سيپٽمبر 1877ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪري ويو. شڪارپور جي ميونسپل فوتي رجسٽر 1877ع جي 536 نمبر داخلا ۾ سندس وفات 14- ڊسمبر 1877ع ڏيکاريل آهي، جا هجري تاريخ سان مطابقت نه ٿي رکي، تنهنڪري اها غلط ثابت ٿي آهي. مخدوم خليل ٺٽوي سندس وفات تي هيٺين قطع تاريخ قلمبند ڪئي آهي.

خادم مرسل و علي مخلص سويء خلدِ برين روان باشد

مخلصِ اهل بيت پيغمبر حوش بجناب جاودان باشد

آه کز انتقال اين مخلص اشک از ديده ها، روان باشد

بي سرِ افتکار خوان سالش

جايء مخلص علي جنان باشد

(1294هه)

محمد تقي تائب به سندس وفات جو سال ”ببهشتِ برين بود جايش“ مان ڪڍي هيٺين قطع تاريخ رقم ڪئي. 1294.

آه از جور چرخ کج رفتار وز جفا هايء بي محابايش

که چن رادهد بباد خزان آتش اندر زند بگلهايش

داغ حسرت نهاد از هجرت ابدبر دل احبايش

يعني اَن مخلص علي که عيان بود حب علي زسيمايش

خواست سال وفات او ’تائب‘ از دلِ زار ناشکيبايش

گفت هاتف بگوکه بي سرِ جود

ببهشتِ برين بود جايش

(1294هه)

سنڌ جي ان وقت جي ڪمشنر سرائيڊريو ونگيٽ ڪي.سي.آءِ.اي، مرزا صاحب جي فرزندن ڏانهن هڪ خط 5- آڪٽوبر 1897ع تي لکيو ته:

Their well known and learned father, entitled shamsululema at the advice of has friend, the late sir Bartle Frare, established here the First lithographic press and very ably conducted the "Mufarrihul-Kaloob" the well known first Persian journal in the world (Extract from a letter by Sir Andrew wingate, K.C.I.E (Former Commissioner in Sindh Government House, Karachi, 5th October 1894)

(سندن مشهور معروف ۽ وڏي علم وارو والد، ملقب به شمس العلماء پنهنجي دوست آنجهاني سربارٽل فريئر جي مشهوري سان، هتي پهرين ليٿوگراف پريس جاري ڪئي ۽ نهايت قابليت سان ”مفرح القلوب“ اخبار هلايائين، جا دنيا ۾ مشهور پهرين فارسي اخبار آهي.

مرزا مخلص علي علويءَ جي مزار شڪارپور ۾ نئين مقام ۾ آهي، جا راقم 22- ڊسمبر 1990ع تي دريافت ڪري، مٿس هڪ مضمون لکيو جو ماهوار نئين زندگي مئي/جون 1991ع ۾ خاص ليک جي صورت ۾ شايع ٿيو. سندس شاندار مزار جون سِرون اُکڙي رهيون هيون ۽ ڪتبو زمين تي ڪِري پوڻ سبب ان ۾ لڳل پٿر ڳري ويو هو. منهنجي گذارش تي محترم دوست آغا ثناءُالله خان پٺاڻ مزار جي مرمت ڪرائي ڪتبو ٻيهر نصب ڪرائي ڇڏيو. آغا صاحب جي مهرباني مڃڻ لاءِ مون وٽ لفظ ئي ڪونهن. شال شاد ۽ آباد هجي، ڪتبي جو متن هن طرح آهي.

 

الله- محمد- علي- فاطمه- حسن- حسين

قبر مطهر سلسل الطياب مويد السلام شمس العلماء فردوس آشيان جناب آقا مخلص علي ميرزا علوي خلف الصدق خلد آشيان مويد الاسلام جناب آقا سلطان محمود خان ميرزاي علوي القذويني موسس دارالطبعه السلاميه و اسلاميه و اخبار نامه اسلاميه مطلع خورشيد در سکهر نؤو جريده فارسي در کراچي سند موسوم به مفرح القلوب و صدر انجمن محفل اول و قديم اماميه و جماعت صُلح کُل علويه رحمت الله عليهم وفاتِ مرحوم در 82 سالگي 1294هه رمضان 21

درين سر اي سپنجي وفا مجود و داد

که از ازل به فنا طرح اوشده بنياد

ترجمو: هي مزار مطهر الطياب مويد الاسلام شمس العلماء فردوس آشيان جناب آقا مخلص علي خان مرزا علوي ولد خلد آشيان نويد الاسلام جناب آقا سلطان محمدو خان محمد مرزا علوي قزويني جي آهي. پاڻ دارالطبع اسلاميه، اخبار مطلع خورشيد سکر (نئون) جو بنياد وجهندڙ ۽ فارسي جريدي مفرح القلوب ڪراچي جو باني هو. ان سان گڏ انجمن (محفل اول و قديم) اماميه جو صدر ۽ ضلعي جي مڙني علوين جي جماعت جو سربراهه به رهيو.

مرحوم جي وفات 82 سالن جي ڄمار ۾ 12 رمضان 1294هه تي ٿي.

ماخذ:

1.      ٽماهي مهراڻ، 1/1964ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

2.     ٽماهي مهراڻ 3/1994ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

3.     عزيز الرحمان ٻگهيو، سنڌي صحافت جي تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو

4.     خليل ٺٽوي، تڪملہ مقالات الشعراء“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

نصير مرزا

 

جديد سنڌي ادب جي پيڙهه رکندڙ مرزا قليچ بيگ

 

 

مرزا قليچ بيگ جي ناني ۽ بابي جو وطن جارجيا پنهنجي تاريخ ۽ جاگرافيءَ هٿان سنڌ کان به وڏي مار کائيندو رهيو آهي. اهو ٻن پهاڙي سلسلن، ٻن سمنڊن، ٽن وڏين سلطنتن ۽ ٻن کنڊن جي سنگم وٽ آهي. اهو ڪوهه قاف جبلن جي وچ تي آهي. ساڳي وقت اهو ٻن سمنڊن يعني ڪاري سمنڊ ۽ ڪئپس سمنڊ جي وچ تي آهي. رهيل ڪسر ان ڳالهه پوري ڪري ڇڏي آهي جو اهو ٻن کنڊن يعني ايشيا ۽ يورپ جي سرحد تي روس، ايران ۽ ترڪي جهڙين فيل مست علائقائي طاقتن جي وچ ۾ ڦاٿل آهي ۽ صدين کان انهن هٿان ٿڏبو واري واري سان لتاڙيو ۽ چيپاٽبو رهيو آهي.

اڄ کان 28 صديون اڳ هتي يونانين اچي بيٺڪون ٺاهيون پوءِ رُومي، عرب، منگول، ترڪ، ايراني ۽ روسي جارجيا تان پاڻ ۾ وڙهندا ۽ هڪٻئي پٺيان اتي قبضا ڪندا رهيا. تان جو نيٺ 1801ع ۾ روس مستقل طرح ان تي قبضو ڪري ورتو. ذري گهٽ ٻن صدين کان پوءِ تازو جڏهن سوويت يونين ٽُٽي ٽُڪر ٽُڪر ٿي آهي، تڏهن جارجيا هڪ ڀيرو وري پنهنجي الڳ حڪومت قائم ڪئي آهي.

ڪوهه قاف جبلن کان وٺي ڏند ڪٿائن، رنگين قصن ۽ الف ليليٰ جهڙن داستانن کي جنم ڏنو آهي. ڪوهه قاف جي ديون ۽ پرين جا داستان ڪنهن نه پڙهيا هوندا؟ ڪوهه قاف جي جابلو سرزمين ۽ ان جا ماڻهو واقعي آهن به اهڙائي خوبصورت ۽ من موهيندڙ، جهڙا ٻڌجن ٿا. انسائيڪلوپيڊيا برٽئنيڪا جهڙي انتهائي پختي ۽ سنجيده علمي اختياري چوي ٿي:

”جارجيائي ماڻهن جون پاڙون تاريخ ۾ گهريون آهن. سندن ثقافتي ورثو به قديم ۽ شاهوڪار آهي. جارجيائي هڪڙا اهڙا خوددار ماڻهو آهن، جيڪي زمانن کان وٺي جوڌن ۽ جانبازن جي حيثيت ۾ مشهور ۽ معروف آهن. سندن مهمان نوازي، سندن زندگيءَ سان محبت، سندن زنده دلي ۽ نهايت خوش طبعي دنيا ۾ مشهور آهن. هو قدآور، جانثار، سنها، ڪارين اکين ۽ ڪارن وارن وارا ماڻهو آهن. سندن سونهن جو معيار بلند آهي. جارجيائي عورتن جو حسن اهڙو آهي جو ان مان تاريخي داستان ٺهي پيا آهن. هنن مان ڪيتريون ترڪي سلطانن ۽ ايران جي شاهن جي محلن جون زينتون بڻيون.          جارجيائي ماڻهن جي عمر غير معمولي حد تائين وڏي ٿيندي آهي.“

سنه 1797ع ۾ جڏهن ايرانين جي هڪڙي ڪاهه ۾ مرزا صاحب جي ناني ۽ ڏاڏي جا والد مارجي ويا، تڏهن هو ٻارن ٻچن سميت قيدي بڻجي ايران ۾ آيا. اتان اهي سنڌ آندا ويا. مرزا خسرو 1805ع ۾ پنجن ورهين جي عمر ۾ حيدرآباد ۾ آندو ويو هو. مير ڪرم علي خان وٽ رهيا. اها اوڻهين صديءَ جي شروعات هئي. ارڙهين، اوڻهين ۽ ويهين صدي ۾ دنيا ۾ جيڪي تبديليون ٿيون آهن. سمورين گذريل صدين ۾ آيل تبديلين کان گهڻا گهڻا ڀيرا وڌيڪ هيون. مرزا قليچ بيگ جي تاريخي ڪردار کي انهن تبديلين کي سمجهڻ کانسواءِ صحيح نموني سمجهي ڪين سگهبو.

دنيا جي سڀ کان گهڻي ايراضي، سڀ کان گهڻا ماڻهو، سڀ کان وڌيڪ قدرتي وسيلن ۽ تنهنڪري سڀ کان وڌيڪ دولت تاريخي طرح ايشيا جي رهي آهي ۽ نه يورپ جي. انڪري پنج سؤ سال اڳ تائين مجموعي طرح ايشيا جي يورپ مٿان سرسي رهي آهي. جيستائين دنيا ۾ بالادست اقتصادي ۽ سماجي نظام، جاگيردار نظام هو، تيستائين ايشيا يورپ کان زور هئي. اٽڪل 15هين صدي کان دنيا ۾ جاگيرداري نظام جو زوال اچڻ شروع ٿيو. دنيا کي هڪ نئين بهتر، سماجي ۽ اقتصادي نظام جي ضرورت پوڻ لڳي. ايشيا کي جاگيرداري جي انتهائي رجعت پرست فطرت اهڙو نظام پيدا ٿيڻ نه ڏنو. يورپي جاگيرداريءَ جي فطرت اهڙو نظام پيدا ڪرڻ ڏنو، ان جو نالو هو صنعتي يا سرمائيدار نظام.

يورپ جي ان نئين سماجي، اقتصادي ۽ فڪري نظام جي پيڙهه يونان ۽ روم جي تهذيبن تي ٻڌل آهي. اهي ٻئي تهذيبون دنيا جي وڏن مذهبن جي اثرن کان ٻاهر رهيون هيون. انهن تهذيبن پنج سؤ سال قبل مسيح کان وٺي برهمڻن، پادرين ۽ ملن جي روڪ ٽوڪ بنا انساني عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺي هنر ۽ سائنس کي جنم ڏنو ۽ انهن کي خوب ڪتب آندو. انڪري انهن حڪومت، جنگ، علم، ادب، سائنس، قانون ۽ ٻين بي انداز ڳالهين ۾ اهڙين بلندين کي ڇهيو جنهن جو مثال انسان جي تاريخ ۾ ڳولهڻ عبث آهي. صنعتي ۽ سرمائيداري نظام هلندڙ هو. پر ايشيائي جاگيرداري نظام ۽ يورپي جاگيرداري نظام ۾ زمين آسمان جو فرق هو. ايشيائي جاگيرداري نظام قاعدي قانون جي ڪنهن به ريت مرجات کي نه ٿي مڃيو. اهو مڪمل طرح آپيشاهي ۽ ڏنڊي شاهي مطابق العنان نظام هو. يوناني رومي تهذيب ۽ ان جي مٿان قائم ٿيل يورپي تهذيبن هر ڳالهه جي حد ۽ توازن ۽ قاعدي قانون جو پورو پورو خيال ٿي رکيو. اهي گهري ڄاڻ ۽ علم، وڏي سرت، سمجهه ۽ ڏاهپ واريون تهذيبون هيون ۽ آهن. ايشيائي جاگيرداري، يورپي جاگيرداري جيان اهڙي مضبوط ۽ جٽادار، علمي عقلي ۽ قانوني تهذيب پيڙهه تي ٻڌل ڪانه هئي، اها سترهين صديءَ تائين پنهنجي طبعي عمر کائي ڪنهن سُنڍ عورت وانگر ڄڻائڻ ۽ نپائڻ جي عمل کان جڏي ٿي چڪي هئي. اها نئين عالمي، تاريخي دور لاءِ گهربل وچين طبقي واري انقلابي سمجهه، سرت، ڏاهپ، کوجنا، ڳولا، تحقيق، واپار، ڪاروبار، هنر، صنعت کي تخليق ڪرڻ بدران ان جي نون اُسرندڙ ملڪن جي جاني دشمن بڻجي بيٺي ۽ ايشيا کي ذهني ۽ فڪري طرح هڻي هڪڙو علمي ۽ ثقافتي برپٽ بنائي رکيائين.

ٻئي طرف نئين سجاڳيءَ جي مدد سان يورپ جي وڏن شهرن ۾ واپار تمام گهڻو زور ورتو، جو واپاري طبقو جاگيردارن کان پنهنجو حق گهرڻ لڳو. صدين جي ويڙهه کان پوءِ وچون طبقو، خاص ڪري واپاري طبقو، جاگيرداري طبقي کان زور وٺي ويو ۽ علم، ادب، فن، هنر، فلسفي، اقتصاديات، کوجنا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ برق رفتاريءَ سان اڳتي وڌندو آخر ست سمنڊ پار ڪري سڄي دنيا تي ڇانئجي ويو.

19 صدي جي شروعات تائين انگريزن پنهنجن ٻين سڀني رقيبن يعني پورچوگيزن، ڊچن، اسپينين کي شڪست ڏيئي دنيا جو پهريون نمبر صنعتي سرمائيدار ۽ طاقتور ملڪ هندستان جو به مالڪ بنجي ويو هو. سنڌ جي ميرن کي سنڌ تي قبضو ڪئي ويهارو سال مس ٿيا هئا، انهن کي ڪا خبر ڪانه هئي ته سندن بادشاهي جا ڏينهن به وڃي ڳاڻ ڳڻيا بچيا هئا.

انگريز هندستان ۾ ٻه ابتڙ تاريخي ڪم ڪري رهيا هئا. هڪڙو ته هن ملڪ کي ڦري ڀينگ ڪري انهن جي قدرتي وسيلن، مڪاني صنعتن ۽ هنرن کي برباد ڪري ان کي پنهنجو بيوس غلام بڻائي رهيا هئا، اهو تباهيءَ جو ڪم هو. ٻئي طرف هو اڳتي وڃي پنهنجي ضرورت خاطر ۽ پنهنجي ڦرلٽ ۾ سهوليت پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي غلام بڻايل ملڪ ۾ هڪ محدود حد تائين نئين سجاڳي، روشني، علم، هنر، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت جو پڻ واڌارو آڻڻ تي مجبور ٿيڻ وارا هئا.

انگريزن جي غلامي ۾ گهڻا ماڻهو خوش نه هئا، جيتوڻيڪ هو اڳين نظامن مان اڃا به وڌيڪ ناخوش هئا. غلامي کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻن قسمن جون ڪوششون ڪيون ويون هيون. هڪڙيون جاگيردار طبقن طرفان ڪيون ويون، ٻيو وچين طبقي طرفان. ڪيترن هندن ۽ مسلمانن جاگيردارن ۽ سندن حامين جو خيال هو ته هندستان مان انگريز سان وڙهي کين ڪڍي اڳوڻو ساڳيو جاگيردارن ۽ نوابن جي حڪومت وارو نظام قائم ڪيو وڃي. ان مقصد لاءِ پهرين ڪوشش 19 صدي جي شروعات ۾ ڏکڻ هندستان ۾ وچولن زميندارن طرفان ڪئي ويئي ۽ ڪچلي ويئي. ٻي ڪوشش 1857ع واري بغاوت جي صورت ۾ ڪئي وئي اها به ناڪام ڪئي وئي.

ٻين ماڻهن جو خيال هو ته، لوهه کي لوهه ڪاٽي. انگريزن جي ڪاميابيءَ جو سبب رڳو انگريزن جي برتري ناهي، پر خود هندستان جي مدي خارج جاگيرداراڻي نظام به ڄڻ ٻاهرين ملڪن کي دعوت پئي ڏني ته اچو! اچي اسان تي قبضو ڪريو! تنهنڪري اصل شڪست برهمن، تعصبن، دقيانوسي ڪتابن، پنڊتن پاراتن ۽ جهالت تي ٻڌل علم دشمن، عقل دشمن، انسانيت دشمن، جاگيرداري نظام کاڌي آهي ۽ اصل سوڀ يوناني، رومي ۽ مغربي روشن خيال نسبتاً جمهوري ۽ قاعدي قانون تي ٻڌل سماجي صنعتي نظام ۽ ان مان پيدا ٿيل تيز رفتار کوجنائن، ايجادن، صنعتي پيداوار ۽ جمهوري نظام جي آهي. انڪري جيڪڏهن ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ته پوءِ يورپ جي نئين سجاڳي، نين صنعتن ۽ نين علمي، فڪري ۽ سائنسي صلاحيتن ۽ روين کي پنهنجي دسترس ۾ آڻڻو آهي.

شروع ۾ انگريز حڪمران طبقي جا ماڻهو ان ڳالهه جي فائدي ۾ نه هئا ته ڪو ڪارن هندستانين کي مغربي علم جي نئين روشنائي، سائنس ۽ ٽئڪنالاجي کان واقف ڪيو وڃي. کين خوف هو ته ائين ڪرڻ سان سندن دماغ خراب ٿي ويندو. انڪري جڏهن انگلينڊ جي پارليامينٽ اڳيان اها رٿ پيش ٿي ته هندستانين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ انگلينڊ مان هندستان ڏانهن اسڪول ماستر موڪليا وڃن، تڏهن ڪمپني جي ڊائريڪٽرن طرفان سخت مخالفت ڪئي وئي هئي. ويهن سالن کان پوءِ اهو فيصلو ٿيو ته هندستان جي ٽيهه ڪروڙ ماڻهن لاءِ ڪمپني هڪ لک روپيا ساليانو خرچ ڪري! پر ان وچ ۾ ٻه ڳالهيون ٿي رهيون هيون. عيسائي مبلغ 1542ع کان وٺي هندستان جي ڪن علائقن ۾ تعليم ڏيئي رهيا هئا. هنن باقائدي اسڪول پئي هلايا. جن ۾ مذهبي ڳالهين سان گڏ جديد علم به سيکاريندا هئا. هنن پريسون لڳايون، جن ۾ عام ديسي ٻولين ۾ ڪتاب ڇپايائون. هنن انهن ٻولين جون باقائدي ڊڪشنريون تيار ڪري ڇپايون. شاهه جو رسالو ۽ سنڌي ڊڪشنري به انهن پادرين جرمني مان ڇپايا. ٻئي طرف هندستان ۾ به اها سمجهه پيدا ٿي ته پراڻي عربي، فارسي ۽ سنسڪرت علم مان هندستانين جو گهڻو چاڙهو ڪونه ٿيندو ۽ جيڪڏهن يورپ جي علم، عقل ۽ دماغ کي سمجهي ان مان ڪم وٺڻو آهي ته اهو انگريزي ٻولي معرفت ئي ٿيندو. 1817ع ۾ راجا رام موهن راءِ جي ڪوشش سان ڪلڪتي ۾ هندو ڪاليج قائم  ٿيو ۽ ان جي معرفت سڄي بنگال ۾ انگريزي اسڪول کوليا ويا.

ٿامس ميڪالي جي سفارش تي 7 مارچ 1835ع تي هندستان جو گورنر جنرل لارڊ وليم بينسٽنگ اعلان ڪيو ته هندستان جي تعليم، عدالت ۽ آفيسن جي ٻولي سنسڪرت، عربي ۽ فارسي بدران انگريزي ۽ ديسي ٻولي هوندي. 10 آڪٽوبر 1844ع تي لارڊ هارڊ گورنر جنرل اعلان ڪيو ته آئينده سرڪاري نوڪريون فقط انگريزي تعليم وارن کي ملنديون. 1854ع ۾ سر چارلس ووڊ مرڪز کي پنهنجي رپورٽ ڏياري موڪلي، جنهن جي نتيجي طور هر صوبي ۾ تعليم جي واسطي جدا کاتو قائم ڪيو ويو. 1857ع ۾ ڪلڪتي، بمبئي ۽ مدراس ۾ يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون ۽ ننڍن اسڪولن کي گرانٽون ڏيڻ جو سسٽم شروع ڪيو ويو. 1873ع ۾ علي ڳڙهه ڪاليج ٺهيو ۽ 1889ع ۾ بنارس يونيورسٽي قائم ٿي ۽ ملڪ کي تعليم ملڻ شروع ٿي. تان جو انگريزي تعليم ۽ جديد يورپي علمن جي ذريعي حاصل ڪيل دنيا جي علمن، سائنس ۽ ٽئڪنالاجي جي ڪافي ڪجهه ڄاڻ هندستان جي وچين طبقي کي ان پوزيشن ۾ آندو، جو انهن پنهنجا حق انگريز آقائن کان گهري وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا.

يورپ جي صدين جي ڄاڻ، علم، فلسفي، فڪر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان هندستان جي ڪروڙين عوام جي ذهنن کي هٿياربند ڪرڻ جي اها تحريڪ هڪڙي زبردست اهميت واري، سڌاري جي تحريڪ هئي. جنهن کانسواءِ هندستان جا ماڻهو الائي ڪيترا زمانا جاگيرداري غلامي جي گندي تلاءُ ۾ پيا ٿاڦوڙا هڻن ها. اها علمي ۽ سائنسي پيڙهه تيار نه ٿئي ها ته جيڪر هندستان جي آزادي جي قومي سياسي تحريڪ مشڪل سان وڌي سگهي ها.

هن تحريڪ هندستان جي سطح تي اڳواڻ راجا رام موهن راءِ ۽ سر سيد جهڙا فڪري ۽ ذهني جاکوڙي ۽ کاهوڙي هئا، ته سنڌ جي سطح تي ان جي سڄي پيڙهه رکندڙ اسان جي وچين طبقي جو دانشور ۽ مفڪر مرزا قليچ بيگ هو.

جيڪڏهن ڪلاسيڪي عظيم سنڌي شاعري جي ميدان ۾ اسان جو فني ۽ فڪري سورمو شاهه لطيف آهي ته جديد علم ۽ ادب جي ميدان ۾ اسان جو مها ۽ مهندار، کاهوڙي ۽ سرواڻ سواءِ ڪنهن شڪ شبهي جي مرزا قليچ بيگ آهي.

ڪنهن ماڻهو جي زندگي ۽ ڪمن کي سمجهڻ ۾ اها ڳالهه وڏي مدد ٿي ڏئي ته اها خبر هجي ته هو ڪهڙي زماني ۾ ڪهڙي ماحول ۾ رهندو هو ۽ سندس دؤر جا اهم ماڻهو ڪير ڪير هئا ۽ انهن ڇا پئي ڪيو؟

قليچ جي ڄمڻ کان فقط هڪ سال اڳ ايران ۾ قاچاري شهنشاهيت ڀائي عقيدي جي مشهور شاعره، مبلغه ۽ انقلابي ام سلميٰ قرت العين طاهره زرين تاج جنهن جو ”دلجه به دجله، يم به يم“ واري قافيه وارو غزل مشهور آهي، تنهن کي بغاوت جي الزام هيٺ گهُٽو ڏيئي شهيد ڪيو ويو.

قليچ سنڌ جي انگريزن جي حڪومت اچڻ کان ڏهه سال پوءِ پنجاب جي تابع ٿيڻ کان 9 سال پوءِ 1853ع ۾ پيدا ٿيو. ان سال سنڌي ٻوليءَ جو پهريون جديد الف-ب ۾ لکيل ڪتاب لنڊن جي هڪڙي لٿو پريس ۾ ڇپيو.

ساڳئي سال يورپ ۾ ڪريميا جي لڙائي هلندڙ هئي. هڪڙي پاسي هئا انگريز ۽ فرينچ ۽ ٻئي پاسي هئا ترڪ. ساڳئي سال اُڀرندي طرف جپان ۾ آمريڪي بحري ڪمانڊر پيري زبردستي جپان ۾ گهڙي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهنڪري جپانين سمجهيو ته جي اسان پنهنجي سماجي نظام کي پنهنجي راضپي سان ۽ تيزي سان نه بدلايو ته اسين ڌارين جا غلام ٿي وينداسين. هنن پاڻ کي بدلايو ۽ واهه جو بدلايو. ان سال هندستانين کي آئي-ايس-ايس امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت ملي.

1857ع ۾ ڪلڪتي، بمبئي ۽ مدراس جون يونيورسٽيون قائم ٿيون ۽ هندستان جي پوئين جنگ آزادي شروع ٿي. 1859ع ۾ چارلس ڊارون انگلينڊ ۾ پنهنجو جڳ مشهور ارتقا جو نظريو شايع ڪرايو. 1863ع ۾ انباله ۾ وهابين جي تحريڪ ڪچلي وئي. 1875ع ۾ پرنس آف ويلس هندستان ۾ آيو ۽ علي ڳڙهه ڪاليج قائم ٿيو ۽ 1885ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد وڌو ويو.

1896ع کان 1900ع ۾ هندستان ۾ زبردست ڏڪار آيو. ان هوندي به 1898ع ۾ مهاراڻي وڪٽوريا جي ڊائمنڊ جوبلي ملهائي وئي. 1900ع ۾ سرحد جدا صوبو ٺهيو، 1901ع ۾ مهاراڻي وڪٽوريا گذاري وئي. 1904ع ۾ روس جپان سان جنگ ۾ هارايو ۽ روس ۾ 1905ع وارو ناڪام انقلاب آيو ۽ ساڳئي سال بنگال جو ورهاڱو ٿيو، جنهن جي ڪري سڄي هندستان ۾ ڪانگريس جي اڳواڻي هيٺ زبردست احتجاجي تحريڪ هلي، جنهن کي سوديشي تحريڪ سڏيو ويو. 1906ع ۾ مسلم ليگ قائم ٿي. 1911ع ۾ جڳ مشهور هندستاني اديب، شاعر ۽ دانشور رابندرناٿ ٽئگور کي نوبل پرائيز مليو. 1914ع ۾ مهاتما گانڌي آفريڪا مان موٽي هندستان آيو ۽ 1914ع ۾ هندن مسلمانن جي گڏيل انگريز مخالف عدم تعاون جي تحريڪ ۽ خلافت جي تحرڪ هلي. انگريزن ان کي هلائڻ لاءِ رولٽ ائڪٽ پاس ڪيو ۽ جليانوالاباغ ۾ ڪوس ڪيو.

انهي سال غازي امان الله افغانستان جو بادشاهه ٿيو. 1914ع ۾ اقبال پنهنجو مشهور ڪتاب ”بانگ درا“ شايع ڪرايو. 1917ع ۾ سائمن ڪميشن هندستان آئي. ان جي بائيڪاٽ جي تحريڪ هلائي وئي. روس ۾ سوشلسٽ انقلاب آيو. 1919ع ۾ انگريزن سازش ڪري غازي امان الله خلاف بغاوت ڪيس ڪيو. جنرل نادر نئون بادشاهه ٿيو. 1929ع تي مرزا قليچ بيگ وفات ڪئي.

قليچ جا ڪي وڏا هم عصر اديب، عالم ۽ شاعر:

مصري شاهه جي وفات 1906ع، حمل لغاري 1869ع-1914ع، ديوان ڪوڙومل 1844ع-1916ع، سانگي 1851ع-1924ع، خليفو نبي بخش 1863ع-1779ع الله بخش اٻوجهه وفات 1901ع.

قليچ جا ڪي ننڍا هم عصر سنڌي اديب، عالم ۽ شاعر:

پرمانند ميوارام 1938ع-1856ع، شمس الدين بلبل 1857ع-1919ع، امام بخش خادم 1860ع-1919ع، ساڌوهيرانند 1893ع-1863ع، مولوي احمد ملاح 1877ع-1969ع، مولوي فتح محمد سيوهاڻي 1882ع-1942ع، ڊاڪٽر گربخشاڻي 1884ع-1949ع، ڀڳت ڪنور رام 1885ع-1945ع بيڪس وفات 1889ع، خانبهادر محمد صديق ميمڻ 1890ع- 1958ع ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽو 1958ع-1896ع.

هر اسرندڙ ادب جو پهريون قدم هوندو آهي ترجمو. پهرين دنيا جي چوٽي جي علمن ۽ ادبن سان ترجمن وسيلي رشتو رکندو. تڏهن ماڻهو تخيلقي طرح پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ پهريون پيرڙيون کڻي اڳتي وڌڻ سکندو، عيسائي پادرين طرفان قتل ۽ دفن ڪيل يونان ۽ روم جي علم، ادب ۽ فلسفي کي جيڪڏهن ترجمي جو جياريندڙ مسيح صدين کان پوريل قبرن مان کوٽي ٻاهر ڪڍي وري جياتي دنيا ۾ نئين حياتي نه بخشي ها ته اڄ دنيا ۾ ڪهڙن پٽن ۾ هجي ها؟ ترجمو هڪڙو نهايت ڏکئي ۾ ڏکيو، نهايت محنت طلب، نهايت تخليقي ۽ انتهائي نفيس فن آهي ۽ ڪي ماڻهو ان ۾ ڪمال حاصل ڪري سگهندا آهن. جنهن علم ۽ ادب کي قابل ۽ لائق ترجمو ڪندڙ ملي ويا ان جا ڄڻ پئون ٻارهن ٿي ويا، اهو تاريخ جي ڄڻ هڪڙي لحظي ۾ سوين نسلن جي باڪمال ماڻهن جي صدين جي تخليق ڪيل خزانن جو مالڪ بنجي ويندو. صحيح ترجمو رڳو هڪڙي ٻولي کان ٻي ٻولي ۾ نه هوندو آهي. اهو هڪڙي گرامر، لفظن محاورن جي هڪڙي سٽاءُ کان ٻي گرامر ۽ محاورن جي ٻئي سٽاءُ ۾ ترجمو به هوندو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته صحيح ترجمو هڪڙي ثقافت کان ٻي ثقافت ۾ ترجمو هوندو آهي. ترجمي لاءِ پهريون مسئلو آهي ته ترجمي جي مواد جي صحيح چونڊ ۽ پوءِ آهي ان مواد کي پنهنجي ٻولي، پنهنجي ثقافت، پنهنجي گرامر ۽ محاورن جي ضرورت سان ٺهڪائڻ ته جيئن اهو اوپرو نه لڳي. دراصل صحيح ترجمو اهو آهي جنهن ۾ اها خبر ئي نه پوي ته هي ڪو ٻي ٻولي جو ترجمو آهي. ماڻهو ڀانئي ته اهو اصل آهي ئي منهنجي ٻولي ۾ لکيل. قليچ ترجمي جا مٿي ذڪر ڪيل سڀ شرط پورا ڪري ٿو، هو ترجمي جو شهنشاهه آهي. قليچ جي ترجمي لاءِ چونڊ جو معيار بلند ۽ دائرو وسيع آهي. شيڪسپيئر، بيڪن، گوگول، سوفٽ، سر آرئر ڪانن ڊايل، ڪروڪر ۽ ايمرسن جي پائي جي عالمي
شهرت يافته مصنفن جا شاهڪار ۽ ٻين گهڻ اهم موضوعن تي ڪتاب ترجمو ڪيا اٿس. اٽڪل پندرهن کن نهايت اهم ڪتاب خود انگريزي ۾ لکيا اٿس. سنڌي لکيل اصلوڪن ڪتابن جو تعداد ٻه سؤکن ته خوشيءَ سان ٿيڻ گهرجي.

هاڻي اچو ته قليچ جي لکيل هڪڙي ناٽڪ جو هي ٽڪرو پڙهون:

”مسخرو: جيئن چوندا آهن ته ٻلي شير ڪون پڙهايا ڦر ٻلي ڪون کانوڻ آيا، وڇون جا ٻچا وڏا ٿين ته ماءُ کي پٽي کائي وڃن!

بادشاهه: تون منهنجي ڌيءُ آهين نه؟

ملڪان: بابا چڱو ته ائين آهي ته خدا جيڪو عقل اوهان کي ڏنو آهي سو ڪم آڻيو ۽ هي نامناسب هلت ڇڏي ڏيو جو اوهان کي چڱي نٿي لڳي.

مسخرو: بيهه اڃا ڳالهه ڪٿي پئي آهي. اڃا رنگ ڏسندي.“

ڪير چوندو هي اصل سنڌي ناهي پر ڌاريءَ ٻولي جو ترجمو آهي؟ ۽ ترجمو به ڪهڙي لکندڙ جو؟ شيڪسپيئر جهڙي ادبي شهنشاهه جي جڳ مشهور ناٽڪ ”ليئر“ جو.

هاڻي قليچ جي هڪڙي ناٽڪ جو هي ٻيو سين ٻُڌو:

”جوابدار: جلال همراه، ڪمال همدم، جمال حاصل تاج برسر!

ٻيو نوڪر: زمانو حامي، فلڪه محافظ، جهان بندو ستارو چاڪر!

جوابدار: تجلو چمڪي ٿو نور جو هت، ٿو گيت هر ڪو هتي ڳڻت جا ڳائي.

ٻيو نوڪر: حضور ملڪه جي تشريف، هر ڪو حاضر ٿئي ٿو سر جهڪائي.“

هي به شيڪسپيئر جو ترجمو آهي، پر ڇا رڳو ترجمو آهي؟ هن کي چئبو تخليقي ۽ باڪمال ترجمو، اهڙو ترجمو جيڪي ڪٿي ڪٿي اصل جي بلندين کان ائين مٿي چڙهيو وڃي، جيئن فٽنر جيرالڊ جو منظوم انگريزي ترجمو خود عمر خيام جهڙي فن ۽ فڪر جي سلطنت جي تاجدار جي اصل فارسي اُڏام کان به ڀڙڪو کايو مٿي نڪريو وڃي.

قليچ سنڌي ٻولي کان اظهار جا ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما سر ڪرائي سگهي ٿو، تنهن جو جلوو ڏسڻو هجي ته سندس ترجمو ڪيل يا اصلوڪا شاهڪار ناٽڪ پڙهي ڏسجن. ان ميدان ۾ اڄ تائين ڪوبه سنڌي لکندڙ ساڻس ڪلهو هڻي نه سگهيو.

قليچ جو گهڻو شعر ناصحانو، مذهبي ۽ تعليمي آهي. سندس غزلن جا عنوان هن قسم جا آهن. ”خدا جي تعريف، حضرت محمدﷺ جي تعريف، دنيا ۽ دولت چڱي، زر يا سون جي مرح، حقيقي يا سچا عاشق، مرتبن جا سنڀال ضروري، فخريه پنهنجي بيقدريءَ جي شڪايت، منهنجا ٻه ڪتا، لقب ملڻ جي شڪر گذاري وغيره آهن.“ قليچ جي شاعري جي هڪڙي خصوصيت هي آهي ته هن تمام گهڻا ۽ مختلف بحر استعمال ڪيا آهن. ايترا گهڻا ۽ مختلف بحر سنڌ ۾ ڪنهن ٻئي شاعر گهٽ استعمال ڪيا هوندا. ٻيو ته سندس شاعري جو بنيادي مقصد اهل ڪمال اڳيان پنهنجي خيال جي سرت، فڪر جي اونهائي ۽ بيان جي زور جي ڀرپور اظهار ڪرڻ بدران ماڻهن کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ آهي. انڪري هن جو انداز فقط انهن کي متاثر ڪري سگهي ٿو، جن لاءِ انهن شعرن ۾ سمايل سوچون نيون ۽ اهم آهن، جيڪي سمجهن ٿا ته کين اهڙين ڳالهين جي اڳيئي خبر آهي تن لاءِ انهن شعرن جي اهميت ثانوي ٿئي ته ان ۾ عجب نه ڪرڻ کپي. هن جي شاعري ۾ ڪيترن هنڌن تي صاف نظر اچي ٿو ته نظم جي روپ ۾ رڳو اهم پر ڪي قدر خشڪ ڳالهين ۽ مسئلن کي وڌيڪ دلچسپ بڻائي پيش ڪرڻ جي لاءِ اختيار ڪيو ويو آهي. قليچ جو شعر جو واقعي دلچسپ موضوع محبت وارو موضوع آهي. نه رڳو هر فرد پر هر دؤر جي اظهار جا انداز پنهنجا ٿيندا آهن، قليچ جي ٻوليءَ ۽ سندس انداز پنهنجو آهي.

اڄ جي شعر جي دلپسند ٻولي ۽ انداز ڪالهه کان ۽ قليچ جي دؤر کان توڙي ٻين دؤرن کان مختلف آهي. جيتري قدر جذبن جي خلوص جو ٻولي جي سادگي ۽ دلڪشي جو تعلق آهي، قليچ جا محبتي شعر هر دؤر ۾ سنڌي شاعري جي چونڊ محبتي شعر ۾ شمار ٿيندا. هنن شعرن جي سادي کان سادي ڳالهه به دل سان لڳي ٿي ۽ هيئن ۾ چهنڊڙي وجهي ٿي. ماڻهو محسوس ئي نٿو ڪري ته اها ڳالهه اڳوڻي دؤر جي آهي. ننڍن بحرن ۽ سادن لفظن ۾ اهڙو پختو ۽ اثرائتو شعر چيل آهي جو ماڻهو ڀانئي ٿو ته ڳائڻ وارو هجي جو انهي کي ڳائڻ جو حق ادا ڪري:

ڪريان توتان سڄڻ آءٌ سر فدا ڇا؟

محبت جو ڪو حق ادا ٿيندو ڇا؟

وڇوڙو جنهن ڏنو دلبر جو تنهن کي،

زماني جو ڪندو جورو وفا ڇا؟

ٿي بندو ڪيئن سڏيان خود کي خدا آءٌ؟

خدا کان پر سگهان ٿو ٿي جدا ڇا؟

قليچ آهي جو رب مالڪ دلين جو،

ته پوءِ رب کان گهران دل سان دعا ڇا؟
 

۽ هي دل ڇيهون ڇيهون ڪندڙ غزل پڙهي ڪهڙو دل وارو پنهنجي دل ۾ درد محسوس نه ڪندو!؟

سڄڻ کي اي صبا! ڪا سار منهنجي رات هئي يا نه؟

حبيبن کي هلڻ جي چوپچو پرڀات هئي يا نه؟

 

ورهيه گذريا وڃي ويٺو، وساري دردمندن کي،

ڪنهين پر تنهن کي، ڪا وائي ورڻ جي وات هئي يا نه؟


ڪيئن ٿي ڳالهه ڪا منهنجي، پڇين ٿي حال هيڻي ڇو؟

ڪنهين دم لعل جي لب تي برهه جي بات هئي يا نه؟
 

اسان کي هن جي سڪ هر دم ۽ هن ڌيان راتو ڏينهن،

ڪڏهن ڪا هڪ گهڙي هن کي اسان جي تات هئي يا نه؟

 

گويون مارن ڏي ٿي کنوڻيون، هئا سارنگ جا سهيا،

ڦلاريا ڦوڳ ٿي ٿاڌل اٺي برسات هئي يا نه؟

 

نه لوڙهج دل قليچ آخر پرين توکي ڪندا پنهنجو،

قبولي ڄام ڄامن ڪا، ڪني ڪم ذات هئي يا نه؟

 

ڊپ يا دلاسو ڏي نه من کي هن جهان جو، واعظ! آءٌ واقف آهيان حديث ۽ قرآن جو.

 

هڪ لحظو هت گذاريان جو صحبت ۾ يار جي،

مٽ ٿيو ابد ۽ حورو قصور ۽ جنان جو.

پنهنجي والد ۽ ناني کي خراج ادب ۽ محبت پيش ڪرڻ جو هي انوکو نمونو ڏسجي ٿو:

دلبر جو آهيان نوڪر روزانه چمي هڪ ڏي،

ماهانو هجي اهڙو ساليانو هجي اهڙو،

 

هر ڪوئي قليچ آخر خسرو ۽ فريدون ٿئي،

جي بابو هجي اهڙو ۽ نانو هجي اهڙو.

هيٺيون غزل بظاهر ته رڳو هڪڙو نهايت دلچسپ ۽ پُراثر ڪلام آهي، پر ان ۾ جيڪو بنيادي فلسفي جو سوال سمايل آهي، اهو اهل نظر لاءِ غور طلب آهي:

مون کي ميخوار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو،

مست سرشار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

زهد و تقويٰ ۾ آءٌ هوس نه صنعان کان ڪم،

ڪفر ۾ تار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

تنگ ناموس ڪيو، نيهن سڄڻ جي برباد،

خلق ۾ خوار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

ڪالهه هس خاڪ ۾ آءٌ خار ۽ حس کان به ذليل،

اڄ ڳلي هار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

دل جيئن دردوندن، برهه جي بيمارن جو،

مون کي مهندار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

ڏس! ته منصور کي، ڪيئن عذر اناالحق جو ڪري،

برسردار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

خوف عقبيٰ جا ڏيئي، مون کي منجهايو هو ملن،

هاڻ سب ڪار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

هُئي مٺي ماٺ، مگر مون کي گدا سان ڏسي گڏ،

گرم گفتار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

طبع منهنجي کي ته سانگي سندي سنگت ۾ قليچ،

تيز رفتار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
 

توبهه تائب ٿيڻ ۽ ڌڻي کي ٻاڏائڻ بابت گهڻو شعر آهي، پر هيٺين شعر ۽ ان جي خلوص تي غور ڪجي ۽ ڏسجي ته ان ۾ ڪيڏي نه دل جي گهرائي ۽ ڪهڙي نه دلڪش ٻوليءَ سان توبهه ڪيل آهي:

ڀري گناهن جي سر تي ڀاري، الاهي توبه الاهي توبه،

ڪمن کان پنهنجي ٿي شرمساري، الاهي توبه الاهي توبه،

خطا مڪر ۽ فريب ڪاري، غرور بغل

۽ دغا شعاري،

انهن سڀن ۾ وئي عمر ساري، الاهي توبه الاهي توبه.

نه ڪيم غريبن جي پاسداري، نه ڪيم يتيمن تي غم گساري،

ٻڌيم نه مفلس جي آهه و زاري، الاهي توبه الاهي توبه. 

هي محبوب جي ساراهه ۾ قصيدو آهي، ان جي ٻولي تي غور ڪيو ۽ انداز ڏسبو ته هي روائتي محبوب جي ساراهه جو قصيدو نه آهي:

منهنجو محبوب ماهپارو آهي،

سج اڳيان جنهن جو شرم وارو آهي.

 

ساهه منهنجو ته آهي ملڪ سندس،

مليو مون کي فقط اڌارو آهي.

 

عشق ۾ جيڪو يار! ڪوڙ ڪري،

منهن تنهن جو سدائين ڪارو آهي.

 

عابدن عالمن کان منجهه ميزان،

عاشقن جو ڳرو تُرارو آهي.

 

ليليٰ مجنون جو وقت ويو گذري،

هاڻ سڄڻ جو ۽ منهنجو وارو آهي.

 

هي قصيدو نه آهي جهڙو تهڙو،

جڳ ۾ هي نينهن جو نغارو آهي.

 

ٿو قسم سان قليچ ئي هر دم،

ساهه کان وڌ پرين پيارو آهي.

هڪڙو زبردست غزل آهي، جنهن جو عنوان آهي، ”سهڻا صوفي“ هن قسم جي ماڻهن کي هن قسم جو خراج عقيدت انهن سادن سهڻن لفظن ۾ تمام گهٽ مليو هوندو:

 

لڪا ڀڻن ٿا جي، عالم سندي پناهه اهي،

رلين، ڀلين ۽ ٻوجهن دلهن جي راهه اهي.

 

جي فرقه پوس نماڻا ٿا ڪوٺجن درويش،

ڏسڻ ۾ گرچه سدا ساري جڳ جا شاهه اهي.

 

ڪنهن جلال سان ۽ پوءِ جمال سان جيارين،

وڻي ٿو ظلم سندن ڪن فقط نگاهه اهي.

 

فلڪ اتي حسن جي چمڪن ٿا، گر هجن ٿا ڪين،

مٿي چڙهن ٿا لهن ٿا ڪين، هر ماه هي.

 

۽ ان شعر تي غور ٿيڻ کپي، ڏسبو ته ان ۾ ڪيڏي خوبصورتي آهي:

نه ڊڄ مرڻ کان اي دل! ساهه ڪر مٿن صدقو،

ڪڍن ٿا جي ته وجهن پڻ ٿا موٽي ساهه اُهي.

 

قليچ اڪثر پنهنجو ڏک نه اوريندو آهي ۽ سدائين ثابت قدمي استقامت، بهادري ۽ زماني کي منهن ڏيڻ جي نصيحت ڪندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو جو اندر کليو پوي ۽ ان مان ڏسجي ٿو ته هن جي دل به زخمن کان آجي نه هئي چئي ٿو:

حياتي پئي اچي گردن تي ڳن ڏيڻ گهرجي،

نه وس هلي ٿو ڪو، لاچار ٿيو جيئڻ گهرجي.

 

نه آهيان خضر آءٌ ۽ عمر ناهي آب حيات،

هي زهر آهي، جو سقراط ٿي پيئڻ گهرجي.

 

فلڪ ٿو راند آسمان سان ڪري کڻي چؤگان،

هي گوءِ مرد ٿي، ميدان مان نيڻ گهرجي.

 

قليچ قيد ۾ رهڻو ٿيو پکي وانگي،

پوڻ کان پڃري ۾ هٿ جو هريل ٿيڻ گهرجي.

 

جنهن کي عشق جو تير ڪاري لڳي،

جيئڻ تنهن کي هن جڳ ۾ باري لڳي.

 

نه ايندو ڪڏهن تنهن کي دل ۾ قرار،

جنهن کي ياد جاني سان ياري لڳي.

 

محبت مرڻ تائين سو ڪيئن ڇڏي،

جنين عشق جي بيقراري لڳي.

 

کلي تن سان ڳالهائي جڏهن قليچ،

رقيبن جي دل ۾ ڪٽاري لڳي.

 

دل سڄڻ کي سدائين ساري ٿي،

ساهه جان تنهن کي نت سنڀاري ٿي.

 

انتظار ۾ دوست، دلبر جي،

وصل جون واٽڙون نهاري ٿي.

 

پنهنجي پياري جا نت پچائي خيال،

پرهه جي باهه پاڻ ٻاري ٿي.

 

مهر مان هاڻ موٽ منهنجي گهر،

تنهنجي جانب! جدائي ماري ٿي.

 

دل ويچاري قرب لاءِ قليچ!

عمر گوندر ۾ ڏس! گذاري ٿي.

يار کي منٿ:

عاشقن کي به ته اي يار! ڪڏهن ياد ڪجي،

دل ناشاد کي ڪو دم ته سڄڻ شاد ڪجي.

 

عمر وئي گذري جدائي جي جفا ۾ جاني!

هاڻ پڇاڙي ۾ ڀلا وصل جي امداد ڪجي.

 

طرز سانگي جي تي تولاءِ غزل جوڙيو قليچ،

هي ته حاضر آهي هاڻ ٻيو به ڪو ارشاد ڪجي.

 

هي مخصوص کل ڀوڳ جهڙي اردو نظم اڄڪلهه ڪٿي ڇپيل نظر نٿي اچي، مون اها گهڻو وقت اڳي اسڪول جي زماني ۾ قليچ جي مجموعي ۾ پڙهي هئي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com