گلبدن جاويد
انڊلٺ وانگي نکري آيا، سپنا پنهنجو پاڻ
(سليم چنا جي شاعريءَ جو اڀياس)
سليم چنا جي شخصيت جو عڪس جيڪو منهنجي ذهن ۾ اُڀري
ٿو ان کي شاهه سائينءَ جي شعر ۾ هيئن بيان ڪندس.
کرڪڻا لاهي، سُک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
سليم چنا جو هيءَ تمام سادن لفظن ۾ پر خوبصورت
خيالن تي ٻڌل نظم آهي:
هان تون هر روز،
اچين ٿي هتي،
جذبا کڻي جوش کڻي،
وطن لاءِ اچين ٿي،
هن محاذ تي،
تو چيو ته
تنهنجي پٺيءَ تي اگر
جي لڳل هوندي گولي
ٿڃ نه بخشيندينءَ
۽ پٽ جي،
قبر تي نه ايندينءَ،
نه هرگز هرگز ڪڏهن،
ڇو ته بهادر ماءُ
هميشه پٽن کي
بهادريءَ جي لولي ڏيندي آهي
تو به ڏني هئي
امان، هيءَ لولي
ياد اٿم!
تو وڌو هو قسم!
جوانيءَ جو
آزاديءَ جو مون کي
ڏس اچي
هن محاذ تي
اي امڙ تون مون کي
آ قائم رکيو قسم
منهنجي آڏو آ
آزادي عظيم،
مون گولي کاڌي آ
پنهنجي سيني تي،
ٿڃ بخشيم،
اي امڙ،
اچي ٿڃ بخشيم!
* * *
يقيناً اهو امڙ جي لوليءَ جو اثر ۽ فرمانبردار ٻار
جي ٿڃ ملهائڻ ۽ ٿڃ بخشرائڻ وارو خيال سليم چنا
هينئين سان هنڊائي، ادب جي جهان ۾ پير پاتو اها
منهنجي راءِ آهي وڌيڪ ليکڪ/شاعر پنهنجي باري ۾ پاڻ
ئي ڄاڻڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جو حق رکي ٿو. مون کي جنهن
ڳالهه متاثر ڪيو سا اها آهي ته ادبي محاذ تي سليم
چنا جي مسلسل ۽ لڳاتار جدوجهد، جنهن سبب هن سنڌي
ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ 21 ڪتاب مختلف صنفن تي لکي
وڌا آهن. جيڪي ماڻهو پنهنجيءَ ڌرتيءَ ۽ پنهنجي
ٻوليءَ جي لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا انهن کي سنڌ ڌرتيءَ
جيءَ ۾ جايون ڏئي ٿي ۽ اهو وقت پري نه آهي ته سليم
چنا جو ادبي پورهيو ڪنهن منزل ۽ ڪنهن روشنيءَ جو
تعين ڪندو. جيئن پاڻ چوي ٿو:
ڪٿي ڪويءَ جو هيءُ قلم!
ڪٿي منهنجو هيءُ مقام
ڪوتا مون سان هم ڪلام
سانجهي ايندي ٻرندا ديپ،
ايندا پتنگ ڪندا پر نام
ڪوتا مون سان هم ڪلام
وطن ئي سونهون وطن ئي سونهن،
پنهنجي ڌرتي پنهنجو نظام
ڪوتا مون سان هم ڪلام
يا وري هي سٽون:
پرهه ڦٽڻ تي آهه، دلبر دل نه لاهه
وقت نه رهندو ساڳيو
جهڙي تهڙي حال ۾،
ڪوڏ منجهاران ڪاهه
وقت نه رهندو ساڳيو
سندس ئي ٽهيءَ جو ليکڪ ڊاڪٽر مخمور بخاري لکي ٿو
ته شاعر جا سپنا اجري باک جا سپنا هوندا آهن. هو
لفظ جي اهميت ۽ ان جي اثر کان باخبر هوندو آهي.
تڏهن ئي ته هو لفظ کان تلوار وارو ڪم به وٺي
ڄاڻندو آهي. سليم چنا لفظ جي اهميت ۽ اثر کان
باخبر شاعر آهي. هن پنهنجن لفظن کي ڌرتيءَ ماتا جي
مٽيءَ ۽ سنڌوءَ جي مقدس پاڻي سان ڳوهي اسان آڏو
آندو آهي. ۽ منهنجي خيال ۾ ته جيڪو به سليم چنا جي
شاعريءَ کي پڙهندو اهو سندس سنڌ پرستيءَ کان
انڪاري ٿي نه سگهندو.
هر هڪ منهنجي ديس جو،
آدرشي انسان
آزادي آ اوڏڙي
ايڏو جذبو جيءَ ۾، جيڏو هيءُ جهان
ڳاڙهي جهنڊي جي مٿان،
هر ڪو سر قربان
اندر ۾ سانڍي رکيو، آدمين ايمان
آزادي آ اوڏڙي
ٻئي هنڌ لکي ٿو:
جي تو ماڳ ملهائيو،
موتين ۾ ترندين،
آهي جهيڙو جوءِ جو
مون سين جي هلندين،
ريٽي رت رنڱبين
آهي جهيڙو جوُءِ جو
سندس شاعريءَ جو مطالعو ڪندي محسوس ٿئي ٿو ته پاڻ
مطالعي ۽ مشاهدي ۾ ڀڙ آهي. سندس شاعريءَ ۾ فطري
حسن ۽ سونهن، نفيس خيالن جي خوشبو ۽ سهڻن لفظن جو
جڙاءُ آهي، ته درد ۽ وڇوڙي جون وارتائون به جابجا
نظر اچن ٿيون جيئن سندس هيءَ شعر آهي.
هاءِ حياتي جهونو گهاءُ،
آءٌ اسان ڏي هاڻي آءٌ،
پريتم پيتم ڳوڙها ڳچ.
مان ئي آهيان تنهنجو سچ.
*
پياسي هرڻُ وانگيان،
رڻ ۾ روح رليو،
توبن پريتم بانورا!
زندگي ۾ مون نه،
ڪنهن سان سور سليو
توبن پريتم بانورا!
سليم چنا
جي شاعريءَ تي آسي زميني جون هي سٽون پڻ لاڀائيتون
آهن.
”حيدرآباد جا رستا، ڏينهن توڙي راتيون ان جي تصديق
ڪندا ته هن ادبي سفر ۾ ڪيترو سٺو آهي ۽ بجا طور هي
جو ڪجهه هن جو ادبي ورثو آهي. اهو ان پيڙا جي سفر
جي هڪ منزل آهي، جنهن رفتار سان هو لکي پيو ان مان
لڳي ٿو ته هو پنهنجي ذات جي دريافت جي سفر ۾ آخري
منزل تي رسڻ کان اڳ گهڻن ئي راهه جي پانڌيئڙن وٽ
پنهنجي پيرن جا نشان ڇڏي کانئن پنهنجي سفر جو ثمر
مڃتا جي صورت ماڻڻ ۾ سڦلتا ماڻيندو.
سليم چنا جي شاعريءَ جي گهرائيءَ ۾ ويندي محسوس
ٿئي ٿو ته پاڻ هڪ ئي وقت رومينٽڪ ۽ قومي شاعر
سڏائڻ جو حقدار آهي. استاد بخاريءَ جي هن شعر
وانگر:
ڇا حسن تي لکان مان،
ڇا قوم تي لکان مان
افسوس! زندگي هڪ
پورو نٿو پوان مان
استاد فيصلو ڪر،
هي قوم حسن آهي
اي حُسن تنهنجي سر لئه
ٿو قوم کي کڻان مان.
سليم چنا وري هيئين ٿو لکي ته:
تنهنجو روپ سمائيان
گيتن ۾ ورجايان،
توسان لنوؤ لڳايان.
توکي سوريءَ آ سڏيو،
مان ڀي ڪنڌ ڪپايان
توسان لنو لڳايان
يا وري هيئن ٿو لکي ته:
امرت آهي آب وطن جو،
ٻيا نه انهيءَ کان وڌ،
توکي سوريءَ سڌ.
سونهن ۽ سوريءَ جي سڌ رکندڙ هي شاعر ڪٿي به
مايوسيءَ ۽ بيوسيءَ جو اظهار نٿو ڪري، پر سپنن جي
ساڀيان واسطي جاکوڙيندي ڏسجي ٿو:
ماڻينداسين ماڳ،
سپنا سرجن ٿا پيا،
ويندا ڏکيا ڏينهڙا
کلي پوندا ڀاڳ....
الا وطن واسطي
پنهنجي ننڊ به جاڳ.....
هن جي شاعريءَ جو رومينٽڪ پهلو به ڏاڍو سٻاجهڙو
نوڙت نهٺائي، نمرتائي، پوترتائي جهڙين حسناڪي
ڪيفيتن سان ٽمٽار آهي.
جيئن مان توکي چاهيان،
تيئن مون کي چاهين
عشق اهو سيکاريو،
مان ڇا؟ تون ڇاهين؟
راڻا منهنجي روح جا
*
اڻٽيهينءَ جي مان اونداهي،
تون چوڏهين آن چانڊاڻ
تنهنجي منهنجي ڀيٽ نه ڪائي.
*
تنهنجي هڪ نهار تي،
گوري تنهنجي گام
اسان جيون ارپيو
ڪٿي ڪٿي ڏاڍا سهڻا لفظ هن جي شعر ۾ نظر اچن ٿا
جيئن.
لفظ هڳساڻ آهي:
سهڻا ڦول ڦلاريا،
چوڏس آ هڳساڻ
پرهه ڦٽي ٿي هاڻ
اکيون اٽڪيل اُڀ ۾،
کڙيو وهائو ڄاڻ.
پرهه ڦٽي ٿي هاڻ
سليم چنا جي شاعريءَ تي تمام تفصيلي لکي سگهجي ٿو،
پر وقت جي تنگيءَ سبب سندس هنن شعرن تي پڄاڻي ٿي
ڪجي:
سانوڻ جي سانجهيءَ ۾،
سنڌو، ڪناري
يادون ڀريم ڀاڪرين
ساجن کي ساري،
يادون ڀريم ڀاڪرين
*
کڻي نيڻ نشيلڙا
منجهان نينهن نهار،
پوءِ الاءِ ملون نه ملون.
*
آءٌ سک جو گيت چئون ڪو،
ڪهڙا ويهي ڦٽ اکيليون
پير پسايون پاڻيءَ ۾ ڙي!
ڏس نينگر ساگر جون ڇوليون،
آءٌ ڪناري ڪوڏيون ڳوليون
پير پسايون پاڻيءَ ۾ ڙي
*
سانوڻ تنهنجا ڀال ڀلايون،
آئين سپرين ساڻ
واسيل سڀ وٿاڻ
انڊلٺ وانگي نکري آيا،
سپنا پنهنجو پاڻ.
مولائي ملاح
هڪڙو هئو ڪنور، هڪڙي هئي سنڌ!
2 نومبر ورسيءَ جي حوالي سان ڀيٽا
”ڄيٺل“ سڀ ڄاڻ ڄاڻو ٿا! سڪايل ساهه آ منهنجو.
تارارام جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏهاڙي اها گھڙي به آئي
جڏهن سندس سڪايل هنج ۾ ڪنول گل جهڙو، ڪَنورُ ٽڙي
پيو. ڪنور جو نالو سنت کوتا رام رکيو ۽ کيس دعا
ڪندي چيائين ته: ٻچا ڪنور! سدائين خوش هوندين،
ساري سنڌ، هند کي ياد هوندين ۽ جڳ جڳ ۾ تنهنجو
نالو روشن هوندو. سنت کوتا رام وري تارا چند کي
چيو ته: ٻالڪ جو نالو ڪنور انڪري رکيو ويو آهي، جو
سدائين ڪنور جي گل جيان ٽڙيل خوشبودار رهندو. ڪنور
ننڍڙي هوندي ئي ڏاڍو نٻل هوندو هو سندس وڏڙا
دوڪانداريءَ جو ڌنڌو ڪندا هئا ۽ ٻنيءَ جو هڪ ٽڪرو
هين جيڪو پاڻ آباد ڪري گذر سفر ڪندا هئا. سنبت
1956 ۾ ڀائي تارا چند جروارن ۾ هڪ ننڍڙو دوڪان
کوليو جنهن جو سامان گھوٽڪيءَ مان ڀائي چوئٿ مل
گدو مل جي دوڪان تان آڻيندا هيا. ڪنور جي امڙ تيرٿ
ٻائي ڪنور کي هنج ۾ کڻي لاڏڪوڏ سان پالڻ لڳي. ڪنور
جا وڏڙا مالي طور تي غريب هئا جنـﻫـن جو ڪنور جي
زندگيءَ تي گھرو اثر هئو. ڪنور جو ٻالڪ پڻ کان ئي
ستسنگ ڏانـﻫـن لاڙو هو. تارارام ننڍڙي ڪنور کي هنج
۾ کڻي پيار، پريت، امن ۽ آشتيءَ جي لولي ڏني. جنهن
تي ڪنور ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين ثابت قدم رهئو. هن
پهرين ڏهاڙي کان ئي من ۾ محبت جو اهڙو ته وکر
ويهاريو جو پئي پراڻو نه ٿئي. شاه چواڻي ته: ”وکر
سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.“ پريم جو پيچرو
ڏاڍو اڙانگو آهي. سر جو سانگو ڇڏي، لوڪ جا لاڳاپا
لاهي سوريءَ تي سر ڏيڻ ڪنـﻫـن سچي سالڪ جو ئي ڪم
آهي. ڪنور ڀڳت به عشق جي ان ماڻ ماپي تي پورو
لٿو.
ڀڳت ڪنور کي 5 سالن جي ڄمار ۾ هندي، سنڌي اکر
پڙهڻ لاءِ ماستر ڏائو مل وٽ ويـﻫـاريو ويو جتي
سندس سئوٽ ’حڪومت‘ به اڳ ئي ساڳيا اکر سکندو
هئو، هي ذهين هئو انڪري استاد جو به مٿس ڌيان هئو.
توڙي جو دير سان داخل ٿيو، آيو، پر پوءِ به
پنهنجي سئوٽ ’حڪومت‘کان هوشيار هئو. اتان اکر
شناسيءَ کان واقف ٿي پنهنجو هٽڙو هلائڻ لڳو جنهن
جو ليکو چوکو، حساب ڪتاب پاڻ ڪندو هئو . ننڍ پڻ ۾
ڀڳت ڪنور جي ڳلي ۾ من موهيندڙ مرلي ڏسي سندس پتا
کيس گائن وديا سکڻ لاءِ ميرپورماٿيلو ۾ ’حيات
پتافيءَ جي ٽڪاڻي‘ ۾ موڪليو جتي هن گائين وديا جو
اڀياس ڪيو. ڪنور جو ننڍي هوندي ئي اهڙو ته مٺڙو
آواز هوندو هئو جو ماڻـﻫـون ته ڇا پر مِرن جي
دلين کي به موهي وجھندو هو. ڪڏهن ڪڏهن شري ستگرن
سان به ڀڳت وجھندو هو. هن جي پريم جي پڙلاءَ تي
پکي به پنـﻫـنجا آکيرا ڇڏي اچي هن گھوٽ جي
گھائيندڙ آواز کي ٻڌندا هئا. ڪنور جي آواز ۾ اها
سگھ هئي جا دلين جي بند دروازن کي به ٽوڙي وجھندي
هئي ته دريائن جي روانيءَ ۽ دهشت جي وهشت کي به
روڪي رکڻ جي سگھه رکندي هئي. ڪوي ڄيٺل جي سٽن ۾
ته:
تُنـﻫـنجي مرڪ ته مٺڙيءَ ماڻـﻫـن جو،
هڻــي گھــوٽ ڪليجــو گھـايو هو.
سـاري سـنڌ جـي مـردن ماين جو،
ســﻫـڻي سرندي ساهه سڪايو هو،
ٻـڌي پــکي پســو پـر لاون کــي،
کولي کنـڀڙن سـﻫـڻن ساون کي،
تنـﻫـنجي پڪڙي دلبر وارن کي،
پنـﻫـنجو تن من ڀي تڙ پايو هو،
تنـﻫــنجي لاءِ مـرون مشـتاق هـئا،
بـنا درشـن جـي نـاچـاڪ هـوا،
ڪيئـي گـوندر ۾ غمـناڪ هـوا،
جـن سـڪ ۾ سـاهه سـڪايو هو،
تنـﻫـنجي سانول سـﻫـڻي وائي تي،
محـبت جـو مـينگھ وسايو هو،
تنـﻫـنجي ڇيرن جي ڇمڪار ٻڌي،
۽ مـــرڪ مــٺـي منـٺـار ٻــڌي،
’ڄيٺل‘ گائين ڀي گفتار ٻڌي،
بس آب انـﻫـيءَ دم وسايو هو.
ڪنور، ڪنـﻫـن ذات پات، رنگ ۽ نسل جو محتاج نه هئو.
هي عشق الاهيءَ جو ديوانو هئو. هن جي سوچ سڌير ۽
دل شاهه جي دنبوري جـﻫـڙي هئي جنـﻫـن جي تار
چوويـهه ئي ڪلاڪ پنـﻫـنجي مالڪ سان ڳنڍيل هئي.
هن صوفيءَ جي سڄي زندگي شاهه لطيف جي هنن سٽن جي
مصداق رهي ته: ”تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن،
تندون جي طلب جون، وحدت سر وڄن.“
جروارن جي ڳوٺ ۾ ڪابه اهڙي پاٺشالا ڪانه هئي جتي
عربي لپيءَ ۾ پڙهايو وڃي. انڪري ڪنور کي ميرپور
ماٿيلو ۾ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ ويـﻫـاريو ويو
جتي گرنٿي هاسارام مشـﻫـور راڳيندڙ هو جنـﻫـن ڪنور
کي ڳائڻ وديا سيکاري هوشيار ڪيو. هي جڏهن به
ڳائيندو هئو ته ان وقت هي ڪنـﻫـن ٻئي جـﻫـان ۾
پـﻫـتل محسوس ٿيندو هئو. سندس اهو قصو به مشـﻫـور
آهي ته: ”هڪ ڀيري فصل پچي تيار ٿيا ته جھارِ لاءِ
سندس پيءُ ڪنور کي ٻنيءَ تي ويـﻫـاري ويو. ڪنور جن
پيـﻫـي تي مٿي چڙھي ويٺا ته سندن ڌيان مالڪ
ڏانـﻫـن هليو ويو جھارِ وساري ويٺا ۽ مٺڙي آواز
۾ پنـﻫـنجي رمز ۾ اچي راڳ تلنگ مان هي ڀڄن چوڻ
لڳا ته:
ڪيئن ريجھائيان توکي ڪيئن پرچائيان،
ڏَس ڪو ڏانءُ، ڏَس ڪو ڏانءُ!
ان ويل پاڻ مالڪ جي عشق ۾ اهڙا ته مست ٿي ويا جو
کين ٻاهرين دنيا جي خبر ئي ڪانه پئي. اوچتو فصل ۾
ماڪڙ به اچي لٿي. ٻيا سڀ ماڻـﻫـو پنـﻫـنجي زمين،
کيت ۾ سنڀال لاءِ ويٺا هئا، انـﻫـن جي رڙين واڪن
ڪرڻ تي ماڪڙ کان بي ڌيان ويٺل ٻالڪ ڪنور جون اکيون
کليون ۽ ڏٺائون ته جنـﻫـن کيت تي پاڻ سنڀالڻ لاءِ
ويٺا هئا ان تي ماڪڙ اصل ڪان هئي؛ باقي ٻيا جيڪي
کيت جي سنڀال لاءِ ويٺا هئا انـﻫـن ماڪڙ کي ڀڄائڻ
جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي تنـﻫـن هوندي به انـﻫـن جا کيت
ماڪڙ کائي وئي. هيڏانـﻫـن جنـﻫـن وقت ماڪڙ جا ڪٽڪ
ڳاڙهن پرن سان اڏامندا جروارن جي بلڪل ويجھو آيا
ته آسمان سڄو مڪڙن سان رڱجي ويو، مڪڙن جي کنڀڙاٽين
جي ڦرڙاٽن سڄي شـﻫـر کي ٿرٿلي ۾ وجھي ڇڏيو. ان وقت
هرهڪ هاريءَ جي حالت قياس جوڳي هئي.
تاراچند جڏهن اها حالت ڏٺي ته سڌو ٻنيءَ ڏانـﻫـن
ڀڳو. دل ۾ خيال آيس ته ننڍڙو ڪنور جوئر جي فصل کي
ڪيئن بچائي سگھيو هوندو. هي ڊوڙندو ٻنيءَ تي
پـﻫـتو ته: ڇا ڏسي ڪنـﻫـن جو به فصل باقي ناهي
رهيو. هن ڪنور کي سڏ ڪيو. ڪنور! او ڪنور! ڪنور…!
ڪو به جواب ڪونه آيو ته هي ويتر پريشان ٿيو. خيال
ٿيس ته ڇا ماڪڙ پيـﻫـي تي ننڍڙي ڪنور کي به کائي
پورو ڪري ڇڏيو ڇا …! اِلاهي اسرار ڏسڻ وٽان هئو.
ڀائي تارا چند جي حيرت جي ڪائي حد نه رهي هن ڏٺو
ته سندس ٻنيءَ ۾ هڪڙو به مڪڙ نالي ماتر به
ڪونه هئو..!
)امر
شهيد ڀڳت ڪنور رام، 1982ع - ص: 15)
ڪنور، سنڌ جي سونـﻫـن، سرهاڻ ۽ سچ، ساک، امن جو
سچو پرچارڪ هئو؛ هن فقير منش ماڻـﻫـوءَ جي من ۾
ڪينو، ڪپٽ، ڪروڌ ۽ ڪچائي ڪانه هئي. سندس چواڻي ته:
”سچ جي ڪمائي هڏن جو پورهئو ڪري جو اَنُ کائجي
ٿو سو دل کي روشن ڪري ٿو. ڪپت، ٺڳي، دغا ۽ دولاب
ڪري جو اَنُ ٿو کائجي سو دل کي ڪارو ڪري ٿو.
جـﻫـڙو اَنُ تـﻫـڙو من. ان شڌ ته من به شڌ، ان
کائڻ ڪري خراب خيال من کي ائين وڪوڙي ويندا آهن
جيئن مٺائيءَ کي ڪوليون چوڌاري وڪوڙي وينديون
آهن.“ قويءَ ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته:
ڪري دل کي ڪارو، ڪپت جي ڪمائي،
سـچائيءَ سان روح کي، رسـي روشنائي .
’هيمان‘
(ڀڳت ڪنور رام ولاس، ص: 30 )
ڪنور، پنهنجي من ۽ مزاج ۾ فقير منش ۽ سچو سنت
هئو، هڪ ڀيري ڪنهن سڄڻ، ڪنور کان پڇيو ته سائين!
سچي سنت جا ڪهڙا لڇڻ آهن؟ تنهن تي سنت مشڪي فرمايو
، ڇو سائين! توهانکي به سنت ٿيڻ جو ويچار آيو آهي
ڇا؟ ڀائي، سچو سنت ٿيڻ ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي.
ساڌو ڪهاون ڪٺن هئه، جيسي لمبا پيڙ کجور،
چڙهي تو چاکي رام رس، گري تو چڪنا چور.
ڀڳت صاحب وڌيڪ فرمايو ته: ”ابا! سچو سنت اهو آهي
جيڪو پنهنجي سِرَ جو آسرو لاهي پهريان پاڻ کي فنا
ڪري ٿو، پاڻ فنا ڪرڻ کانسواءِ درشن ٿي ڪونه
سگھندو. سڪڻ، سِرُ ڏيڻ ۽ لِڪڻ اُهي ٽئي نشانيون
آهن سچي سنت جون!“
جي تون سڪڻ سکيو، ته، ڪاتيءَ پئي ۾ ڪنجھ،
سپـريـان جي سـور جــو، مـاڻهـن ڏي نه
منجھ،
انـدر اي اهـنـج، سـانـڍج سـکـائـون ڪـري.
’شاهه‘.
(امر شهيد سنت ڪنوررام - 1986ع- ص:143 )
ڪنور، ڪٺور دلين جو به راڻو هئو، سندس نرم مزاج
هئڻ ڪري کيس سُر
’آسا‘
۽
’پرڀاتي‘
ڏاڍو موهيندا هيا، جنهن کي تمام گھڻي ۽ گهري انداز
۾ ڳايو اٿس. سُرُ
’مارو
وهاڳ‘
جيڪو مرتئي تي ڳايو ويندو آهي جنهن ۾ رڳو درد ۽
وڇوڙي جو ورلاپ آهي اهو به کيس ڏاڍو وڻندو هئو ان
کي ڳائڻ مهل پاڻ زارو قطار روئيندا هيا ۽ ٻڌندڙن
جي اکين ۾ به آب اچي ويندو هئو . پاڻ اسر ويل جڏهن
’الک‘
اورڻ ويهندو هئو ته محفل ۾ چئوڏس سانت ڇانئجي
ويندي هئي.
ڀنڀرڪي جو اٿي رام ريجھائڻ جو ڏانُ ته ڪوئي ڪنور
کان سکي، هُو اسر ويل اٿي پرهه ڦٽيءَ تائين پيو
ڳائيندو ۽ پاند ڳچيءَ ڳل پائي نچندي نچندي پنهنجي
رب کي ريجھائڻ، پرچائڻ لاءِ پيو ايلاز ڪندو هئو،
مالڪ به مٿس مهربان هئو، جو هو جيڪي به دعا گھرندو
هئو اها پوري ٿيندي هيس؛ سندس اهڙين اگھاميل دعائن
جا ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون اڄ به ڪتابن ۽ ماڻهن جي
سينن ۾ سانڍيل آهن. ڪٿي ڪو مئل ٻار زندهه ٿيو، ڪٿي
اڻ مندائتي برسات پئي ته ڪنهن کي اولاد ٿيو ته
ڪٿي ڪنهن ضرورتمند جي ضرورت پوري ٿي.
ڪنور ڪڏهن به پاڻ لاءِ ڪو نه ڳايو، هن وٽ جڏهن به
ڪوئي حاجتمند، سوالي ايندو هئو ته کيس چوندو هئو
ته ڌڻيءَ جو نانُ وٺي ڀڳت وجھئون ٿا پوءِ جيڪي پيو
سو تنهنجو، فقير ماڻهن جي ميڙ ۾ بيهي ڇير ڇمڪائي
ٻئي ٻانهون کولي هڪ هٿ ڪن تي رکي ٻيو هٿ ماڻهن
ڏانهن ڪري مٺڙي آواز ۾ چوندو هئو ته: او شل ڪا
ٻاجھ پوَئي.! هوڏانهن سارنگيءَ تي ويٺل ڦتن ميراسي
به ساز ڇيڙي سارنگيءَ مان اهڙيون ته عجيب وَ غريب
راڳڻيون ڪڍندو هئو جو ڪنور سارنگيءَ جي تند ۽ تان
سان سُرملائي اهڙا ته آلاپ آلاپيندو هئو جو ڪٺور
دلين ۾ به رحم جوڳي لهر لُڇي پوندي هئي ۽ سندن
نيڻن مان نير ريلا ڪري وهي پوندا هيا، ان ويل ڪنور
ڇير ڇمڪائي ۽ ڦيرڙي پائي جيڪي به سدا هڻندو هئو
اها اتي ئي پوري ٿيندي هيس.
هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان به تکو مَٺو نه
ڳالهايو، هميشه ڪنڌ هيٺ ڪري نياز نوڙت سان هرڪنهن
سان پيش ايندو هئو. اهڙن من جي اُجرن ماڻهن کي ئي
سچو ساڌو چئجي ٿو. هن جي من ۾ لالچ ۽ لوڀ جي ڪابه
ِميرِ ڪانه هئي. سچل جي سٽن ۾ ته:
ڪلمون پڙهان ته ڪافر ٿيان ، گھڙان نه انهيءَ
گھير،
جــاڏي راهه رســول جـي ، تــا ڏي پــا
يــان نه پـيــر،
جي من مان ڪڍان نه مير، ته حضور حاصل ئي نه ٿئي.
ڪنور، جيڪي ڪجھ ڀڳت مان ڪمائيندو هئو اُهي پئسا
سون ۽ چانديءَ جا سڀ سڪا ميڙي ان مان محتاجن جي
مدد ڪندو هئو. پاڻ اهڙو پئسو ڪڏهن به گھر ۾ نه
آندائين، اُهي اُتي ئي فقيرن، غريبن ۽ مسڪين ،
محتاجن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. هي پئسن خاطر نه پر
غريبن جي مدد خاطر ئي ڳائيندو هئو. هي اڙيلن جو
آڌار هئو. هن بنا ڪنـﻫـن ذات پات، ڀيد ڀاوَ جي هر
گھرجائوءَ جي مدد ڪئي. آڌي، مانجھي سانجھ، سوير،
سندس وٽ جڏهن به ڪوئي سوالي ڊيڍ، برهمڻ، باگڙي ۽
هندو، مسلمان، سک، عيسائي ڪـﻫـي آيو ته هن ان کان
ڪڏهن به ذات، مذهب معلوم نه ڪيو. هي انـﻫـن کي ڳل
لڳائي انـﻫـن جي مدد ڪندو هئو. هن وٽ ڪيتريون ئي
وڌوائون، اناٿ، يتيم ايندا هيا جن جي هي مدد ڪندو
هئو. هي ڪيترن ئي معذورن، بيواهن ۽ اناٿن جو ڪارج
به پاڻ پنـﻫـنجن هٿن سان ڪندو هئو. سندس اهڙي ئي
ادا ڪيل ڪردار کي قوي
’ڄيٺل‘
پنـﻫـنجن خوبصورت لفظن ۾ ڀيٽا ڏيندي چيو آهي ته:
انـڌن ۽ منـڊن جو! اَجھو آسـرو ٿي،
بکين کي ڏيندين ڍءُ! وَڃائين گھول گھولي،
ڄـمي ڄــام
’ڄيٺل‘!
امـر انـت ٿيـنـديــن،
ايندي خلق ات لـک! ڏسـڻ تنــﻫـنجـي ڏولـي .
ها! اها به هڪ حقيقت آهي ته جڏهن ڪنور شهادت ماڻي
ته: سندس ڏولي جنهن به شهر مان ٿي گذري ته اتي
ماڻهن جا ڪٽڪ، ڪيولين جيان ميڙ مڙي ٿي ويا. جنهن ۾
خلق جا مٿا اگھاڙا ۽ اکين ۾ لُڙڪ ۽ هٿن ۾ ڪارا
جھنڊا هئا. منڊليون ويران هيون هرطرف ماتمي جلوس
جهڙو سوڳوار منظر هئو. هر شهر ۾ هٽ تاڙ ( هڙ تال )
هئي. روڊ تي پير پائڻ جي جاءِ نه هئي، سندس ڏولي
ڏسڻ لاءِ ماڻهو، مرد توڙي عورتون گھرن، ڪوٺن جي
ڇتين تي چڙهي سندس ڏوليءَ جو انتظار ڪندا رهيا.
جتان جتان ڪنور جو لاش گذري رهئو هئو اتان اتان
(ڪوٺن تان) سندس لاش تي گلن جي ورکا ٿي رهي هئي
گلاب، مُشڪَ ڇٽيو ٿي ويو، ڪيترائي رومال، لنگيون
۽ اجرڪ مٿس پيا.
ڪنور گوليءَ جي گھائجڻ کان پوءِ زخمي ٿيو ته سندس
لاش کي ٽرين مان لاهي ڏوليءَ ۾ وجھي پهريان ٽڪريءَ
تي نم جي چاڙهيءَ مٿان ڀائي منگل مل جي گھر سکر
کڻي آيا، جتي سڄي شهر جا ماڻهون درشن لاءِ پهتا؛
ان بعد شهر مان ٿيندا ميت کي ساڌ ٻيلي ۾ سوامي
هرنام داس ۽ موتيرام ٽڪاڻي جي مهراج پاکرون ۽
پتاشا وڌا، سکر پل لنگھي هيءُ سوڳوار جلوس وسڻ رام
سنت جي ٽڪاڻي ۾ آئي؛ روهڙي گهمائي پوءِ ارٿيءَ
کي لاريءَ ۾ چاڙهي گھوٽڪي، ميرپور ماٿيلو،
جروار، (ڪنور کي جڏهن ڳوٺ کڻي ويا ته سندس
گھرواري بيهوش ٿي وئي، جڏهن هوش آيس ته گرم گرم
ڳوڙهن سان لاش پسائي ڇڏيو،) حيات پيافي، گھمندا
سڌو رهڙڪي آيا جتي ڪنور جو اگني سنسڪار ڪيو ويو.
ڪنور کي ڌن دولت بجاءِ هر وقت مالڪ حقيقيءَ جي
ٻاجـهه
جي طلب هئي. پاڻ هروقت پنـﻫـنجي مالڪ کي پرچائڻ
لاءِ جتن ڪندو هئو ۽ پنـﻫـنجي مٺڙي آواز ۾ ائين
ميڙ، منٿ ۽ ايلاز ڪندو هئو جيئن ڪائي ماءُ
پنـﻫـنجي ننڍڙي ٻار کي پرچائڻ، ريجھائڻ لاءِ کيس
پنـﻫـنجي مٺڙي آواز ۾ لولي ڏيندي آهي؛ جڏهن هُو
ٻار کانئس ڪونه پرچندو آهي ته ماءُ ٻاجھ مان
کانئس ئي پڇندي آهي ته: ڀلا ! تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته
تون مونسان ڪيئن پرچندين. ائين ئي ڪنور به ڪندو
هئو؛ ڳل، ڳچيءَ ۾ نياز نوڙت جو پاند پائي عاجزيءَ
مان ٻانـﻫـون ٻڌي سرڙو نوائي پيو چوندو هئو ته:
ڪيئن ريجھائيان تو کي ڪيئن پرچايان؟
ڏس ڪو ڏانءُ!
ڏس ڪو ڏانءُ!
جان ٿيان مومن پاڪ نمازي
جنـﻫـن ۾ جانب تون ٿئين راضي!
جامي جوڙايان ڪِن سرڙو نوايان؟
سرڙو نوايان!
ڏس ڪو ڏانءُ!
جان ٿيان هندو پوڄيان بت خاني
ڪاشي، دواري گنگا اسنان!
جڻيون پايان، ڪِن تلڪ لڳايان ؟
تلڪ لڳايان!
ڏس ڪو ڏانءُ!
جان ٿيان ناچو پـﻫـريان پيش وازي
ڌڪڙ، ڌمچر سازي آوازي!
ڦيرڙيون پايان ڪِن ڇير ڇمڪايان؟
ڇير ڇمڪايان!
ڏس ڪو ڏانءُ
اچ ته پيارل ڪريون پرچاءُ
ساڻ سليمان جي ڪريون سرچاءُ
لائق ناهيان ته به تنـﻫـنجي آهيان
تُنـﻫـنجڙي آهيان
ڏس ڪو ڏانءُ ڏس ڪو ڏانءُ.
ڪنور جڏهن 18 سالن جي ڄمار ۾ آيو ته مرشد جي چوڻ
تي سندس شاديءَ جو سعيو ڪيو ويو. ان لاءِ ڪٽنب
منگھرياڻين جي ڳوٺ مان ڀائي نوتومل مکيءَ جي ڪنيا
سان مڱڻو ٿيس سنبت 1860ع ڦڳڻ مـﻫـيني ۾ سندس شادي
ٿي. ڪنور جي پـﻫـرين ڌرم پتنيءَ جي چالاڻي
(لاڏاڻي) بعد گھڻن ماڻـﻫـن جي چوڻ تي ٻي شادي گنگا
ديويءَ سان ڪيائين جنـﻫـن مان کيس هڪ پٽ پيسورام ۽
ٽي نياڻيون ڪلا، شيلا، ستلس هئون.
ڀڳت ڪنوررام، انـﻫـن عام راڳين جيان نه هئو جيڪي
هر وقت پيسي جي پويان ڊوڙندا آهن. هن کي مايا جو
موهه ڪڏهن به موهي نه سگھيو. هي پئسي تي مرڻ
وارو لالچي نه پر، سچو ڀڳت ۽ هڪ سچو جڳت هئو. هن
جتي به ڀڳت وڌي اتي هن دين ڌرم کان بالاتر ٿي ڪري
غريبن جي بي لوث مدد ڪئي سندس مختصر زندگيءَ ۾
جھاتي پائڻ سان سندس رحمدليءَ ۽ انسان دوستيءَ جا
اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا. جيڪي صدين کان سينا به
سينا ٻڌبا ۽ ورجائبا اچن ٿا. هي مالڪ حقيقيءَ جو
بندو هئو ان جي عشق ۾ ئي ان جي خلق ڪيل مخلوق سان
بيحد پيار ڪندو هئو. جئين سندس لاءِ هيءُ قصو
مشـﻫـور آهي ته: سکر جي هڪ وڏي ڊاڪٽر محمد ڳالهه
ڪئي ته: هڪ دفعي روهڙي اسٽيشن تي ٻن مسلمانن کي
ٽڪيٽ نه هئڻ ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو، جنـﻫـن کي
ڪنور رام 11 روپيه 2 آنا ڏئي انـﻫـن ٻنـﻫـين
مسلمانن جو ڏنڊ ڀري کين آزاد ڪرايو. چون ٿا ته:
”جروارن ۾ ڌاڙي جي خيال سان آيل ڌاڙيلن کي ڪنوررام
ڪلام ٻڌائي معافي ڏئي خالي موٽائي ڇڏيو.“ (امر
شهيد سنت ڪنور رام، 1986 – ص: 107 )
ڪنور، واعدي جو پڪو ماڻـﻫـو هئو هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن
به ڪنـﻫـن سان اهڙي ڪا واعدي خلافي نه ڪئي جنـﻫـن
سان ڪنـﻫـنجي دل آزاري ٿئي. جيڪڏهن هن ڪنـﻫـن سان
ڪا واعدي خلافي ڪئي ته ان ۾ به ڪنـﻫـن جي ڀلائي
شامل هوندي هئي. جئين هيءُ هڪ مشـﻫـور واقعو اٿس
ته: ”هڪ ڀيري مير علي مراد خان ٽالپر هڪ مسلمان کي
ڪنـﻫـن ڏوهه سبب قيد ۾ وڌو ته سندس ماءُ، ڪنور وٽ
دانـﻫـين پـﻫـتي چيائينس ته: هڪ ئي ڪمائيندڙ هو
اهو به قيد ۾ آهي. الله جي نالي پٽ آزاد ڪرائي ڏي.
ڪنور، مير صاحب وٽ لنگھي ويو عرض ڪيائين ته: مير
صاحب اهو ماڻـﻫـو آزاد ڪري ڏيو، مير صاحب چيس ته
هن ڀيري آئون اوهانجو چوڻ مڃان ٿو، پر اڳتي اهڙا
سوال مـﻫـرباني ڪري نه ڪجو. ڇو ته ائين ڪرڻ سان
اسان جي حڪومت جو چرخو نه هلي سگھندو. تنـﻫـن تي
ڪنور چيس ته: ڏاڙهيءَ جو انجام آهي اڳتي ائين نه
ٿيندو، نيٺ مير صاحب کي هڪ ڪلام ٻڌائي خوش
ڪيائين. وري ٻئي ڀيري ڪنور کي پٽ آزاد ڪرائڻ لاءِ
ڪنـﻫـن ماءُ الله جو نالو اچي وڌو. ڀڳت، مير صاحب
ڏانـﻫـن ويو مير علي مراد خان ڀڳت کي ايندو ڏسي
چيو ته: وري ڪيئن اهو سوال کڻي آيا آهيو. تنـﻫـن
تي ڪنور چيس ته: الله جي نالي وجھڻ تي اسان تارازي
کڻي هڪ طرف الله جو نالو وڌو ٻئي طرف پنـﻫـنجي
ڏاڙهي وڌي سين ته الله جو نالو ڳرو ٿي پيو. وري
پنـﻫـنجي مرشد جي پيءُ وري ان جي ڏاڏي جي ڏاڙهي به
وڌي سين تڏهن به الله جي نالي وارو پاسو ڳرو ٿي
پيو، انـﻫـيءَ ڪري اسان نٽائي نه سگھياسين، ڪنور
جا اهي لفظ ٻڌي مير صاحب کي رحم اچي ويو ۽ ڀڳت جو
چيو نه موٽايائين.“ ( امر شهيد ڀڳت ڪنور رام،
1982ع ص: 33 – 34 ) هن ڪيترائي ڀيرا ٻن جھيڙيندڙ
ڌرين ۾ سرچاءُ ڪرائي کين کير کنڊ ڪري ڇڏيو. ڪنور
جي اهڙي سڀاءَ ڪري سندس هاڪ ملڪان ملڪ مشـﻫـور ٿي
۽ هند، سنڌ ۾ سندس پرستارن ۾ اضافو ٿيو.
صوفين ۽ سالڪن جي سرزمين سنڌ تي جڏهن مذهبي
فسادن ڪَرُ کنيو ته انهن حالتن تي گهري نظر
رکندڙ، دور انديش ماڻهن ڪنور ڀڳت کي اهو مشورو ڏنو
ته سمو ڀاري آهي توهان پاڻ سان گڏ هٿياربند ماڻهو
کڻو، (گارڊ رکو) تنهن تي هن فقير منش ماڻهوءَ کين
چيو ته: ”هٿيار کڻي هلڻ ته اميرن جو ڪم آهي اسان
غريب گرهستي ماڻهو آهيون پوءِ هاڻ ڪهڙي طرح هٿيار
کڻون. آخر شيواڌارين ۽ ستسنگ جي گھڻي قدر چوڻ ڪري
ڀڳت صاحب جن ٻاهرين طرح مڃيو ۽ پوءِ 2 هٿيار بند
ماڻهو پاڻ سان کنيائين، جيڪي حملي وقت به ساڻس گڏ
هئا.“ توڙي جو قاتل 10 – 15 فوٽن جي فاصلي تي هيا
پر پوءِ خبر ناهي ته انهن قاتلن مٿان فائر ڇو نه
ڪيا، اهڙي سمي اچڻ مهل هو ڪٿي هئا، اهڙي خوني حملي
کان ڪنور کي بچائي ڇونه سگھيا. اهو هڪ سوال آهي
جيڪو اڃان به حل طلب جواب جي اوسيئڙي ۾ آهي. چون
ٿا ته: اهڙين ڪٺن حالتن کي محسوس ڪندي اهڙي ڪنهن
حادثي کان بچڻ لاءِ احتياط طور: ”مُکي خوبچند ان
وقت جي ڪليڪٽر وٽ وڃي سمورو حال ٻڌائي هڪ بندوق
خريد ڪئي ۽ ان جو لائيسنس منظور ڪرائي آيو. پوءِ
ٻه ٽي مهينا ڀڳت صاحب جن جيڏانهن ٻاهر ويندا هيا
ته هڪ ماڻهو بندوق کڻي ڀڳت صاحب جن سان گڏ هلندو
هئو، ۽ مکي خوبچند جو پٽ به ليسن بردار هئو، اهو
به پنهنجي بندوق کڻي ساڻس گڏ ويندو هئو.“ (امر
شهيد سنت ڪنور رام، 1986ع ص: 72 – 73 ) پر جڏهن
وقت پڄي آيو ته فقير کي ساڻ کنيل بندوقن وارا
باڊي گارڊ به بچائي نه سگھيا. تاريخ 11 ڪتي مهينو
سنبت 1939ع مانجھند مان ٻائي گوبنداس ۽ ٻائي
ديوداس جي ورسيءَ تان موٽندي امرت ويلي رُڪ ريلوي
اسٽيشن تي شير شهات ماڻي.
ڪنور، سنڌ جي ازلي آواز سان گڏ، سنڌ جو امر ڪردار
به هئو.
سنڌ، هند جي هن امن جي سفير کي ان ڪڌيءَ سوچ 2-
آڪٽوبر 1939ع جي اڀاڳي ڏهاڙي تي رڪ جي ريلوي
اسٽيشن تي سکر ايندي کيس اڻ ڪيل گناهه تي گوليءَ
جو کاڄ بڻايو جنـﻫـن جو هي گنـﻫـگار، سزاوار
ئي نه هئو.
ڪنور جي قتل جا محرڪ ڪهڙا هئا، قاتل ڪير هئا ۽
انهن جو انجام ڪهڙو ٿيو، اهو هڪ تحقيق طلب سوال
آهي جنهن تي سوچڻ محققن جو ڪم آهي، اهو ڪم انهن
تي ئي ڇڏجي ٿو. باقي اسان کي ان واقعي بابت مليل
ڪجھ ڄاڻ هن ريت آهي ته: علي احمد بروهي لکي ٿو
ته: ”ماهه جولاءِ 1939ع جي هڪ ڏينهن سکر جي اناج
بزار ۾ هڪ نوجوان جو ڪنهن دوڪاندار سان ”تون ڇا
تون ڇا“ ڪندي تڪرار ٿي پيو. انهيءَ دور ۾
بدقسمتيءَ سان هندو مسلم ڇڪتاڻ چوٽ تي چڙهيل هئي،
۽ ساکرو شهري تعصبي آڳ ۽ فساد ڦهلائڻ جا ڪوڏيا
هئا. نوجوان کي اڪيلو ۽ بي هٿيار ڏسي چند بي خير
دوڪاندارن نه فقط سندس بي عزتي ڪئي، پر کيس مارڪٽ
پڻ ڪئي.
اهو نوجوان هڪ با اثر ماڻهوءَ جو نينگر هئو، جو
سکر شهر ۾ سودي وٺڻ لاءَ آيل هئو. نوجوان واپس ڳوٺ
ورندو ويو. ۽ ڀنڀور کي باهه لڳندي وئي.
نوجوان جي عزيزن قريبن ۾ تاءُ اچڻ هڪ لازمي امر
هئو. پر سکر جي ڪليڪٽر مسٽر ڪوٺاوالا جي بروقت
جوڳا قدم کڻڻ ڪري هندو مسلم فساد ٽري ويو. پئنچائت
طرفان معافي ورتي وئي ۽ اڻ وڻندڙ واقعو وقتي طور
تي لئه مٽي ڪيو ويو، پر نوجوان واري ڌر جي ڪن
شيدائين ۾ شورش بدستور رهي ۽ انتقام وٺڻ جو بهترين
طريقو هيءُ رٿيو ويو ته جوابدار جي جاتيءَ کي
اهڙي ڀاري سزا ڏني وڃي جو عمر ڀر ياد رکن. ان
فيصلي جو نزلو اچي ڀائي ڪنور تي ڪريو ڇاڪاڻ ته هو
سنڌ جي ماڻهن جو مقبول عام، مهاتما ۽ مها پرش هئو.
هي هئو ڪنور جو قصور ۽ ڏوهه گناهه! (امر شهيد سنت
ڪنوررام، 1986ع- ص:6) ان واقعي جي حقيقت کي ”زيب
سنڌيءَ به پنهنجن لفظن ۾ هئين بيان ڪيو آهي ته:
”4- آڪٽوبر 1939ع تي سکر شـﻫـر ۾ ڀرچونڊيءَ وارن
پيرن جي هڪ نوجوان ميان عبدالرحيم جو ڪنـﻫـن
هندو دوڪاندار سان جھيڙو ٿي پيو جنـﻫـن جي نتيجي ۾
ميان عبدالرحيم کي مارڪٽ ڪئي وئي. ڀرچونڊي پير جي
مريدن ۾ ان واقعي سبب تاءُ پکڙجي ويو ۽ انـﻫـن
هندن کان انتقام وٺڻ جو فيصلو ڪيو ان وقت سڄي تر ۾
ڪنور ڀڳت ئي سڀ کان مقبول ۽ وڏي شخصيت جو مالڪ
هئو. جنـﻫـنڪري مت جي موڙهيل ماڻـﻫـن بنا ڪنـﻫـن
ڏوهه جي کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بيگناهه ڀڳت
ڪنور رام کي 2 نومبر 1939ع تي رُڪ جي ريلوي اسٽيشن
تي گوليءَ جو نشانو بڻايو“. (ڪالم- ڪنوررام-
روزانه ڪاوش حيدرآباد 2011ع- 2 نومبر) ڪنور جي
قاتلن کي لڪائڻ ۽ ان سُٽَ کي منجھائڻ لاءِ سندس
قاتلن جا نالا ۽ ذاتيون به مختلف ٻڌايون ويون
آهن جنهن تي پڻ تحقيق جي ضرورت آهي. انور
ڏنگڙائيءَ پنهنجي سهيڙيل ڪتاب: اسانجو ڪنور، جي
’ٻه اکر‘ ۾ هئين لکيو آهي ته: ”مونکي هڪ انتهائي
ڀروسي جوڳي جھوني ماڻهوءَ ڪنور جي قاتلن جا نالا،
جانو جلباڻي رتيديري جو، عبدالڪريم کوسو ڪنڌ ڪوٽ
جو، ۽ ٽيون رمضان ڏيرو ٻڌايا جيڪي سنڌ جي هڪ وڏي
پيراڻي گاديءَ جا مريد هيا ۽ انهن پيرن جي ئي چوڻ
تي فقير کي قتل ڪيائون.“ (انور ڏنگڙائي، 2004ع -
ص: 5- 8 ) ان واقعي کي گهري نظر سان ڏسندي سيد
مرشد گيلانيءَ ڪنور جي قاتلن جون ذاتيون ۽ شهرن
بابت ان ئي ڪتاب ۾ پنهنجي مضمون ۾ هڪ هنڌ هئين
لکيو آهي ته: ”هڪ ڪنڌ ڪوٽ ضلعي جيڪب آباد جو
سهرياڻي بلوچ هئو ۽ ٻيو رتو ديرو ضلعي لاڙڪاڻي جو
جلباڻي ٻروچ هئو.“ (سيد گيلاني، 2004 - ص: 86 –
90 ) ان واقعي تي وڌيڪ روشني وجھندي سوز ٻروچ
پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪنور جي قاتلن جي نالن ۽ انهن
جي انجام بابت ڪجھ هن ريت لکي ٿو ته: ”محمد مراد
سهرياڻي 15 سال اڳ گاڏيءَ ۾ چڙهندي سندس پير ٿڙڪي
ويو ۽ ريل گاڏيءَ هيٺان چچرجي ايذاءَ کائي مري
ويو. ٻئي قاتل جان محمد جلباڻيءَ جو به ساڳيو
ئي حشر ٿيو جو پنج ڇهه سال اڳ اهڙو چريو ٿي
ويو جو ڪتن وانگر ڀونڪندو هو ۽ سنگھرن (زنجيرن) ۾
جڪڙيل هو. مهيني تائين رڙيون ڪندي ڪندي مري ويو.“
(سوز ٻروچ، 2004ع - ص: 102 – 111 ) قدرت جي ذات
بيپرواهه آهي ان وٽ دير آهي، پر انڌير ناهي، ائين
ڪڏهن ٿيو ئي ناهي ته ڌرتيءَ تي ڪنهن جو بيگناهه رت
وهئو هجي ۽ قاتل ان سزا کان بچي ويو هجي. ڪنور
جي قاتلن جو ئي رڳو برو انجام نه ٿيو آهي،
ڪنور کان پوءِ ته اها اسٽيشن به اجڙي وئي جتي
ڪنور جو رت وهيو هو، رُڪ جي ريلوي اسٽيشن تان
جنڪشن کي ختم ڪري حبيب ڪوٽ کي جنڪشن بڻايو ويو.
ڪنور جي شهادت کان پوءِ ان اسٽيشن تي ڪانگ
رڙندي، ڪتا ڀونڪندي ۽ گدڙ اونائيون ڪندا رهيا.
ڪنور، ڀڳتي تحريڪ جو امر شهيد هئو، ڀڳتي هر ڀيد
ڀاوَ کان بالاتر هوندو آهي ۽ بنا ڪنهن لالچ، لوڀ
جي انسان ذات جي آجپي ۽ ترقيءَ لاءِ سوچيندو آهي.
جيڪا ڳالهه ڪفر جي ڪٽ چڙهيل دلين کي اڄ تائين
آئڙي ناهي ۽ هو مذهب جهڙي مقدس منشور، مقصد کي
هٿيار طور استعمال ڪندي ڪنور جهڙن فقير منش ماڻهن
جا بنا ڪنهن جرم جي ڪنڌ لُڻائيندا رهيا آهن. ڪنور
کي بنا ڪنهن ڏوهه جي قتل ڪري سنڌ، هند کان امن
کسي مندر جهڙي من ۾ وڇوڙن جو وڍ وڌو ويو.
ڪنور! سنڌ هئو. سنڌ جي امن کي چکيا تي چاڙهيندڙن
ڪنور کي ڪُڌي سوچ جو نشانو بڻائي هڪ ئي وقت سنڌ،
هند کي روئاري ڇڏيو. ڪنور ته رڪ جي ريلوي اسٽيشن
تي ريل ۾ به موت سان رهاڻ ڪندو، رمندو آرائين جي
اسٽيشن تائين قاتلن کي به ميڙون منٿون ڪندو کين
پرچي پوڻ لاءِ چوندو رهيو. پر هُو ته ڪٺور دل
هئا جيڪي نه پرتا ۽ هي سچو ساڌو 2 نومبر 1939ع
جي اڀاڳي ڏينـﻫـن تي اسان کان رسي اهڙي ماڳ پهتو
جتان ڪوئي اڄ تائين موٽيو ئي ناهي. ڪنور ڇا ويو
ڄڻ سنڌ جو امن ويو…!!
بـنـدوق سـان گھـايـل ڪنـور جو مک آهـي،
۽ صدين جو دک آهي، سنڌ جي آڪاش تي.
(حسن مجتبى)
جنهن وقت ڪنور کي گولي لڳي ته گولي سندس ڪنڌ مان
پار ٿي سندس ساٿي ڀائي سيتلداس کي ٻانهن ۾ لڳي،
زنجير کي ڇڪي گاڏي کي بيهاريو ويو، پر ساهه جو پکي
جسم جي قيد خاني مان پرواز ڪري چڪو هئو، سندس رت
سان رڱيل لاش کي ڏوليءَ ۾ وجھي نم جي چاڙهيءَ
مٿان ڀائي منگل مل جي گھر سکر کڻائي آيا ٿوري دير
کان پوءِ کيس وڏي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي
ويا جتي صبح جو سرجن سندس مغز مان گولي ڪڍي
زاروزار رنو.
امر شهيد ڪنوررام جو سنسڪار ريهڙڪيءَ ۾ 5 سؤ
روپين جي چندن جي ڪاٺين سان جمع جي ڏڻ تي 3 بجه
شام جو ڪيائون، اگني سنسڪار وقت 5 هزار جي لڳ ڀڳ
ماڻهو موجود هئا جتي وڏي سوڳ جو منظر هئو. ان ڏک
۾ ڪنور جي ڪيترن ئي عاشقن ۽ عقيدتمندن پنهنجا مٿا
ڪوڙائي ڇڏيا هئا.
ڄيٺل نند قوي ءَ چواڻي ته: ”ان ڏک ۾ 300 سئو هندن
پنهنجا مٿا ڪوڙائي ڇڏيا.“ ڪنور جي ميت تي ڪيترائي
مسلمان به آيا. مرحوم خان بهادر قيصر خان بوزدار ۽
ٻين زميندارن، ڪنور جي ارٿيءَ (لاش) مٿان ڪيتريون
ئي قيمتي لونگيون وڌيون. اجرڪ وڌا. ڪنور، پنهنجي
پويان هڪ پٽ پيسورام، ٽي نياڻيون ڪلا، شيلا، ستلس
۽ هڪ بيواهه گنگا ديوي ڇڏي پرلوڪ پڌاري ويو ۽
پويان ڇڏي ويو اها ڳالهه ته:
آءُ ڪانگ ڪر ڳالهه، مونکي تن ماروئڙن جي،
مــاروئــڙن جــي، ســانگـيـئـڙن جـي.
حوالا
ڏنگڙائي، انور (2004
)
ٻه اکر: اسان جو ڪنور. سهيڙيندڙ: خود. ص: 5- 8.
ڪراچي: رافع پبليڪيشن.
گيلاني، سيد مرشد
(
2004)
سنڌ ۾ ڀڳتي تحريڪ جو آخري ڏيئو- امر شهيد سنت
ڪنوررام: اسان جو ڪنور. سهيڙيندڙ: انور ڏنگڙائي.
ص: 86- 90. ڪراچي: رافع پبليڪيشن.
ٻروچ، سوز
(
2004)
ڀڳتيءَ جي آخري نشاني (امر شهيد ڀڳت ڪنور رام):
اسان جو ڪنور. سهيڙيندڙ: انور ڏنگڙائي. ص: 102-
111. ڪراچي: رافع پبليڪيشن.
شاستري، پيسومل اتمچند
(1982) امر شهيد ڀڳت ڪنوررام,
ڪوٽڙي: سندر شيوامنڊلي.
ڪوي، ڄيٺانند
(؟) ڀڳت ڪنور رام ولاس، سنڌيڪار: ڪرشن چندر بجاج.
ميرپور ماٿيلو: جھولي لال پبليڪيشن.
تلريجا، ڪنعيا لعل
(1986) امر شهيد سنت ڪنور رام. ڪراچي: سنت ڪنور
رام شيوا منڊل.
بروهي، علي احمد
(1986) سنڌ جو راءِ ڏياچ، ڀائي ڪنور: امر شهيد سنت
ڪنوررام,
ليکڪ: تلريجا، ڪنعيا لعل. ص: 1- 8. ڪراچي: سنت
ڪنور رام شيوا منڊل.
سنڌي، زيب
(2011) ڪنور رام ڀڳت. روزنامه ڪاوش، 2 نومبر، جلد
22. حيدرآباد: ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن.
ڊاڪٽر مدد علي قادري
محمد حسين پهنور جي ورسيءَ جي حوالي سان ڀيٽا
اي گت غواصن، جئن سمنڊ سوجهيائون،
پيهي منجهه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،
آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سين.
(سريراڳ 2-؟)
هن ناچيز لاءِ اها فخر ۽ سعادت جي ڳالهه آهي جو
هُو سنڌ جي بي بها غواض، محمد حسين پهنور پنهنجي
عمرِ عزيز جو وڏو حصو علم ۽ عرفان جي پاتالن ۽
سمنڊن ۾ پيهي ماڻڪ، هيرا ۽ لعل ميڙي طالبن ۽
شيدائين جي جهولين ۾ وڌا آهن، تي آءٌ پنهنجا نماڻا
تاثرات سندس سالگرهه جي هن عاليشان تقريب ۾ پيش
ڪري رهيو آهيان.
اسانجو لائق صد احترام سائين محمد حسين پهنور گهڻ
رخي شخصيت جو مالڪ هو. الله تبارڪ و تعاليٰ کيس
ڪيترن علمن ۽ فنن تي دسترس عطا ڪئي هئي. پاڻي ۽
زرعي انجنيئرنگ ۾ مثالي ماهر سان گڏوگڏ پاڻ سنڌي
ٻولي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ، قدامت، ثقافت ۽
آرڪيالاجي جو لاثاني عالم بي مثال محقق هو
سندس سڀئي لکيل ڪتاب دراصل معلومات جو خزانو آهن،
آءٌ انهن مان ڪن معرڪة الآراء ڪتابن تي مختصر
تبصرو ڪندس.
1.سندس
انگريزي ۾ لکيل ڪتاب
Source Material on Sindh
منهنجي اها سعادت هئي جو هيءُ
ڪتاب مونکي 1980ع ۾ تحفي طور ڏنو هئائون.
هيءُ ڪتاب سنڌ جي قدامت، تاريخ، جاگرافي، ثقافت،
ٻولي، ادب سنڌ جا حڪمران گهراڻا. تصوف ۽ ٻين چيزن
تي مختلف ٻولي (انگريزي، فرينچ، يونان، اطالوي
سنڌي ۽ هندي) ۾ لکيل ڪتاب، جرنل تقريباً 5000
عنوانن تي مشتمل، سنڌ جا تاريخي نقشا، سنڌو درياء
جي وهڪرن جا نقشا، زرعي پاڻي جا نقشا مشهور فارسي
۾ لکيل تاريخون، متفرق تاريخي معلومات، سڪندر اعظم
جي سنڌ تي ڪاهه، سنڌ جا عرب گورنر، سومرن جي
حڪومت، سمن، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙا، ٽالپر، سنڌ
جون ادبي تاريخون، سنڌ جي آبپاشي، تصوف.
2.سندس
ٻيو اهم تحقيقي ڪتاب آهي: سنڌ جي آبپاشي جي 6000
ورهين جي تاريخ (انگريزي ۾) هي ڪتاب مرحوم مخطوطي
جي صورت ۾ ڇڏيو هو. جنهن کي محترم محمد عمر سومري
نهايت جانفشاني سان اسان جي عظيم دوست محترم
پروفيسر غلام محمد لاکي جي نگراني ۾ سهيڙيو آهي.
سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي هيءُ ڪتاب ڇپرايو آهي.
هيءُ ڪتاب نهايت اهم، وڏي قيمتي وارو ۽ وگيانڪ
آهي. مرحوم محمد حسين جي هن تحقيقي ڪتاب جهڙو نه
اڳ ڪنهن عالم لکيو آهي ۽ نه لکي سگهندو.
3.سندس
ٽيون عظيم تحقيقي ڪتاب آهي (Chronological
Dictionary of Sindh)
سنڌ جي سن وار ڪٿا) آهي. هيءَ ڪتاب سنڌ جي تاريخي
دور کان 11 صدي عيسوي تائين هڪ اهم دستاويز آهي.
اسان جي محقق جو هيءُ
(Legends)
ڪتاب نهايت اهم سنڌ جي تاريخ متعلق ڪيترين ڏند
ڪٿائن جو سد باب ڪري ٿو.
هونئن به سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيتريون ڏند ڪٿائون آهن
ليڪن هڪڙي ڏند ڪٿا آهي:
هن ڏند ڪٿا ڦهلائڻ ۾ ٿر سان محبت ڪري ٻن مصنفن
منگهارام اوجها ۽ استاد روچيرام هريجن جو اهم
ڪردار آهي
اسان جو سدا حيات محقق عاليجناب محمد حسين پهنور
پهريون مصنف آهي جو يونان جي پهرين صدي عيسوي جي
تاريخدان (Arrain)
آرين جي ڪتاب Anabasis of Alexander
جي حوالي سان سائنسي دليل ڏيندي بيان ڪري ٿو ته
سڪندر ٿر ڪونه ويو هو، ۽ هو هڪ مهم جو انسان هو.
ڪٿي به گهڻو نه رهيو. محترم فاروق بجاراڻي هن بحث
۾ کيرون لهڻيون.
سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي ڪجهه احباب مثلاً پروفيسر
غلام محمد لاکو، عزيزم عمر سومرو، پروفيسر گل محمد
عمراڻي، محترم
بدر ابڙو ۽ محترم اشتياق انصاري قابل تعريف
ڪارناما سرانجام ڏئي رهيا آهن.
آخر ۾ دعا آهي ته اسان سڀ دوست مرحوم پهنور صاحب
جي نقش قسم تي هلي ڪجهه ڪارآمد ڪم ڪريون.
خدا تعاليٰ شال مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جايون ڏئي
۽ سندس پسِ خاندان کي هن دنيا جي چمن ۾ سرسبز ۽
شاداب رکي آمين!
شاهد لطيف مٺياڻوي
ينگ رائٽرس فورم سنڌ طرفان
سنڌ راڻي ايوارڊ ۽ راڳي ٻالڪ سنڌي سان رهاڻ
ينگ رائٽرس فورم سنڌ طرفان ثقافت کاتي، سنڌي ادبي
بورڊ ۽ سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد جي سهڪار سان
30- آڪٽوبر تي سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم
حيدرآباد ۾ سنڌ راڻي مڃتا ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي
وئي، جنهن جي صدارت پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي
جنرل سيڪريٽري ۽ ڪوآرڊينيٽر گورنمينٽ آف سنڌ تاج
حيدر ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان ملڪ جو ناميارو
اداڪار شهباز دراني هئو ۽ صاحب رهاڻ ٻالڪ سنڌي،
ڪي.ٽي.اين جي نيوز ڪاسٽر ناجيا مير، آواز ٽي.وي جي
هوسٽ جويريا عبيد، تاج جويو پاڪستان پيپلز پارٽي
جي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر تحسين شيخ ۽ اب تڪ
ٽي.وي جي هيڊ آف نيوز ياسين بخشي ينگ رائٽرس فورم
سنڌ جي چيئرمن غلام مصطفيٰ سولنگي ۽ پروفيسر نسرين
الطاف کي اعزازي مهمان طور اسٽيج تي ويهاريو ويو.
تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ پاڻ ملهائيندڙ شخصيتن کي
ايوارڊ ڏنا ويا، جن ۾ سنڌ جي ليجنڊ اداڪار شهباز
دراني کي لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو،
بهترين اداڪاري تي محمد حسين قادري، اسرار لغاري،
الطاف سومرو، بهترين فنڪارن ۾: مظهر حسين، سجاد
يوسف، رحمت ميرالي، شاعرن ۾: ساحر راهو، زمر
محبوب، عامر سيال، آسي زميني، ڪهاڻيڪارن ۾: ضراب
حيدر، مظهر ابڙو، عبيد راشدي، ٻاراڻي ادب تي: ادل
سومرو، زيب نظاماڻي، علي محمد سولنگي، بهترين نيوز
ڪاسٽر: ناجيه مير ڪي.ٽي.اين بهترين هوسٽ: آواز
ٽي.وي: جويريا عبيد، بهترين هوسٽ: پي.ٽي.وي: ارم
محبوب، بهترين هوسٽ: مهراڻ ٽي.وي: راجا ميمڻ،
بهترين نيوز ڪاسٽر مهراڻ ٽي.وي: نائلا ڏيٿو،
بهترين وڊيو گيت: فريد ڪنڀر، بهترين اسپورٽس
ڪوريج: مجاهد سولنگي بهترين مضمون نگاري محمد خان
سيال ۽ مهوش عباسي بهترين تعليمي خدمتون ڊاڪٽر
پروين منشي، آپا نيلوفر ڀٽو ۽ آپا فراست شاهه،
بهترين سماجي خدمتن تي رسول بخش گچيرائي، روزينه
جوڻيجو. بهترين ايڊيٽر ماهوار سرتيون: گلبدن
جاويد، بهترين پي.آر.اوز: نادر علي مغيري سنڌ
يونيورسٽي ڄام شورو، ضرب الله مڱريو، سيڊا ۽ فوزيه
حنا عبيد، وزيراعليٰ جو هيپاٽائٽس کان بچاءُ وارو
پروگرام بهترين صحافت تي: ياسين بخشي اب تڪ ٽي.وي
اظهار سومرو، نيوز ايڊيٽر: روزاني جيجل اخبار ۽
جعفر ميمڻ بهترين ايڊيٽر: سنڌ اخبار، بهترين ريديو
پروڊيوسر: عرفان علي انصاري، روشن علي ڪلهوڙو ۽
سهيل ملڪ، بهترين ڪمپيئر: ذوالفقار هيسباڻي،
مهرالنساء لاڙڪ، بهترين اداڪاره ۽ ماڊل: رخسار
ميمڻ، ثنا رضا ۽ شازيه منير، بهترين ڪلاسيڪل
ڊانسر: مريم وقار، ڪٿڪ ڊانس تي: شاڪر عباس ۽ مور
ڊانس تي: ماسٽر غلام حسين کي سنڌ راڻي مڃتا ايوارڊ
ڏنا ويا. جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ تاج
حيدر، شهباز دراني، تاج جويو، نسرين الطاف ۽ ٻين
هٿان کين ڏياريا ويا. جڏهن ان موقعي تي پاڪستان
پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر خطاب
ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ادب ۽ ثقافت جي
ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هن اعلان ڪيو ته
پي.ٽي.وي تان جلد سنڌي ٽي.وي چينل شروع ڪرايو
ويندو، هن ڳڙهي خدا بخش کي شهيدن جو مرڪز قرار
ڏيندي چيو ته ڀٽ شاهه سنڌ جي ادب ۽ شاعريءَ جو
مرڪز آهي، سيوهڻ قلندر شهباز جي ڪري روحانيت جو
مرڪز ذهي، ۽ ڳڙهي خدا بخش شهيدن جو مرڪز آهي جتان
جي اڳواڻن عوام جي حقن لاءِ جانين جا نذرانا ڏئي
جمهوريت جي بحالي ڪرائي. هن ٻيهر اعلان ڪندي چيو
ته پي.ٽي.وي تان سنڌي چينل جلد شروع ڪرايو ويندو،
جنهن تان ادب ۽ ثقافت کي ترقي ملندي، هن سنڌ
يونيورسٽي انتظاميه کي اپيل ڪئي ته ڏياريءَ جي
ڏينهن منعقد ڪيل انٽري ٽيسٽ واري تاريخ ۾ تبديلي
ڪئي وڃي. تقريب کي تاج جويو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ
راڻي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ سٺي روايت آهي، جيڪا جاري
رهن گهرجي. ينگ رائيٽرس فورم سنڌ جي چيئرمن غلام
مصطفيٰ سولنگي خطاب ڪندي چيو ته ينگ رائيٽرس فورم
سنڌ جو مقصد نوجوانن جي صحيح نموني سان حوصله
افزائي ڪرڻ آهي، ۽ ورڪشاپ، سيمينار ۽ ايوارڊ
پروگرام ڪري انهن جي همٿ افزائي ڪئي وڃي ٿي، جيڪي
پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ پاڻ ملهائي رهيا آهن، هن
فورم جو بنياد ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي وڌو ويو ته
اڄ جو نوجوان لکي به پاڻ ٿو ۽ پڙهي به پاڻ ٿو ان
جي ڪابه اصلاح يا گائيڊ لائين نٿي ڏني وڃي، پر
نوجوان ئي ملڪ جي وڏي وٿ ۽ طاقت آهي، اڳتي وڌائڻ
لاءِ ان جي همت افزائي جي ضرورت آهي ته هُو به ٻين
ٻولين وانگر پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي عالمي ليول جي
ادب سان ملهائي سگهن ٿا، جيستائين نوجوانن جي صحيح
رهنمائي نه ٿيندي، تيستائين اسان پنهنجي سنڌي ادب
۽ ٻوليءَ کي وڌائي نه سگهنداسين، ڇاڪاڻ ته اسان جي
نوجوانن ۾ اهي صلاحيتون موجود آهن جيڪي ٻين ٻولين
جي نوجوانن ۾ آهن، انڪري اسان سڀني کي گڏجي ڪردار
ادا ڪرڻو پوندو، ٻالڪ سنڌي سان رهاڻ به نوجوانن جي
همٿ افزائي جو هڪ نمونو آهي.
تقريب کي بخشل شاهاڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ راڻي
ايوارڊ تقريب ۾ نوجوان راڳي ٻالڪ سنڌي سان رهاڻ
ملهائي سندس همٿ افزائي ڪئي وئي آهي، ٻالڪ سنڌي
اهو نوجوان آهي جنهن سنڌ ۾ ننڍي عمر ۾ وڏيون
ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، تقريب کي نسرين ٿيٻو،
شهباز دراني، سيد فدا حسين شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو.
پروگرام جي ڪمپيئرنگ مُرڪ شاهه، محمد علي گهانگهرو
۽ حسين خاصخيلي ڪئي، جڏهن ته آخر ۾ ڪلاسيڪل دانسر
شاڪر عباس ڪٿڪ ڊانس جو نمونو پيش ڪيو ۽ محفل
موسيقي پڻ ٿي جنهن ۾ صاحب رهاڻ ٻالڪ سنڌي، ”سهڻي
تو سوا هي روح منهنجو ڇو نٿو رهي“ هن سنڌ جي ماڻهن
تان مان گهور وڃان ۽ ٻيا ڪلام ڳائي ماڻهن کي
جهومائي ڇڏيو، گل حسن گل، سرور سخيراڻي، دانش
منظور، ڪمار سانو، فرزانه بهار ۽ ٻين پڻ فن جو
مظاهرو ڪيو، جڏهن ته سنڌ راڻي ايوارڊ تقريب ۾ ڪجهه
اسپيشل ايوارڊ پڻ ڏنا ويا، جن ۾ تاج محمد ابڙو،
محمد بخش ڪورائي، سماجي خدمتون: عزيز گوپانگ،
بهترين شاعر: آغا جان آغا بهترين شاعر: گل حسن گل
گلوڪار، ارم شهزادي خانگي تعليمي خدمتون: گل بيبي
شاهه، فقير معظم، شاعري: ماڻڪ ڪنگراڻي، ڊراما
ليکڪ: مير لغاري ٽرانسميشن ايڊيٽر ۽ بهترين فلم
اداڪار: منصور بلوچ کي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
اهڙي طرح شام جو 6:00 وڳي شروع ٿيل تقريب رات جو
2:00 وڳي پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ۽ سنڌ راڻي ايوارڊ
تقريب شهيد بينظير ڀٽو جون ڪيتريون ئي يادون
تازيون ڪري وئي.
ميرزا دبير
سرجن ۽ سرجري
سرجري ميڊيڪل سائنس جي هڪ اهم شاخ آهي، جنهن ۾ ڪيترائي شعبا ۽
انهن جون
شاخون اچي
وڃن ٿيون؛
جيئن دل جي سرجري، پلاسٽڪ سرجري، هڏن جي سرجري ۽
ڪن، نڪ ۽ گلي جي سرجري يا جنرل سرجري. سرجري هڪ
انتهائي ڏکيو علم آهي، جنهن جي وسيلي انساني جسم
جي بيمارين
جو علاج ڪيو وڃي ٿو.
اڄ جتي سائنس ترقي جون منزلون ڪاميابي سان
طئي ڪري وڃي آسمان تي رسي آهي ۽ نوان نظريا پيش
ڪري وڌيڪ تحقيق جون راهون روشن ڪري رهي آهي، اُتي
هِن شعبي ۾ به ڪافي ترقي ٿي رهي آهي ۽ انساني جسم
جي بيمارين ۽ اُن جي علاج کي آسان بڻايو پيو وڃي.
سرجري جهڙي اهم ۽ ڏکئي علم تي دنيا جي
مختلف ٻولين ۾ ڪتاب لکيا پيا وڃن، پر اسان جي سنڌي
ٻوليءَ ۾
سرجري جي علم تي
ڪتابن جي اڻاٺ تمام گھڻي رهي آهي. ان حقيقت کي مدنظر
رکندي سرجن ڊاڪٽر راجا سيلرو هيءُ ڪتاب ”سرجن ۽
سرجري“ وڏيءَ محنت سان سولي سنڌيءَ ۾ لکي سرجريءَ
جي شعبي سان لاڳاپيل خاص بيمارين جي ڄاڻ ۽ انهن جو
علاج تصويرن سان گڏ سمجهايو آهي.
هِن ڪتاب ”سرجن ۽ سرجري“ ۾ ڊاڪٽر صاحب هڪ
باب ”سائنس جي ترقيءَ ۾ مسلمانن جا ڪارناما“
جي عنوان سان پڻ تحرير ڪيو آهي، جنهن ۾ پاڻ مسلمان سائنسدانن جي سائنس جي
ميدان ۾ ڪيل خدمتن ۽ ڪارنامن کي جامع ۽ چٽي نموني
واضح ڪري هڪ دور جي تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي.
هِن ڪتاب ”سرجن ۽ سرجري“ جو مهاڳ
”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ جي عنوان سان پروفيسر حفيظ
الله ابڙو لکيو آهي، جنهن ۾ پاڻ ڪتاب جي اهميت ۽
افاديت کي پرکيندي لکي ٿو:
”ڪتاب ۾ ڏنل ٻولي سولي ۽ سنهنجي آهي جيڪو
ڪتاب پڙهڻ ۽ پرجھڻ کي نهايت آسان بڻائي ٿو ڇڏي.
علم جي ڄاڻ ڦهلائڻ به هڪ ”صدقي جاريه“ آهي، جنهن
جو اجر ڊاڪٽر صاحب کي هميشه ملندو رهندو. جيڪڏهن
ان روايت کي ڪو ٻيو ڊاڪٽر ڪنهن ٻئي ڊاڪٽريءَ جي
شعبي ۾ ڪتاب لکڻ جي روايت قائم ڪري ته هوند سنڌي
ٻولي صحت جي سائنسي شعبي ۾ به شاهوڪار ٿيندي
ويندي.“ (ص:09)
هِن اهم ۽ معلوماتي ڪتاب ”سرجن ۽ سرجري“ کي مهراڻ اڪيڊمي
شڪارپور شايع ڪري منظرعام تي آندو آهي. فور ڪلر
ٽائيٽل سان پڪي بائينڊنگ ۾ 200 صفحن تي مشتمل هِن
ڪتاب جي قيمت -/300 رپيا آهي، جنهن جي ڇپائي ۽
بائينڊنگ ڏاڍي وڻندڙ ۽ ديده زيب آهي.
سرجن ڊاڪٽر راجا سيلرو صاحب جسُ لهڻي،
جنهن پنهنجي تجربي جي بنياد تي سنڌي زبان ۾ سرجري
جي موضوع تي ههڙو ڪارائتو ۽ معلوماتي ڪتاب سولي
سنڌيءَ ۾ لکي نه صرف سنڌي ماڻهن جي رهنمائي ڪري
کين بيماريءَ جي صحيح ڄاڻ ڏني آهي، پر سنڌيءَ ۾
ميڊيڪل جي ڪتابن جي اڻاٺ جو ڪنهن قدر پورائو پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل محنت
لائق تعريف آهي.
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ بُڪ فيئر جي موقعي تي
شايع ٿيل ڪتابن جا اسٽال لڳائي سنڌي پڙهندڙن کي
رعايتي قيمت تي ڪتاب مهيا ڪرڻ جو اهتمام ڪيو وڃي
ٿو، ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران اسلام آباد،
ڪراچي، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ وقت بوقت
بُڪ فيئرس اسٽال لڳايا ويا. اهڙي ئي موقعي تي سنڌي
ادبي بورڊ جي بُڪ اسٽال تي دوري دوران مختلف اديبن
جا رايا بورڊ انتظاميا جي همت افزائي ڪن ٿا.
ڪوثر
هالائي
اُگهي
ڪو ته هَا نيڻَ آلا مِٽيءَ جا!
(ڀلوڙ
راڳي استاد فيروز گل جي17 هين ورسيءَ
15 آڪٽوبر 2013ع جي
حوالي سان ڀيٽا)
ڪڏهن ڪڏهن ڪنهنجو ياد اچڻ ته معمول جو حصو هوندو
آهي ۽ ڪنهن ڪنهن موڙ تي هُو اڪثر ياد پيو ايندو
آهي، پر 15 آڪٽوبر تي هُو باقائدي تصوير جو روپ
ڌاري تصور ئي تصور ۾ مخدوم صاحب جا هي ٻول ڳائيندي
سامهون اچي بيهي رهندو آهي:
ڪنهنجي دردِ محبت کي دل جانِ سان...
اِهو انڪري به آهي جو فيروز هو ئي اهڙو خوشبوءِ
دار گل، جنهن سان جيڪو ملي ايندو هو ته ان مان ڪي
ڏينهن ته خوشبوءِ ويندي ئي ڪانه هئي. سندس غم اڄ
به ترو تازا آهي ۽ هر ورسيءَ تي سندس تعزيت نامو
لکڻ جي گنجائش موجود آهي. ڇاڪاڻ ته سندس پرستار
سندس وڇوڙي جي غم کان آجا ئي ڪٿي ٿي سگهيا آهن.
فيروز گل بيحد ئي محبتي فنڪار هو، ڳائڻ ۽ ساراههَ
جوڳن ڳڻن کي ملائي فيروز جو جيڪو خاڪو جُڙي ٿو ۽
قسمت سانگي اگر جي سنڌ جي هاڪاري ليکڪ غلام رباني
آگري صاحب جي اک تي اهو خاڪو چڙهي ها ۽ يقيناً
چڙهيو به هوندو ۽ ڪاش جي رباني صاحب جي ٻن بهترين
تصنيفن جهڙا گل گلاب جا ۽ ماڻهو شهر ڀنڀور جا جي
سون سريکن ورقن مٿان استاد فيروز هينءَ وکريو پيو
هجي ها!
نهايت فقير منش راڳي ۽ شگفته مزاج وارو موسيقار
هو، سنگيتڪاريءَ ۾ چڱو نالو ڪڍيائين، سنڌي سُرَ سر
مائي جو مان رکيائين، آواز ۾ ايڏو ته ميٺاج ۽
دردگداز هوس جو جڏهن ڳائيندو هو ته سامعين
ڪوهسارن، رڻ پٽن ۽ اداس وادين جو رخ کڻي ڪندا هئا.
هڪ ڀيري چيائين ”هي اسين موسيقار به ڪي عجيب ماڻهو
ٿيندا آهيون، ويٺي ويٺي تحت الشعور ۾ گونجندڙ
صدائون آلاپ جو روپ وٺي چپن کي ڇُهنديون آهن ته ڄڻ
ڪو پُور پئجي ويندو اٿئون ۽ پيا جهونگاريندا
آهيون.
رتڙو روئان پئي زار... سنگيت جي ڪنارن سان لڳي، ڪا
طرز ڪا ڌن اگر جي موٽي ويندي آهي ته پوءِ اُها
موٽي اصل شڪل ۾ مشڪل ئي اچي، بيشمار اهڙيون طرزون/
ڌنون مون کان يا ته رسي ويون آهن يا ته وري وسري
ويون اٿم.“
فيروز جو اهو خيال به سنگيت ننگر ۾ پيو ڀٽڪندو هو
ته مون کي حسرت به آهي، آئون پاڻ کي ڀاڳوَند
موسيقار ڀانيان ها جي ڪا آئون ميڊم نورجهان جي
ڳايل ڪِن ڪلامن جي طرز نگاريءَ واري عمل جو حصو ٿي
سگهان ها، جن لاءِ اڄ به اُتاوِلو آهيان ڪاش! جي
سنگيت جي ديوي مون تي مهربان ٿي پئي: ۽ ڪي طرزون
مون کي خفا ٿي ٿي ويون آهن. هجت ڪندي چيومانس ته
پوءِ به خبر آهي اهي ڌنون خفا ٿي وينديون وري
ڪيڏانهن هونديون وينديون هونديون يا ته ايم اشرف
ڏي يا وري وجاهت عطرت ڏي يا وري نثار بزميءَ ڏي
ٻيو ڪي ڏانهن؟.
اے
نظارو مُجھے
یہ
بتاؤ،
آج بھی
سُورج، دیس
پرائے
جانے
والے،
کانٹوں
پہ چلتی
ہوئی،
ساجنا میں
نے
تم سے
پیار،
مجھ سے
پہلی
سی
محبت، کالا شہہ کالا۔
۽ استاد مهدي حسن
جيان
گلوں
میں
رنگ بھرے
ڳائي نه سگهڻ جو ارمان به ارمان ئي رهجي ويو اٿم ۽
انهن نغمن واريون فلمون نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا ڏٺيون
هوندم.
مٿي اهو سڀ ڪجهه لکندي ياد پيو اچيم ته ان موقعي
تي اهو موڙ ريسٽ هائوس کان شهر طرف ڀٽائيءَ جي
درگاهه ڏانهن زيارت ڪرڻ ۽ سريلي گلي ۾ خراش ۽
تڪليف سبب اوچتو ئي اوچتو هلي پيو هو، ڌيمي ڌيمي
استاد جو آواز اڀرڻ لڳو هو
"میرے
نیناں
ساون بھادوں،
پھر بھی
میرا
من پیاسا"
چيائين منهنجي پسند آهي پر اهڙي ڪابه ڌن اڃان
تائين جوڙي ڪونه سگهيو آهيان ۽ اهو ڪلام ٻڌڻ کان
پوءِ ڪيتريون ئي راتيون سمهي ڪٿي سگهندو آهيان؟
مون ڏٺو اها گفتگو ڪندي جهڙو چوڏهينءَ جي چنڊ کي
جزوي طور گرهڻ لڳي ويو هجي، چيم استاد هي وري ڇا
اوهان جي اکين ۾ ڳوڙها؟ موسيقار ته مٽيءَ جا آلا
نيڻ اگهي سگهندا آهن اوهان ته دلگير نه ٿيو!
استاد وري طرز نگاريءَ واري عنوان کي وري کڻي ڇيڙي
ڇڏيو، چيائين جڏهن وڏيءَ جاکوڙ کان پوءِ ۽ سامعين
جي عين پسند جي طرز ڪمپوز ٿي ويندي آهي ته پوءِ
ايتري خوشي محسوس ڪندا آهيون جيتري شاهه جهان کي
ڪنهن شاعر کان ممتاز جي شان ۾ ڪو قصيدو ٻڌي ٿيندي
هوندي.
هتي هڪ ٻيو منظر به اکين جي آڏو تري آيو آهي،
ماتليءَ وڃڻ لاءِ بدين اسٽاپ تي انتظار پئي ڪيوسين
ته الائي ڪهڙي طرف کان استاد فيروز آيو ۽ ڪهڙي پار
کان ڏاڏا فتح خان نمودار ٿيو. ڀاڪرين پوندي ڏاڏا
فتح خان چيس: آءُ ڏاڏا فيروز! جوڙ متارو ته وري
فيروز وراڻيو آ، استاد ڏاڏا فتح خان!خوش چاق، چڱو
ڀلو... سنڌ جي هنن ٻنهي ڪلاڪارن ۽ سنڌ جي خدمتگارن
کي خوش مزاجيءَ واري موڊ ۾ ڏسي کين دعا ئي ڏئي ٿي
سگهياسين. استاد فيروز قدم گاهه تي روزانو ڏيئو
ٻارڻ نه وساريو ۽ ڏاڏا فتح خان پنهنجي ڪچهريءَ
واري ريڊيو حيدرآباد جي شام واري اوطاق تان ڀيرو
ڪڏهن ڪونه ڀڳو.
هڪ ڀيري ائين ٿيو جو، اهو پهريون موقعو هو، اسان
جي هالن ۾ دايا برادريءَ ۾ شاديءَ جو ڪاڄ هجي،
گائڪيءَ لاءِ استاد فيروز کي حيدرآباد مان وٺي
آيا. نئين نڪور فنڪار جو ٻڌي هر ڪو پيو کيس چتائي
ڏسي، چند نوجوان توڙي اڌڙوٽ عمر وارا سندس بنهه
ويجهو ويٺا هئا تن کان پڇيائين ته هتي جي سوز
هالائيءَ صاحب کي سڃاڻو ٿا، انهن نوجوانن ۾، قربان
علي ۽ امداد علي به ڪي ويٺا هجن تن جو پنهنجي مامي
جو نالو فيروز واتان ٻڌو ته انهن سميت ٻين شوقين
استاد کي فري ٿيندي ڏٺو سو کيس اک ڇنڀ ۾ ورائي
ويا، استاد! مون کي زمان شاهه جي ڪافي، مون کي،
طالب الموليٰ جو ڪلام، استاد! مون کي سائين مصري
شاهه جو ڪلام، مون کي اعجازسائينءَ جو ڪالم، جيترا
هئا شوقين ايتريون هيون فرمائشون، هاڻي استاد
ويچارو پار وڃي پئي ته ڪينءَ پئي؟ ڳائڻ ۾ اڃان
ڪجهه دير هئي، اوچتو ڪاڄ ڌڻين ڌيان ڌريو ته استاد
خلق جي گهيري ۾ هو، همت ڪري ماڻهن کي چيائون بابا!
استاد سڀني کي خوش ڪندو، پر شرط آهي ته بنا دير جي
سڀ جا سڀ استاد کان هٽي پري ٿيو نه ته ٿا استاد کي
واپس حيدرآباد موڪليون. اهو دڙڪو ٻڌي پنهنجي محبوب
راڳيءَ کي همه تن گوش ٿي صبح تائين شاندار محفل
مان لطف اندوز ٿيندا رهيا.
1996ع کان اڄ تائين سندس ورسي سترهن سالن ۾ پير
پائي چڪي آهي ۽ پنهنجو نظم استاد فيروز کي ڀيٽا
ڪري رهيو آهيان.
اُگهي ڪوته ها نيڻ آلا مٽيءَ جا،
ڳڻي ڪينءَ سگهجن،
ڪشالا مٽيءَ جا،
ديسي وديسي،
ڪهاڻي انهيءَ جي،
سڀ کان اتم،
ڏک هاڻي انهيءَ جي،
پکڙيا پيا هِن،
حوالا مٽيءَ جا،
اڃان اشڪباريءَ،
سندو دور آهي،
اڃان چئني پاسي،
وڏو شور آهي،
نه ڪو همرچو ۽،
حمالا مٽيءَ جا،
اگهي ڪو ته ها نيڻ آلا مٽيءَ جا!
هالار
سُندري اُتم چنداڻي، هريش واسواڻي ۽ ريٽا شهاڻي
ادبي ريفرنس
25 سيپٽمبر 2013 جي شام آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان
جي منظر اڪبر هال ۾ ٽن سنڌي برک قلمڪارن سُندري
اُتم چنداڻي، ريٽا شهاڻي ۽ هريش واسواڻي جي علمي ۽
ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي شاهه
عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۽ آرٽس ڪائونسل جي لوڪ ورثو
ڪاميٽي پاران هڪ ادبي ريفرنس ڪوٺايو ويو.
ڀارت جا اهي ٽئي سنڌي اديب گذريل ڇهن مهينن دوران
ديهانت ڪري ويا هئا، جن ۾ هريش واسواڻي 13 اپريل
2013 تي، سُندري اُتم چنداڻي
8 جولاءِ ۽ ريٽا شهاڻي 15 سيپٽمبر تي لاڏاڻو ڪري
ويئي. مختصر عرصي ۾ هڪ ٻئي پويان ديهانت ڪندڙ انهن
قلمڪارن جي ڪري ادبي دنيا ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو
آهي، تنهن جو ڀرجڻ ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ٽئي
اديب گهڻ رُخا هئا، جن ادب جي کيتر ۾ مختلف صنفن
وسيلي سنڌي ادب کي مالا مال ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني
جاکوڙيو.
ان ادبي ريفرنس ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو
رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ريفرنس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ ۽ شاهه سائين جي
بيتن سان ٿي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر پروفيسر
محمد سليم ميمڻ ٽنهي سرڳواسي قلمڪارن جي علمي ۽
ادبي ڪارنامن تي روشني وجهندي کين ڀيٽا ڏيندي سندن
ادبي پورهئي بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته، سُندري اُتم
چنداڻي چار ناول ترجمو ڪيا آهن، ٻه ناول لکيا آهن،
هڪ ڊرامو ڇپيل، جڏهن ته اسٽيج ۽ ريڊيو لاءِ
ڪيترائي ناٽڪ لکيا، جيڪي ڇپيل ناهن ۽ ريڊيو ۽
اسٽيج جي ڪيترن ئي ناٽڪن ۾ پنهنجي اداڪاري ۽
صداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا اٿس.
شاعريءَ جا ٽي مجموعا، ٻه سفرناما، ڪهاڻين جا ڏهه
مجموعا ۽ کيس چار قومي ۽ عالمي ايوارڊ مليا آهن.
ساڳيءَ ريت ريٽا شهاڻيءَ جي شاعريءَ جا پنج
مجموعا، پنج ناول، ڪهاڻين جا 9 مجموعا، آتم ڪٿا ٽن
جلدن ۾، سوانح نگاريءَ جا چار ڪتاب، تنقيدي مضمون
۽ خاڪن جا چار ڪتاب، سفرنامن جا ٽي ڪتاب، جڏهن ته
چار ڪتاب هندي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيا اٿس. کيس عالمي ۽
قومي سطح تي ٻارنهن ايوارڊ مليا آهن.
ساڳيءَ ريت هريش واسواڻيءَ جي تصنيفن جو انگ ايترو
ڪونهي، پر سندس حيثيت ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ جديد نقاد
جي رهي آهي. سندس ڪهاڻين، تنقيدي مضمونن ۽ شاعريءَ
جا مجموعا آهن. سندس ڪتابن جا عنوان به منفرد آهن،
سندس ڪهاڻين جي مجموعي جو عنوان آهي 40-80،
شاعريءَ جو مجموعو 40-76 ۽ تنقيدي مضمونن ۽ مقالن
جو مجموعو 40-84 جي نالي سان ڇپيو آهي. ڪنهن ادبي
عنوان تحت ڪتاب ڇپرائڻ بدران هن انگن جي راند کيڏي
آهي. 40 سندس ڄم جو سال ۽ 76، 80 ۽ 84 ڪتابن جي
اشاعت جي سالن جي نشاندهي ڪن ٿا. سندس چوٿين ڪتاب
جو نالو 000 ۽ 0 (ٻڙي ۽ ٽي ٻڙيون) آهي. پاڻ
انگريزي ۽ سياسيات جو استاد هو.
لوڪ ورثو ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ايوب شيخ آيل
مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪندي سنڌ ۽ هند ۾ سنڌي ادب ۽
سنڌ ۾ سنڌي هندن جي معاشي ۽ سماجي حيثيت تي روشني
وڌي.
رکيل مورائي ”سنڌي ناول جي خاتون اول سُندري اُتم
چنداڻي“ جي موضوع تي پنهنجو مقالو پيش ڪندي ڄاڻ
ڏني ته سُندري ۽ اُتم پهرين ادبي جوڙي هئي، جنهن
هند ۽ سنڌ ۾ ادب جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن
سُندري جي ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ جو ادبي جائزو پيش
ڪيو.
ايازجاني، هريش واسواڻيءَ جي شاعري تي ”زخمي روشني
جي دود“ جي عنوان سان پنهنجي مقالي ۾ هريش جي
شاعريءَ جو جائزو پيش ڪندي چيو ته، هريش جي نثري
نظمن جي تکيري سواد ۽ ضمير کي جنجهوڙيندڙ احساس
کان سنڌي شاعري اڳ بنهه واقف نه هئي. هن هريش کي
پرسوز انسانيت جو پيمبر ڪوٺيو.
هدايت بلوچ، سُندري جي شخصيت ۽ ادبي خدمتن جو ذڪر
ڪندي چيو ته سندري هڪ ڪميٽيڊ مارڪسوادي ۽ ڪميٽيڊ
سنڌ پرست هئي، سنڌ لاءِ سندس پيار ۽ پاٻوهه جو ڪو
ڪاٿو ئي نه هو.
برک نقاد رئوف نظاماڻي ”هند جو سنڌي ادب ۽ ريٽا
شهاڻي جا ناول“ جي موضوع تي پنهنجي مقالي ۾ ريٽا
جي ٽن ناولن جو تنقيدي اڀياس پيش ڪندي چيو ته،
ريٽا ڀارت جي اهم مسئلن کي پنهنجي ناولن جي زينت
بڻايو آهي، جنهن ۾ عورتن سان ٿيندڙ زيادتن جو
بيباڪيءَ سان اظهار ملي ٿو.
تاج جوئي، ريٽا شهاڻي جي چئن سوانح عمرين ۽ سندس
آتم ڪٿا ”گهنڊ ڄاڻ وڳو“ ۽ ”ٻپهري جا ٻه پل“ جو
تنقيدي جائزو پيش ڪندي کيس زبردست خراج پيش ڪيو،
جنهن ۾ هن نهايت بيباڪيءَ سان زندگيءَ جي سچائين
کي پيش ڪيو آهي.
ڊاڪٽر سحر امداد، سُندري اُتم چنداڻيءَ جي ڪهاڻين
جي جائزو پيش ڪندي سندس ڪهاڻين مان ڪجهه ٽڪرا پڙهي
ٻڌايا ۽ سندس ڪهاڻين جي ڪردارن جو تجزيو پيش ڪيو.
شوڪت شوري، هريش واسواڻيءَ جي شخصيت ۽ نقاد واري
حيثيت تي روشني وجهندي سندس تنقيدي مضمونن ۽ انهن
جي اهميت تي روشني وڌي.
مدد علي سنڌي، هريش واسواڻيءَ جي ڪهاڻين جو جائزو
پيش ڪندي ڄاڻ ڏني ته هريش جي ڪهاڻين مان زندگيءَ
جون حقيقتون بکندي نظر اچن ٿيون.
مهتاب اڪبر راشدي، ريٽا شهاڻيءَ جي ڪهاڻين تي
روشني وجهندي چيو ته، هن هر صنف تي لکيو آهي،
سماجي مسئلن تي قلم کنيو آهي.
ريٽا شهاڻي پڙهيل لکيل گهراڻي مان هئي. هن چيو ته
سرحد جي هُن پار ريٽا شهاڻي لکي پاڻ ملهايو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن اداري پاران سرحد پار ليکڪن جا ٻيهر
ڪتاب ڇپرايا وڃن ته نئين نسل کي وڌيڪ ڄاڻ ملي سگهي
ٿي.
ڊاڪٽر فهميده حسين، ريٽا شهاڻيءَ جي مضمونن ۽
تنقيدي مضمونن جو اڀياس پيش ڪندي چيو ته، ڀارت ۾
لکجندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ هندي ۽ سنسڪرت جي گهڻي واهپي
سنڌ جي سنڌي پڙهندڙن کي هند جي سنڌي ادب کان گهڻو
پري ڪري ڇڏيو آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي. هن ريٽا
شهاڻيءَ جي لکڻين مان ڪجهه ٽڪرا پڙهي پنهنجي خيالن
کي هٿي وٺرائي.
امداد حسيني، ريٽا شهاڻي جي شاعريءَ جو مختصر، پر
سهڻو تجزيو پيش ڪندي کيس وڏي شاعر ڪوٺيو، جنهن وٽ
خيال، سهڻو اسلوب ۽ اعليٰ موضوع آهن.
آخر ۾ پروفيسر سليم ميمڻ مهمانن جا ٿورا مڃيندي
اعلان ڪيو ته اڄوڪن پڙهيل مقالن کي ڪتابي صورت ۾
شايع ڪرايو ويندو. |