خليل کوسو
ميين معروف جا قُبا
(هڪ تاريخي قبرستان)
سونهاري سنڌ جي ڌرتي، اها سڀاڳي سرزمين آهي، جتي
الله لوڪ انسانن جا اڻ ڳڻيا آستانا آهن، جتي وقت
جي ولين، موڙهل ۽ منجهيل انسانن جي رهنمائي ۽
رهبري ڪندي شريعت طريقت، معرفت ۽ حقيقت جو درس
ڏنو. سندن آخري آرامگاهن، مزارن، مقبرن ۽ تڪين تي،
اڄ به روح کي راحت، من کي محبت، سُک ۽ سُڪون ملندو
آهي. اهڙيون برڪت ڀريون جايون، علمي، مرڪز،
درسگاهون ۽ درگاهون سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور و معروف
آهن. انهن ڀلارين ڀيڻين منجهان ”ميين معروف جا
قبا“ پڻ هڪ اهم ۽ تاريخي جاءِ آهي. ميين معروف جا
قبا ۽ هڪ تاريخي قبرستان آهي، جيڪو اڳوڻي ”ولهار“
۾ ديهه ڪنڊياري، يونين ڪائونسل سنجرچانگ، تعلقي
چنبڙ، ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ پراڻي گهلو ڍوري جي کاٻي
ڪناري تي بلڪل صحيح سلامت بيٺل آهن. جيڪي پري کان
ايندڙ مسافرن جي نگاهن جو مرڪز هئڻ سان گڏوگڏ
تاريخدانن جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائين ٿا. اهي قبا
ڪنهن ٺهرايا، مقامي طور ان لاءِ ٻه روايتون ملن
ٿيون:
1.
اهي قبا ميين معروف ٺهرايا، يا ٻئي ڪنهن جوان
جوڙايا.
2.
مقبري جي اندر ميين معروف جي مزار هئڻ جي ڪري عرف
عام ۾ ميين معروف جا قبا سڏيا ويا.
’تحفة الڪرام‘ جو صاحب لکي ٿو ته: ميين معروف جو
قبو مشهور آهي(1). مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو
ته ولهار جي ديهه هاڻي ٽنڊوالهيار ۾ آهي جتي ميين
صابر جو مقبرو آهي(2). مولانا وفائي کي شايد اها
روايت صحيح ملي نه سگهي آهي، ٻُڌل ڳالهه تي ويساهه
ڪندي شايد مولانا وفائي کان سهوَ ٿو ڀائنجي، ڇو ته
ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ نه ڪا ولهار نالي ديهه ۽ نه ئي
ميين صابر جو ڪو مقبرو آهي. مير علي شير قانع جي
لکڻ مطابق ئي دُرست آهي، پر مقامي ماڻهو ميين
معروف جو قبو نه بلڪه ميين معروف جا قُبا ڇو ٿا
چون؟ ان لاءِ عرض هيءُ آهي ته ميين معروف جي قبن
کي ڪجهه فاصلي تان ڇڊو ٿي ڏسبو ته قبن جو تعداد هڪ
کان وڌيڪ آهي، هڪ ميين معروف جو قبو ۽ ٽي مسجد
شريف جا قُبا آهن، مڙني منجهان ميين معروف جي قبي
جو گُنبد وڏو آهي.
قبن جي بيهڪ:
اڍائي سئو سال گُذري ويا آهن، ان وچ ۾ ڪيترائي
تندو تيز طوفان آيا، زلزلا، طوفاني برساتون،
جهڪون، جهولا، پر هن شاندار عمارت کي، ڪٿان ڪوبه
شگاف وغيره نه پيو آهي، قبن جو داخلي در، اوڀر
پاسي کان آهي، جنهن جي ويڪر ٽي فوٽ ۽ ڊيگهه ڇهه
فوٽ آهي. قبي ۾ داخل ٿبو ته اندر ٻه قبرون آهن،
اوڀر واري تربت ميين مقبول جي آهي، ۽ اولهه واري
تربت ميين معروف جي آهي. مذڪوره قبي جي اندران
اندر ماپ
10x10
آهي، قبي مان اولهه طرف ٻاهر اچبو ته سامهون چند
قدمن تي پٿر جي چار ٿنڀن تي رانئڪ ٺهيل آهي، ان
هيٺان ميون صابر ولهاري جي، آخري آرام گاهه آهي.
جنهن کي پٿر جو خوبصورت چٽسالي سان پينگهو آهي.
ميين صابر جي مزار سان لڳو لڳ اتر پاسي مسجد آهي،
جنهن جي اندران اندر ماپ، ڊيگهه يارنهن فوٽ ويڪر
ڏهه فوٽ آهي. ميين صابر جي مزار کان ڏکڻ طرف ويهه
فوٽ جو ٿلهو آهي، جتي ميين صابر ولهاري سميت سترهن
بزرگن جون قبرون آهن جن تي ڪابه لکت وغيره ناهي،
البت ميين صابر جي قبر جي اوڀر پينگهي ۾، يڪي پٿر
جي بلاڪ سان ننڍڙي ٻار جي قبر آهي، اُن تي تمام
عمدگيءَ سان عربيءَ ۾ عبارت لکيل آهي، جنهن ۾
خلفاء راشدين جا نالا چٽا نظر اچن ٿا، باقي عبارت
سمجهه ۾ نٿي اچي. مسجد، قبي ۽ ٿلهي کي، اولهه ۽
ڏکڻ پاسي کان قلعي نما ديوار ڏنل آهي، جنهن جي
ويڪر اڍائي فوٽ ۽ اوچائي نو فوٽ آهي. ٿلهي تي هڪ
ڄار جو ڪُهنه درخت به اڃان تائين ساٿ نڀايو اچي.
ذڪر ڪيل سڄي عمارت کي ڏسبو ته، هي ساري جي ساري
عمارت انجنيئرنگ جي فن جو ڪمال آهي. ائين کڻي چئجي
ته سنڌ جي عجوبن مان هڪ عجوبو آهي. هن ساري بلڊنگ
جو داخلي ۽ خارجي دروازو هڪ ئي آهي. قبن کان ٻاهر
اتر ۽ اوڀر طرف ولهاري خاندان جي پرديدار بيگمات ۽
مردن جون قبرون آهن. جنهن کي هينئر پڪو ڪوٽ ڏنو
ويو آهي ۽ مختلف قسمن جا گُل پڻ پوکيا ويا آهن.
مخدوم ميون صابر ولهاري:
مخدوم ميون صابر ولهاري، ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟ ان
سلسلي ۾، اهڙي ڪا تسلي بخش ڄاڻ ملي نه سگهي آهي.
سندس والد جو نالو ڇا هو. ان لاءِ هتي ڪن عمر
رسيده بزرگن به شڪ واري بنياد تي سندس والد جو
نالو ميون عبدالڪريم ٻڌايو، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، پنهنجي ڪتابي سلسلي ’رهاڻ هيرن کاڻ ۾‘،
مخدوم ميون صابر ولهاري جي والد محترم جو نالو
”مخدوم ميون عثمان“ لکيو آهي(3).
مخدوم ميون صابر جي زندگيءَ بابت مختصر احوال
ڪتابي حوالن موجب هن طرح پيش ڪجي ٿو: ٺٽي تي
ارغونن جي قبضي ۽ قتل عام کان پوءِ سمان خاندان جي
”ٻرند“ شاخ جا چند افراد، ٺٽي شهر کي ڇڏي مختلف
ماڳ بدلائيندي، ڪجهه وقت، ملاڪاتيار ۾ به رهيا. ان
کان پوءِ، ميين صابر جي والد پنهنجي نورچشم ننڍڙي
صابر کي سماواتي پرڳڻي جي عظيم درسگاهه ڊاسوڙي
شريف ۾، مشفق ۽ مربي استاد، ميون محمد امين وٽ علم
پرائڻ لاءِ ڇڏيو. ميون صابر ولهاري ننڍڙي ڄمار ۾،
مخدوم امين وٽ، قرآن شريف پڙهندو هو، مسڪيني سبب
ڪپڙا ڏاڍا سادا هوندا هئس، تنهن ڪري ڪوبه کيس
سڃاڻي نه سگهندو هو. هڪ رات، مخدوم محمد امين
ڊاسوڙي واري کي حضور ڪريم ﷺ خواب ۾ صابر جي استاد
جو لقب ڏنو(4). ميون صابر جو جهڙو نالو هو، اهڙو
ئي ننڍڙي هوندي کان صابرين هو. ڊاسوڙي ۾ پڙهائي
دوران سندس والده گُهرائي کيس چيو ته: ”ابا صابر
اچي ڀت کاء“ صابر ان تي روئي چوڻ لڳس ته: ”امان
صابر به سڏين ٿي وري کاڌي کائڻ لاءِ به ڪوٺين ٿي
(5).“ ظاهري ۽ باطني علم جي تڪميل کان پوءِ،
پنهنجي ڪامل استاد جي حڪم تي واديء
ولهار جي موجوده جاءِ (ميين معروف جا قُبا) تي،
درسگاهه ولهار جو بنياد رکيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي
ٿو ته:
”يارهين صدي جي پڇاڙي ۽ ٻارهين صدي هجري جي شروعات
۾ درسگاهه ولهار جو بنياد پيو(6). درسگاهه جي
بنياد کان پوءِ، هن برڪت واري جاءِ تي، طريقت جون
تنوارون ۽ معرفت جون مقالون به شروع ٿيون. ميون
صابر ايڏي منزل تي پهچي ويو جو وڏا وڏا اهلِ علم ۽
اهلِ ادب سندس حاضريون ڀري هن روحاني طبيب کان
اندر جو علاج ڪرائي ويا. مولانا وفائي لکي ٿو ته:
”ميون صابر ولهاري وقت جو وڏو عالم ۽ نقشبندي
طريقي جو مُرشد هو، تنهن سان به شاهه عبدالطيف
ڀٽائي جي ملاقات ٿي آهي.“
مخدوم ميون صابر ولهاريءَ جي ڇٽي
ان ملاقات جي باري ۾ مولانا وفائي لکي ٿو ته:
”هڪ دفعو شاهه صاحب سفر ۾ هئا ۽ سندس اکيون اٿي
پيون، جنهن ڪري هڪ اک تي سائي اڳڙي لڙڪائي ڇڏي
هئائون. ميون صابر پنهنجي تر (ولهار) ۾ شاهه صاحب
جي آمد جو ٻڌي سندس ملاقات لاءِ ڪهي آيو. شاهه
صاحب، مخدوم صاحب جي نالي کان اڳ۾ ئي واقف هو،
جڏهن مخدوم صابر ولهاري، شاهه صاحب جي ڪچهري ۾ اچي
ويٺو، تڏهن شاهه صاحب، اکين تان اڳڙي پري ڪندي
فرمايو: ”اي منهنجون اکيون، هي اهڙو ئي آهي نه
جهڙو مون اوهان کي چيو ٿي (7).“ جيئن ته مخدوم
صابر ولهاري ۽ ٻيا وڏا اولياء مخدوم آدم نقشبندي
جي فيض مان بهره ور ٿيل هئا(8). مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي، هڪ وڏو عالم بزرگ ٿي گذريو آهي. هن بزرگ جي
بيعت خواجه عُروة الوثقيٰ (مظبوط ڪڙو) حضرت محمد
معصوم ولد حضرت امام رباني مجدد الف ثاني سان ٿيل
آهي. امام رباني شهنشاهه اورنگزيب عالمگير جو
مُرشد هو(9). حضرت مخدوم ميون صابر ولهاري، هڪ
ڪامل ولي، وقت جو وڏو عالم دين ۽ صاحب شريعت ۽
روحاني رهبر هو. هي استاد العلماء پنهنجي درسگاهه
۾، درس و تدريس کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ مخفي نموني
سان پنهنجي مام ۾، ”چرخو ائين چور، جيئن ڀوُن ڀڻڪو
نه ٿئي“. واري انداز ۾، پنهنجي مالڪ حقيقي جي
عبادت ۾ محوَ ۽ مشغول ٿي ويندو هو. هن نقشبندي
طريقي جي مُرشد ۽ ڀلاري بزرگ جي ڄمار ڪيتري هئي،
سا ڳالهه معلوم ٿي نه سگهي آهي، البت سن 1135 هه
برابر 1722هه ۾، سندس روح جو پکي، دنيا جي قفس مان
نڪري وڃي عالم جاوداني جي آکيري ۾ ويٺو. سندس قبر
مبارڪ، پٿر جي يڪي بلاڪ جي آهي، تنهنجي سيراندي
کان ڪلمه طيب، ساڄي پاسي کان سوره بقره جو آخري
رڪوع، کاٻي پاسي کان سوره فاتحه ۽ آية الڪرسي،
ڏاڍي خوبصورتيءَ سان لکيل آهي، وڌيڪ ڪوبه وفات جو
سن وغيره اُڪر ٿيل ڪونهي. مخدوم ميون صابر جي قبر
وارو اصلي پٿر جنهن تي آيتون سڳوريون اُڪر ٿيل
هيون، اهو پٿر، تمام جهونو ۽ زبون ٿي چڪو هو، انهي
پٿر جي مٿان موجوده دؤر جو بهترين ۽ چمڪدار،
ٽائلس، لڳائي سيراندي کان سنگِ مر مر جو سفيد پٿر،
فِٽ ڪيو ويو آهي، جنهن تي هيءَ عبارت آويزان ٿيل
آهي:
”مرقد مبارڪ، قدوة السالڪين، قطب الڪاملين، زبدة
العارفين، تاج الصابرين، عارف بالله، فنافي الله،
شيخ المشائخ، صائم الدهر قائم اليل، محبوب
رسول،حضرت مخدوم ميون صابر ولهاري نقشبندي، رحمة
الله ولد ميان عبدالڪريم وصال مُبارڪ 1135هه برابر
1722ع سندس ملاقات لاءِ حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي، ۽ ميون شاهه عنات رضوي، ولهار جي ڳوٺ
ڪنڊياري تشريف فرما ٿيا، يادگار لکائيندڙ، مخدوم
ميون علي محمد ولهاري ثاني ولد ميون لطف علي
ولهاري ڳوٺ شاديون ولهار، ٽنڊوالهيار 2004ع آهي.
مخدوم ميون معروف ولهاري:
مخدوم ميون معروف ولد مخدوم ميون صابر ولهاري جي
باري ۾، ”تحفة الڪرام“ وارو صاحب هن بزرگ جي باري
۾ هيئن لکي ٿو ته:
”هيءُ بزرگ هميشه قرآن پاڪ جو درس ڏيندو هو ۽ حد
کان وڌيڪ بزرگ ۽ پرهيزگاري جو صاحب هو(10). مير
علي شير قانع پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب، ’معيارِ
سالڪان طريقت‘ ۾ فقط ميين معروف جي قبي ۽ مزار جو
ذڪر ڪيو آهي(11). هن وقت جي ولي، صاحبِ تقويٰ ۽
عالمِ دين، پنهنجي والد جيان، ”درسگاھه ولهار“ ۾
درس و تدريس جو ڪم جاري و ساري رکيو. سندس ڪيترائي
شاگرد، شريعت ۽ طريقت جي علم سان معمور ٿي نڪتا ۽
درسگاھ ولهار جي علم جو چرچو ڏيهان ڏيھه گونجڻ
لڳو. مخدوم ميين معروف جون ڪيتريون ئي ڪرامتون
مشهور آهن، جنهن ۾ سندس پوين وٽ هي به ڪرامت
مشهور آهي ته ميين معروف ڪاٺ جو گهوڙو پڻ هلايو،
سندس قبر تي رکيل سنگ مرمر جي ڪتبي تي سندس وفات
جو سال 1175ھ لکيل آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق
مطابق، سندس وفات جي ڪجھه وضاحت هن طرح ملي آهي:
معروف باالبر والتقيٰ 1171
بود خيمه رشد 1171
بلغ الحق
1171
اهي تاريخون سيد عبدالهادي ولد سيد محمد شفيق
نصرپوري ڪڍيون ۽ پڻ هيٺيون قطعو چيائين:
حزن حسرت کہ بام دین
افتاد
درحق خلق بود رحمت مفت
سال فوت را ز سحر جستم
"خیمہ
رشد"
بود ھاتف گفت
1171(12)
مخدوم ميون مقبول ولهاري :
هيءُ درسگاھه ولهار جو استاد بن استاد بن استاد،
ولي بن ولي بن ولي مخدوم ميان محمد مقبول ولهاري
ولد مخدوم ميان معروف ولهاري ولد مخدوم ميون صابر
ولهاري. وقت جي جيد عالمن مان هڪ هو. پنهنجي والد
۽ ڏاڏي جيان درسگاھ ولهار کي بامِ عروج تي پهچايو.
مير علي شير قاني جنهن وقت ’تحفة الڪرام‘ تاليف
ڪري رهيو هو، ان وقت مخدوم ميون مقبول ولهاري حال
حيات هو، هو لکي ٿو ته:
”ميان مقبول هن وقت خدا وارن وٽ قبوليت جي زندگي
گذاري رهيو آهي(13).“ مير قانع وري ”معيارِ
سالڪان“، طريقت ۾ لکي ٿو ته:
”ميان مقبول برابر مقبول هو(14).“ مير قانع جي
پوئين ڪتاب جي تصنيف مهل، ميون مقبول هن دنيا مان
رحلت ڪري چڪو هو، مخدوم ميون مقبول ولهاري جي قبر
تي جيڪو ڪتبو رکيل آهي، ان تي مخدوم ميون مقبول
ولهاري جو سن وفات نئين سنگ مر مر جي پٿر تي
1215ھه برابر 1800ھه لکيل آهي، پر ”معيار سالڪان
طريقت“ جي تحرير ۽ خود علي شير قانع جي وفات جيڪا
1203ھه مطابق 89-1788 ع ۾ ٿي آهي، ان مان لڳي ٿو
ته ميون مقبول ولهاري 12 هين صدي هجري جي آخري
ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ وفات ڪئي هوندي، يعني
96-1195ھه ۾ وفات ڪئي هوندي.
حاجي شهمير ٽالپر :
هن ساري قبرستان ۾، صحيح سلامت ۽ پراڻي پٿر تي
اُڪر ٿيل ڪتبي ساڻ، ڪا قبر ملي ٿي، ته اها حاجي
شهمير ٽالپر جي قبر آهي. هن ڀلاري بزرگ جي باري ۾
ڪافي جستجو ۽ ڳولا کان پوءِ خبر پئي ته، مرحوم
حاجي شهمير ٽالپر سُلطان الاولياء خواجه محمد زمان
لواري شريف واري جو خاص خليفو هو. عزيزي محترم شرف
الدين ٽالپر صاحب ( لواري شريف ) حاجي شهمير جو
شجرو پڻ ٻڌايو جيڪو هن طرح آهي:
حاجي شهمير ٽالپر (مدفن ميين معروف جا قبا) بن
سليمان، بن رِندو، بن بهار خان.
محترم جوڻيجو سائين بخش قبولائي، لواري شريف جي
مشاهيرن تي ٽن جلدن تي مشتمل ڪتاب ”سڄڻ ڏٺو جن“
وڏي محنت ۽ عرق ريزيءَ کان پوءِ لکيو آهي. مذڪوره
ڪتاب جي جلد نمبر ٻيِ ۾ قبولائي صاحب حاجي شهمير
ٽالپر جي باري ۾ ڪافي ڪجھه لکيو آهي، هو لکي ٿو
ته:
”حضرت خواجه حاجي شهمير ٽالپر عليه رحمت خانپور
(خانپور هاڻي کن فارم جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو
اسٽيشن صالح ڀنڀري کان اولھه چار ڪلو ميٽر، رام
جاڳي جي تاريخي قبرستان کي ويجهو آهي) مان لڏي اچي
جهڏي گدام تعلقه ڊگهڙي ۾ رهائش پذير ٿيو(15). ياد
رهي ته جڳ مشهور ڪتاب ”مرغوب الاحباب“ جو مؤلف
حاجي نظر علي خان حاجي شهمير جو پوٽو هو. حاجي نظر
علي حج تان واپس ايندي، اربع جي ڏينهن 10 رجب
1290هه مطابق 1873ع ۾ يمن جي ”مخه“ بندر تي وفات
ڪئي(16). جيئن ته حاجي شهمير ٽالپر وڏي مرتبي وارو
بزرگ ۽ نقشبندي سلسلي سان واڳيل هو ۽ مخدوم ولهاري
به نقشبندي سلسلي جا هئا، تنهن ڪري شايد ولهاري
مخدومن جي محبت، حاجي شهمير کي ڇڪي اچي ولهار جا
وڻ ڏيکاريا هجن. حاجي شهمير ٽالپر جي آخري
آرامگاهه، ميين معروف جي قبن کان، اولهه ۽ ڏکڻ
جي ڪُنڊ تي، ايڪڙ پنڌ جي مفاصلي تي آهي. سندس قبر
تي هي ڪتبو لکيل آهي:
لاالٰہ الاالله محمد رسول الله
مقبره حاجي شهمير تالپر تاريخ 11 ماه شوال سن
1200هه.
مکڻيو فقير:
هن فقير جي تربت، ميين معروف جي قبن کان، سر ڏکڻ
ٻن ايڪڙن جي پنڌ تي آهي. هيءُ همراهه ذات جو ڪير
هو؟ اُن لاءِ مقامي طور ٻه روايتون ٻُڌڻ ۾ آيون،
هڪ ته هو ذات جو اوٺو هو. ٻي روايت ۾ کيس ذات جو
مهندو سڏيندا آهن. جيئن ته هي اوٺن جي ولهار سڏجي
ٿي، هن ولهار ۾ اوٺا قبيلي جا 12-13 ڳوٺ آهن، جيڪي
پاڻ کي ”ولهاري اوٺا“ سڏائين ٿا. ولهار ايراضي ۾
”سخي ڪاڻي اوٺي جو پڊ“ مشهور آهي، جيڪو مذڪوره
فقير جي آستاني کان ڪلوميٽر اولهه طرف آهي. ان مان
معلوم ٿيو ته، مکڻ عرف مکڻيو فقير ذات جو مهندو نه
پر اوٺو هو. هيءُ فقير پڻ ولهاري بزرگن جو همعصر
هو، مکڻيي فقير جي تر ۾ هيءَ ڪرامت پڻ مشهور آهي
ته، قبن جي آسپاس وڏو ڪنڊين جي وڻن جو ٻيلو هو،
جنهن ۾ وڻن جي گهاٽاڻ سبب مقامي ماڻهو کيس
”گهونو“ سڏيندا هئا. هينئر به ڳوٺ رستم لغاري جي
لغارين کي ”گهوني جا لغاري“ سڏيو وڃي ٿو. مقامي
ماڻهن جي ڳالهه ته انهي گهوني ۾ ڳورپٽ رهندي هئي،
ماڻهن سان وڙهڻ سان گڏوگڏ، لاشن جي بيحرمتي پڻ
ڪندي هئي، اتي جي ماڻهن ڳورپٽ واري ساري ماجرا اچي
فقير صاحب جي آڏو بيان ڪئي. فقير صاحب چيو ته هن
ڏانئڻ ڳورپٽ به جيئڻ نه ڏنو. وڌيڪ چيائين ته آءٌ
جڏهن گذاري وڃان ته منهنجي قبر جي مٿان ٻه ڪرڙ جا
ڏنڊا رکي ڇڏجو، ۽ قبر تي پهرو به نه ڏجو. سُتت ئي
فقير جا سؤ ورهيه پورا ٿيا، ۽ فقير وسال ڪيو. ڪفن
دفن کان پوءِ وصيت مطابق سندس قبر تي ٻه ڪرڙ جا
ڏنڊا رکيا ويا، مشاهدي خاطر ٻي ڏينهن ماڻهن اچي
ڏٺو ته ڳورپٽ مُئي پئي آهي ۽ ڪرڙ جا ٻئي ڏنڊا ان
جي ڪنڌ تي رکيا آهن. ان واقعي کان پوءِ مقامي طور
سرائيڪي ۾ هي پهاڪو مشهور ٿي ويو ته: ”مکڻيا فقير
جيئندا پير“ ڪو وقت عقيدتمند سندس قبر تي ڏنڊا رکي
ويندا هئا. سندس قبر تي ڪابه لکت وغيره ڪانهي. پڪي
سرن جي چارديواري جي اندر ٻه ٻيون به قبرون آهن.
درسگاهه ولهار جي جاءِ:
هن ساري تاريخي قبرستان ۾ سواءِ، ميين معروف جي
قبن جي ڪنهن به عمارت جا نشان ته ڇا پر بنياد به
نظر نٿا اچن، ڪافي جستجو ۽ ڳولا کان پوءِ عزيزي
محترم عاصي عبدالواحد هَڪڙي جي رفاقت ۾ اچانڪ قبن
کان ڏکڻ پاسي ايڪڙ پنڌ تي مسجد سڳوري جي پڪين سرن
جي پيڙهه جا نشان نظر آيا، جنهن جي پيڙهه جي ويڪر
ٻه فوٽ، ڪمرو اندرو اندر ساڍا اٺ فوٽ ويڪر ۽
چوٽيهه فوٽ ڊيگهه، دالان ويڪر اٺ فوٽ ۽ چوٽيهه فوٽ
ڊيگهه. ان مان پڪي ثابتي ملي ته اها ئي مسجد سڳوري
آهي، جنهن کي تاريخ ۾ درسگاهه ولهار چيو وڃي ٿو،
اُتي ئي درس و تدريس جو ڪم هلندو هو.
درسگاهه ولهار جو ڪتبخانو:
1280هه ۾ مخدوم صابر ولهاري واري درسگاهه ولهار جو
اختتام ٿيو. ٻيو دور کنڀري شريف لڳ ڍورو نارو (ڳوٺ
ميان پير محمد) ۾ چالو ٿيو(17). درسگاهه ولهار جي
ڪتب خاني ۾ 236 قلمي نسخا هئا.(18) ڊاڪٽر بلوچ
صاحب کنڀري واري درسگاهه ولهار جي باري ۾ لکي ٿو
ته:
”هن درسگاهه جي ڪتب خاني ۾ اندازاً ڏهه هزار ڪتاب
هئا(19).“ ذڪر ڪيل قلمي نخسا ۽ ڇاپيل ڪتاب سڀ جا
سڀ کنڀري واري ڪتبخاني جا نه هوندا پر ڪتابن جو
وڏو قلمي ذخيرو ميين صابر واري درسگاهه جي ڪتبخاني
مان منتقل ڪيو ويو هوندو، جنهن جي ثابتي لاءِ
اشاعت العلوم لائبريري مسڻ (ٽنڊوالهيار) ۾ پيل
قرآن پاڪ جو هڪ قلمي نسخو آهي، جنهن جي آخري صفحي
تي هيءَ عبارت لکيل آهي ته:
”ڪتبه حقير فقير عبدالرشيد ولد مغفور مرحوم پکريه
بتاريخ 25 پنج شنبه شهر ربيع الاول 1165هه. باز
جلدبندي شد در 1279 تماچي مگريه سؤم بار جلدبندي
شد حافظ صالح اوٺه سڪنه ولهار تاريخ 14 ذوالقعد
1306هه“.
کوهه:
ماضي ۾، کوهه انسان جي جياپي جو وڏو سهارو هئا پر
هاڻي دور بلدجي ويو آهي، انهن جي جاءِ تي هينڊ
پمپ، ٽيوب ويل، روٽر وغيره اچي ويا آهن. درسگاهه
ولهار جي جاءِ کان ۽ قبن کان اتر، چند قدمن تي
ڄارين جي ويڙهه ۾، ٻه کوهه بمشڪل نظر اچن ٿا.
درسگاهه ولهار جي پاڻيءَ جو انتظام انهن ئي کوهن
مان ٿيندو هو.
قبن جا تعميراتي دور:
ميين معروف جا قبا ڪلهوڙا دور ۾ اندازاً 1177هه
برابر 1764ع ۾ تعمير ٿيا. هي قبا ڪنهن ٺهرايا،
هيڏي ساري مضبوط عمارت ٺهرائڻ واري جو احوال ڪنهن
معتبر ڪتاب مان باقاعده ملي نه سگهيو آهي. پوين
ولهاري ميينَ ۽ مقامي جهونن همراهن جي راءِ اها
آهي ته، اهي قُبا ميين مقبول (اول) تعمير ڪرايا،
جنهن کي وفات کان پوءِ انهيءَ قُبي ۾ دفن ڪيو ويو.
وڌيڪ الله کي علم آهي. قُبي جي ٻئي دفعا مرمت،
ميين علي محمد ولهاري عرف ميين علڻ (اول) 1940ع
واري ڏهاڪي ۾ ڪرائي(20). موجوده تعميري ٽيون دور
ولهاري مخدوم جي گادي نشين مخدوم ميان علي محمد
ولهاري (ثاني) ولد مخدوم ميان لطف علي ولهاري
09-2008ع ڪرائي رهيو آهي. قُبن جو تعميراتي ڪم
استاد حاجي ڦوٽو ولد جمعو سومرو، سومرا ڪالوني
ٽنڊي الهيار وارو تمام باريڪ بينيءَ سان ڪري رهيو
آهي. وڏي هوشياريءَ سان، قُبن جي اصلي شڪل و صورت
کي، برقرار رکيو اٿس. قبن کي هاڻي لوهي ڄاري جا در
پڻ لڳايا ويا آهن، تعميرات جو ڪم آخري مرحلي ۾
آهي. پاڻي ۽ بجليءَ جو پڻ انتظام آهي.
ميين معروف جا قُبا، قبرستان ۽ باقي کنڊرات جي
ايراضي 42 ايڪڙن ۾ آهي، ديهه ڪنڊياريءَ جي سروي
نمبر 35 جي جاءِ تي ”ولهاري مقام“ لکيل آهي.
مذڪوره ايراضيءَ ۾، پڪين سرن سان ٻڌل ڪيتريون ئي
بينام و نمود قبرون، ڀڳل سرون، ۽ ٺڪراٽ تمام گهڻي
انداز ۾ پيل آهي. برسات دوران، ڪاشيءَ جا ٽڪرا،
جنڊ، سِڪا، دَمڙيون وغيره پڻ ملن ٿيون، ان مان لڳي
ٿو ته ”درسگاهه ولهار“ جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ۾
هيءُ ڪو وڏو شهر هو. اولهه پاسي لڳو لڳ شاهي ڍورو
پڻ آهي، جنهن کي گهلو واهه پڻ چون ٿا- انهيءَ شاهي
وهڪري جي ڪري هتي ننڍڙو بندرگاهه پڻ هو. قُبن کان
ٻه ڪلوميٽر اولهه رتي فقير جو پتڻ مشهور هو. سندس
قبر پڻ اتي آهي، جتي 30-35 سال اڳ، ڪنڊي جو دُوران
درخت بيٺل هو، جنهن کي ”رتي جو ڪنڊو“ سڏيندا هئا.
قُبن کان ڏکڻ ڏيڍ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ”ڍورو ڀائي
خان لغاري“ نالي قديم بستي پڻ آهي. ڪنهن زماني ۾
اهو وڏو شهر هو، جنهن ۾ نَوَ بازاريون هيون. هرهڪ
بازار واپار جو مرڪز هئي، تنهنڪري هيءُ ”ڍورو
نوشهرو“ سڏبو هو. قُبن کان اوڀر ڪلوميٽر پنڌ تي
ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص ضلعي جي حد رکندڙ 1901ع ۾
نڪرندڙ ويسٽ جمڙائو جي 28 ميل موري آهي. ٽنڊي
الهيار جي حد ۾ ميرواهه گورچاڻي روڊ جي ڏکڻ ”مائي
ٻاڙيءَ“ جو تاريخي قبرستان آهي. اُن ڪري مذڪوره
موري ٻاڙي واري موري پڻ سڏبي آهي. قُبن کان اُتر
طرف ٽي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ديهه جهول ۾ سيد
سمن شاهه رضويءَ جي آخري آرامگاهه آهي. سيد سمن
شاهه جي باري ۾ ماڻهن جو خيال آهي ته، هي ميين
شاهه عنات جو ڏاڏو آهي(21). ميين شاهه عنات رضوي
پنهنجي ڪلام سُر سارنگ ۾ پنهنجي وڏي ڏاڏي سيد سمن
شاهه رضويءَ کي هن طرح ياد ڪيو آهي ته:
روم ريجائي، ڪيئون مدينو مَن،
روضي پاس رسول جي، وڄڙيون وارا ڪن،
ساڱري “سمن شاهه” تي گونگا مينهن گجن،
عرش ڪرسي جوڙ سڄي، حڪم هيٺ هلن.
اِن پر مينهن وسن، الهائي عنات چئي (22).
قبن کي ويجهو اولهه اُتر ڳوٺ نور محمد شيديءَ جو
قديم ڳوٺ آهي.
قُبن تي پهچڻ لاءِ موجوده رستو:
ٽنڊي الهيار کان سر اوڀر 25 ڪلوميٽر، ميرواهه
گورچاڻيءَ جي تاريخي شاهي پڪي رستي جي، بس اسٽاپ
شيدي هوٽل کان اڌ ڪلوميٽر ڏکڻ، ڪچي بائونڊريءَ
ذريعي ميان معروف جي قُبن تي پهچي سگهجي ٿو، ۽ پڻ
ميرپورخاص ميرواهه گورچاڻي روڊ، بس اسٽاپ ٻيلهاڙو
شاخن کان اولهه طرف چار پنج ڪلوميٽر مفاصلو طئي
ڪري به پهچي سگهجي ٿو.
حوالا:
(1)
تحفة الڪرام، تصنيف: مير علي شير قانع ٺٽوي، مرتب:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مترجم: مخدوم امير احمد،
ص: 418، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، (ڇاپو ٽيون)،
1989ع.
(2)
لطف اللطيف، مولانا دين محمد وفائي، ص: 92، وفائي
پبلشنگ هائوس، ڪراچي نمبر 1.
(3)
“رهاڻ هيرن کاڻ“ (جلد ڏهون)، ص: 70، تحقيق ۽
تصنيف: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، 1423هه، 2011ع.
(4)
تذڪره مشاهيرِ سنڌ، (جلد ٽيون)، مولانا دين محمد
وفائي، ص: 265، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، (ڇاپو
پهريون)، 1986ع.
(5)
ايضاً
(6)
درسگاهه ولهار جو ٻيو دور، ماڳ کنڀرو، لڳ ڍورو
نارو، مضمون نگار، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص: 3،
ماهوار “پيغام”، ڪراچي، اپريل 1979ع.
(7)
لطف اللطيف، مولانا دين محمد وفائي، ص: 92، وفائي
پبلشنگ هائوس، ڪراچي نمبر 1.
(8)
تذڪره مشاهير سنڌ، مولانا دين محمد وفائي، جلد-3،
ص.100، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، (ڇاپو پهريون)،
1986ع.
(9)
تذڪره مشاهير سنڌ، مولانا دين محمد وفائي، جلد-3،
ص.98، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو پهريون،
1986ع.
(10)
تحفة الڪرام، تصنيف: مير علي شير قانع ٺٽوي، مرتب:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مترجم: مخدوم امير احمد،
ص: 418، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، (ڇاپو ٽيون)،
1989ع.
(11)
تحفة الڪرام، تصنيف: مير علي شير قانع ٺٽوي، مرتب:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مترجم: مخدوم امير احمد،
ص: 418، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، (ڇاپو ٽيون)،
1989ع.
(12)
معيارِ سالڪانِ طريقت، مير علي شير قانع، مترجم:
شيخ محمد حسن يحيٰ القريشي ٿريچاڻي، ڇاپو پهريون،
آگسٽ 2010ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص: 656.
(13)
”رهاڻ هيرن کاڻ“ جلد ڏهون، ص: 70، تحقيق ۽ تصنيف:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
سنڌ يونيورسٽي
ڄام شورو، 1423هه، 2011ع.
(14)
تحفة الڪرام، تصنيف: مير علي شير قانع ٺٽوي، مرتب:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مترجم: مخدوم امير احمد،
ص: 418، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، (ڇاپو ٽيون)،
1989ع.
(15)
معيارِ سالڪانِ طريقت، مير علي شير قانع، مترجم:
شيخ محمد حسن يحيٰ القريشي ٿريچاڻي، ڇاپو پهريون،
آگسٽ 2010ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص: 656.
(16)
سڄڻ ڏٺو جن، (جلد ٻيو)، ص: 64، مصنف: جوڻيجو،
سائين بخش قبولائي، ناشر برگيڊيئر (ر) مولا بخش
بلوچ، پاران حضرت سطان الاولياءَ قدس سره اڪيڊمي
ڏوڪري لاڙڪاڻو.
(17)
سڄڻ ڏٺو جن، جوڻيجو سائين بخش قبولائي، ڇاپو
پهريون، مئي 2007ع، پاران حضرت سلطان الاولياءَ
قدس سره اڪيڊمي ڏوڪري، لاڙڪاڻو.
(18)
درسگاھ ولهار جو ٻيو دور، ماڳ کنڀرو لڳ ڍورو
نارو، مضمون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص.3 ماهوار
پيغام اپريل ڪراچي.
(19)
خزينة المخطوطات، مرتب- سليم الله صديقي ڇاپو اول
سنڌي ادبي بور ڊ ڄام شورو سال 2006ع.
(20)
راوي محمد رحيم ولد چڀڙ حڪيماڻي لغاري، عمر 80
سال، ڳوٺ رستم لغاري نزد معروف قبا.
(21)
راڻي سندا رنگ. مؤلف فتح محمد شهزاد فتح ٿيٻو
(ڇاپو اول)، ص.19، الائيڊ پرنٽنگ پريس گاڏي کاتو
حيدرآباد، سال 1987ع.
(22)
ميين شاهه عنات جو ڪلام، تحقيق ۽ تصحيح- ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، ص.278،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 2010ع |