سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :11

نذير شاڪر بروهي                                                                 (آخري قسط)

 

 

 

 

چانڊڪا پرڳڻو

             (نالي جي تاريخي قدامت، معنيٰ ۽ ان سان مُتصل پرڳڻن ۽ جاگيرن جو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو)

سنڌي ٻوليءَ جي ڪن لفطن ۾ ”اوڪي“ پڇاڙي جيئن اڄوڪي (اڄ+اوڪي= اڄوڪي)، پروڪي (پر+اوڪي= پروڪي) لفظن ۾ ڪم اچي ٿي، سا صفت ظرفي طور به مستعمل ٿئي ٿي. چانڊ لفظ ۾ ”ڪو“ ۽ ”اوڪي“ پڇاڙيون ٻئي هڪ بنياد جون تبديل ٿيل صورتون آهن. ڪن عالمن ”ڪو“ ۽ ”اوڪو“، پڇاڙين کي سنسڪرت ٻوليءَ جو قرار ڏنو آهي. مثلاً:

لُڇڻ + ڪو = لُڇڪو

سرڻ + ڪو = سرڪو

مڙڻ + ڪو = ميڙڪو

واڻيو + ڪو = واڻڪو

چنڊ + اوڪو = چنڊوڪو/ چانڊوڪو

پر+ اوڪو = پروڪو

اڄ + اوڪو = اڄوڪو (179).

دراصل اهي پڇاڙيون سنسڪرت نه بلڪه دراوڙي ٻولين جي باقيات آهن. ڪيترن دراوڙي ٻولين جي لفظن ۾ اَڪي، ڪي، پڇاڙيون صفت نسبتي پڇاڙي طور ماڻهن ۽ شهرن جي نالن جي پٺيان بطور پڇاڙي، ڪم اچن ٿيون. مثلاً:

Ayyakke

Accakke

Co-makke

Mandakke

De-vakke

Me-dakke

Cinnakke

Pannakke

Akkakke180

سنڌ ۽ هند جي گهڻن علائقن ۽ قبيلن جي نالن پٺيان ڪي ۽ اوڪي، آڪي پڇاڙيون ملن ٿيون جيڪي قديم دراوڙي دور جي باقيات طرف اشارو آهن، مثلاً:

گنداخه+ ڪي = گنداخڪي/گنداڪي (گندا وارو علائقو)

ڪارتي+ ڪي = ڪارتيڪي (چوياندي جيڪا سرسوَتي جي هڪ شاخ هئي)

ڪوسي+ ڪي= ڪوسيڪي _ڪوسي درياهه جو)

کار+ ڪي = کارڪي (نئون اورنگا آباد)

بارابن+ ڪي = بارابنڪي (اوڌ ۾ جاسنائل جو پراڻو نالو)

گوم+ ڪي = گومڪي (گنگوتري کان پندرنهن ميل اتر طرف شهر) (181)

ڏهرڪي+ ڪي= ڏهرڪي

مهر+ ڪي = مهرڪي

گهوٽ+ ڪي = گهوٽڪي

هينري پاٽنجر پهريون انگريز سياح آهي، جنهن 1810ع ۾ صحيح ۽ ٺوس علمي بنيادن تي چانڊڪا پرڳڻي جي قديم نالي کي ”چانڊوڪي“ سمجهندي، ان جي معنيٰ ۽ اشتقاق تي بحث ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته:

”لفظ چانڊوڪيءَ جي معنيٰ سنڌ جي جديد ٻوليءَ

۾ آهي، چانديءَ جي، يعني استعاره طور ان جو

مطلب خوشحالي، آسوده يا اک کي سهڻو نظر ايندڙ آهي............ (182).“

هن مٿئين بحث مان هيٺان نتيجا سامهون اچن ٿا:

  1. موجوده چانڊڪا علائقي جي نالي جي پهرين تحريري صورت ”چانڊوڪي“ هئي، جنهن کي ڪجهه مؤرخن ۽ سياحن چانڊوڪي، چانڊڪي، چانڊوڪه، چانڊڪو جي صورتن ۾ به لکيو آهي

  2. چانڊوڪي، مرتب لفظ آهي، جنهن جو بنياد ’چانڊ‘ آهي، جيڪو سنسڪرت جي ”چندراهه“ مان مشتق آهي. ان ۾ ڪي، اوڪي پڇاڙيون ملائي چانڊڪي ۽ چانڊوڪي بڻايو ويو آهي. اهي پڇاڙيون سنسڪرت نه بلڪه دراوڙي آهن. يعني ته چانڊوڪي مرتب لفظ جي صورت تمام پراڻي ۽ دراوڙ دور جو يادگار آهي.

  3. ڪاڇو يا ڪاڇي جي زمين ۽ علائقو بيابان ۽ سنئون پٽ ۽ ميدان آهي، جيڪو ڏينهن ۽ رات جو چانڊوڪيءَ جو ڏيک ڏيندو آهي. جيڪڏهن نئن جو پاڻي منجهس اچي وڃي ته پوءِ اهو علائقو رات ۽ ڏينهن جو چانديءَ وانگي نظر ايندو ۽ پيداوار به ججهو ڏئي ٿو. ان لاءِ استعارن مٿس نالو ”چانڊوڪي“ يا ”چانڊڪي“ پيو.

  4. هينري پاٽنجر علائقي جي جاگرافيائي بيهڪ، پس منظر، معنيٰ ۽ وجهه تسميه کي صحيح سمجهندي، ان جي معنيٰ تي درست رخ ۾ بحث ڪيو آهي

چانڊڪا:

مليل تاريخي شاهدين ۽ اسان جي مطالعي جي روءِ سان ”چانڊڪا“ نالو يا لفظ پهريون دفعو 1634ع ۾ يوسف ميرڪ استعمال ڪيو آهي(183). منشي عطا محمد 1854ع ۾ ”چانڊڪا“ لفظ تحرير ڪيو آهي(184). اي. ڊبليو هيوگز 1876ع ۾ پڻ ”چانڊوڪا“ لفظ لکيو آهي(185). ٽوپڻ مل 1880ع ۾ ”چانڊڪا“ صورت رقم ڪيو آهي(186). ايٽڪن 1907ع ۾ ”چانڊڪا“ صورت ڪتب آندو آهي(187). مرزا قليچ بيگ پڻ انگريزن جي تحريرن کي نقل ڪندي ”چانڊڪا“ لفظ ڪتب آندو آهي (188). ان کان بعد سنڌ جا ڏيهي ۽ پرڏيهي مؤرخ ۽ سياح صرف ”چانڊڪا“ لفظ کي ترجيح ڏيئي لکندا رهيا آهن ۽ عوام ۾ پڻ هاڻي اهوئي لفظ مستعمل آهي. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته چانڊڪا لفظ سترهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ مشهور ۽ معروف ٿيو. ان کان اڳ چانڊوڪي (چانڊوڪه ۽ چنڊوڪي) مروج هئا.

چانڊڪا نالي يا لفظ جي اصل صورت ”چاند“ يا ”چانڊ“ آهي، جنهن ۾ ”اوڪي ۽ ”ڪي“ پڇاڙين بدران ”ڪا“ پڇاڙي ملائي ”چانڊڪا“ مرتب لفظ بڻايو ويو آهي

چانڊوڪي، چنڊوڪي، چنڊوڪه لفظن جو بنياد ”چندراهه“ آهي، پر ”چانڊڪا“ لفظ سنسڪرت جي لفظ ”چاندريڪا“ (Chandrika) يعني چنڊ جي روشني، چانڊوڪي (Moon light)، چنڊ وارو، روشن، تجلو رکندڙ، جي تبديل ٿيل صورت آهي(189). چانڊريڪا مرتب لفظ آهي، جنهن ۾ چانڊ مفرد ۽ آزاد صورت آهي، جيڪو صفت طور ڪم اچي ٿو، جنهن جي معنيٰ چنڊ جو، قمري، چانڊوڪي وغيره آهي. ان کي ڪڏهن ”چانڊر“ به چوندا آهن(190). انهي چاندر يا چاندري ۾ ٻي ”ڪا“ پڇاڙي لڳائي چاندريڪا لفظ بڻايو ويو آهي. جنهن جي معنيٰ چنڊ واري روشني، چنڊ جي روشني، چانڊوڪي، چانڊاڻ آهي. پر ڦرڙو صاحب غلطيءَ وچان ”چاندريڪا“ لفظ کي ”چنذرڪا“ لکيو آهي(191). جيڪو صحيح نه آهي

عام ڳالهائجندڙ سنڌي ٻولي (Spoken Language) ۾ ”چاندريڪا“ کي ”چانڊڪا“ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ’چاندري‘ لفظ جي پڇاڙي يعني ’چاندري‘ لفظ جي وچياڙي حذف ڪئي ويئي آهي. لسانيات ۾ لفظ جي اندر ڪن آوازن جو حذف ٿيڻ يا گم ٿي وڃڻ کي ”تاريخي سَنڌِي“ (Historical Assimilation) چئبو آهي. جيئن لڪشڻ مان شد آواز حذف ٿي ۽ ڪ آواز ک ۾ تبديل ٿي ”لکڻ“ ۽ پوءِ لڇڻ صورت اختيار ڪيائين. درجن مان ”د“ آواز ”ڏ“ ۾ تبديل ٿيو ۽ ”ر“ حذف ٿيو ۽ ”جن“، ”ڄڻ“ آواز ۾ تبديل ٿي ”ڏُڄڻ“ صورت اختيار ڪيائين، مثال طور:

لَڪشَڻ < لَڇَڻَ < لَکڻ

درجَن<  ڏُڄَڻ

نندرَ < ننڊَ

چندرَ < چَنڊُ (192).

اهڙي طرح سنسڪرت لفظ ”چاندريڪا“ ۾ ”چاند“ لفظ ”چانڊ“ ۾ تبديل ٿيو، ۽ ”ري“ پڇاڙي حذف ٿي باقي ”چانڊڪا“ صورت اختيار ڪيائين، جنهن جي معنيٰ چنڊ واري روشني، چانڊوڪي، چانڊاڻ، چنڊ جي روشني آهي.

”چانڊڪا“ لفظ ۾ ”ڪا“ پڇاڙي هند آريائي بڻ بنياد نشاني جي آهي جيڪا صفت نسبتي طور استعمال ٿئي ٿي. قديم دور ۾ هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا شهر، علائقا ۽ قبيلن جا نالا آهن، جن جي پڇاڙيءَ ۾”ڪا“ پڇاڙي استعمال ٿيل آهي، جنهن مان ”وارو“ يا ”اتان جو رهاڪو“ يا ”رهڻ وارو“ يا ”جو“ جي معنيٰ ورتي وئي آهي

مثلاً:

ايونيه+ ڪا= ايونيڪا يعني ايونيڪا جو رهاڪو يا رهائشي

پريمي+ ڪا= پريميڪا يعني پيار ڪرڻ واري، محبوب رکڻ واري.

انام+ ڪا= اناميڪا يعني غير نالي وارو، بي نام

لمپا+ ڪا= لمپاڪا يعني لمپا جو رهاڪو

ايوڌيه+ ڪا= ايوڌيڪا يعني ايوڌيه جو رهاڪو

امبا+ ڪا= امباڪا يعني ماءُ وارو، ماءُ (جنهن جو/ جي ماءُ زنده هجي) رکڻ وارو.

اپتيا+ ڪا= اپتياڪا يعني جبل جي هيٺيان رهڻ وارو (193).

هن مٿئين بحث مان هيٺيان نتيجا سامهون اچن ٿا ته:

  1. چانڊڪا نالو يا لفظ هڪ مرتب لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ- چنڊ وارو، چنڊ جي آهي جيڪو سنسڪرت لفظ ’چاندريڪا‘ جي تبديل ٿيل صورت آهي.

  2. چانڊڪا لفظ پهريون دفعو تحريري صورت ۾ سترهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ مستعمل ٿيو ۽ مليل معلومات جي آڌار تي اهو لفظ پهريون دفعو يوسف ميرڪ استعمال ڪيو آهي.

  3. هاڻي جديد دور ۾ چانڊوڪي بدران چانڊڪا لفظ عوام ۾ مستعمل آهي

هتي هيءُ سوال اُڀري ٿو ته جنهن علائقي کي هاڻي چانڊڪا نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ان تي ان نالي پوڻ جا ڪهڙا سبب هئا يا آهن؟ ان سببن کي ڳولڻ يا معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي قديم تاريخ ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو ته جيئن سمورا سبب معلوم ٿي سگهن. چانڊڪا علائقي تي چانڊڪا نالو پوڻ متعلق گهڻو ظني مواد ٽڙيل ۽ پکڙيل صورت ۾ موجود آهي پر اهو سمورو گماني ۽ ظني آهي. ان لاءِ انهن تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي. ان ظني مواد کان هٽي ڪري محقق دين محمد ڪلهوڙي جو ”چانڊڪا“ جي نالي ۽ قدامت متعلق ٿيل تحقيق هڪ ڪار آمد ۽ دستاويزي ثبوت جي حيثيت رکي ٿي. محقق دين محمد ڪلهوڙو صاحب لکي ٿو ته:

”راجا ڏاهر (712ع- 700ع) جي ڏينهن ۾ هاڻوڪي قنبر، وارهه ۽ ڏوڪري جي اولهه- اتر جي ڪاڇي واري جابلو ۽ وارياسي پٽيءَ تي راءِ گهراڻي (راءِ قنوج) جي هڪ هندو عورت چاندني ٻائي راڄ ڪندي هئي........ حالانڪه چاندنيءَ جو ذڪر ڪنهن به تاريخي ڪتاب ۾ نه آيو آهي. البته اهو حوالو هڪ مقامي قلمي نسخي

”خزانة العلم“ مان هٿ آيو آهي جيڪو 17 صدي عيسوي جي وچ ڌاري (1054هه) جو لکيل آهي. محمد عفي  عنہ نالي هڪ سنڌي عالم انهيءَ ڪتاب  جا مختصر پيش لفظ ابوالحسن جي سنڌي (الف اشباع) ۾ لکيا آهن.......(194).“

دين محمد ڪلهوڙو صاحب اڳتي لکي ٿو ته:

”محمد عفي عنہ اهو نسخو محمد شفيع جي هڪ فارسي ڪتاب تان نقل ڪيو آهي، جنهن لاءِ هو چوي ٿو ته هن جا وڏا اهو نسخو محمد بن قاسم کان به اڳ هتي (هاڻوڪي قنبر) کڻي آيا.............(195).“

دين محمد ڪلهوڙو ٻه سال پوءِ يعني 2005ع ۾ وري پنهنجي ان ساڳِي راءِ کي دهرائيندي لکي ٿو ته:

”دراصل چانڊڪا، سمن جي دور (1519ع-1350ع) کان اڳ ۾ چانڊوڪي جي نالي سان آباد هو. ڊاڪٽر مبارڪ علي ان کي ”چانڊوڪيا“ ڪري لکيو آهي. ’چانڊوڪي‘ کان اڳ واري دور جون ڪجهه حقيقتون پراڻن قلمي نسخن مان ملن ٿيون، ته اهو علائقو عربن جي دور کان اڳ برهمڻ دور (712-622ع) ۾ ’چاندني‘ نالي ڪنهن هندو عورت جي جاگير هو. هن وقت به تعلقي وارهه ۾ چاندني جاگير نالي هڪ ديهه به واقع آهي. ڀانئجي ٿو ته ’چانڊوڪي‘ لفظ مذڪوره راڻي ’چاندني‘ جي نالي جي بگڙيل صورت آهي، جو پوءِ سمن جي دؤر ۾ چاندني جي آبادڪاري کان پوءِ بگڙجي چانڊڪو ٿيو...........(196).“

ڪلهوڙي صاحب جي مٿين تحريرن (قلمي صفحي جي تحرير نه) مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا:

  1. راجا ڏاهر جي دور ۾، ڪاڇي تي راءِ گهراڻي جي هڪ عورت چاندني ٻائي حڪومت ڪندي هئي. هن وقت به وارهه ۾ چاندني نالي جاگير موجود آهي، جا ان عورت حڪمران جي جاگير جي ياد تازه ڪري ٿي.

  2. چانڊوڪي ان چاندني نالي عورت حڪمران جي نالي جي بگڙيل صورت آهي، جو پوءِ سمن جي دور ۾ چانڊين جي رهائش جي ڪري چانڊڪو ۾ تبديل ٿِي.

  3. چاندني ٻائي واري معلومات هڪ فارسي قلمي ڪتاب ”خزانة العلم“ تان کنئي وئي آهي. اهو ڪتاب محمد شفيع لکيو آهي. جنهن تان وري محمد عفي عنہ نقل ڪيو آهي، جيڪو سترهين صديءَ جو لکيل آهي. جنهن لاءِ (محمد عفي عنہ) لکيو آهي ته هيءُ ڪتاب (محمد شفيع جا وڏا) عربستان مان قنبر ۾ کڻي آيا هئا.

هيٺ اسان دين محمد ڪلهوڙي جي مٿين ٽنهي اهم نُڪتن جو جائزو وٺي ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته واقعي ڪلهوڙو صاحب قلمي نسخي جي حوالي سان صحيح نتيجا اخذ ڪيا آهن يا کانئس ڪي تحقيقي پيچيدگيون سرزد ٿيون آهن.

1.. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي قطعي آهي ته برهمڻ دور کان اڳ راءِ خاندان جي حڪومت هئي. هن خاندان جا باالترتيب هيٺيان پنج حڪمران ٿي گذريا آهن:

  1. . راءِ ديوائج                    560ع- 545ع

  2. راءِ سهيرس (پهريون)          583ع- 560ع

  3. راءِ سهاسي (پهريون)          601ع- 583ع

  4. راءِ سهيرس (ٻيو)              630ع- 601ع

  5. راءِ سهاسي (ٻيو)              640ع- 630ع. (197)

ان کان پوءِ چچ برهمڻ جي حڪومت شروع ٿي. هن خاندان مان چچ (680ع- 640ع)، چندر (688ع- 680ع) ۽ ڏاهر (712ع- 688ع) حڪمران ٿيا (198).

چچ برهمڻ جي دور ۾ راءِ خاندان جي هڪ عورت جو عليحده ۽ اڪيلي حڪومت ڪرڻ هڪ عجوبي کان گهٽ نه آهي. ڇو ته راءِ سهاسي (ٻئي) جي زال سونهن ديوي چچ کي حڪومت وٺرائي ڏيڻ ۾ پنهنجا سمورا مائٽ سندس تابع ڪرايا ۽ ڪن مخالفن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ان کان پوءِ برهمڻن واري سنڌ جي جاگرافيائي حدن اندر راءِ خاندان جو ڪوبه فرد حڪمران نه رهيو ۽ نه ئي هو. ان لاءِ ان دور ۾ هڪ عورت کي بطور حڪمران ڏيکارڻ غلطي آهي.

ڪلهوڙو صاحب ”چانڊڪو“ لفظ کي پهرين ۽ ابتدائي شڪل قرار ڏنو آهي ۽ پوءِ سمن جي دور ۾ ان علائقي ۾ چانڊين جي رهائش جي وجهه کان ”چانڊوڪي“ نالو مشهور ٿيڻ جو جواز ڳوليو اٿس جيڪو صحيح نه آهي ڇو ته اسان مٿي تحقيقي طور ثابت ڪري آيا آهيون ته ”چانڊوڪي“ پهرين ۽ اوائلي صورت آهي ۽ چانڊڪو پڻ انهيءَ لفظ جي بنياد مان مشتق ٿيل ثانوي لفظ آهي. جنهن ۾ صرف ”و“ ۽ ”ڪ“ آوازن جي تبديلي واقع آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ ”چانڊوڪي“ لفظ چانڊين جي اچڻ کان گهڻو اڳ مروج هو. جيئن ڪلهوڙو صاحب پاڻ تسليم ڪري ٿو ته:

”دراصل چانڊڪا، سمن جي دور (1519ع-1350ع)  کان اڳ ۾ چانڊوڪي جي نالي سان آباد هو....... (199).“

ته پوءِ چانڊين جي رهائش ڪري، چانڊوڪي لفظ جو مروج ٿيڻ جو جواز پيدا ڪرڻ يا ڳولهڻ ضروري نه آهي

. دين محمد ڪلهوڙي صاحب لکيو آهي ته ’خزانة العلم‘ نالي فارسي ڪتاب محمد شفيع جو لکيل آهي، جنهن جا وڏا محمد بن قاسم کان اڳ آيا هئا. جيڪو سترهين صدي جو لکيل آهي. محمد عفي عنہ نالي هڪ سنڌي عالم ان جا مختصر پيش لفظ لکيا آهن. اسان هيٺ اصل تحرير جو نمونو ۽ پوءِ هيٺ ان کي جديد سنڌي رسم الخط ۾ به پيش ڪنداسين. مثلاً:

”اين کتاب خزانة العلم“

پارسي کتاب محمد شفيع کنا نقل کتابا، جام تماچي ڏيهن منج لکيو هي کتابا. هنجا وڏا محمد بن قاسم کنا اٰيا اولاً. تن ڏيهن منج راءِ قنوج جي راني چاندني ٻائي چانڊکي تي حکمرانا، ڄام تماچي دوم جي دور منج محمد شفيع جو ممکن وصالا. هن کي اولاد ۾ بپتر ها. هي پهجي دور کي خطاط ۽ عالم اکبرا

خادم العلماء

محمد عفي عنہ

يڪ شنبه رجب المرجب

سنه 1052هه (200).“

جديد سنڌي رسم الخط:

هيءُ ڪتاب ’خزانة العلم‘ محمد شفيع، ڄام تماچيءَ جي دور ۾ هڪ فارسي ڪتاب جو نقل ڪيو. هن جا وڏا محمد بن قاسم کان اڳ آيا، تن ڏينهن ۾ راءِ قنوج جي راڻي چاندني ٻائي چانڊڪي تي حڪمران هئي. ڄام تماچي (دوم) جي دور ۾ محمد شفيع جو وصال ممڪن آهي. هن کي اولاد ۾ ٻه پٽ هئا ۽ هو پنهنجي دور جو وڏو خطاط ۽ وڏو عالم هو.

خادم العلماء

محمد عفي عنہ

رجب المرجب ته 1052هه بمطابق

آچر 2 آڪٽوبر 1642ع

هن مٿئين تحرير مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا ته:

  1. ڄام تماچي(1370ع- 1368ع) جي دور ۾ محمد شفيع نالي هڪ عالم ” خزانة العلم“ نالي هڪ فارسي ڪتاب جو نقل (لکيو نه هئائين) ڪيائين. محمد شفيع، ڄام تماچي ٻئي (ٻيو دور1392ع- 1388ع) ۾ وفات ڪيائين.

  2. هن فارسي ڪتاب جا مالڪ يا لکندڙ (جيڪي محمد شفيع جا آباؤ اجداد هئا) محمد بن قاسم کان اڳ راءِ قنوج جي دور ۾، قنبر علائقي ۾ جتي، جڏهن چاندني ٻائي حڪمران هئي، آيا.

  3. محمد عفي عنه نالي هڪ عالم، بکر جي گورنر مرزا خان (1052هه/1642ع) جي دور ۾ محمد شفيع جي نقل ڪيل ڪتاب مٿان سنڌي نوٽ (مٿي پيش ڪيل) لکيائين، جنهن ۾ هن محمد شفيع، ان جي وڏن ۽ ڪتاب بابت اهم معلومات درج ڪيائين

مٿئين قلمي صفحي ۽ ان مان نڪتل اهم نتيجن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ”چانڊڪا“ نالو محمد بن قاسم جي دور کان اڳ مستعمل هو ۽ علائقي جي صورت ۾ موجود هو. ان تي راءِ قنوج (هڪ شخص جو نالو ۽ علائقو نه هو) جي هڪ زال حاڪم هئي.

هاڻي هتي سوال ٿو اُڀري ته اها چاندني ٻائي ڪير ۽ سندس دور ڪهڙو هو؟ ۽ چانڊڪا علائقي جي نالي جو هن سان ڪهڙو تعلق آهي؟

چنا، سنڌي جي اوائلي ۽ قديم قبيلن مان هڪ آهي. قديم دور يعني راءِ گهراڻي کان اڳ چنا سموري سنڌ تي سياسي ۽ سماجي طور ڇانيل هئا، پر سندن طاقت جو مرڪز سبي، ڪڇ، گنداواهه ۽ ڪاڇو هئا. ان لاءِ مشهور آهي ته:

”ڪاڇو چنو، سنڌ سمو، ڀٽي جيسلمير. چنن جو پنهنجي اهم مرڪز يعني ڪاڇي ۾ وڌا، ماڻڪ ذات يا قبيلن وارن سان برادري ۽ قبيلائي اتحاد هو. جيئن سندن، ان اتحاد بابت مشهور آهي ته: چنا، وڌا، ماڻڪ، موره مُڳ ڌڻي(201).

هنن ذاتين يا قبيلن مان وڌا يا وڌيا دراوڙي قبيلو آهي، ۽ براهوئي قوم جو هڪ ٽٽل يا عليحده نسلي فرقو آهي ڇو ته براهوئي لفظ ودا ڪوئي (روڙا ڪوئي) ودا ڪوئي (بدا ڪوئي) (برا ڪوئي)  (براهوئي) لفظ جي تبديل ٿيل صورت آهي. جنهن ۾ ”ودا“ معنيٰ اتر ۽ ”ڪوئي“ معنيٰ اتريان ماڻهو آهن، يعني ”اتريان جابلو ماڻهو“. ان ئي نالي سان هڪ ٻيو قبيلو وداگا Vadaga (وداگه، وداگو، بداگا، بداگو) يا وڌاڪا هندستان جي تامل ناڊو، مدراس، نيلگري ۽ ڪُنڊا جابلو علائقن ۾ موجود آهن، جن جو تعداد هڪ لک، ايڪهتر هزار آهي(202).

وداگه، وڌاڪا لفظ جي معنيٰ به ”اتريان جابلو ماڻهو“ آهن. وداگه لفظ ۾ ودا معنيٰ اتريون ۽ گه، ڪو معنيٰ جبل لفظ جي تبديل ٿيل صورت آهي. يعني وڌيا، براهوئي ۽ بداگه (وڌاگه) ٽيئي هڪ نسل ۽ دراوڙي الاصل آهن.

چنا، راءِ گهراڻي جي دور ۾ ٻُڌيه (ٻڌپور) صوبي ۾ رهائش رکندا هئا، جيڪو موجوده دور ۾ سمورو ضلعو لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ضلعي جو الهندو ڀاڱو، قنبر، شهداد ڪوٽ ۽ وارهه ڀاڱن تي مشتمل هو ۽ سندن گادي جو هند ڪاڪي راڄ، موجوده دور ۾ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪڪڙ تعلقي جي نالي سان مشهور آهي/هو(203).

اسلام جي آمد کان پوءِ چنا پهريان ماڻهو هئا، جن محمد بن قاسم جي هٿان اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيا ۽ مسلمانن لاءِ اهم عسڪري قوت بڻيا. چنن جو سياسي ۽ سماجي ڌاڪو تيرهين صدي جي پهرين چوٿائي تائين باقاعده رهيو. جڏهن ناصر الدين قباچه 1220ع ڌاري سنڌ تي قبضو ڪيو ته ان وقت سنڌ مقامي سطح تي ستن راڻن ۾ تقسيم ٿيل هئي، جيڪي پنهنجي پنهنجي حصي تي حڪومت ڪندا هئا. انهن مان ٻه، هڪ وڪيو ولد پنهون چنو سيوئي (سبي، بلوچستان) ۽ ٻيو چنو ولد ڏهٿه (ڏيٿو) ذات چنو، ساڪن ڀاڳ ناڙي (بلوچستان) چنا هئا (204).

راءِ گهراڻي جي دور ۾ چنن جو حاڪم سرڪونڌ پٽ ڀنڊرکو ڀڪو هو، جيڪو ڪاڪا راڄ (ڪڪڙ) ۾ سڌو راءِ جي هٿ هيٺ حڪومت ڪندو هو. پر ذاتي ۽ موڙا، بدوا، ليبا ۽ بڊام ذاتين سان قبيلائي ۽ برادري اتحاد جي حوالي سان راءِ قنوج (قنوچ) سندن سردار هو(205)، ۽ ان جي زال چاندني ٻائي چانڊڪا واري علائقي ۾ پنهنجي جاگير سنڀاليندي هئي. راءِ قنوچ ۽ چاندني ٻائي، ٻئي نالا هندو طرز جا آهن، جيئن راءِ گهراڻي وارن جو لقب ”راءِ“ هو، جيڪو سنڌيءَ جي ”راڻي“ يا ”راڻو“ جي برابر آهي. جيڪي اسلام کان اڳ استعمال ٿيندا هئا. جڏهن چنا، مسلمان ٿيا ته پوءِ مسلمانن وارا نالا رکيائون ۽ راءِ قنوج ۽ ٻائي وارا نالا ۽ القاب ڇڏي ڏنائون.

ڊاڪٽر بلوچ، راءِ قنوج کي ارغونن جي شروعاتي دور جو قرار ڏئي ٿو. هو لکي ٿو ته:

”سمن بعد انهن (چنن) جي حڪومت ختم ٿي پر سرداريون غالباً قائم رهيون. سمن کان پوءِ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي حڪومت ٿي....... چنا ۽ ٻيا جيڪي قديم ”ٻڌيا“ جا قبيلا هئا، سي سنڌ جي سمن کان اڳ هئا. سمن جي حڪومت ۾ سندن زور ڀڳو هو....... ان وقت جا مکيه برادر قبيلا پنج هئا: چنا، موڙا، بدوا، ليبا ۽ بڊام. پنري جي پيءُ جو نالو ”بڊام“ هو ۽ سندس نڪاح ۾ هڪ مغلياڻي به هئي. جيڪا پنري جي ماٽيجي ماءُ هئي، يعني ته مغلن سان هتان جي سردار گهر جو رشتو هو. اهو سردار گهر ”راءِ قنوچ“ جو هو ۽ ارجڻ ان وقت گاديءَ تي هو....... 206).“

ڊاڪٽر بلوچ جي اها ڳالهه درست نه آهي، ڇو ته محمد شفيع جي نقل ڪيل فارسي قلمي نسخي ۾ اهو واضح بيان ڪيل آهي ته اهو ڪتاب سندس وڏا محمد بن قاسم کان اڳ جڏهن راءِ قنوج جي راڻي چاندني ٻائي چانڊڪي تي حڪمران هئي، جي دور ۾ کڻي آيا.

تاريخي طور ۽ چنن جي تاريخي ورق گردانيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته چاندني ٻائي، راءِ قنوج جي زال هئي ۽ چانڊڪا (ڪاڇو) تي حڪمران هئي. چانڊڪو، ڪاڇي جي حدن ۾ هو ۽ چنا ڪاڇي تي حڪمران هئا.

ڊاڪٽر بلوچ جنهن راءِ قنوج جو ذڪر ڪيو آهي، اهو تقريباً نو سؤ سال پوءِ جو آهي، ڪو ٻيو قنوج هو يا ان گهراڻي مان ڪو ٽيون يا چوٿون قنوج هوندو. جنهن قنوج متعلق اسان بحث ڪري رهيا آهيون، اهو تاريخي قدامت جي لحاظ کان عربن کان اڳ تقريباً راءِ گهراڻي جي دور جو هو ۽ چنه قبيلي سان تعلق رکندڙ هو. سندس راڻي چاندني ٻائي (چانڊاڻي- چانداني- چاندني) پڻ چنياڻي هئي. چانڊڪو يا چانڊڪا نالا پڻ چنن جي ان علائقي ۾ رهائش جي وجهه کان مشهور ٿيو هجي، ۾ گهڻو شڪ آهي. ڇو ته چنه، چنو ۽ چنا لفظ جو چانڊوڪي ۽ چانڊڪا ۾ تبديل ٿيڻ غير لسانياتي آهي. اصل لفظ ’چاند‘ آهي. چاندني ٻائيءَ نالي چانڊوڪي يا چانڊڪا نالي کي منسوب ڪرڻ هڪ اهم جواز آهي. ان لاءِ اسان کي سواءِ هڪ قلمي نسخي ”خزانة العلم“ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ثبوت ميسر نه آهي، چانڊوڪي يا چانڊڪا نالي کي ’چاند مهر‘ نالي منسوب ڪرڻ ۾ به هڪ اهم جواز ملي ٿو، جيڪو راءِ گهراڻي جي دور جو هڪ اهم شخص هو. ٿي سگهي ٿو ته راءِ خاندان وارن، چاند مهر کي ماٿيلي جي گورنر مقرر ڪرڻ کان اڳ موجوده چانڊڪا واري علائقي ۾ ڪا جاگير مختص ڪئي هجي، جنهن سبب هن علائقي تي چانڊڪا يا چانڊوڪي نالو مشهور ٿيو هجي.

بهرحال، چاندني ٻائي ۽ چاند مهر ٻئي عربن جي دور کان اڳ جون شخصيتون آهن، انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ جي نالي سان چانڊڪو، چانڊوڪي يا چانڊڪا نالو مشهور ٿيو. اهڙيءَ طرح تاريخي شاهدين، ثبوتن ۽ سَنَدَن جي مطابق: چانڊوڪي، چانڊڪو يا چانڊڪا نالا عربن جي دور کان اڳ مروج هو/هئا ۽ اهو هڪ علائقي جو نالو پڻ هو. باقي ان کي چانڊيا قبيلي جي نالي سان منسوب ڪرڻ صحيح نه آهي.

حوالا، حاشيا ۽ اضافا

  1. ڊاڪٽر مبارڪ علي، ”تاريخ اور آگهي“ (اردو)، لاهور، نگارشات، 1986ع، ص. 52

  2. ايضاً، ....... ”تاريخ اور روشني“، (اردو)، لاهور، نگارشات، 1986ع، ص. 65

  3. سيد مير محمد بن بايزيد پوراني، ”نصرت نامهء ترخان“ (فارسي)، به تصحيح و تنقيح، ڊاڪٽر انصار زاهد خان، ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز جامعه ڪراچي، 2000ع، ص 61

  4. علامه ابوالفضل، ”آئين اڪبري“ جلد اول، اردو ترجمو: مولوي محمد فدا علي صاحب طالب، لاهور، سنگ ميل پبليڪيشنز، 2000ع، ص 1045.

  5. مير محمد معصوم بکري، ”تاريخ معصومي“، سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون 1985ع، ص 165،161.

  6. يوسف ميرڪ بن امير ابوالقاسم ”نمڪين“، ”تاريخ مظهر شاهجهاني“، سنڌي ترجمو، نياز همايوني حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 1994ع، ص 121،120.

  7. ڊاڪٽر فرانسس برنيئر، ”برنيئرڪا سفرنامه هند“، ترجمه ۽ حواشي، خليفه محمد حسين، لاهور، تخليقات، 2000ع، ص 531.

  8. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”ميين شاهه عنايت جو ڪلام“، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 2010ع، ص 37.

  9. ميان نور محمد ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“، مرتب: سيد حسام الدين راشدي، ترجمو: عبدالرسول قادري بلوچ، ڪراچي، ڪلهوڙا سيمينار، ڪميٽي، 1996ع، ص 123،121.

  10. ”باقيات از احوال کلهوره“ (فارسي)، بسعي و تحقيق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڪراچي، ڪلهوڙا سيمينار ڪميٽي، 1996ع، ص 41

  11. مير علي شير قانع ٺٽوي، ”تحفة الڪرام“ سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 1976ع ص 136.

  12. صمصام الدوله شاهنواز خان، ”ماثرالامراءَ“، جلد ٽيون، اردو ترجمو: پروفيسر محمد ايوب قادري، لاهور، اردو سائنس بورڊ، 2007ع، ص 195.

  13. هينري پاٽنجر، ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“ سنڌي ترجمو: محمد حنيف صديقي ۽ سومار علي سومرو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 1993ع، ص 41.

  14. اليگزنڊر برنس، ”سنڌوءَ جو سفر- 1831ع“، سنڌي ترجمو: عطا محمد ڀنڀرو، ڪراچي سنڌيڪا اڪيڊمي، ٻيو ڇاپو 1998ع،  ص 239،172.

  15. ٽي. پوسٽنس، ”سنڌ جيئن مون ڏٺي“، سنڌي ترجمو: عطا محمد ڀنڀرو، ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي، 1997ع، ص 169.

  16. Edward Thornton, “A Gazetteer of the countries adjacent to lndia on the north-west,” Karachi, Indus publication, reprint 1996, p 133.

  17. ڊاڪٽر ايس. پي ڇٻلاڻي، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، سنڌي ترجمو: سراج الحق، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 1968ع، ص 228

  18. منشي عطا محمد شڪارپوري، ”تازن معرڪن جي تاريخ“، سنڌي ترجمو: حڪيم نياز همايوني، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 2005ع، ص 112

  19. “Seection from the records of the Bombay government” Edited by: Hughes Thomas, Bombay, Bombay education society’s press, 1855, p 711.

  20. A.W Hughes,

  21. خداداد خان، ”لب تاريخ سنڌ“، سنڌي ترجمو: حافظ خير محمد اوحدي، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1989ع، ص 132

  22. E.H. Aitken, “Gazetteer of the province of Sind”, karachi, Indus publication, reprint 1986, p. 170

  23. J.W Smyth, “Gazetteer of the province of Sindh”, “Larkana district”, lahore, sang-e-meel publication, reprint 2005, p 11

  24. مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ- ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون 1990ع، ص 368،41

  25. مير علي شير قانع، حوالو ڏنل آهي، ص 287

  26. اليگزنڊر برنس، حوالو ڏنل آهي، ص 172

  27. ايضاً..................................................... ص 220.

  28. Edward thornton, O P Cit. P 133

  29. See ref. No: 19, op. cit p.711

  30. Ibid, p. 725

  31. A.W Hughes, op. cit. p 179

  32. Ibid……………… p 477

  33. خداداد خان، حوالو ڏنل آهي، ص 132.

  34. E.H.Aitken, op. cit. p 170

  35. J.W.Smyth, op. cit p 11

  36. مرزا قليچ بيگ، حوالو ڏنل آهي، ص 368،41

  37. رحيمداد خان مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 1985ع، ص 398

  38. ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ مرتب: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، 1984ع، ص 706

  39. ”لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾“ مرتب: محمد يوسف شيخ، لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي، 2002ع، ص 66،85

  40. سيد امام المتقين راشدي، ”چانڊڪي پرڳڻي ۾ ڪلهوڙن جا يادگار“ (مقالو)، ٽماهي ”مهراڻ“،ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، جلد 47، نمبر 4،3 1998ع، ص 73

  41. مرزا قليچ بيگ، حوالو ڏنل آهي، ص 412 ۽ پڻ ڏسو: خير محمد ٻرڙو، ”ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا“، سيوهڻ، مراد پبليڪيشنسز، 2005ع، ص 289

  42. Sheikh Sadik Ali sher Ali Ansari, “A short sketch historical and traditional of the Musalman races found in sind, Baluchistan and Afghanistan”, karachi, 1901 p 21

  43. سردار خان گشڪوري، ”چاڪري اعظم“، اردو ترجمو: عبدالغفار نديم، ڪوئيٽا، بلوچي اڪيڊمي، 1988ع، ص 113 جلال خان جو دور سردار گشڪوريءَ تان نقل ڪيو ويو آهي ۽ بقايا ماڻهن جو دور جو تعين راقم الحروف واقعن کي مدنظر رکي مقرر ڪيا آهن. انهن ۾ ڪجهه ڦيرگهير ۽ گهٽ وڌائي ٿِي سگهي ٿي.

  44. خير محمد ٻرڙو، حوالو ڏنل آهي، ص 289

  45. يوسف ميرڪ، حوالو ڏنل آهي، ص 179

  46. راءِ بهادر هيتورام، ”تاريخ بلوچستان“ (اردو)، ڪوئيٽا، بلوچي اڪيڊمي، ٻيو ايڊيشن 1973ع، ص 7،6 190 ۽ پڻ ڏسو.پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف شاهين قيصراني، ”بلوچستان- تاريخ اور تهذيب (ايڪ تحقيقي جائزه)“ ڪوئيٽا، اداره تدريس ڪوئيٽا، 1994ع ص 72

  47. راءِ بهادر هيتورام، حوالو ڏنل آهي، ص 193

  48. سنڌ جي اصلي تاريخ سان وڏو ظلم اهو آهي ته ”علم تاريخ“ کان اڻ واقف، نوان ۽ سيکڙاٽ ليکڪ جڏهن سنڌ جي تاريخ تي قلم کڻن ٿا ته کين واقعن جو تجزيو ۽ پرک نه هجڻ جي برابر آهي. تنهن لاءِ سنڌ جي تاريخ ۾ غلط، بوگس روايتون، قصا ۽ غير تاريخي واقعا سنڌ جي اصلي ۽ حقيقي تاريخ ۾ گڏي، ان جو ٻيڙو ٻوڙين ٿا، جيڪو هئڻ نه کپي. اهڙن ليکڪن مان ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار به هڪ آهي. هو صاحب لکي ٿو ته:

”هونءَ به بلوچ قبيلا، سنڌ ۾ گهڻو آڳاٽو آيا، پر چانڊيا جيڪي هوت جي اولاد مان آهن، اندازاً 12 صدي عيسويءَ جي آخر يا 13 صدي  جي شروعات ۾ آيا............“

مڱڻهار صاحب جو مٿيون سمورو بيان من گهڙت ۽ بي بنياد آهي ڇو ته هوت، جلال خان جو پٽ هو ۽ ان جو پوٽو چانڊيو هو، جنهن جو دور 1230ع کان بعد شروع ٿئي ٿو. ان دور ۾ چانڊيو خود اڪيلو يا بقول يوسف ميرڪ جي کيس ٻه پٽ هئا، پر پوءِ به اهي ان ٻڌايل دور ۾ صغير هوندا. هي سڀ ان دور ۾ مڪران ۾ نووارد ٿيا هئا ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ سندن يعني بلوچن جو وجود اڻ لڀ هو. هنن جي هجرت 1485ع ڌاري شروع ٿي. اهڙي صورتحال ۽ حقيقت جي بنياد تي چانڊڪا کي چانڊين جي نالي منسوب ڪرڻ انڌي ۽ بوگس تاريخ نويسي جو ثبوت آهي. ان لاءِ ڏسو:

* ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، ”چانڊڪا پرڳڻي جي تاريخ“، قسط پهرين، عبرت سنسار، آچر 26 فيبروري 2012ع، ص 11

49..M.H.Panhwar “chronological dictionary of sindh”, jamshoro, Institute of sindhology, 1983, p 369, map: 1508 A.D= Sindhoundaries under Jam Nizamuddin and areas under his active influence and also see:

50.سيد مير علي شير قانع، ”مڪلي نامو“، تصحيح ۽ حاشيا: پير حسام الدين راشدي، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، (ڇاپو ٻيو) 1994ع ص حواشي 178.

51.سيد مير محمد بن يايزيد پوراني، حوالو ڏنل آهي، ص 61، ۽ پڻ ڏسو:

  • مير محمد معصوم بکري، حوالو ڏنل آهي، ص 114،113

  • مير علي شير قانع، ”تحفة الڪرام“، حوالو ڏنل آهي، ص 136

52.سيد ميرمحمد بن يايزيد پوراني، حوالو ڏنل آهي، ص 61

53.مير محمد معصوم بکري، حوالو ڏنل آهي ص. 114. 113.

54.نواب سردار خان چانڊئي جو 7 آگسٽ 2012ع، بروز اڱاري تي ”چانڊڪا پرڳڻو- تاريخ جي آئيني ۾“ پروگرام ۾ سنڌ ٽي.وي چينل تي ڏنل انٽرويو. نواب صاحب چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دور ۾ چانڊين جي آدم شماري ڪرائي، جنهن ۾ سندن تعداد ارڙنهن لک بيٺو. راقم 2012ع تائين صرف ان تعداد ۾ به لکن جو اضافو ڪري، ويهه لک لکيو آهي.

55.يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم، ”نمڪين“، حوالو ڏنل آهي، ص 179،178.

56.ايضاً، ص 121،122

57.ايضاً، ص 288

58.ايضاً، ص 288

59.ايضاً، ص 307

60.ايضاً، ص 57،58

61.Hunaira faiz dasti, “Muttan-A province of the Mughal Empire (1525-1751)”, Karachi, Royal Book Company, 1998, p 101

62.يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم ”نمڪين“، حوالو ڏنل آهي، ص 191. حوالو 1.

63.ايضاً، ص 192،191

64.ايضاً، ص 194

65.ايضاً،  ص 192

66.ايضاً، ص 58،57

67.حڪيم عبدالحميد خان چانڊيو، ”سنڌ جو اتر ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو“، ماڏو، دادو، 2000ع، ص 390،310،304،299،245،218،217،186

68.ايضاً، ص 161

69.ايضاً، ص 162،161

70. Humaira Faiz Dasti, op cit pp 148,153

۽ پڻ ڏسو:

مير علي شير قانع، ”مڪلي نامو“، حوالو ڏنل آهي، ص 415

71.مير علي شير قانع، ”مڪلي نامو“، حوالو ڏنل آهي، ص 416،415

72.ايضاً، ص 418،417

73.راءِ بهادر هيتو رام، حوالو ڏنل آهي، ص 193

74.مير علي شير قانع، ”تحفة الڪرام“، حوالو ڏنل آهي، ص 266.

75.F.Bernier, “F.Bernier’s travels in the Moghal Empire”. Vol.1 westminister, 1890. pp 203,204. & alsosee.

ڊاڪٽر فرانسس برنيئر، ”برنيئر ڪا سفر نامه هند“، اردو ترجمو: خليفه محمد حسين، لاهور، تخليقات، 2000ع، ص

76.رحيمداد خان مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“ حوالو ڏنل آهي، ص 444

77.دين محمد ڪلهوڙو، ”قنبر-شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري) ۾“ قنبر شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 2011ع ص 142،143

78.ايضاً، ص 143

79.يوسف ميرڪ، حوالو ڏنل آهي، ص 192، حوالو 1

80.حڪيم عبدالحميد خان چانڊيو، حوالو ڏنل آهي، ص 304،279،43

81.ڊائوسن، ”تاريخ سنڌ مؤرخن جي زباني“، سنڌي ترجمو: عطا محمد ڀنڀرو اسلام آباد، نيشنل بڪ فائونڊيشن، 2000ع، ص 754، حوالو 7

82.”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“، حوالو ڏنل آهي، ص 7،6

83.حڪيم عبدالحميد خان چانڊيو، حوالو ڏنل آهي، ص 235 کان 243 تائين.

84.ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”لاڙڪاڻو- ماضي ۽ حال“، ترتيب: بدرڌامراهو، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي، 2001ع، ص 14

85.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”رهاڻ هيرن کاڻ“، جلد ڇهون، شڪارپور، مهراڻ اڪيڊمي، 2005ع، ص 9،8،7

86.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”سپه سالار دريا خان جو حسب نسب“ (مقالو)، ٽماهي مهراڻ، نمبر 2-1، جلد 29، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1980ع، ص 99 کان 112 تائين.

87.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”رهاڻ هيرن کاڻ“، (جلد چوٿون) ٽنڊو ولي محمد، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، 2003ع، ص 132 ۽ پڻ ڏسو حوالو نمبر 82.

88.ايضاً، ص 140،139

89.غلام محمد لاکو، حوالو ڏنل آهي، ص 133

90.اي. ڊي ميڪليگن/ايڇ. اي روز، ”ذاتون ڪا انسائيڪلو پيڊيا“، اردو ترجمو: ياسر جواد، لاهور، بُڪ هوم، 2004ع، ص 180 ۽ پڻ ڏسو. انجم سلطان شهباز، ”اقوام پاڪستان ڪا انسائيڪلو پيڊيا“، جهلم، 2009ع ص 943

91.خير محمد ٻرڙو، ”ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا“، سيوهڻ، مراد پبليڪيشنز، 2005ع ص، 291

92.ٽي پوسٽنس، حوالو ڏنل آهي، ص 37

93.جي. ايم. سيد، ”جنب گذاريم جن سين“، )جلد ٻيو( ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1979ع ص 497

94.غلام محمد لاکو، حوالو ڏنل آهي، ص 132

95.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڏسو حوالو نمبر 84، ص 140،139

96.M.H Panhwar, op. cit p. 392 Administrative map of Sind 1608-1700 A.D

97.Ibid

98.“Selection from the records of the Bombay government”, o p. cit “report on the purgune of Chandookah, in upper sind” … p. 711

99.ايڇ. جي راورٽي، ”سر زمين افغان و بلوچ“، حصو ٻيو، اردو ترجمو: پروفيسر سعيد احمد خالد، ڪوئيٽا، اسپنسرز پرنٽرز (پرائيويٽ) لميٽڊ، 1991ع، ص 805.

100.A.Aziz luni, “Afghans of the frontier passes”, Quetta, new Quetta books stall, 1992, p 87

101.Taj Muhammad breseeg, “Baloch nationalism its origin and development”, Karachi, Royal book company, 2004, p 143 ref, no: 144. & also see

سردار خان گشڪوري، ”چاڪر اعظم“، اردو ترجمو: عبدالغفار نديم، ڪوئيٽا، بلوچي اڪيڊمي، 1988ع، ص 111،113 حوالو نمبر 1

102.مير نصير خان احمد زئي، ”تاريخ بلوچ و بلوچستان“، )جلد چوٿون( ڪوئيٽا، بلوچي اڪيڊمي، 1993ع ص 21،20،19

103.ايڇ. جي راورٽي، حوالو ڏنل آهي، ص 805

104.مير محمد معصوم بکري، حوالو ڏنل آهي، ص 109،108

105.لاڙ جو مطالعو“، مرتب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1991ع، ص 119

106.ايضاً، ص 128،129

107.Major H.W.Bellow, “The races of Afghanistan”, Lahore, sang-e-meel publications, 1979, p 65. & also see. Dr. Sigrid westphal- Hellbusch and Dr. Heinz westphal “The Jat of pakistan”, Islamabad, lok virsa, 1994, p 47

108.راءِ رهيتورام، حوالو ڏنل آهي، ص 135 ۽ پڻ ڏسو:

Taj Muhammad Breseeg, op. cit pp 138,139.

109.هينري پاٽنجر، ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“، سنڌي ترجمو: سومار علي سومرو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1993ع ص 29.

110.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”جتڪي ٻولي“ حيدرآباد، سنڌ لئنگئيج اٿارٽي، 2003ع، ص 9 کان 24 تائين.

111.ٽي پوسٽنس، حوالو ڏنل آهي، ص 37

112.M.B.Emeneau, “Brahui and Dravidian comparative grammar,” Berkeley, university of California press, 1962, p 52.

113.ٽي، پوسٽنس، حوالو ڏنل آهي، ص 37

114.Dr.Mahmood Ali shah, “Sardar, jirga and local government system in Balochistan”, Lahore, edara-e-tadrees, second edition 1994, p. 23, 24 & also see.

Dr. Sigrid westphal Hellbusch and Dr. Heinz westphal op cit. p 13

115.T.Burrow and M.B.Emeneau, “A Dravidian etymdogical dictionary”, Landon, oxford university press, 1961, entry no: 600, 643

116.H.W.Bellew, “An inquiry into the ethnography of Afghanistan,” Landon, 1891, p 183

117.ڪامران اعظم سوهدروي، ”بلوچ قبائل“، لاهور، تخليقات، 2007ع، ص 76،75

118.Niki watts, “colloquial greek” London, routledge 1994, pp 22,35,52,76,105,133

119.H.W.Bellew, “An inquiry into the ethno graphy of Afghanistan,” op. cit p.p 76, 162, 177, 1781,179 & also see

محمد حسين پنهور، ”قديم سنڌ جا يوناني ۽ رومي تذڪره نگار“ (مقالو) ٽماهي ”مهراڻ“، جلد 30، نمبر 2،1 ڄام شورو سنڌي ادبي بورڊ، 1981ع، ص 118،115

120.رامچند ايس کتري، ”شري هنگلاج جي ياترا ۽ ڪراچي، 1974ع، ص 317

121.الهرکيو ٻُٽ، ”سماٽ“ ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڇاپو پهريون 1984ع، ص 86 ۽ پڻ ڏسو: ندوي ابو ظفر ”تاريخ گجرات“، دهلي، ندوة المصنفين، 1958ع، ص 24

122.Shaikh Sadique Ali Shair Ali Ansari, Op. Cit, p 58

123.M.H. Panhwar, op. cit p. 241 & also see: Ibid, “An illustrated atles of soomra kingdom of Sindh”, Karachi, Soomra national council-pakistan, 2003, pp. 33, 63

124.مير علي شير قانع، ”تحفة الڪرام“ حوالو ڏنل آهي، ص 81 ۽ پڻ ڏسو خداداد خان، حوالو ڏنل آهي، ص 40،39

125.مير علي شير قانع، ”تحفة الڪرام“ حوالو ڏنل آهي، ص 456،255 ۽ پڻ ڏسو:

  • لاله عزت راءِ، ”مرات دولت عباسيه“، اردو ترجمو: ”آئينه عباس سلطاني“، قلمي نسخو، ص 44،43

  • غلام رسول مهر، ”تاريخ سنڌ، عهد ڪلهوڙا“ (اردو) جلد ڇهون، (حصو پهريون) ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 92،91،90

126.لاله عزت راءِ، حوالو ڏنل آهي، ص 43 ۽ پڻ ڏسو. غلام رسول مهر، حوالو ڏنل آهي، ص 92،91

127.روايت مشتاق علي بروهي، ولي محمد بروهي، شبير محمد بروهي، ٽيئي ويٺل جاڙا واهه، تعلقو لکي، يو.سي رُڪ ايٽ حبيب ڪوٽ، ضلعو شڪارپور، هي ماڻهو ۽ انهن جا وڏا، آزاديءَ کان اڳ جاڙا واهه جي ڪپرن تي اچي ويٺا. جتي سندن ڳوٺ ”حاجي علي محمد بروهي“ جي نالي موجود آهي.

128.ايڇ. جي راورٽي، حوالو ڏنل آهي، ص 805 يا ڏسو حوالو نمبر 96

129.مير محمد معصوم بکري، حوالو ڏنل آهي، ص 109،108

130.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”رهاڻ هيرن کاڻ“ جلد پهريون، حوالو ڏنل آهي، ص 9،8،7 يا ڏسو حوالو 82 نمبر

131.مير محمد معصوم بکري، حوالو ڏنل آهي، ص 162

132.ايضاً، ص 165،164

۽ پڻ ڏسو:

يوسف ميرڪ بن امير ابوالقاسم، حوالو ڏنل آهي، ص 120

Mr. Saleem Akhtar, “Sindh under the Mughal”, Islamabad, N.I of H and C.R Karachi, D.of C, Govt: of Sind, 1990, p. 145

133.131. M.H. Panhwar, “Chronological dictionary of sind”, op cit p 382

134.يوسف ميرڪ بن امير ابوالقاسم، حوالو ڏنل آهي، ص 120

135.133. Mr. Saleem Akhtar, op cit. p 145

136.خداداد خان، حوالو ڏنل آهي، ص 130

137.ايضاً....................................................

138.E.H.Aitken, op cit. p. 176

139.F.G.Goldsmid, “Historical memoir on shikarpur”. 1855, p.7

140.A.W.Hughes, op cit p. 779

141.E.H Aitken, op cit pp. 135,134, 220

142.مرزا قليچ بيگ، ڏسو حوالو نمبر 24، ص 355

143.غلام احمد بدوي، مقالو، ”شڪارپور، ماضي ۽ حال“، مرتب: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، شڪارپور، 1984ع ص 38،37

144.پروفيسر لطف الله بدوي، مقالو، ”شڪارپور سونهن جو شهر“، مرتب: خليل مورياڻي، شڪارپور، 1996ع ص 65،64

145.F.G.Goldsmid, op. cit p.7

146.Ibid, = = = = = = = = p.p 7.8

147.E.H. Aitken, Op. Cit. p 107

148.مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، حوالو ڏنل آهي، ص 355

149.Ibid, = = = = = = = = P.P 6.7

150.خداداد خان، حوالو ڏنل آهي، ص 130

151.مير محمد معصوم بکري، حوالو ڏنل آهي، ص 185

152.ايضاً...................................................... ص 186،185

153.M.H. Panhwar “An illustrated historical atlas of Soomra kingdom of Sind” op. cit p 79

154.مرزا مُلا صالح ڪبوه، ”شاهجهان نامه“، لاهور، سنگ ميل پبليڪيشنس، 2000ع ص 90

155.يوسف ميرڪ، حوالو ڏنل آهي، ص 239،245 ۽ تعليقات نمبر 25.

156.اعجاز الحق قدوسي، ”تاريخ سنڌ“ جلد ٻيو، اردو، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، ڇاپو ٽيون 1985ع،  ص 233،232،150،149

157.يوسف ميرڪ، حوالو ڏنل آهي، ص 239

158.ايضاً، ص 243

159.صمصام الدوله شاهنواز خان، ”ماثرالامراء“ (جلد ٻيو)، اردو، ترجمو: پروفيسر محمد ايوب قادري، لاهور، اردو سائنس بورڊ، 2007ع ص 578،21،20 ۽ پڻ ڏسو.

سيد حسام الدين راشدي، ”تذڪره امير خاني“، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع، ص 156

160.يوسف ميرڪ، حوالو ڏنل آهي، ص 249،248

161.M.H. Panhwar, “An illustrated historical atlas of Soomra kingdom of Sind” op. cit p 79

162.يوسف ميرڪ، حوالو ڏنل آهي، ص 249

163.ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”لاڙڪاڻو، ماضي ۽ حال“ ترتيب: بدر ڌامراهو، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو پبليشنگ ايجنسي، 2001ع، ص 44،37

164.سيد مير محمد بن با يزيد پوراني، حوالو ڏنل آهي، ص 61

165.علامه ابوالفضل، حوالو ڏنل آهي، ص 1045

166.مير محمد معصوم بکري، حوالو ڏنل آهي، ص 160،161،165،159

167.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”ميين شاهه جو ڪلام“، حوالو ڏنل آهي، ص 37

168.ميان نور محمد، حوالو ڏنل آهي، ص 121،123

169.”باقيات از احوال کلهوره“، فارسي، حوالو ڏنل آهي، ص 41

170.مير علي شير قانع، ”تحفة الڪرام“،حوالو ڏنل آهي، ص 136، 257

171.هينري پاٽنجر، حوالو ڏنل آهي، ص 41

172.اليگزنڊ ربرنس حوالو ڏنل آهي، ص 172،239

173.Edward thornton, op cit p 133

174.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”اردو- سنڌي لغت“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1989ع، ص 219

175.محمد پناهه ڦرڙو، ”هندي- سنڌي لغت“ حيدرآباد سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2007ع ص 149

176.Michael Coulson, “Sanskrit”, Revised by Richard Gombrich & James Benson, London, licensing agency limited, 2006, p 331

177.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”جامع سنڌي لغات“، (جلد ٻيو) حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1981ع، ص 981،980 ۽ پڻ ڏسو

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”اردو- سنڌي لغت“حوالو ڏنل آهي، ص، 220،219

178.واحد بخش شيخ، ”سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو“، (جلد اول) حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1986ع، ص 239

179.جهمٽ مل نارومل وسڻاڻي، ”نئون ويا ڪرڻ“، ڪراچي 1892ع، ص 194،184

180.M.B.Emeneau, “Dravidian Studies”, Delhi, MLBD, 1994, PP. 264,267,268,269,270

181.Nando lal Dev, “The geographical dictionary of ancient and mediaeval India”, Lahore, Book tarders, PP, 9, 30,37,39,41.

182.هينري پاٽنجر، حوالو ڏنل آهي، ص 447، حوالو. 1

183.يوسف ميرڪ، حوالو ڏنل آهي، ص ڏسو سمورو ڪتاب

184.منشي عطا محمد شڪارپوري، حوالو ڏنل آهي، ص 112

185.A.W.Hughes, op. cit PP. 447,502

186.ٽوپڻ مل حيدرآبادي، ”تاريخ سنڌ“، سنڌيڪار: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 2008ع ص 139،103،97،85

187.E.H.Aitken, op cit p. 170

188.مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ- ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“حوالو ڏنل آهي، ص 388،41

189.Michael coulson, op cit p 332

190.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”جامع سنڌي لغات“ )جلد ٻيو( حوالو ڏنل آهي، ص 980 ۽ پڻ ڏسو:

محمد پناهه ڦرڙو، حوالو ڏنل آهي، ص 169.

191.محمد پناهه ڦرڙو، حوالو ڏنل آهي، ص 151

192.ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1987ع ص 113،112

193.Nando Lal Dev op cit. pp. 13 to 102. & also see

Michael coulson, op cit pp. 143 to 228

194.دين محمد ڪلهوڙو، ”چاندنيڪو، چانڊوڪي، چانڊڪو“ (مقالو)، ماهوار نئين زندگي، جلد 56، نمبر 3،2 فيبروري ۽ مارچ، حيدرآباد، اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ، حيدرآباد، 2003ع ص 18.

195.ايضاً

196.”سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ“ مرتب: ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 2005ع، ص 436

197.نذير احمد شاڪر بروهي، ”سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت“ (مقالو)، ٽماهي ”مهراڻ“ جلد 45، نمبر 1، جنوري- مارچ، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1996ع، ص 94 کان 108 تائين

198.نصير خان احمد زئي، ”تاريخ بلوچ و بلوچستان“، جلد ٻيو، ڪوئيٽا، بلوچي اڪيڊمي، 1989ع، ص 233،204،187

199.ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو، حوالو ڏنل آهي، ص 436

200.دين محمد ڪلهوڙو، حوالو ڏنل آهي، ص 18

201.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”جنگناما“، ڄام شورو سنڌي ادبي بورڊ، 1984ع، ص 30

202.William Frawley, “International Encyclopedia of linguistics”, Vol: 1 New York, Oxford University press, 2003, p 465

203.علي ڪوفي ”فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو“، سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو چوٿون 1994ع، ص. 403،402،54،53 حوالا ۽ حاشيا

204.مير علي شير قانع، حوالو ڏنل آهي، ص 81 ۽ پڻ ڏسو خداداد خان، حوالو ڏنل آهي، ص 40

205.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”جنگناما“، حوالو ڏنل آهي، ص 31

206.ايضاً، ص 31

نوٽ:

راقم الحروف هن مقالي لکڻ لاءِ هيٺين اهم معزز، همدرد ۽ تعاون ڪندڙ شخصيتن جو شڪر گذار آهي، هنن جو مقالي لکڻ وقت هر طريقي سان مدد ۽ تعاون رهيو

1.محترم غوث بخش خان مهر، وفاقي وزير براء نج ڪاري ڪميشن پاڪستان.

2.محترم انور احمد خان مهر، ميمبر سنڌ صوبائي اسيمبلي

3.محترم نادر شاهه سابق ناظم يو.سي مسيتي تعلقو لکي، ضلع شڪارپور.

4.محترم انجنيئر وجاهت حسين مهر، پرنسپال گورنمينٽ پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ بوائز سکر

5.مهر قبيلي جي پيش ڪيل شجري ۾ ڪي تبديليون اڃان موجود آهن، ڇو ته جيسر ذات جي موجوده آبادي کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ”جيسر“ جنهن جا عاقل خان ۽ بکر پٽ آهن، کان اڳ ٻيو ڪو ”جيسر “ ٿي گذريو آهي، جنهن تان جيسر ذات مشهور ٿي آهي. راقم جي غوث بخش خان مهر سان 31 مئي 2012ع بروز خميس تي ملاقات ٿي، ڪچهريءَ دوران هن ان ڳالهه کي واضح ڪيو ته اسان مارو خان جو اولاد آهيون، پر آهيون جيسراج. اهو جيسر، جنهن جا عاقل ۽ بکر ٻه پٽ آهن، کان گهڻو اڳ ٻيو جيسر ٿي گذريو آهي، جنهن جي نالي پٺيان اسان پاڻ کي جيسراج سڏايون ٿا پر تاريخ ۾ ان جيسر جو ذڪر ڪٿي به نه ٿو ملي. والله اعظم باالعنين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com