سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :10

فقير محمد ڍول

 

مير عبدالحسين خان سانگي

جي شاعريءَ جون خوبيون ۽ خاصيتون

دنيا ۾ اهڙي ڪا به قوم ناهي جنهن کي ڌڻي تعاليٰ شاعر نه بخشيو هجي ۽ دنيا ڀري پئي آهي شاعرن سان. شاعر آهي ڇا؟ اُن لاءِ سنڌي علم و ادب جي شمس العماء مرزا قليچ بيگ لکيو آهي:

”شاعر جهان جي بزرگن منجهان هڪڙو آهي، جي هن جهان ۾ ڪنهن به وقت ڪٿي ڪو عجيب (مختلف) انسان پيدا ٿئي ته گهڻو امڪان آهي ته اُهو شاعر ٿي پوندو. شاعر جي لاءِ مسافري ۽ مشاهدو ضروري آهن، انهن ٻن شين جي ڪري سندس شعر ۾ وسعت، حسناڪي ۽ پختگي پيدا ٿئي ٿي.

يورپ کنڊ جي قديم ٻولين ۾ Poet لفظ جون ٻه معنائون هونديون هيون:

هڪڙي:       شاعر. - ٻي: نبي.

هونئن به سچن شاعرن ۽ نبين جو رستو ويجهڙو ئي آهي. اهي ٻئي الاهِي اسرار ۾ غرق آهن. نبيءَ کي جهان جي ڳجهي ڳجهارت ڀڃڻ جي ڳڻتي آهي ۽ شاعر جا به ساڳيا پنڌ ۽ پيچرا آهن ۽ هُو به ڪائنات جي رازن کي معلوم ڪرڻ لاءِ بيقرار ۽ محو هوندو آهي.“

اها ته ٿي ڳالهه شاعر جي، ته شاعر آخر آهي ڇا؟ ۽ چاهي ڇا ٿو؟ سندس فرض ۽ قدرَ يا گُڻ ڪهڙا آهن؟ پر هاڻ اِها پروڙ به پوڻ گهرجي ته شاعري ڇا آهي؟ جيڪا هڪ شاعر جي اندر مان اُڇلون کائي ٻاهر نڪري ٿي اچي ۽ عوام کي پنهنجي پاند جي ڳنڍ ۾ قابو ڪري وٺي ٿي. ڳالهه سڄي هُنر جي، فن جي ۽ اُن جي اُڻتڪاريءَ جي آهي، جنهن جي لاءِ قدرت جي پُٺڀرائي، پيڙهه جي حيثيت رکي ٿي. ٿُلهي ليکي شاعريءَ جي هڪڙي وصف فارسيءَ جو هيءُ شعر به آهي، جيڪو پنهنجي پيرائي ۾ جيتوڻيڪ اٺن ڏهن لفظن جو مجموعو آهي، پر انهن اٺن ڏهن لفظن ۾ ڄڻ ته سمونڊ سمايل آهي.

هر ڪنهن گل جي پنهنجي خوشبو آهي، پنهنجو واس ۽ پنهنجو هُڳاءُ آهي. هيءَ سنڌي ادب جي ٻهڳڻي بازار آهي، جنهن جي هيرن موتين جو ڪو مُلهه ئي ڪونهي ۽ ’هيرا لعل هزارا...‘ معنيٰ اُنهن جي ڳڻپ ڪجي ته انگ ۽ دنگ ٻئي ڪونهي.

اهڙن هٽن ۾ هڪڙو هٽ مير عبدالحسين سانگيءَ جو آهي، جيڪو کٿوريءَ جي خوشبوءِ سان کِڙيو بيٺو آهي.

مير عبدالحسين سانگيءَ 1851ع ڌاري مير عباس علي خان ٽالپر ۽ بيبي بلقيس جي خانوادي ۾ جنم ورتو.

سانگي ڄائو ته ماءُ موڪلايو... پنجين ڇهين سالَين کي پهتو مسَ، ته پيءَ به پرلوڪ پڌاريو... ۽ مائي حاجران نالي محبوب ماڻيائين، ته اُن به ويندي ويرَم ئي ڪانه ڪئي... ٻي شادي ڊاڪٽر رائيٽ جي نياڻي، بيبي بلقيس سان 1877ع ۾ ڪيائين، پر اُن به سندس حياتيءَ ۾ ئي هٿُ ڇنايو...

اهي وڇوڙن جا وَڍَ، سندس جِيوَن ۾ عام جام رهيا... وڇوڙن سان گڏ ڄمڻ کان ئي مال ملڪيت به مُنهن مَٽائڻ جي روش اختيار ڪري ورتي هئي... ميرن واري صاحبي ته اڳي ئي انگريزن ڦُري ورتي هئي...

هڪڙي شاعر لاءِ اِهي ڏک گهڻا آهن، بلڪ تمام گهڻا آهن... هتي يقيناً اوهان جي ذهن ۾ اِهو سوال اُڀرندو ۽ توهان بي اختيار چوندؤ ته، ”جي هڪ سُٺي شاعر لاءِ ايڏا ڏک گهڻا آهن، ته پوءِ ڀٽائيءَ ته ايڏا ڏک ڪونه ڏٺا، جيڏا سانگيءَ جي پلئه پيا ۽ ايڏا ڏک ڏاکڙا ڏسڻ کان پوءِ به وڏو شاعر ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي نه مير عبدالحسين سانگي!“ ته اِن سوال جو مون وٽ تمام مختصر جواب آهي ته سانگيءَ جو ۽ ڀٽائي جو ڀاڳُ جدا هو ۽ مٿس خدا خود مهربان هو، هُن شعر نه پر آيتون پئي لکيون، تڏهن ئي هُن جو رُتبو ’مڙنيان مٿانهون‘ آهي.

- پر سنڌي ادب ۾ مير عبدالحسين سانگيءَ جو رُتبو به ڪو گهٽ ڪونهي، بلڪه سانگي ادب جو اهو سج آهي جيڪو پنهنجي آب تاب سان جُڳن کان جَرڪي رهيو آهي. هُو سنڌيءَ جو پهريون جديد شاعر آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ جديديت کي جاءِ ڏني ۽ نواڻ جا نوان رنگَ سنڌي ادب کي ارپيا. هُو خانداني ٻار ته هو ئي، انڪري سندس شخصيت عالي وقار واري هئي، سندس اُٿڻي ويهڻي به شاهاڻي هئي، پر سندس طبيعت نهايت فقيراڻي هئي. ٿور ڳالهائو هو. جهيڻو يعني آهستي ڳالهائيندو هو. ڪڏهن به ڪنهن تي رنج عيان نه ڪيائون، قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سِٽ وانگر ’ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا، ڏوراپو ڏيئي‘ واري واٽ وٺي هليا عمر تمام.

ڏکن ۾ ۽ غربت ۾ به هُن پنهنجي خودداريءَ کي داغدار نه ڪيو ۽ ’ڀلي بُک ڀرم جي، شال م وڃي شان‘ جو نشان بنيا رهيا عام جي آڏو... اِها آهي سندن وڏائي، باقي ٻي دنيا داري واري وڏائي کي ته هُن ڪڏهن ڪجهه سمجهيو ئي ڪونه. فخر کي فنا ڪري ڪاوڙ کي مُرڳو ماري ڇڏيو هئن، ڪنهن کي ڏکوئڻ ۽ لوئڻ کان پاڻ ته پرانهان ها، پر ٻين کي به اهڙي تلقين ڪندا هئا، اجهو سندن هي شعر به اهڙي گواهي پيو ڏئي:

زهـر کان خالي نه هئـاسون، پر هنيوسين نيش ڪونه،

مون کان اي سانگي ڪڏهن ڪا ڪار زنبوري نه ٿي.

مير صاحب ايڏو ته ذوق وند ماڻهو هو، جو هُن ڪوششون وٺي سنڌ اندر علمي ادبي سرگرميون شروع ڪرايون ۽ سنڌ ۾ مشاعرن جو رواج وڌو. هُن کي سنڌي غزل جو باني شاعر به سڏي سگهجي ٿو. هن جو غزل اڄ به سنڌي شاعريءَ ۾ وڏيءَ سگهه سان پنهنجي اُوچي قد ۽ ڪَرَ سان بيٺو آهي.

جيئن مٿي آءٌ ڄاڻائي آيو آهيان  ته مير صاحب سان ڏکن، ڏاکڙن ۽ ڏوجهرن جي ڪا ازلي ياري هئي، پر اُن هوندي به هُن انهن جي ڪنهن کي لَکا پوڻ ڪانه ڏني، جن جي ثابتي سندس شاعريءَ ۾ اجهو هن طرح موجود ملي ٿي:

لانڍي هجي لوڙهي ۾، رهڻ لاءِ ڪکن  جي،

ڏيکارجي دشـمـن کي مگـر، لـوڏ لـکـن جي.

يا:

ڏک وڏو ئي ڏِيل، ته به زيبُ نه مَٽيان ذات جو.

مير صاحب جي مٿين سِٽن مان عيان آهي، ته هُن کي پنهنجي ڀرم جو وڏو اونو هيو، ڇو ته هُو ڪو عام گهراڻي جو فرد ڪونه هيو بلڪ هُو ميراڻو ۽ خانداني ٻار هو. هُن جي ذوق جو اِهو عالم هو، جو علم و ادب کان سواءِ کيس راڳ سان به رغبت هئي. خاص ڪري ’شاهه جي راڳ‘ سان ته هُن جون ٻٽيهه دليون هيون، جنهن مان حِظُ حاصل ڪرڻ لاءِ، هُو راتين جو گهوڙي تي شاهه جي ڀٽ ڏي پنڌ پوندو هو ۽ رڳو اهو نه پر هُن جو چاهه ته ’سدارنگي‘ راڳ سان به هو، وٽس يڪتاري پوٽن جون رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. انهن ڳالهين جي ثابتي سندس شعر جي هن سِٽَ مان به ملي ٿي:

سانگي سچ ٿو چوان منهنجو،

روح ٿو ريجهي راڳن سان.

مير صاحب جي عاجزيءَ جي وري ڪهڙي ڳالهه ڪجي... هُو هميشه پاڻ پڏائڻ کان پرانهون رهيو ۽ ٻين کي به ان جي تلقين ڪندو ٿي رهيو، مثال طور سند س هي شعر حاضرِ خدمت آهي:

وار جنهن ۾ وڏائي جو ناهي،

وه غريبي سندا رليون ۽ رلا.

-

حاصل نه ٿئي شوڪڻ سان ۽ ڦوڪڻ مان بزرگي،

جي ماڻهپو ناهي ته تڏهن مير ٿجي ڇو؟

هنن شعر مان سندس دلي حال ۽ طبيعت بلڪل عيان آهي، ته هُو ڪيڏو نه اندر جو اُجرو، خود شناس ۽ زمانا شناس شخص هيو. سندس مٿئين شعر کي هنيين سان هنڍائيندي، ويجهي دؤر جي ڪافيءَ واري وڏي شاعر، مخدوم نوح واري خانوادي جي چشم و چراغ ۽ نوَ لکي گودڙيءَ جي ڌڻي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جون سِٽون منهنجي چِتِ تي چڙهي آيون آهن:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾، وڏو منصب ته ڪونهي.

مون چيو نه، ته سانگيءَ جي شاعري سندس سموري حياتيءَ جو اولڙو آهي. هن شاعريءَ جي آئيني ۾ پنهنجي شخصيت جي هر پهلوءَ جو عڪس انتهائي سچائيءَ ۽ کُليءَ دل سان عام آڏو آڻي رکيو آهي. هُن کي جا به دل ۾ آئي، پاڻ لاءِ يا پرائي لاءِ، جنهن ۾ ڪانه ڪا چڱائي هجي، سچ هجي، سا هُن بنا رک رکاءَ جي چئي ڇڏي آهي، پوءِ ڀلي اُها هن جي پنهنجي ذات لاءِ ڇونه هجي. ان سلسلي ۾ سندس سُخنِ شعر مان ڪجهه مثال اوهان آڏو رکان ٿو:

هڪڙي اندر ۾، ٻِي ڪري ٻاهر،

طبع تُنهنجي نه آهي سانگي سا.

-

سو مرد آهي جو نه چوي، پر ڪري انصاف،

هـمـت نـه آهي جي رڳو وات آهي ته ڇـا ٿيو.

-

سچ آهي سنگِ سخـــت کان انـسان سـنگدل،

جن ريءَ نه دم سريو ٿي، سو سانگي سريو سريو.

-

سِر ساهه وڃي نڪري، نه ٿئي وعده خلافي،

سهڻا آهي سانگي کي، سدا پاس سُخن جي.

علاوه ازين سانگيءَ کي پنهنجي سُخن تي وڏو اعتماد ۽ ڀروسو پڻ هو، انڪري هُن اهڙي هامَ هڻڻ کان به ناهي ڪيٻايو، اهڙا مثال به سندس شاعريءَ ۾ عام جام ملن ٿا ۽ هُو پنهنجي وقت جي وڏن شاعرن جي به، پنهنجي سُخن سان ڀيٽ ڪري ٿو ۽ پاڻ کي اُنهن کان گهٽ نٿو ڀانئين:

مون اهڙا گلِ نظم آندا عجيب،

گلستانِ سعديءَ ۾ جي گل نه هئا.

-

’نظامي‘ هن وقت جو آهيان مان ’جامي‘،

غزل ۾ منهنجي ڪٿي ڪانه ڪا آهي خامي.

ساڳئي وقت هُن کي پنهنجي هن قلبي ڪلام جي مقبوليت جو احساس ۽ پڪو پختو يقين ۽ پتو به هو، تڏهن ئي ته هُن پنهنجي هڪڙي شعر ۾ اهڙو اظهار به اجهو هن ريت ڪيو آهي:

اڄ ’حافظ‘ ۽ ’صائب‘ کي ڀلا ڪير ڏسي ٿو،

چرچو آهي ڏس چار طرف منهنجي دشمنن جو.

۽ سندس اهڙي شاعراڻي عظمت جو اعتراف ان وقت جي مڙني شاعرن پڻ وڏي فخر ۽ فراخدليءَ سان ڪيو آهي ۽ رڳو ڪالهه نه پر اڄ به سندس اهڙي شاعراڻي عظمت جو مينار بلند و بالا نظر اچي ٿو.

سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ حسن و جمال جو جلوو، جادوئي سحر انگيزيءَ سان ڀريل نظر اچي ٿو، جيڪو مايوس ۽ مرده دل ماڻهن ۾ جيئڻ جو نئون احساس ۽ روح ڦُوڪڻ جي قوت رکي ٿو. هُن پنهنجي شعر و سُخن جي اهڙي جادوءَ جي ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ غزل کي وڏو اوج ڏنو، نموني طور سندس هڪڙي غزل جا ڪجهه بندَ حاضرِ خدمت آهن:

جنهن مون کي ٿي ڏٺو، ٿي چيو تنهن چريو چريو،

پنهنجي پرين ڏي مون جو ڏٺو ٿي وريو وريو.

ٿي دلربا چيو ته حنا آهي رنگدار،

خونِ جگر مان منهنجي ته هٿڙا ڀريو ڀريو.

ڏي مون کي روز يار چميون چاهه مان هزار،

ڪرڻو علاج منهنجو جي آهي ڪريو ڪريو.

فرقت ۾ پنهنجي حال تي مون پاڻ ٿي رُنو،

سڀ ڪنهن چيو ٿي عشق جو ڍونگر ڍريو ڍريو.

سچ آهي سنگِ سخت کان انسان سنگدل،

جن ري نه دم سريو ٿي، سو ’سانگي‘ سريو سريو.

سانگيءَ نه رڳو شاعريءَ جي اهم موضوع ’محبت‘ جا پيچ و خم پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاريا آهن، پر هُن پنهنجي روزمره جي زندگيءَ جي معمولات و عادات کي به پنهنجي سُخن ۾ سمايو آهي. شروع کان پاڻ وندرائڻ لاءِ ماڻهن جو راندين ڏي به چاهه رهيو آهي، مير صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ ’پتي راند‘ متعلق اهڙو اظهار ڪرڻ فرمايو آهي، جيڪو اُن دؤر ۾ ته يقيناً نئون ۽ ڪورو لڳو هوندو، پر مون کي ته اڄ به هيءُ شعر ڪنچُو بلور (نئون ڪورو بلور، جنهن ڪنهنجي آڱر جي انٽيءَ مان نڪري اڃا پٽ تي بُل نه کاڌو هجي) جهڙو جرڪندڙ ٿو لڳي:

پتن جي ڏسي راند مون کي عجب هي آيو،

جي حڪم هجي شاهه کي ماري وٺي گولو.

-

راند ۾ ڀي ضرور، زور جو آهه،

حڪم ناهي اچيو وڃي ٿي پيس.

پتي راند مير صاحب ته رهِي يا نه رهِي، سا خدا کي خبر، پر هُن اهو پاسو به پنهنجي شعر ۾ اظهاريو آهي، اها هڪڙي سجاڳ ۽ ذميوار شاعر جي نشاني آهي ته هُو پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ماحول، مزاج، اُٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪرڻي، ورثي ۽ روايات کان بخوبي واقف هجي ۽ انهن کي پنهنجي شعر و سُخن ۾ ساڻ ساڻ کڻي هلي. مير عبدالحسين خان سانگي انهن مڙني ڳالهين ۾ پنهنجن همعصرن ۾ اڳيان اڳيان آهي، ڄڻ ته هُو اُن دؤر جي شاعرن جو سرواڻ ۽ اڳواڻ آهي، بلڪ ائين کڻي چئجي ته هُو ان قافلي جو ميرِ ڪاروان آهي ۽ منهنجي اهڙي دعويٰ کي وڌيڪ تقويت ڏيڻ لاءِ، آءٌ هتي پنهنجِي استاد، پروفيسر سحر امداد حسيني صاحبه کي Quote ڪري رهيو آهيان:

”مير عبدالحسين سانگي، پنهنجي دؤر جي ٻين شاعرن کان مختلف ۽ منفرد روايتن کي جنميندڙ آهي. هُن پنهنجي دؤر جي مُدي خارج روايتن کي ٽوڙيو. هُن پنهنجي دؤر جي شاعريءَ کي هڪ نئين تازگي بخشي. هُن جي ٻوليءَ جي شگفتگي، نغمگي ۽ احساس جي تازگي، خود هن جي غزل کي منفرد حيثيت عطا ڪئي.“

(ڪتاب ’شاعر، شعور، شاعري‘ - ص 54)

منهنجي نظر ۾ مير صاحب جي شاعري، موکيءَ وارو مَٽُ آهي، جنهن جي نشن جا کيپَ نرالا آهن.

 مير صاحب 12 جون 1924ع ۾ هن فاني جهان مان موڪلايو. سندس جسدِ خاڪيءَ کي ڀٽائيءَ جي ڀٽ واري خاڪ نصيب ٿي... ۽ خاڪ وڃي خاڪ سان ملي... ماڻهو ڀلا جِي جِي به آخر ڪيترو جيئندو! مرڻ ته ماڻهوءَ  جو معراج آهي...

جوهر بروهي

رئيس ضياءالدين ضيا

 

سنڌ جي علمي، ادبي، صحافتي شخصيت رئيس شمس الدين بلبل کي ٻه فرزند هئا، هڪ رئيس عبدالفتاح ۽ ٻيو رئيس ضياءالدين ضيا.

رئيس شمس الدين بلبل جي عمر 53 سال هئي ته کيس 10- ڊسمبر 1910ع تي ٻي گهر واريءُ مان پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ضياءالدين رکيائين، جنهن اڳتي هلي ضيا جي تخلص سان علمي ادبي ڪارناما ڪري، شهرت ماڻي.

راوين جي روايت آهي ته هن هونهار فرزند جي ڄمڻ وقت رئيس بلبل، ميهڙ ۾ وڏا شادمانا ڪيا. سنڌ جي صحافتي دنيا کيس مبارڪون موڪليون! شاعر ننڍي ضياء جي ڄمڻ تي تاريخي مادا ۽ تهنيتون لکيون. ضياء جي ابتدائي رهبري سندس فاضل عالم پيءَ رئيس بلبل ڪئي.

جڏهن رئيس ضياء 9 سالن جي عمر ۾ پهتو 1919ع جي سال سندس والد بلبل وفات ڪئي، هن کي يتيمي ڏئي هليو ويو. ان کان پوءِ بلبل جي دوست، دوستي جي دنيا ۾ تاريخي مثال رکندڙ مجذبو طبيعت عالم مولانا غلام محمد سوڍر رات ڏينهن رئيس ضياء سان گڏ رهي کيس تعليم ڏياري. چون ٿا ته صبح جو سوير غلام محمد سوڍر ننڍڙي ضياء کي ڪلهي تي کڻي اسڪول آڻيندو هو ۽ پاڻ اسڪول جي دَرَ تي پٽ تي پلٿي هڻي ايستائين ويهي رهندو هو، جيستائين اسڪول جي موڪل جو گهنڊ وڄي ۽ ننڍڙو ضياء واپس وري اچي.

رئيس ضياء ابتدائي پرائمري اسڪول ميهڙ ۾ حاصل ڪئي، ان کان پوءِ ٻه سال هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ رهيو. وري پوءِ هڪ سال سنڌ مدرسة الاسلام ۾ رهيو. ان ريت هتي مڊل جي تعليم مڪمل ڪري؛ ميٽرڪ 1931ع ڌاري بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪئي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عليڳڙهه ۾ به پڙهيو. جتان انٽرميڊيٽ امتحان امتيازي حيثيت ۾ پاس ڪري، اسٽريجي ايوارڊ ۾ ميرٽ اسڪالرشپ حاصل ڪئي.

بي.اي ۽ ايم.اي ۾ به هن پنهنجي امتيازي حيثيت برقرار رکي، ان کان پوءِ پوري ڌيان سان ايل.ايل.بي ڪري تعليم مڪمل ڪئي.

رئيس محنت، ذهانت ۽ تعليمي ڪارڪردگي جي ڪري طالب علمي جي دور ۾ ڪيئي سونا ۽ چاندي جا تمغا حاصل ڪيا. تعليم پوري ڪري 1938ع ۾ ميهڙ ماڳ تي آيو. ڪجهه مهينا هاءِ اسڪول ميهڙ ۾ استاد ٿيو. 1939ع ۾ ئي هن وڪالت شروع ڪئي، وڪالت جي ابتدائي وقت ۾ کيس سنڌ مدرسة الاسلام ڪاليج ڪراچي ۾ استاد طور رکيو ويو. سال کن ڪراچي ۾ رهڻ کان پوءِ وري 1943ع ۾ ميهڙ موٽي آيو، جتي هو پوليس پراسيڪيوٽر ٿي رهيو.

1957ع ۾ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ 1953ع ۾ کيس ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر جو عهدو مليو ۽ اهڙي ريت 1955ع ۾ ڊسٽرڪٽ ائنٽي ڪرپشن پراسيڪيوٽر بڻيو. 1957ع ۾ هي ذميواريون ڇڏي وڪالت شروع ڪيائين.

علمي ادبي مشغلو کيس ورثي ۾ مليل هو. انڪري هن ڪافي شاعري ۽ نثر لکيو، نه رڳو ميهڙ پر دادو ۾ به علمي ادبي ڪم ۾ خوب دلچسپي ورتي.

هفت روز ”تنظيم عوام“ دادو جاري ڪئي، ماهنامه ”اديب“ جو ايڊيٽر رهيو. انجمنِ آفتاب ادب دادو جو صدر، جميعت الشعراء سنڌ جو نائب صدر، دادو ڊسٽرڪٽ ڪلچرل ايسوسيئيشن جو نائب صدر، قلندر شهباز ميمموريل سوسائٽي ۽ انجمنِ بزم بلبل ميهڙ جو باني ۽ صدر، ڊگري ڪاليج دادو جو اعزازي پرنسپال ۽ هڪ ئي وقت دادو بار ايسوسيئيشن ۽ ميهڙ بار ايسوسيئيشن جو صدر رهيو.

1900ع کان 1953ع تائين برصغير جي سياسي هلچل ايتري زوردار رهي جو عام ماڻهو به سياست کان متاثر رهيو. عجب جوڳي ڳالهه جو هن سلسلي ۾ رئيس ضياء جي ڪابه سياسي دلچسپي مون کي معلوم ڪانه ٿي، سندس ڪُل دلچسپيون ادبي ڪم، ادبي تنظيمن ۽ ادبي ميڙن سان رهيون. جنهن جو هڪ تفصيل ملاحظه رهي.

·       جميعت الشعراء سنڌ جي ڇهين ڪانفرنس 1945ع ۾ دادو ۾ ٿي جنهن جي صدارت رئيس ضياء ڪئي.

·       جميعت الشعراء سنڌ جي اٺين ڪانفرنس 15- اپريل 1947ع ۾ نوابشاهه ۾ ٿي، جنهن ۾ رئيس ضياء پنهنجي ادبي ساٿين جمع خان غريب ۽ صوفي شاهه محمد سميت شريڪ ٿيو، ”درد پنهنجي ديس جو دل ۾ جوانو ڌار جو“ جي طرح تي طرحي مشاعرو ٿيو.

·       جميعت الشعراء سنڌ جي يارهين ڪانفرنس 9-10- نومبر 1950ع ۾ سيد ميران محمد شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ ٿي، رئيس ضياء پنهنجي دوستن جمع خان غريب، دين محمد اديب ۽ مولانا غلام محمد گرامي سميت شريڪ ٿيو.

جميعت الشعراء سنڌ پاران ڪُل ادبي ڪانفرنس 10-11- نومبر 1951ع تي ميونسپل پارڪ دادو ۾ ٿي. صدارت علامه آءِ.آءِ قاضي کي ڪرڻي هئي، سندس نه اچڻ جي ڪري ڪانفرنس جي صدارت ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ڪئي، رئيس ضياء، محمد شفيع هاتف، جمع خان غريب ۽ دادن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا.

·       جميعت الشعراء سنڌ جي نائين سنڌي ادبي ڪانفرنس 26-27- مارچ 1948ع جي ڏينهن بزمِ بلبل ميهڙ جي سهڪار سان سڏائي وئي. جنهن جو سمورو خرچ رئيس ضياءالدين ضياء ڪيو. ان وقت جي سنڌ جي وزير تعليم پير الاهي بخش ڪانفرنس جي صدارت ڪئي، ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽي جو چيئرمن رئيس ضياءالدين ضيا ۽ سيڪريٽري حاجي محمود خادم هو. ڪانفرنس ۾ جن اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي، انهن جا نالا هن ريت آهن: پير الاهي بخش وزير تعليم سنڌ، سيد علي اڪبر شاهه (ايم.ايل.اي)، آغا محمد يعقوب ڪليڪٽر دادو، شيخ عنايت الله ڊپٽي ڪليڪٽر ميهڙ، مولانا عبدالڪريم چشتي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي، غلام محمد نظامي، مهرالله شيخ، آغا گل حسن گل، عبدالڪريم شاد، عبدالله خواجه، قادر بخش بشير، سيد منظور نقوي، وڏيرو پير بخش، منظور عبدالعزيز ڏوڪري، اياز قادري، مولوي درمحمد خاڪ، علي محمد خالدي، محمد خان مجيدي، عبدالله شائق، محمد علي جوهر، توقير، سرور علي سرور حيدرآبادي، وصي، شاهه محمد صوفي، رئيس مرزا خان، ماستر الاهي بخش، مولوي جان محمد، مولوي شفيع محمد هاتف، عبدالقادر ميمڻ، محمد رمضان ثاقب، راءِ صاحب منگهومل، واحد بخش عاشق.

ڪانفرنس جي پهرين نشست 26 تاريخ جو 10 وڳي شروع ٿي. تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ واحد بخش عاشق، غلام محمد نظامي جي نعت سُر سان پڙهي. سيد علي اڪبر شاهه ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو، رئيس ضياء مرحبائي تقرير پڙهي. ڪانفرنس جو پهريون ڏينهن ”يومِ بلبل“ ڪري ملهايو ويو. ڊاڪٽر خليل ۽ ٻين بلبل جي فن تي ڳالهايو، نشست کان پوءِ شريڪ احبابن مرحوم بلبل جي مزار تي وڃي دعا گهري. ڪانفرنس جي ٻي نشست رات اٺين وڳي شروع ٿي، جنهن ۾ غلام محمد گرامي ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي، بلبل بابت تقريرون ڪيون. ڊاڪٽر صديقي فارسي نظم ۽ جمع خان غريب، توقير ۽ صوفي شاهه محمد سنڌي نظم پڙهيا. ان کان پوءِ مشاعرو شروع ڪيو ويو.

مصرعه طرح: ”هوا بدلجي وئي آهه اڄ زماني جي.“

اردو طرح:     "عقل سجدے میں گری سر جھک گیا تدبیر کا"

ٻئي ڏينهن اٺين وڳي سبجيڪٽ ڪاميٽي جي ميٽنگ سيد علي اڪبر شاهه جي صدارت ۾ ٿي. ان ڏينهن ڊاڪٽر خليل ”عيوب شاعري“ مولانا عبدالڪريم چشتي ”شاعري جو مقصد زندگي“ ۽ حڪيم محمد صادق ”سنڌي زبان“ بابت مقالو پڙهيو. جميعت الشعراء سنڌ جون چونڊون ٿيون- شام جو مشاعري جي صدارت مولانا عبدالڪريم چشتي ڪئي، جيڪو 2 وڳي رات جو ختم ٿيو.

جن شاعرن شعر پڙهيا، انهن جو انتخاب:

نواب علي نياز:

پچر ڇڏي ڏني بلبل به اڄ تراني جي،

ڏٺائين برق لڳي ان کي آشياني جي،

چمن ۾ ديده ۽ نرگس ٿي باربار روئي،

پوي ٿي ياد انهي کي به ڪنهن فساني جي.

محمد بخش واصف:

خبر نه آهه ڪِري ڪهڙي باغ ۾ بجلي،

جو خاڪ اڏري ٿي بلبل جي آشياني جي،

نه چمن، نه پکي سي نه سا فضا ۽ بهار،

هوا بدلجي وئي آهه اڄ زماني جي.

ڊاڪٽر ابراهيم خليل:

اهائي شاخ برباد آشياني جي،

جا يادگاري هئي منهنجي ڪنهن زماني جي،

چمن ته آهه ٿيو منهنجي خون سان رنگين،

ڏسو بهار ۾ سرخي سندم فساني جي.

ماستر محمد عالم:

چُڀن ٿا تير ستم تون پڇين ٿو ڇا حالت،

جگر جي سيني ۽ قلب جي نشاني جي،

چمن ۾ ڪانء ٿا ٺاهين پنهنجا آکيرا،

ملي ٿي جاءِ نه بلبل کي آشياني جي.

حافظ محمد حيات شاهه:

اوهان جو ڀانيو ٿا رستو حرم جي مسجد جي،

اها ته راهه چون ٿا شراب خاني جي،

هجي ڪا صاف سچي ڳالهه سا چئي ڇڏجي،

ڪجي تلاش نه هرگز ڪنهن بهاني جي.

سليم ڳاڙهوي:

جلايو برق سڄو گهر ۽ پَرَ ڇڏيا ساڙي،

اڃان نظر رهي صياد جي نشاني جي،

نه پنهنجا پنهنجا رهيا ۽ دوست دوست رهيا،

هوا بدلجي وئي آهه اڄ زماني جي.

عبدالعزيز ڏوڪري:

انهيءَ کي لطف ڇا ڏئي نسيم آزادي،

هوا جنهن کي وڻيل آهه قيدخاني جي،

ڪِري ڪا برق غضب اهڙي آهه دنيا جي،

جو تيلي تيلي سڙي جڳ جي آشياني جي.

واحد بخش عاشق:

سدائين خوش ٿا رهون آسمان جي ڇت هيٺ،

نه آهه گهرج غريبن کي شامياني جي،

مان پنهنجي درد جي لاءِ سمجهان ٿو اها اڪسير،

ملي جي خاڪ وڃي ان جي آستاني تي.

حڪيم محمد ڇٽل فدا:

پڇو ٿا ڪهڙي خبر ان جي آستاني جي،

گسي جبين ٿي ان تي سڄي زماني جي،

اسير آهيان مان دام زلف جو ناصح،

نه آهه مون کي ڪا پرواهه قيدخاني جي.

نظام الدين گوپانگ:

هجي ڪو ڪمائي ڪري کڻي دولت،

خدا کولي ڇڏي کاڻ آ خزاني جي،

کپي ٿو رزق کي حيلو، محبتن کي وفا،

رهي ٿي موت کي حاجت رڳو بهاني جي.

عبدالفتاح عبد عاقلي:

اسان جي قبر جي مٽي اڏڻ نه آبي سود،

تڙپ اڃا ٿي رهي ڪنهن جي آشياني جي،

ڳجهي آ چشم جي ڳوڙهن ۾ هڪ الف ليليٰ،

نگاهه پاس ٿي وقعت رکي فساني جي.

اهڙيءَ ريت جميعت الشعراء سنڌ جي هڪ ڪانفرنس 28- فيبروري 1954ع تي ميهڙ ۾ منعقد ٿي، ان ڪانفرنس ۾ رٿيل مشاعري جي رپورٽ ”ميهڙ جو تحفو“ نالي ڇپايو ويو. هي ڪانفرنس به بزمِ بلبل ميهڙ جي سهڪار سان منعقد ٿي. مرحبائي ڪاميٽي جي چيئرمن رئيس حاجي خان بلوچ مرحبائي خطبو پڙهيو، جيڪو هن ريت آهي:

جناب صدر صاحب ۽ ديگر ميمبران جيمعت الشعراء سنڌ

حضرات- جميعت الشعراء سنڌ جي پاران اڄوڪي ميٽنگ جي انتظام ۽ معزز ميمبران ۽ مهمان صاحبان جي آجيان ڪرڻ لاءِ جيڪا مرحبا ڪاميٽي ٺاهي وئي، ان جي طرفان پنهنجي پاران ۽ ميهڙ شهر جي ۽ ميهڙ تعلقي جي باشندن جي طرفان آءٌ ان ڪاميٽي جي چيئرمن جي حيثيت ۾ اوهان صاحبن جو دلي خلوص سان خير مقدم ڪريان ٿو ۽ مڃان ٿو ته ”اي آمدنت باعث آبادي مان“ ڀلي آئيوَ- جي آئيوَ- جو اسان جي ميهڙ جي چمن ۾ پنهنجي تشريف آوري جو بهار آڻي، موسم بهار ۾ به اسان کي خوش و خورم ڪيو اٿوَ. حضرات- هي بلبل مرحوم جي برڪت چئبي جو هن ننڍڙي ۽ پري پيل شهر ۾ هيءَ ٻئي دفعي جميعت الشعراء سنڌ جي سڄي سنڌ ۾ پکڙيل ميمبرن جي مهماني ۽ خدمت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيو آهي نه ته اوهان جهڙا ڀلارا بزرگ، ڪمن ۽ مشغولين وارا هيترا سفر دور دراز جا ڪري، ڪم سيڙهائي ههڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ هونئن ڪيئن قدم رنج فرمايو ها. پر هي اها بستي آهي جنهن ۾ بلبل بهار جي لات لاتي ۽ جنهن مان حضرت مرحوم حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻي، مخدوم الشعراء، حضرت محمود صاحب خادم، عمدت الشعراء حضرت نواز علي نياز ۽ ٻيا ڪيترا وڏا وڏا شاعر ۽ اديب شعر و شاعري جي اُمنگ وٺي ويا آهن ۽ سڄي سنڌ ۾ بهار لاتائون! اوهان جي مهربانين سان اڄ به ميهڙ جو باغ وري سرسبز ۽ شاداب ڏسون ٿا ۽ اوهان جو خاص شڪريه بجا آڻيون ٿا.

هن شڪريه بجا آوري ۾ مون سان گڏ مرحبا ڪاميٽي جا هيٺيان ميمبر صاحب به آهن جي گويا سڄي شهر ۽ تعلقي جي پاران اوهان جي آجيان ڪن ٿا.

اسماءِ گرامي ميمبران مرحبا ڪاميٽي:

1.             جناب سيد علي اصغر شاهه (بي.اي)

2.           جناب وڏيرو عبدالله خان (ايم.ايل.اي)

3.           جناب وڏيرو شمس الدين ڪلهوڙو (زميندار)

4.           جناب وڏيرو الهڏنو خان ٿيٻو (زميندار)

5.            جناب عبدالحميد خان جتوئي (ايم.ايل.اي)

6.           جناب وڏيرو محمدقاسم خان مهيسر (زميندار)

7.           جناب عطا محمد ڪانڌڙو (وڪيل)

8.           جناب محمد عرس ٻرڙو (وڪيل)

9.           جناب قاضي محمد لائق صاحب ميمڻ (ايس.ڊي.او)

10.    جناب محمد سچل خان رند (وڪيل)

11.      جناب فيض محمد خان ٻرڙو (وڪيل)

12.    جناب عبدالرسول چنا وڪيل (ايل.ايل.بي)

13.    جناب سيٺ حاجي محمد صديق شيخ

14.    جناب سيٺ گرمکداس (هندو زميندار)

15.     جناب ڊاڪٽر عبدالرسول غازي

16.    جناب ڊاڪٽر غلام قادر شيخ

17.    جناب ڊاڪٽر آغا عبدالحق خان پٺاڻ

18.    جناب منشي عيدنداس گوپالداس (هندو)

هنن صاحبن جي سرجوشي ۽ نيڪ ڪوششن ۽ مالي امداد کانسواءِ اسان جو هي ننڍڙو ڳوٺ هيڏو سارو شرف اوهان ڀلارن بزرگن شاعرن، اديبن جي آمد ۽ آجيان جو حاصل نه ڪري سگهي ها.

حضرات- اوهان جو هت گڏ ٿيڻ هڪ تاريخي ڪارنامو ثابت ٿيندو، ڇو جو اسان جي سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، هڪ نازڪ دور مان لنگهي رهيو آهي، جنهن ۾ يا ته هن جي لاءِ دٻجي وڃڻ جو امڪان پيدا ٿي ويندو يا ته نئين آب تاب سان نڪري نمودار ٿيندو، مگر ان جو تحفظ ۽ فروع اوهان جي قربانين ۽ عمل ۽ غور ويچار کان سواءِ ٿي ڪين سگهندو، اُهي سڀ سوچ ويچار هت ڪري سگهو ٿا، جنهن لاءِ ميهڙ جي تاريخي شهر جي فضا ۽ پسمنظر نهايت موزون ۽ مناسب آهي، اچو ته جميعت الشعراء جي ڍري ٿي ويل ڪم کي به نئين سر تنظيم ڏئي ان ۾ نئون روح ڦوڪي ان کي جياري ۽ وڌائي سگهون.

وڏي خوشي جي ڳالهه آهي جو جناب سيد حاجي علي اڪبر شاهه جهڙو اعليٰ تجربيڪار اديب، علمي ماهر، اسان جي شهر جو فخر پڻ هن موقعي تي شريڪ ٿيو آهي ۽ مولانا حضرت حاجي عبدالڪريم چشتي جهڙو علم ۽ تعليم جو چراغ ۽ خلافت جو پروانو به موجود آهي، جناب تاج الشعراء محمد ابراهيم خليل جهڙو خبردار اديب شاعر ۽ حڪيم به حاضر آهي، انهن کانسواءِ ٻيا مهمان به اهڙا اهڙا اچي شريڪ ٿيا آهن، جن جون خدمتون علم ادب ۽ زبان جي باري ۾ سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙيون آهن، انهن مان ڪهڙن جا نالا وٺي ڪهڙن جا وٺان. مطلب ته اسان کي قوي اميد آهي ته اوهان صاحب سنڌي زبان ۽ علم ادب ۽ شاعري لاءِ ضرور ڪو بهترين رستو ڳولي ڪڍندا ۽ جميعت الشعراء سنڌ کي هن وڏي مهم سرانجام ڏيڻ لاءِ نئين سر تيار ۽ طاقتور بڻائيندا.

مون کي افسوس آهي جو ڪي ٻه چار ٻاهريان صاحب ههڙي نيڪ قومي ڪم ۾ انتشار پيدا ڪرڻ ٿا گهرن تن صاحبن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري ههڙن نيڪ ڪمن ۾ جنهن ۾ ڪنهن به صاحب کي ڪو معاوضو ڪو نه ٿو ملي، خلوص نيتي سان تعاون ڪري، صداقت جو ثبوت ڏين.

آءٌ وري اوهان جي مرحبا ڪريان ٿو تاڪ اوهان صاحب جنهن ڪم لاءِ ڪٺا ٿيا آهيو، ان کي وٺي وڃي توڙ تائين پهچايو، خدا سائين شال اوهان جي ڪوششن کي ڪامياب ڪري. (آمين)

مهيڙ                      نيازڪيش- حاجي خان بلوچ

28- فيبروري 1954ع              چيئرمن مرحبا ڪاميٽي

 

جناب محمد حسن ”آتش“ ڪراچي

اچ ته مسلم آن ۽ ايثار جون ڳالهيون ڪريون،

جوهري تلوار جون يلغار جون ڳالهيون ڪريون،

آشيان سارو جلي ٿيو خاڪ، واهر ڪنهن نه ڪئي،

هاڻي پيا سڀ برق، آتشباز جون ڳالهيون ڪريون.

احمد خان مصراڻي ”آصف“

دوستي درڪار ناهي ۽ خيال وصل وهجر،

پوءِ ڇو اقرار يا انڪار جون ڳالهيون ڪريون،

ڪوچهء جانان ۾ آ، هي جوڙ تون پنهنجو مڪان،

تنهنڪري ٿا جنت و گلزار جون ڳالهيون ڪريون.

پير محمد علي، دادو تعلقو (ريلائي)

طالب الموليٰ مذڪر ٿي طلب ۾ نت رهون،

مالڪ هر دو سرا مختيار جون ڳالهيون.

جناب الهورايو خان، جيڪب آباد آغا

جا وڳي آتند تنهن سرتار جون ڳالهيون ڪريون،

همنشينو! وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون،

آهه تهذيب ۽ تمدن جي پڻ زبان،

اُٿ ته سنڌي سنڌ جي سينگار جون ڳالهيون ڪريون.

جناب نورالدين تنوير

ٿي مسيحائي جي ٿئي بيتاب ڪوئي خود اچي،

ان طرح سان اڄ دل بيمار جون ڳالهيون ڪريون،

پنهنجي ڳولا ۾ حيات جاودان ايندي مگر،

همنفس اڄ زندگي سان دار جون ڳالهيون ڪريون.

جناب مولانا حبيب الله، شهدادڪوٽ

ڪي نظام ظلم اڳيان ڍور ٿا سرخم ڪرن،

ڪي ٿا خون قوم جا خود نوش جام ڪرن،

ڪوچي ڪوچي ڪي ٿا مرگه دين جو ماتم ڪرن،

بي خدا انسان ٿا زير و زبر عالم ڪرن،

ڪهڙي ڪهڙي درد يا آزار جون ڳالهيون ڪريون،

ڪهڙي ڪهڙي رونق بازار جون ڳالهيون ڪريون،

ڪي مقدس ڊاڪو ۽ تقوي فروش امت جا مور،

وعظ گويا پيشه ور قرآن جا مسواڙ خور،

دزد سجاده جناب مرشد زنده بگور،

گوشهءِ و ممبر جا ملهه ميدان ۾ لوڀي لغور،

ڪنٽرولر جي ڪڌي ڪردار جون ڳالهيون ڪريون،

يا بيليڪي چور بد بيڪار جون ڳالهيون ڪريون.

 

جناب غلام حسين اوستو، جيڪب آباد

خبردار ڇيڙيو متان خَسته تن کي،

پتو ناهه، جو آهه خرچ ڪُهن کي،

جو صراف آهي ڀريندو اهو خود،

حسين اڄ ڪو ڄاڻي ڇا درد سخن کي.

 

مولوي درمحمد خاڪ. واره

باغ ميهڙ جي بدن بازار جون ڳالهيون ڪريون،

گل مٿي بلبل بڻي گلزار جون ڳالهيون ڪريون،

مفت ميهڙ ۾ ملن ٿا لعل موتي ڪو وٺي،

وحدتي وڻجار سان واپار جون ڳالهيون ڪريون.

 

حيدرآبادي ڏسي حيران ٿيا سڀ هوشوَر،

داد دادو دان ۾ دلدار جون ڳالهيون ڪريون،

واهه واره جا وکر ميهڙ وڪامڻ آئيا،

وٺ ته پو ويهي کٽئي ۽ هار جون ڳالهيون ڪريون،

باغبان ميهڙ جي گلشن کي سدا آباد رک،

باغ جي رونق ڏسي گل خار جون ڳالهيون ڪريون،

خاڪ ميهڙ جي سدا تابان رهندي تيز تر،

تان ضيائي زندگي دل زار جون ڳالهيون ڪريون.

 

تاج الشعراء محمد ابراهيم خليل (حيدرآباد) سنڌ

خود غرض ٿي آهه دنيا ۾ گذاريو تو گهڻو،

اچ ته ڪجهه قرباني و ايثار جون ڳالهيون ڪريون،

نار ڪيئن نمرود جي گلشن بني وئي هي ”خليل“،

اچ ته ”ابراهيم“ جي گلزار جون ڳالهيون ڪريون.

ماستر عبدالله خواب حيدرآبادي (سنڌ)

همنوا همراز ۽ غمخوار جون ڳالهيون ڪريون،

غافلن جي گوش تي هوشيار جون ڳالهيون ڪريون،

درس عبرت لئي اولي الابصار جون ڳالهيون ڪريون،

طالع بيدار ۽ افڪار جون ڳالهيون ڪريون،

ظلمتن جي دور ۾ مثل چراغ راهه ٿي،

شعله ۽ فڪر و نظر ٿي چوڏهين جو ماهه ٿي،

ملڪ ۽ ملت جي حال زار کان آگاهه ٿي،

زندگي ۽ موت جي آثار جون ڳالهيون ڪريون،

همنشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.

حاجي روشن علي تنيو روشن

آهه بيدردن اميرن جي هي مجلس دوستو،

ٿيندو ڇا جي هت دل افگار جون ڳالهيون ڪريون،

دهر جي سيني تي خون دل سان حال غم لکي،

همنشين وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.

عبدالڪريم شاد، لاڙڪاڻو

سرنگون ساقي شڪسته جام ويران ميڪده،

دختر زر ساڻ دل سرشار جون ڳالهيون ڪريون،

قعر دريا ڌنڌ ڪاري بي بسي جهونو جهان،

هن مصيبت ۾ فقط لاچار جون ڳالهيون ڪريون.

جناب سيد ارباب علي شاهه بخاري شاڪر، جيڪب آباد

جن ڏني آهي گراني ملڪ و قوم کي.

تنهن سڳوري سيٺ ۽ سردار جون ڳالهيون ڪريون،

چشم بينا کي نظر ڦيرو اچي ٿو عنقريب،

پرچم جمهور جي جهلڪار جون ڳالهيون ڪريون.

 

جناب عبدالقادر چانڊيو شائق، وارهه

همنشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون،

هارين جي حال ۽ آزار جون ڳالهيون ڪريون،

جيءَ کي ڏيئي جفا آباد ڪن ڪارو ڪلر،

لاهه ٻوڙا سڀ ڪڍي بيشڪ ڪري سهڻو پڌر،

واهه وڪڙا خوب کوٽي سي بنائن زود تر،

سڀ ٻَنا ٻارا ٻڌي پوکن جدا سڀئي ٽڪر،

ٿا رهن محنت انهي ۾ روز شب شام و سحر،

تن غريبن جي ڪمائي ڪار جون ڳالهيون ڪريون.

جناب شاهه محمد جتوئي صوفي، تعلقو ميهڙ

وڳا ويس لاهي ڪندين تون ڪفن کي،

پٽي ڏس تون اکيون قبر ۽ دفن کي،

پکي آهيون سڀ پراهين وطن جا،

اڏر تون پکيڙا ته ساهي پکن کي.

جناب ضياءالدين، ميهڙ

وري شوق پيدا ٿيو بلبلن کي،

ته واپس وسايو چمن جي وڻن کي،

ٻڌي جنهن کي حب وطن ٿي ”ضيا“ وئي،

۽ جوش عمل جي ٿي صورت صفا وئي.

جناب حڪيم محمد صادق طالب، خيرپورناٿن شاهه

اسان جو وطن سبز رشڪ چمن آ،

مٽي ملڪ ساري جي مشڪ خطن آ،

جو انسان طالب نثار وطن آ،

بجا گل جي ڄاڻي ٿو خار وطن آ،

خزان وطن ڀي بهار وطن آ،

قرار دل و جان قرار وطن آ،

ڪريون سنڌ تان سر فدا جان تن کي،

خزان کان بچايو وطن جي چمن کي.

محمد عابد ابڙو عابد، دادو

وقت نازڪ اڄ اچي ويو اوچتو ڪشمير لئي،

تير تيزي خنجر و تلوار جون ڳالهيون ڪريون،

ملڪ ڪشمير آهه گويا حصهءِ باغ ارم،

واديء ڪشمير جي گلزار جون ڳالهيون ڪريون.

جناب حڪيم محمد ڇٽل فدا، شهداڪوٽ

قوّت جانباز اُٿ اُٿ کڻ اُٿي تيغ و سنان،

لافتيٰ اِلاَّ علي جو تون جڏهن آن پهلوان،

زير گردون ڀل وٺي تنهنجو وري ڪو امتحان،

هل هلي ڪشمير ۾ پنهنجو ڪري وٺ آستان،

سڏ ڪري ڪشار کي هٿيار جون ڳالهيون ڪريون،

حيدر ڪرار جان تلوار جون ڳالهيون ڪريون.

جناب حبيب الله فڪري، ڪراچي

سنڌ جو سنڌي ادب افڪار جون ڳالهيون ڪريون،

همنشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون،

اڄ بقائي ملڪ لئي آهي تقاضا وقت جي،

دوستو بي خوف ٿي ايثار جون ڳالهيون ڪريون.

آغا گل حسن گل، سلطان ڪوٽ

ڪو تغير ناهه آيو وقت جي رفتار ۾،

ماهه پروين ۾ نه انجم شمس جي انوار ۾،

گردش لَيلُ وَنَهَار آهي انهيءَ تڪرار ۾،

بي ستون عرش آهه خاموشي اها ڪهسار ۾،

پنهنجي اڄڪلهه جي ڪج رفتار جون ڳالهيون ڪريون.

جناب غلام مصطفيٰ ابڙو، مصطفيٰ

درد دلبر دل اندر دوهان دکايا دائما،

دلربا دلدار جي ديدار جون ڳالهيون ڪريون،

رنج و غم ۾ جنهن رلايو رات ڏيهان رهگذر،

آ ته رسم راهه ۽ رفتار جون ڳالهيون ڪريون.

سيد لطف علي شاهه منظور، حيدرآباد (سنڌ)

ڪنهن کي سمجهي همنوا آزار جون ڳالهيون ڪريون،

چشم نم ۽ آهه آتش بار جون ڳالهيون ڪريون،

دل کي پرچايون نگاهه يار جون ڳالهيون ڪريون،

ڇو نه هڪ بيمار سان بيمار جون ڳالهيون ڪريون.

سيد لطف علي شاهه منظور، حيدرآباد (سنڌ)

مبارک یہ رونق تیری انجمن کو،

مجھے بخش دے میرے بیگانہ پن کو،

ہے "منظور" گویا تمہارے ہی دم سے،

تمہین بھاگئے ہو مذاق سخن کو،

جناب پيربخش منظور، همايون

همنشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون،

ملڪ جي ۽ قوم جي ڪردار جون ڳالهيون ڪريون،

مهل ناهي جو لب و خسار جون ڳالهيون ڪريون،

پر سياسي رنگ ۾ سنسار جون ڳالهيون ڪريون،

اڄ مناسب آهه ذهني وار جون ڳالهيون ڪريون،

۽ نه هي تير و تبر تلوار جون ڳالهيون ڪريون.

جناب احمد ولد مولوي درمحمد منظور، وارهه

اڄوڪي وطن جا اڄوڪو زمانو،

نڀايو ٺهايو ڇڏي ڏيو بهانو،

ڀلي کائو پيئو ڪمايو ڄمايو،

مگر مفت پنهنجي نه مايا وڃايو.

جناب عمدت الشعرا نواز علي نياز، لاڙڪاڻو

مرو پر ڇڏيو ڪين حب وطن کي،

چمن جئين ملائڪ اوهان جي ڪفن کي،

ٻين جون ڏسي غير ملڪن ۾ ماڙيون،

وساريون نه پنهنجي پراڻن پکن کي.

جناب نياز همايوني

سنڌيو ڪي سنڌ جي سرتار جون ڳالهيون ڪريون،

جهنگ جهر مهراڻ ۽ هالار جون ڳالهيون ڪريون،

پنهنجي ڀونگي ڀاڻ ۽ ميهار جون ڳالهيون ڪريون،

ٻئي جي ڇو ماڙي محل گهر ٻار جون ڳالهيون ڪريون،

وقت واڪا ٿو ڪري ڪم ڪار جون ڳالهيون ڪريون،

همنشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون،

اڳ ڪيئي ڌاريا هن سنڌ تي ايندا رهيا،

جن جا چنبا سنڌ جي اسباب تي کُپندا ويا،

نيٺ پرئي نيٺ سنڌي سي هتي رهندا ويا،

اڄ وڏو ڀئو آ جو ڀائر اوپرا ٿيندا ويا،

سنڌ هٿ مان ٿي وڃي ويچار جون ڳالهيون ڪريون،

همنشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.

جناب حاجي عبدالله واقف، ٺارو شاهه

آهه دل تي خوف طاري ۽ وڌي ويو اضطراب،

ڇو ته هر هر ٿو چوي تڪرار جون ڳالهيون ڪريون،

هو ٻيائي ٿو رکي پنهنجو ڪري اندر نه صاف،

پاڻ ۾ گڏجي چڱي ڪم ڪار جون ڳالهيون ڪريون.

 

جناب جمع احمد هالو، ڪراچي

قلب مان ڪينو ڪڍي ۽ صاف سيني کي ڪري،

همنشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.

هي حماقت ٿيندي هالا باغبان جي روبرو،

جو خزان جي دؤر ۾ گلزار جون ڳالهيون ڪريون.

جناب امام الدين ضامن، دادو

تون وسائي آ ڇڏيو اف اف اخوت جو چراغ،

ڪبر نخوت جهل تفني پر ڪيو تنهنجو دماغ،

ظاهرا ماکي مٺو باطن زهر جو پر اياغ،

گرگ خوريهه بظاهر هنجهه باطن ۾ ته زاغ،

بي عمل اتحاد جو ڌوڪو ڏئي ناحق چوين،

همنشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.

جناب عبرت الله سپار، ٺٽو ننگر

خزان کان بچايو وطن جي چمن کي،

اچڻ ڏيو وري پارو پو هو پمن کي،

شراب ڪهن ويو اُڏامي اي رند،

ڏسي خالي مٽڪا پيون ٿا غمن کي.

رئيس ضياءالدين ڪجهه ڪتاب به ترتيب ڏنا، جنهن مان ”خطبه ضياء ”ضياءالقلندر“ ڇپيا. آخرڪار وقت جو هي عظيم انسان 14- سيپٽمبر 1966ع جي ڏينهن راهي عدم ٿيو، رئيس ضياء کي سندس والد رئيس بلبل ڀرسان جاءِ ڏني وئي.

رئيس ضيا جي ياد ۾ جناب احمد خان آصف هي قطعا لکيا:

روز شب ماڻهو مرن ٿا ڪيترا مرندا پيا،

پر سوال آهي ته شل ڪڏهين نه ڪو انسان مري،

هڪ صحيح انسان آهي ڪيترن ماڻهن جي مَٽ،

جي مري انسان ٿو قدرت به ٿي ماتم ڪري.

---

منطق ۽ مضمون نگاري فلسفو ۽ شاعري،

اڄ به ڄڻ مايوس آهن ٿا ڏسون آهن اُداس،

جيئن ڪئي رحلت ضيا ويون وڌي اف ظلمتون،

آهه! دنيائي ادب تي اڄ به ڄڻ ڇانيل اماس.

---

اڄ ضيا ڪونهي اسان وٽ پر ضيا پاشيون سندس،

رهبري ڪن ٿيون اسان جون روشنيون ٻيڻيون ڏين.

”آصفا، هن جا سخن ۽ هن جون سمجهاڻيون سدا،

غمزده دل کي مسرت ۽ خوشيون ٻيڻيون ڏين.

رئيس ضيا جي ڪلام جو نمونو:

تنهنجي ڏاهن کي ڏٺم حور ۽ غلمان جي گهرج،

تنهنجي مستن کي ڏٺي مون وري زندان جي گهرج.

پنهنجي دل جي ئي ته پُرزن مان ٿو پرائو ڪيان،

منهنجي وحشت کي ٻئي آهي نه سامان جي گهرج.

تنهنجي پاڇي ۾ ملي مرڻ جو ڪو مزو،

عمر خضر جي نه آ آب حيوان گهرج.

حشر جي ويل مون کي ديد ”ضيا“ عيد ڪراءِ،

آهه پينار کي داتا نه ٻئي دان جي گهرج.

---

آندو فضا ڇا سات ڪو سڦلو بهار جو،

ترتازه چهرو چهرو آ ٻڍڙي جو ٻار جو.

تازين وڻن جي ساڻ هوا سيٽيون هڻي،

رقصان روش ۾ رنگ رتو جوء بار جو.

وکري ويو واس وترو گلن ۽ ڦلن جو عام،

نکري ويو نور ناز ڇانيل ليل و نهار جو.

ٽالهي جو ٺار رنگ آ ڪچنال جو ڪمال،

آهي سريهن سرس ٿيو قلبي جو قرار جو.

انب کجي جي ٻور آ پيدا سرور ڪيو،

چيٽ آهه چٽ ڪري ڇڏيو غم روزگار جو.

کيرل ٻُڪن ڇَٻر ۽ پٿر جي لئي لڳي،

چهرو آ چُهچ لاڻي لَئي ۽ ليار جو.

هر گل مان ياد ٿو اچي سو صانع لطيف،

پئجي پَتو پتي مان ٿو پروردگار جو.

راحت جو دور لطف عرصو اچي ويو،

نرمي سان نرم جيءَ ٿيو خود سخت خار جو.

چهه پهه چَتون جي چيهي ڳيري جون ڳٽڪرون،

مورن جي موج مور آ ڊيلن جي پار جو.

سٽڪو سرء جو ۽ نه سياري جو کٽڪو آ،

دُور ٿيو دَور درد جو دک انتظار جو.

قابو ٿيڻ ڏي بي خودي جي بند ۾ مون کي،

توکي سڄڻ آ سر جو قسم وار وار جو.

ميان ”ضيا“ ڪئي تو محبت جي دستياب،

خوف و خطرو رهيو نه ڪو اغيار مار جو.

---

وري شوق پيدا ٿيو بلبلن کي،

ته واپس وسايو چمن جي وڻن کي.

ڀڄايون لڏايون ته زاغ و زوغن کي،

خزان کان بچايون وطن جي چمن کي.

ڪڍي ڊپ ڪيون سرس سوسن سمن کي،

پٽي گاهه ڪجهه گامزن ڪيون گلن کي.

کڻي چٻ ۽ چمڙن نه بازن ٻچن کي،

لٽي سرو شمشاد لاڻن لون کي.

ڪٿي قرب سان سوٽن سون کي،

مڙيا مچ ڇڏي پنهنجي سڀني ڪمن کي.

ٿيو مَشورو ڪينءَ سڌاريون وطن کي،

تڙيون ڏک ۽ بک ڪينء رنج ۽ محن کي.

ڪيون ڪينء همدم زمينو زمن کي،

چَوي باهه پاڻي نه پنهنجي ڪکن کي.

چيو ڪن ته دنيا ڍرو ڪر بمن کي،

ڪرم ڪر چيو ڪن ته چرخ ڪهن کي.

اچڻ ڏيو نه سيلاب کي ۽ رون کي،

سنڀاليو وري نار جي نيڪرن کي.

چيو ڪنهن ڇڏيو بات هر بيوزن کي،

وٺو فعل فعلات ۽ فاعلن کي.

چيو ڪن ڪجي ڇو نه پختو پرن کي،

چيو ڪن ڪجي تيز چهنب ۽ نهن کي.

هو مطلب ته هڪ جوش ننڍن وڏن کي،

وڻيو گفتگو جن جو سارو ڪنن کي.

ٻڌي جنهن کي حب وطن ٿي ”ضيا“ وئي،

۽ جوش عمل جي ٿي صورت صفا وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com