سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: المڪتوب الحبيب

باب: --

صفحو : 3

 

قلمي نسخي جي آخري صفحي تي لکيل:

        ڪتاب ٺاهيندڙ کي سمجهائي مون هيٺ صحيح ڪندڙ هي سمورو ڪتاب پڙهي ڏٺو آهي سمورو مخدوم صاحب جي شڪايت ڪندڙ لاءِ ڪافي آحي. مگر ڪتاب مان ڪجهه اشاره جناب مولوي صاحب، ميان هدايت الله صاحب به نسبت شڪ گاڏڙ سمجهڻ ۾ اچن ٿا ۽ انهن به نسبت ۾ منهنجو هي چوڻ آهي جو ڪنهن جي شڪايت ڪري يا ڪو فساد ڪري هو صاحب اهل فضيلت وارو آهي.. مون کي جانچ ڪرڻ مان معلوم ٿيو آهي ته جناب مخدوم صاحب ميان حبيب الله صاحب کي مولوي لقب سان ميان عبدالستار صاحب نالي جوش ڏياريو آهي. مزڪور مولوي صاحب جي نالي سان. آءٌ مولوي عبدالستار صاحب کي گهڻو سڃاڻان هو اڻ پڙهيل سواءِ تحصيل علم جي مولوي نالي سان مشهور آهي ۽ ان جي چال جو واقف آهيان تنهن ڪري هي ڪتاب مولوي صاحب عبدالستار صاحب جن فتنو اٿاريو آهي انهي لاءِ ڪافي آهي ۽ جناب مولوي صاحب هدايت الله صاحب کي هن بابت پاڻ ڏانهن خيال ڪرڻ نه گهرجي. هي ڪتاب اهڙو آهي جو شڪايت ڪندڙ لاءِ سيکت آهي جيڪو ڪنهن جي لاءِ گڏ کڻندو سو انهيءَ ۾ پاڻ پوندو آهي. تنهن ڪري هي ڪتاب به سڄو انهيءَ لاءِ مثال آهي.

 

تصديقي نوٽ (1)

        احقر العباد نوالحق صديقي صاحب

        ميونسپل ڪائونسلر ۽ لوڪل بورڊ ميمبر تعلقه سيوهڻ

        هن خادم کي معتبرن ماڻهن کان خوب طرح معلوم ٿيو ته جيڪي جناب قاضي ميان نورالحق صاحب لکڻ فرمايو سو برابر حق آهي.

 

تصديقي نوٽ (2)

        مون کي مصنف صاحب کان معلوم ٿيو ته مولوي ميان هدايت الله صاحب اسان جي خاندان جي حقارت روا رکڻ فرمايو آهي.

        تنهن لاءِ مصنف صاحب کي بلڪل چڱي طرح تسلي ۽ تشقي ٿو ڏيان ته جناب قاضي ميان هدايت صاحب کي کي اهڙي ناشائسته ڪم کان شال ڌڻي پناهه ۾ رکي مگر اهو ڪنهن اجايو مٿس اختراع ٻڌو آهي.

العبد غلام شاه صاحب حيدرآباد

 

فُوٽ نوٽس

هتان فوٽ نوٽس شروع ٿين ٿا جيڪي نمبروار ڏنل آهن.

(1)     من اعليٰ اليٰ غير ابيه فعليه لعنته الله و ملائکته و الناس اجمعين.

(2)    شيخ عمر بن محمد شهاب الدين سهروردي جي چاچي شيخ ابو نجيب ضياءَالدين عبدالقاهر رحمت الله عليه پنهنجو نسب پنهنجي دستخط سان تحرير ڪيو آهي. و اذا کان بخطه فهو اصَحُ“ ابو نجيب عبدالقاهر بن معاذ بن عبدالرحمٰن بن القاسم بن محمد بن ابي بڪر الصديق رضي الله عنه“

(3)    سادات بکر جي موئس اعليٰ سيد محمد مڪي رحمته الله عليه جي خبر ڪليڪٽري سکي جي بنگلي جي ڏکڻ طرف هڪ وڏي چوديواري اندر آهي.

پير حسام الدين راشدي مقدمه حديقته الاولياء ۾ قلمي ڪتاب ”شجره سادات“ موءلف سيد قمبر علي رضوي بکري تاليف 1261هه جي حوالي سان سيد محمد مڪيءَ جي مزار ۽ قبرستان متعلق لکي ٿو : ”سيد محمد مڪي جي گهرواري جيڪا شيخ شهاب الدين سهروردي جي نياڻي ٿئي. ان جو نالو بيبي سيده فاطمه هو، بيبي صاحبه جو مقبرو مڙس جي مقبري (قبر) جي اولاهين ديوار سان لڳ ٻاهران آهي.“

سيد محمد مڪي شيخ الشيوخ سيدنا عمر بن محمد شهاب الدين سهروردي بغدادي جو نياڻو هو يا ڏهٽو ان بابت ڪجهه تاريخي ماخذ سندس ڏهٽي هجڻ تي مهر ثابت ڪن ٿا. جڏهن ته مقدمه حديقته الاولياء ۾ ڄاڻايل ٻن ڪتابن منبع الانساب ۽ شجره سادات ۾ ناٺي ڏيکاريل آهي. ”منبع الانساب “ موءلف مير معين الحق جهونسوي رحه جيڪو سيد محمد مڪيءَ جي ستين پيڙهيءَ مان هو پاڻ جهونسي مان پنهنجي آبائي وطن بکر آيو ۽ خانداني شجره گڏ ڪري اهو ڪتاب تاليف ڪيائين. هن نسخي موجب سيد محمد مڪي کي چار فرزند سيد شهاب الدين سهروردي جي نياڻيءَ منجهان هئا. انهن مان ٻه فرزند سيد صدر الدين ۽ سيد بدرالدين ته ڄاوائي سکر ۾، سيد بدرالدين سهرو هئو، سيد جلال سرخ بخاري سهروريءَ جو جنهن مان اچ جي بخاري سادات جو نسل آهي. سيد محمد مڪي جي ٻئي فرزند سيد صدرالدين جي پٽ بدر عالم جو فرزند سيد مرتضيٰ جهونسي ۾ وڃي رهيو. هن نسخي منبع الانساب جو لکندڙ انهيءَ بزرگ جي پيڙهيءَ مان آهي. انهيءَ ڪتاب جو هڪ نسخو (OR226) برٽس ميوزيم ۾ موجود آهي.

منبع الانساب کان سواءِ پير حسام الدين راشدي مقدمه حديقته الاولياء ۾ جنهن ٻئي نسخي جو ذڪر ڪيو آهي. اهو 1261هه ۾ سيد قمبر علي رضوي بکري ”شجره سادات“ جي نالي سان تاليف ڪيو. هيءُ مستند نسخو پڻ سيد محمد مڪيءَ کي شيخ الشيوخ سيدنا شهاب الدين سهروديءَ جو ناٺي ڏيکاري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته حضرت شهاب الدين سهرورديءَ جي نياڻي جنهن جو نالو بيبي فاطمه آهي تنهن جي قبر مڙس جي قبر جي اولاهين ديوار سان لڳ آهي.

پير حسام الدين شجره سادات کي مستند ڄاڻائيندي لکي ٿو ته 1934ع ڌاري انهيءَ جو هڪ نسخو سيد مير الهورائي شاه روهڙي واري وٽ هو ۽ هڪ نسخو ٺٽي ۾ آهي جنهن جي آخر  ۾ عبارت آهي:

بتاريخ بيستم شوال 1298هه از مير حقير غلام مرتضيٰ مرتضائي مٿي ڄاڻايل ٻن قلمي نسخن ”منبع الانساب“ ۽ شجره سادات کي سيد محمد مڪي جي پنهنجي خاندان جي فردن پنهنجو سينه ه سينه روايتن شجراءِ دستاويز سامهون رکي لکيو. شايد اهوئي سبب آهي جو پير حسام الدين راشدي انهن کي مستند ڄاڻائي ٿو. انهن نسخن مان ڪجهه گهربل ڳالهيون سامهون اچن ٿيون ته:

(الف)  سيد محمد مڪي شيخ الشيوخ سيدنا عمر بن محمد شهاب الدين السهروردي جو ناٺي هو نه ڪي ڏهٽو.

 (ب)   شيخ شهاب الدين سهروردي جي نياڻي بيبي فاطمه سڳوري جيڪا سيد محمد مڪي جي منڪوحه هئي. تنهن جي قبر مڙس جي اولاهين ديوار سان گڏ آهي.

هتي جنهن ديوار جو ذڪر ڪيل آهي سا لوڙهه واري ديوار آهي جنهن لاءِ مولانا دين محمد وفائي تذڪره مشاهير سنڌ ۾ ڄاڻايو آهي ته ان قبر سنگ سرخ جو لوڙهه آهي. ان لوڙهه تي ئي سيد محمد مڪيءَ جو شجرو نسب لکيل هو. جيڪو هن اتاريو ۽ اڳتي لکي ٿو ته ڪتبي مان ظاهر ٿئي ٿو ته سيد محمد مڪي شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو سڌو سنئون ڏهٽو آهي. وفائي صاحب ڪتبي جي ڪجهه اکرن جي مٽجڻ جي به ڳالهه ڪري ٿو ۽ ڏهٽن هجڻ واري عبارت به نقل نه ٿو ڪري. ممڪن آهي ته ان اڻپوري عبارت ۾ کيس شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو لکيل نالو نظر نه آيو هجي ۽ تحفته الڪرام واري روايت کي نظر ۾ رکندي سيد محمد کي ڏهٽو لکي ويو هجي. والله اعلم. ناٺي ۽ ڏهٽي واري روايت کي خلط ملط ٿي وڃڻ جو هڪ سبب نالن ۾ هڪجهڙائي آهي. جيئن سيد محمد مڪي بن سيد محمد شجاع ٻنهي پيءُ پٽن جي نالن جا پهريان لفظ سيد محمد مغالطي جو سبب بڻيا آهن. ڇو جو ان دور ۾ زباني ۽ سينه به سينه روايتون ان جو وڏو سبب رهيو آهن. تاريخ تحفته الڪرام ۾ اهڙيون گهڻيون غلطيون نظر اچن ٿيون. جيڪي نالن جي هڪ جهڙائي ڪري پيدا ٿيل آهن. جيئن شيخ الشيوخ شهاب الدي سهروردي بغدادي ۽ ان جي اٺين پيڙهي ۾ موجود شيخ شهاب الدين سهروردي ثاني کي هڪ ئي شخصيت سمجهڻ ڪري سندن شجرو خلط ملط لکي ويو آهي. انهيءَ تحفته الڪرام تان نقل ڪندي تذڪره مشاهير سنڌ ۾ موءلف وفائي صاحب انساب مشائخ سيوستان موءلف مفتي اعظم حضرت سيدنا مخدوم حسن الله شاه پاٽائي صديقي (1920متوفي) سيد محمد مڪيءَ کي ڏهٽو ڏيکاريو آهي. جڏهن ته هن ڪتاب المڪتوب الحبيب ۽ تاريخ باب الاسلام موءلف ڊاڪٽر حبيب الله پڻ ڏهٽي هجڻ جي روايت کي بيان ڪيو آهي.

(4)    شيخ شهاب الدين سهروردي مجرد  ۽ مقتول جو قد آدم مجسمو اڄ به سهروردي جي علائقي (زنجان نزد سلطانيه ايران)) ۾ چوراهي تي نسب ٿيل آهي. سندس هٿ ۾ ڪتاب اهڙي انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي جو ڏسڻ واري کي ڪنهن وڏي حڪيم ۽ فيلسوف جو تاثر ملي ٿو. پاڻ حڪمت الشراق جو مصنف آهي ۽ شيخ الاشراف جي لقب سان مشهور آهي.

هن شيخ شهاب الدين سهروردي ۽ سندس هڪ همعصر شيخ شهاب الدين سهروردي باني سهرورديه سلسله جي نالن ۾ پڻ ڪيترا منجهن ٿا. جڏهن ته اول ذڪر ڪيل شيخ شهاب الدين مقتول جو نالو يحيٰ سهروردي آهي ۽ آخر لذڪر باني سهرورديه سلسلي جو نالو شيخ الشيوخ عمر بن محمد شهاب الدين سهروردي آهي.

1925 ۾ دارالطبع جامعه عثمانيه حيدرآباد دکن مان شيخ  يحيٰ شهاب الدين سهروردي جو ڪتاب حڪمت الاشراق جو اردو ترجمو شايع ڪيو جنهن تي پڻ مصنف جو نالو غلطي سان مائن ابو لفتوح عمر بن محمد سهروردي المعروف شيخ المقتول رحمته الله لکيل آهي.

شيخ مجرد سهروردي جو هي ڪتاب حڪمت الاشراق گهڻو مشهور ٿيو. اشراق جي لغوي معنيٰ تاباني آهي. اصطلاحن ان مانمراد ڪشف ۽ روشن ضميري ورتي ويندي آهي. سندن دعويٰ هئي ته اشراقي فڪر جا ماڻهو سڀ حقيقتون ڪشف ذريعي معلوم ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هئا.    

        شيخ يحيٰ المقتول پنهنجي خداداد صلاحيتن سان معقولات ۾ اهو ڪمال حاصل ڪيو جو اسلامي دنيا ۾ سندن مقابلي جو ڪوبه نه هو. هو جڏهن حلب پهتو ته اُتي جي موجود سڀني عالمن جي شهرت کي گرهڻ لڳي ويو پوءِ ته سندس لاءِ حسد پڻ پيدا ٿيو. آهستي آهستي مٿس الزام پڻ لڳڻ لڳا ڇو جو بعض معاملن ۾ سهروردي جي سوچ قدما جي عقيدن کان مختلف هئي. هن ته زردشتي دين ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاحن کي اختيار ڪندي به نه ٿي ڪيٻايو. آخر سلطان صلاح الدين ايوبي جي حڪم تي حلب ۾ کيس سزائي موت ڏني وئي کيس حلب ۾ ئي دفن ڪيو ويو. المقتول سهروردي ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن ۾ حڪمت الاشراق هياڪل النور، غربته الغربيه ۽ رسالته في حقيقته العشق خاص شهرت ماڻي. ان جي برعڪس شيخ الشيوخ عمر بن محمد شهاب الدين سهروردي صاحب عوارف المعارف سني العقيده تصوف جي چئن وڏن سلسلن مان سلسله سهرورديه جو باني، مرشد جو مرشد ۽ وقت جو امام هو. سندس سلسلي حياتي ۾ ئي سنڌ ۽ هند ۾ وڏي شهرت ماڻي. ٻنهي شهاب الدين سهروردي بزرگن کي ڪجهه مصنفين مامو ڀاڻج ڪري لکيو آهي. واضح رهي ته شهاب الدين سندن لقب آهي. جنهن سان هو مشهور هئا.

(5)     شيخ الشيوخ عمر بن محمد شهاب الدين سهروردي (اول) ۽ شيخ شهاب الدين سهروردي پاٽائي ثاني (802-894هه)  جي وچ واريون پيڙهيون هن طرح آهن.

شيخ شهاب الدين سهروردي ثاني پاٽائي بن ابو محمد عبدالله نور الدين ( 786-849هه/ 1384-1445ع) بن شيخ سراج الدين ابراهيم (736-811هه / 13361408ع) ببن شيخ وجه الدين (699-780هه/ 1299-1378ع) ابن شيخ مسعود ( 739-848هه)  ابن شيخ رضي الدين ( 632-690هه / 1234-1295ع) بن شيخ قاسم ( 589-652هه) ابن شيخ محمد وهو معروف شيخ احمد عماد الدين عمادي ( ڄم 558-659هه ) ابن شيخ الشِوخ بن محمد شهاب الدين السهروردي بغدادي البڪري ڪبير ( 539-632هه)

مٿي ڄاڻايل شجرو نه صرف پاٽ ۽ سيوهڻ جي علمي ”صديقي خاندان “ جي ڪرسي نامه، جاگير جي سند ۽ ٻين دستاويزات ۾ موجود آهي بلڪ پير حسام الدين راشدي صاحب ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ۾ مخدوم عبدالواحد ڪبير جي ذڪر جي حواشيه طور جيڪو شجرو ڏنو آهي. سو پڻ مٿئين شجره سان مطابقت رکندڙ آهي. تحفته الڪرام واري ملتان شهر جو ذڪر ڪندي بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني سهروردي جي احوال ۾ سندس نسب بيان ڪيو آهي ۽ سندس ٻه مختلف شجرا ڏنا آهن. جنهن مان پهريون شجرو جيڪو مٿئين شجري سان مطابقت رکندڙ آهي. تنهن کي لکڻ کانپوءِ چوي ٿو ته  ”پهرين لکڻي موجب شيخ صديقي گهراڻي مان آهي ۽ ٻئي شجري موجب اسدي“ حقيقت ۾ پهريون شجره شيخ شهاب الدين ثاني سهرورديءَ سان تعلق رکي ٿو نه ڪي بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني سهروردي جو آهي. تحفته الڪرام بهاءُ الدين السهروردي ملتاني جي پهرئين شجره  ۾ غلطي طور ڏنل نالا جيڪي سندس ئي چواڻي ته ”صديقي گهراڻي“ جا آهن سي اصل ۾ شيخ شهاب الدين صديقي پاٽائي ثاني ۽ شيخ الشيوخ عمر بن محمد شهاب الدين بغدادي سهروردي (اول) جي وچ وارين پيڙهين جا آهن. اهي ئي نالا پير حسام الدين راشدي تذڪره مشاهير سنڌ، مخدوم عبدالواحد (ڪبير)  جي ذڪر ۾ حواشيه طور جيڪو شجرو  ڏنو آهي ان ۾ ٿوري ڦير گهير سان موجود آهن.

جديد تحقيقي موجب جنهن ۾ ملتان جي بزرگن جا پنهنجا دستاويز ۽ شجره پڻ شامل آهن حضرت بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني سهروردي ” صديقي گهراڻي“ سان تعلق نه ٿو رکي. البت تحفته الڪرام واري کي سندس ”صديقي گهراڻي“ سان مغالطو ٻن سببن جي ڪري ٿي سگهي ٿو. هڪ ته ملتان جي بزرگن جو تعلق پڻ عرب جي قريشن سان ڏيکاريو وڃي ٿو ۽ هو قريشي مشهور العصر آهن ٻيو ته تاتارين جي هٿان عروس البلاد بغداد جي تباهي ۽ افراتفري سبب عراق جي عالمن ۽ خاندان بغداد ڇڏي ”بغداد ثاني“ ملتان ۽ سنڌ هنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد ٿيڻ شروع ڪيو. انهن مان هڪ ”صديقي گهراڻو “ شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي بغداد جو هو. اهو گهراڻو جيئن ته ملتان جي بزرگن جو مرشد گهراڻو هو. ان ڪري کيس هن علائقي ۾ آباد ٿيڻ ۾ نه رڳو آساني ٿي، بلڪه انهن ٻنهي گهراڻن جون مٽيون مائٽيون پڻ ان مغالطي جو سبب بڻيون. ايتري حد تائين جو بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني سهروردي پنهنجي مرشد شيخ شهاب الدين سهروردي بغدادي جي ويجهي عزيز فخر الدين عراقي کي نه رڳو پنهنجو داماد بڻايو. بلڪه کيس پنهنجو جاءِ نشين به مقرر ڪيائين. جنهن ڳالهه تي ڪن سبب ڪري عمل نه ٿي سگهيو.

”انساب مشائخ سيوستان، پڻ تحفته الڪرام جي ان مغالطي طرف اشارو ڪندي لکيو آهي ته : ”شيخ شهاب الدين ثاني سهروردي پاٽائي ۽ شيخ شهاب الدين (اول) بغدادي سهروردي ۾ هڪجهڙن نالن جي مغالطي سبب پيڙهيون رهائي ويو آهي.“ جتي شيخ شهاب الدين اول بغدادي جو نالو اچڻ گهرجي اتي سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنه جو نالو ڏنو اٿس. اهو سمجهندي ته شايد شيخ شهاب الدين ثاني ئي شيخ شهاب الدين بغدادي اول آهي.

(6)    اهي پيڙهيون هي آهن:

حضرت مسيح الاوليا شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي ثم برهانپوري ابن شيخ قاسم سنڌي ابن شيخ يوسف سنڌي ابن شيخ رڪن الدين ابن شيخ معروف ابن شيخ شهاب الدين سهروردي ثاني پاٽائي .

(7)    جواهر الخمسه دعائن ۾ وظائف جو مشهور ڪتاب آهي. جيڪو حضرت غوث گوالياري جو تحرير ڪيل آهي. سلسله شطاريه جي پوئلڳن ۾ ان ڪتاب کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي. حضرت غوث محمد گوالياري حضرت مسيح الاوليا جي چاچي شيخ طاهر محدث ابن شيخ يوسف سنڌيءَ جو مرشد هو. ان کان علاوه حضرت مسيح الاوليا شيخ عيسيٰ جندالله جي مرشد شيخ لشڪر محمد عارف جو پڻ مرشد آهي. سلسله شطاره ۾ حضرت مسيح الاوليا جو مقام پڻ اوچو تصور ڪيو وڃي ٿو. بلڪه ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ محسوس نه ٿو ٿئي ته کائنس پوءِ ان سلسلي ۾ سندس مقام جو ڪو ٻيو بزرگ نظر نه ٿو اچي. اهوئي سبب آهي. جو جواهر الخمسه جي بعد جي نسخن ۾ حضرت مسيح الاوليا شيخ عيسيٰ جو اسم مبارڪ پڻ داخل نظر اچي ٿو. جيئن اڳين نسخن ۾ ڪيترن وظيفن شروع ڪرڻ کان اڳ لکيل آهي ته هيترا هيترا نفل پڙهي حضرت غوث محمد گوالياري رحه جي روح فتوح کي بخشيو، تيئن بعد جي ڪيترن نسخن ۾ اهو شامل ڪيو ويو ته هيترا هيترا نفل پڙهي حضرت مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جندالله جي روح فتوح کي پڙهي بخشيو تنهن کان پوءِ هيءُ وظيفو شروع ڪيو. انهيءَ سان پڻ حضرت مسيح الاوليا رح جو سلسله شطاريه ۾ مقام واضح ٿئي ٿو.

(8)    ان جي تصديق مولانا سيد زوار حسين شاه جي ڪتاب ”حضرت مجدد الف ثاني“ مان به ٿئي ٿي. هي ڪتاب اداره مجدديه ناظم آباد ڪراچي مان شايع ٿيو آهي. ان ۾ پاڻ رقمطراز آهن ته ” خواجه مير محمد نعمان بدخشي رحه ٻه دفعه برهانپور ويو.“ پر جيئن ته ان شهر ۾ شيخ عيسيٰ روح الله رضمهما الله جهڙا صاحب علم حال و قال ۽ اهل ڪمال و اڪمل موجود هو. ان لاءِ اتي سندن طريقه جي اشاعت نه ٿي سگهي. پاڻ واپس اچي حضرت جي خدمت ۾ حقيقت حال عرض ڪيو.“

(9)    حضرت مسيح الاولياء جي روحاني پرواز ۽ درجي جو ذڪر حضرت مجدد الف ثاني مڪتوبات جي باب ياز دهم معه اول ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: ” ميان شيخ و شيخ عيسيٰ و شيخ ڪمال در جذبه بنقطه فوق رسيد اند.“

(10)   صاحب ڪتب خانه ڪوٽڙي ڪبير مخدوم غوث محمد ”گوهر“ صاحب جن وٽ بابا فتح محمد جا تحرير ڪيل جهت الڪعبه جا چند اوراق ڏسڻ لاءِ مليا جيڪي پاڻ سنڌ ۾ رهڻ دوران سن، سيوستان ۽ پاٽ ۾ رهي سج جي پاڇي جي حساب سان نماز جا اوقات وغيره مقرر ڪيا اٿن. مخدوم صاحب نه صرف اهي ڏيکاريا پر وڏي فراخدليءَ جو ثبوت ڏيندي ان جو عڪس پڻ ڏنائون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org