سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: المڪتوب الحبيب

باب: 1

صفحو : 1

المڪتوب الحبيب

محمد قاسم غازياڻي ڀٽي

 

ڇپائيندڙ پاران

 سنڌي ادبي بورڊ جي هميشه کان اها ڪوشش رهي آهي ته نه صرف سنڌ جي موجوده ادب کي محفوظ ڪجي. بلڪه انهيءَ علمي سرمايي کي پڻ سهيڙهجي دجيڪو اڃا تائين قلمي صورت ۾ سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ ذاتي ڪتبخانن جي زينت بڻيل آهي.

انهيءَ بي بها علمي خزاني کي نه رڳو موجوده نسل آڏو پيش ڪرڻ  اسان جو فرض آهي، بلڪه ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪرڻ جي ذميداري پڻ اسان جي مٿان عائد ٿئي ٿي. سنڌ ۾ ”تذڪرا“ لکڻ جي تاريخ ايتري پراڻي آهي، جيتري هندوستان جي ڪنهن به شهر ۾ تحرير  ڪيل ”تذڪره سيد محمد مڪي“ يا ان کان پوءِ نائين ۽ ڏهين صدي هجريء جا تذڪره هر لحاظ کان معياري سمجهيا وڃن ٿا.

هن کان اڳ اسين ”تذڪره المراد“ شايع ڪري چڪا آهيون، جنهن جو تعلق ٺٽي جي بزرگ سان هو، جڏهن ته هيءُ شهپارو پاٽ ۽ سيوهڻ جي علمي ۽ روحاني خانواده مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جندالله ۽ سندس موجوده اولاد سان آهي.

پير حسام الدين راشدي مرحوم ”حديقته الاولياءَ“ جي مقدمي ۾ اهڙن ڪيترن ئي تذڪرن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي اڃا تائين گمناميءَ جي ڪنڊ ۾ ڪنهن اهل نظر ۽ اهل ذوق جو انتظار ڪري رهيا آهن، پاڻ انهيءَ فهرست ۾ رساله حبيبيه“ يا ”المڪتوب الحبيب“ جو پڻ تعارف ڏنو اٿن. 1332 هجري جو تحرير ڪيل هيءُ رسالو ڪيترين ئي اهڙين حقيقتن کي واضح ڪري ٿو، جن کان تاريخ جا ٻيا ڪتاب خالي آهن، جيئن:

هن تذڪره ۾ مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري ۽ مخدوم نوح هالائيءَ جي نسب تي بحث ڪيو ويو آهي.

هن تذڪري مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم عباس پاٽائي ثم هڱورجائي حضرت مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ سنڌيءَ جو چاچو هو.

سرهندي بزرگن مان شاهه صفي الله ڪابليءَ جي سوانح ۽ سندس تعليمات ۽ سنڌ اندر سندس سلسلي تي پڻ مواد موجود آهي.

4. مخدوم عبدالواحد ڪبير ۽ صغير کان سواءِ مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي (مڏئي واري) جا پڻ هن تذڪري ۾ حوالا موجود آهن.

5. پاٽ ۽ سيوهڻ جي مخدومن جو سنڌي پوره برهانپور وارن سان تعلق خط و ڪتابت مٽين مائٽين ۽ رابطن جا پاڻ حوالا ملن ٿا ۽ پن حضرت مسيح الاولياءَ جي اولاد جو پاٽ سيوهڻ ۽ برهانپور ۾ ڦهلجڻ جو سربستو اهوال هن تذڪري ۾ موجود آهي.

مخدوم سليم الله صديقي جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود ”المڪتوب الحبيب“ جي قلمي نسخي کي جيئن جو تيئن شايع ڪرڻ کان سواءِ، اشارن ۾ بيان ڪيل ڳالهين کي پڙهندڙن لاءِ وضاحت سان پيش ڪري سگهجي. اميد آهي ته تحقيق ۽ کوجنا وارو ذهني لاڙو رکندڙ مڙئي صاحبان هن شاندار علمي خزاني مان تمام گهڻو مستفيض ٿيندا.

 

ڄام شورو، سنڌ                                انعام الله شيخ

خميس 3 جمادي الاول 1427 هه              سيڪريٽري

بمطابق 31 مئي 2006ع                     سنڌي ادبي بورڊ

 

 

”المڪتوب الحبيب“ قلمي جي نسخه جي صفحي  اول تي لڳل مهر

 

مقدمو

المڪتوب الحبيب يا حبيب جو ڪتاب، حبيب الله سيوهاڻي جي فرمائش تي تحرير ڪيو ويو.

        قديم عملي گهراڻن جي ذاتي ۽ سرڪاري ڪتب خانن ۾ ڪيترائي اهڙا قلمي نسخا ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. جيڪي تحرير ته ڪنهن هڪ جا ٿيل هوندا آهن. پر انهن کي لکڻ جي فرمائش ڪندڙ اهتمام ڪندڙ ڪو ٻيو هوندو آهي.

        هي ڪتاب حيدرآباد جي رهواسي ٽنڊي قيصر خان نظاماڻيءَ ۾ هيڊ ماستر طور سرڪاري نوڪري ڪندڙ محمد قاسم ولد حاجي پريل غازياڻي ڀٽي جو 1332هه ۾ تحرير ڪيل آهي، جنهنجو روحاني تعلق سيوهڻ جي مخدوم صاحبن سان هو ۽ مخدوم حبيب الله سيوهاڻيءَ جو مريد هو. تنهن مرشد جي رهنمائي ۽ فرمائش تحت هي ننڍڙو ڪتاب تحرير ڪيو ۽ سندس نالو به مرشد جي نالي پٺيان ”المڪتوب الحبيب“ رکيائين.

        سيد پير حسام الدين راشدي حديقته الاوليا جي مقدمي ۾ هن ڪتاب جو نالو ” رساله حبيبيه“ لکندي سندس تعارف هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:

        ”رسالا حبيبيه: مخدوم حبيب الله پاٽائي، تاليف 1300هه کان بعد. هي تذڪرو پاٽ ۽ سيوهڻ جي صديقي مخدومن جي احوال ۾ آهي. اهي بزرگ شيخ شهاب الدين سهروردي جي اولاد مان آحن. ابتدا ۾ شيخ جي نسب جو بيان آهي. شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري ۽ مخدوم نوح هالائي جو نسب پڻ ڏنل آهي. تذڪري مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم عباس هنڱورجائي پاٽائي حضرت مسيح الاوليا ( عيسيءٰ برهانپوري) جو چاچو هو. مخدوم نوح جي نسب تي ڪافي بحث ٿيل آهي. سرهندي بزرگن مان شاه صفي الله ڪابلي جي سوانح ۽ سندس تعليمات ۽ سنڌ اندر سندس سلسلي تي چڱو مواد ملي ٿو. مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي ( مڏئي واري) ۽ مخدوم عبدالواحد ڪبير ۽ صغير جي احوال تي پڻ روشني پيل آهي.

        مخدوم حبيب الله سيوهاڻي عالم فاضل شخصيت هئي. کيس خانداني شجرن، قلمي مسودات، شاهي فرمانن ۽ اسلاف جي تحريرن سان گهڻي دلچسپي هئي. انهيءَ ڏس ۾ نه صرف هتان هُتان ڪتاب ۽ حوالا گڏ ڪيا هئا پر سنڌي پوره برهانپور ۽ حيدرآباد دکن ۾ موجود پنهنجي خاندان جي مختلف شاخن سان پڻ خطو ڪتابت جي مٽا سٽا ڪندو ٿي رهيو. اهوئي سبب آهي جو ”المڪتوب الحبيب“ راشد برهانپوري جي ڪتاب ”برهانپور ڪي سندهي اوليا“ کان ڪيترو اڳ سنڌي پوره برهانپور جي بزرگن متعلق اهم معلومات ڏنل آهي. جيڪا ٻين تحرير ۾ گهٽ ئي ملي ٿي. سنڌ جي تاريخ جا طالب علم يقينن ان مان لاڀ پرائيندا. هن ڪتاب ۾ شيخ طاهر پٽني ۽ پاٽائيءَ ۾ فرق- عيسيٰ سنڌي برهانپوري جي خاندان جون مختلف شاخون- سنڌ هنڌ ۾ ڦهليل سندس اولاد جي وضاحت ۽ ان سان تعلق رکندڙ ٻيا اهم نقطا بيان ڪيا ويا آهن.

        هن ڪتاب کان علاوه، مخدوم حبيب الله سيوهاڻيءَ جا گڏ ڪيل مسودات، ڪرسي نامو ۽ گلزار ابرار ۾ موجود سنڌي بزرگن جي فهرست پڻ وڏي اهميت رکن ٿا. مولوي دين محمد وفائي، ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ۽ مخدوم حبيب الله سيوهاڻيءَ جي مسودات تان استفادو حاصل ڪندي سندس حوالا ڏنا آهن. ساڳئي ڪتاب ۾ پير حسام الدين راشدي مرحوم حواشيه لکندي جيڪي مواد تحرير ڪيو سو پڻ هن برزگ جي مسودات کي نظر ۾ رکندي ڪيائين.

                مخدوم حبيب الله سيوهاڻيءَ جي نجي زندگيءَ جو احوال مختصراَ مختلف تحريرن ۾ ملي ٿو. ڊاڪلٽر حبيب الله صديقي ”تاريخ باب الاسلام“ ۾ ڪرسي نامي جي هيٺين عبارت نقل ڪئي آهي. جنهن مان سندن ڄم، پيءُ ڏاڏيءَ زمانه حيات جو اندازو ٿئي ٿو. ڊاڪٽر  صاحب جن نقل ڪندي لکن ٿا:

        ”المذنب و العاصي فقير زاده باب الله عفي عنه تولد در 1264هجري مقدس، ابن الحاج الراکح و الخاشع مرحوم مغفور مريد الله- تولد در 1230هه وفاتش در 1307هه قبره در بين قبلتين مکه معظمه و مدينه و مدينه، منوره زاد الله شررفا و تعظيمه ابن مخدوم محمد مراد علي قادري هر بز القابي- تولد در 1190 وفاتش در 1272 بوقوع آمد، ابن مخدوم محمد حسن حيدري القادري- تولد د1160 وفات 1220، حضرت نعمان ثاني صاحب البياض سيوستاني عبدالواحد صغير تولد در 1150. وصال بحق 1224........

        پاڻ مخدوم محمد مجذوب سيوهاڻيءَ جو عزيز ۽ ناٺي هو جيڪو پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ فقير هو. ڪجهه عرصو سيوهڻ جي قضا جو منصب پڻ سندس حوالي هو. پر بعد ۾ تصوف جي غلبي سبب آهي مشغلا ڇڏائجي ويس. هر وقت الله جل جلالهُ جي ياد ۾ ئي گذاريائين. ۽ اڪثر جذب جي ڪيفيت مٿس طاري رهندي هئي. مخدوم حبيب الله تي هن برزگ جو وڏو اثر هو ۽ هي پاڻ به وڏي مريدي خادمي وارو هو. انهيءَ سلسلي ۾ سندس اڪثر حيدرآباد اچي رهڻ ٿيندو. هن ڪتاب جو لکندڙ محمد قاسم غازياڻي ڀٽي به شايد حيدرآباد ۾ ئي سندس مريد ٿيو.

”برهانپور کي سندي اوليا“ ۾ سندس هڪ خط جو حوالي موجود آهي جنهن ۾ مخدوم حبيب الله برهانپور ۾ موجود عزيزن کي منع ڪندي نظر ٿو اچي ته هو کيس حيدرآباد نه بلڪه سيوهڻ ضلع ڪراچي (تنهن دور ۾ سيوهڻ ڪراچي ضلعي ۾ هو( جي ايڊريس تي خط لکڻ جو هت سندس اچڻ صرف مريدي خادمي سبب ٿئي ٿو.

        المڪتوب الحبيب جي لکجڻ جو سبب مختلف ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي. گذريل عيسوي صديءَ جي اوائل ۾ قاضي هدايت الله مٽياروي جا پاٽ ۽ سيوهڻ جي بزرگن سان علمي بحث ۽ ردڪد هلندڙ هئا. تذڪره مشاهير سنڌ ۾ مخدوم حسن الله پاٽائي جي سوانح لکندي مولانا دين محمد وفائي رقم طراز آهي:

        ” ان کانپوءِ ستت ئي قاضي هدايت الله متعلويءَ جي ڪتاب ”ڪواڪب السعادت تي جهڳڙو پيدا ٿيو. جنهن ۾ ان صاحب حضرت امير معاويه جي شان ۾ ڪي گستاخيءَ جهڙا گفتا ڪڍيا هئا. حضرت مخدوم صاحب امير معاويه جي بچاءَ ۾ هڪ رسالو ”تحفته اولي الالباب في رد علي طاعن الاصحاب“ لکيو ۽ اهو رسالو مولوي حاجي احمد بن فضل محمد ملوي ابڙو (متوفي 1338هه) جي نالي ڪراچي مان شايع ٿيو ۽ اهو رسالو به سوني جتوئي جي ڳوٺ ۾ اسان جي سامهون لکيو ويو ۽ ڪتابن جي حوالن ڪڍي ڏيڻ جو ڪم هن حقير راقم اوراق (دين محمد وفائي ‎) جي حوالي هو.“

        ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، تاريخ باب الاسلام جي باب پنجين ۾ وڌيڪ معلومات فراهم ڪندي ڄاڻائين ٿا ته:

        ”مٽياروي مولوي صاحب انهيءَ جي جواب الجواب طور ”رد الهوفات“ نالي هڪ ٻيو رسالو لکي پڌرو ڪيو، مولانا حاجي حسن الله صديقي پاٽائي پنهنجي تحرير ۾ مولوي هدايت الله مٽياروي کي ”ڪواڪب السعادت“ لکڻ تي تعزير جي لائق قرار ڏنو ته مولوي صاحب ماڳهين پرچار ڪرڻ لڳو ته پاٽائي صديقي خاندن سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنه جي اولاد مان نه آهي.“

        واضح رهي ته جيئن ته هي خاندان مريدي خادمي وارو هو. تنهن ڪري مخدوم حبيب الله سيوهاڻيءَ جي فرمائش تي هن خاندان جي نجيب النسل هجڻ جي تصديق ۾ هڪ ٻيو رسالو تحرير ڪيو ويو ۽ ان جو نالو رکيو ويو ”المڪتوب الحبيب في السلسلته النجيب بمطلب الهدايت من الله المجيب محض باموده لطف مولوي هدايت الله صاحب نظام شد.“

هن رسالي مان سنڌ جي ان برگزيده خانواده جي حسب نسب تي ڪافي معلومات ميسر ٿئي ٿي. ان رسالي مان ئي ان جي تحرير ڪندڙ محمد قاسم ڀٽي ان جي لکجڻ جو سبب مولوي هدايت الله کي مخاطب ٿيندي هنن لفظن ۾ ڄاڻايو آهي.

        ”جناب مولوي صاحب! اسانجي مرشد جو خادم معتبر (جيڪو) اوهانجي غيبت ڪرڻ جو سامع هو. تنهن اسان وٽ مريدن جي جماعت ۾ ڏکه ڀرجي ٿي ڳالهه ڪئي تڏهن اچي بيشڪار بيڪار پيو. جنهن تمهيد غيبيءَ جي هڪ علام الغيوب کي سڌ آهي ته هت ڪير ۽ هت ڪير پر جن تفسيرن معتبرن اسان کي صحيح الانساب بابت پڪي ڏني آهي تڏهن ٿا لکون ورنه

”منهم پُتله از قطر آب
ندانم کيم اين سرايم رباب.“

        هيءُ ڪتاب محمد قاسم غازياڻي ڀٽي پنهنجي مرشد گهراڻي جي حسب نسب تي مولوي هدايت الله صاحب جي تنقيدي لفظن ٻڌڻ کانپوءِ جذبات کي نه سنڀاليندي تحرير ڪيو. پر ڪتاب جي آخري صفحن تي لکيل نوٽ کي پڻ ڪنهن طرح نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. اهي نوٽ پير غلام شاه حيدرآبادي ۽ نورالحق ميمبر لوڪل بورڊ سيوهڻ جا آهن. اهي نيڪ نفس پڻ تنهن دور سان تعلق رکن ٿا سندن نوٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ميان هدايت الله صاحب اهڙو ماڻهو ئي ڪونه آهي جو اهڙا گفتا ڪڍي بلڪه اهو مولوي سڏائيندڙ ميان عبدالستار آهي. جنهن جو ڪم ئي آهي، ته ڳالهه ۾ وڌاءُ سڌاءُ ڪري هتان جون هت ويهي ڪري. اهو هيءُ ئي آهي جنهن مولوي هدايت الله مٽياروي تي ويهي اختراع ٻڌو آهي، ور نه هو اهڙو ماڻهو ئي نه آهي جو اهڙيون ڳالهيون ڪري.

انهيءَ ڳالهه جو دليل وٺڻ لاءِ اسان ان حقيقت کي نه ٿا وساري سگهون ۽ مٽيارين جا سرهندي بزرگ پاٽائي ۽ سيوهاڻي بزرگن جي درس ۾ شامل هئا.  حضرت پير غلام مجدد سرهندي ته حضرت مفتي اعظم مخدوم حسن الله پاٽائي جا شاگرد رشيد هئو. حضرت مخدوم صاحب پنهنجي پياري شاگرد کي علمي پڳ مٽائڻ وقت مختلف علمن ۾ جيڪا سند لکي ڏني اها ”لذته الارواح“ ۾ ڄاڻايل آهي جيڪو پير غلام رسول سرهندي مٽياروي صاحب 1975ع ۾ حيدرآباد مان شايع ڪرايو.

مولوي ميان  هدايت الله صاحب وري سرهندي بزرگن جو معتقد هو جيڪا حقيقت سندس تحرير ”مناقب حضرت آغا صاحب“ مان ثابت ٿئي ٿي. هيءُ ڪتاب روشن الدين ولد محمد صديق قاضي مٽياروي 1974ع ڌاري شايع ڪيو پوءِ هو بزرگ پنهنجي مرشدن جي مرشد يا آستاد جي استاد سان علمي بحث ۽ رد ڪد ته ڪري ٿي سگهيو پر انهن لاءِ ناهنجار گفتا ڪيئن ٿي ڳالهائي سگهيو. جڏهن ته هو پاڻ به اهل علم انسان هو.

البت هڪ علمي بحث جو پتو گذريل عيسوي صديءَ جي اوائل ۾ ملي ٿو. جڏهن ڏهين صدي هجري جي همعصر جڳ مشهور عالم شيخ محمد طاهر پٽني ۽ سيوهاڻي پاٽائي بزرگن جي وڏي شيخ طاهر پاٽائي ثم برهانپوري کي هڪ ئي شخصيت سمجهيو ٿي ويو. اها غلط فهمي نه صرف هندستان جي عالمن ۾ رهي بلڪه سنڌ جا عالم به شيخ طاهر پاٽائي کي بوهرن جو مرشد سمجهندا رهيا. اهڙي قسم جي روايت سامهون آئي آهي ته مولوي هدايت الله به ان غلط فهمي جو شڪار ٿيو ۽ زباني بحث ۾ حصو ورتائين. جنهن کي وچ وارن وڌاءُ سڌاءُ ڪري بيان ڪيو. جنهن جي جواب ۾ محمد قاسم ڀٽي ”المڪتوب الحبيب“ لکي اهڙي قسم جي خدشن جو ڪافي ۽ شافي جواب ڏنو.

المڪتوب الحبيب جا قلمي نسخا هن جي هڪ نسخي جو ذڪر پير حسام الدين راشدي ”مقدمه“ حديقه الاولياء ۾ ڪيو آهي. جيڪو سندس زير مطالعه رهيو . جڏهن ته هڪ ٻيو نسخو حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي سيوهاڻيءَ جي ڪتب خاني ۾ آهي. جنهن کان سواءِ ان جو هڪ مڪمل ۽ صحيح سالم نسخو بنده جي ذاتي ڪتب خاني ۾ آهي. جنهن تان موجود ڪتاب کي ڪمپوز ڪيو ويو آهي.

سليم الله

پاٽ هائوس حيدرآباد

 

 

 

 

 

جناب مولوي صاحب الحاج ميان هدايت الله

دام علمه وعمله

        بعد سلام سنت اسلام جي اطلاعي ڳالهه هي ته انقلاب جي دور جي صورت اوهان کان مخفي نه آهي آءٌ ڇا لکي ظاهر ڪريان اڄ نقل پيو اصل کي مات ڪري. سچ! ملمعون پيو خالص مون کي شهه ڏئي.

        افسوس ته پير پيغمبر پدر مادر جي باب ۾ الاجي ڇا جو ڇا پيو ٻڌجي، بيشڪ گهڻن شقين جي عادت عقرب سان ٿيندي آهي ڇو ته ان جي نه ڪا محبت ڪنهن سان ۽ نه ڪا عداوت خواه مخواه ڀتر ٺڪر ۾ وتي ڏنگ هڻندو. اوهان کي شال ايزد پاڪ جلشانه رک وٺي ڇو ته جي اوهان عالم رباني ته اوهان جي شان علم جيم هر گز لائق نه آهي ته ڪنهن به ناهنجار گفتار يا تمثيل ۾ شانائتا ٿيو.

        جو پُر پاڻ مٿانهون ڄاڻي ٻين جي صحيح نسب ۾ اعتراض ناهنجار وٺي مستهزءَ ٿئي انا کفيناڪ المستهزئين چٿر جي لائق وارن لاءِ اُهو ڌڻي بس آهي. اڄ نسب مان لڀي ڇا ٿو. اوتعاليٰ- ابن فلان ابن فلان يا مال دولت يا سونهن مان ڪنهن جي به راضي نه آهي. اُتي عمل موچاري ۽ قلب سليم واري جي جاءِ آهي. پوءِ ڀلي ته نسب ۾ ابرجهلي ڪو هجي ته ڇا؟ شال دولت ايمان جي ۽ عمل موچارا شامل حال هجن انَ الله مع المتقين پوءِ ڪير به هجي ته هجي.

        پر افسوس ته اڄ منقلب صورت کان خاص و عام ۾ ارڪان اسلام جيم گلا ڪرڻ به هڪ رڪن وڌيڪ درست ۽ مباح ٿي پيو آهي. الغيب اشد من زنا ڏي ڪو خيال نه آهي. گردش گردن ۾ اڄ اصلوڪن ويچارن جو طبقو واٽڙڪون ٿي رهيو آهي، جي ويچارا پنهنجي جبين مسڪين تي نيلگون داغ سهيو پيا شڪر مند رهن.

صبر کن ضعيفا براين انقلاب-که بر اهل ايمانست رنج و عذاب   

  چه گويم درينو قت گله انقلاب-که گردون نوشته خطا بر صواب

        پوءِ اهڙي تقدير جي ڪهڙا تدبير. چوڏهين صدي ڪر نيڪي ته ٿي پوي بدي. زماني سيم و زر جي ۾ اشراف آنست که اشرفي دارد و کمينه اَنست که کمي دارد- سڀ ڪو پڙهي اها ڪلي ته جنهن جي دَرَ تي اَنَ جي پلي، ذات به اُن جي ڀلي. آدم جي ڪن لاٽ کان هڪ دانه ۾ گرفتاري ڀلا جنهن جي دَرَ تي دانه انباري ته ان جي ڪيئن نه ڦري ڪياڙي.

نفس شيطان کمتر از فرعون نيست
ليک اور اعوان اين راعون نيست

        غيبت کان ماڻهن جي جڏهن ايزد پاڪ يا سندس رسول مقبول صلي الله عليه وسلم يا اصحاب يا عبادالله الصالحين يا ڪي به عزيز شريف نه ڇُٽا ۽ اڃا نه ڇٽندا اچن ته تڏهن ٻيو ٽيون ڇا؟

        ڪنهن ڏينهن منهنجي مُرشد جي ڀر واري معتبر ڳالهه پيش ڪئي ته مولوي صاحب ميان هدايت الله صاحب مٽارڪي عند ملاقات منهنجي فنا در فنا جا هوڪا نه ٻُڌي ڪنن جا دروازا دماغي پنهنجي مَرَڪَ کان مسدود ڪري اسان جي مرشدن جي گهراڻي پاٽاين ۽ سيوهاڻين جي صحيح النسب کي ناهنجار گفتار سان ڪوڙو ڄاڻي پنهنجي ڪذب لاف کان ويل يومئذ المڪذبين جي تنبيه کان نه ڊڄي پئي اعتراض ورتا. ميان سائين! سچن ساڻي ڪوڙن گهاڻي اهڙن آفتاب سا روشن اسانجي صاحبن رهنمائن جي حس نسب تي اوهان جهڙن عالمن جا اعتراض ان جو ڇا سبب هوندو. والله اعلم ڪو ويل لکل همزته مزه  جي ويل کان ترس نه کائي پاڻ کي ڀلو بزرگ ۽ ٻين جي صحيح النسب کي ڍلو ڄاندو هوندو ۽ په شمرد ڪلمات ڪفر جي ڪنهن جي سچي نسب حسب تبديلي جا ڪفر بڪندو هوندو ته ڇا سج جي روشني کي نسب حسد حقد جي تريءَ ڪوڙ جي سان ڇا ڪو ڍڪي سگهندو. اوهان جي ته جاءِ نه آهي ٻيو به هر ڪنهن جي نيت.

        الناس ڪالمعاون ذهب والفضه پتل پترازي جي ڪهڙي سرافرازي کل اناءِ يتر شح بما فيهه ڀلي جنهن جي دل ۾ گل جو گند هجي ته چکيس. اصلي اهڙا اشقياءَ اَزلي  جي اڃا قُران ڪتاب الله سچي کي ڪلام الله عزوجل ڪريو پيا نه وسهن، ڪي اڃا پليت دل جا حضرت پير دستگير کي سادات صحيح نسب کي نه ٿا ڄاڻن ڪي اهڙا العين بيدين حضرت سردار عالم صلي الله عليه وسلم جي روشن تر رسالن جا منڪر اگرچه اکين سان اڳين پوين جا صحيفا پيا ڏسن تڏهن به انڌ کان ڏسي نٿا سگهن. اهڙن مشددن (تشدد ڪرڻ وارا) اجا اقوال بطال ڇا قابل الاعتبار چئبا هوندا. نامراد پليد يزيد به انسان با بنيان (عمارت بنيادي) هو پر ماڻهوءَ جي قلب تي اعتبار نه آهي. نامراد کي ڪانه انڌ کان خبر ٿي ته ڪيئن ٿو ريحان رسول الله صلي الله عليه وسلم جا ڪُهان.

وفا مجوي نرکس دگر سخن بشنو- بهرزه طالب سيمرغ و کيميا بباش

         سا وفا جي ايمان بشارت يزداني اڻ لپو نه ته سچو سخن جو صابري وفادار ڪجا به قرار ياد حسين رضه نه ڪا وفا نه ڪا ڪيميا سڌ ۾ سڪي مُئا. ميان صاحبا علم جا عُلا هن کان وڌيڪ دور ڦير زماني جا گهٽ گهيڙ اوهان جي ضمير منير تي روشن. آءٌ طوالت با خجالت (شرمندگي) ڪهڙي ڪريان مون ناقص نادان خام نويس جي تجنس جي اها ڊگهائي ڪرڻ به ڪچ ڪمائي آهي. تون ڪير آءٌ ڪين. لٿو ڌنڌو ڇُٽو ڇيڙو، ڪهڙو ڪنهن سان جهڳڙو جهيڙو، اصل ويڙو نقل ڀيڙو نه آهي ڪنهنجو سنڌو سيڙهو، آهي ڪنهن جي ڪونه ڀيڙو، هيءُ هيءُ زماني حال اهڙو انالله وَ انا اليهه راجعون.

        جناب مولوي مٽارڪا، پر تڏهن به ايترو چئجي ٿو ته جڏهن آفتاب سا روشن نسب حسب تي اعتراض تڏهن به ايترو چئبو ته صحيح نسب ڪنهن ڪڙم ڀليري جو مُور ڪونهي اصلي آهي ڪونه رڳو دل خوش ڪيو ويٺا لاف زن ٿين.

        جي آهي ته صرف ٿيلي ٽڪن ۽ ڪيمخاب جي ڪڙ تي ۽ زردار چيري ۽ ڪلنگي ۽ ڪُتن ٻلن ۽ بازن شڪرن ۽ ٻيلين ٻانهن جي هُل هوڪي تي. اهڙي موجودات تي حُجب صحت نسب جي چئجي ٿي. خير يا تسبي فريبي يا گلا جي بغچي يا معلمي پڳ بلائي شهر بود قاضي کلان دستار

        يا بلبل جي ڦاسائڻ لاءِ مُلهَه مست رند باز بلبل دل ڪنهن خادم جي دلالت مُلهَه جي ڇڙ ڇنڊ اُتي چندين بلبلن دليون ڦاسائڻ تي ترقي خادمي مريدي ۽ عصائي مڪر جي اُتي پوءِ به ٽانڊي ٽوپيءَ آستان ٽڪاڻي يا کٽ جي قسم کڻائڻ تي خادم فيضور ٿيو ته يا بسم الله. ورنه ٽانڊي ٽوپي لاءِ ته پيو ڪم ايندو. اهڙن ڪرشمن اڍنگن اُتي ڀلائي صحت نسب حسب جي آهي يا چئبي هوندي پر فقيري نحيفي (ڪمزور) الفقر فخري جي هلت چلت تي نه جا نسوري نفح صوري جي ڍلائيءَ ۾ سچي به ڪوڙي حجت ۽ صحت آهي افسوس صدا افسوس.

شريف گر متضعف سود خيال بلند
که پائگاه رفيعش نحيف خواهد شد
بر آستانه سيمين اگر به ميخ زر بزنند
گمان مبرکه يهودي شريف خواهد شد

        قول دانشمند جا اڄ بيوزن ٿي چڪا آهن. مولوي صاحب جنهن رستي ۽ جنهن راستبازيءَ ساڻ هت اشارات نسب حسب جي گفتار برقرار ٿي آهي ٻيو ڪو جڏهن به تطبيق انيق (گهري مطابقت) انجي پنهنجي قدمائي يا بزرگي ثقافت (اعتماد جوڳا) جي اهڃاڻن سان ڏيکاري ته اسين به مڃون نت حضرتا علماءَ صاحب لکيو آهي. ڪونه. مير جي باغ جا ڦاروان، پوءِ جهڙا ناٿيءَ ڪڃريءَ جي باغ جا ڦاروان تهڙا مير جي باغ جا. صرف هوڪي هلت ۽ ناٽڪي چلت کڻي گهٽ وڌ ڪيو آهي. مير صاحب مري ته لباس سندس نيت پير صاحب ڍڪي. وري جي ڪو غريب مري ته ملو ڍڪي اگهه مڙيو ئي هڪ، ملو ويچارو مسجد شريف جي خدمتگاري ۾ گهر گهر جا ونڊ کائي. پير سونهارو ڏاڏا پير جي کٽ جا قسم کڻايو ڏاڏا جي قبر جي خدمتگاريءَ ۾ گهر گهر جي ونڊ کائي. اها سڀ آڏوڏائيءَ سان لاڳو ٿي. فقط هوڪي هل کڻي سرڪشي وجهي صحت نسب جي شهرت ۾ آندي آهي. ٻيو سائين مولوي صاحب اوهين جي اسان جا مرشد خدا عزوجل رساڻ سڃاڻو ٿا ته ڀلا اهڃاڻ ڏيو ته ڪٿان ٿا آڻيو ۽ اوهين ڪٿان ٿا اچو ڪنهن به هڪڙي صغير ڪبير جي پيشانيءَ تي مهر داغ نسب جي ڪانه ٿيل آهي. حقيقت ۾ پُٺ ورائي پنهنجي ڪنهن ڪانه ڏٺي آهي. ڪير هوند قسم کڻي چوي ته آءٌ برابر قطره ماد افق جو صحيح به صحيح فلاڻي جو آهيان. هي ته ويچارڙو شب زفان (شادي رات) ۾ عدم موجود پوءِ ڄاڻي اهو سدا موجود. باقي شرح تفسير جي جا بيان هن هن کي کڻي سچو پچو ڪيو آهي، هڪڙو تفسير ٻي جا مٿان لٺ ٽيو واڌو ڪونه ته پوءِ ادا جهوليائي تنهنجي سچا ڪوڙا گڏجو پون اسان پچر ڇڏي. هائو هڪڙي ڳالهه ته مولوي صاحبا اوهان کي پنهنجي نسب موجود عدم موجود جي پڪ ٿي آهي ۽ انهي پندار ۾ ٻئي ڪنهنجي صحيح غير صحيح صورت جي وقوفيت نه اٿو تڏهن ڇا وچ ۾ چئجي. اڄ ماڻهو ٿور پڙهيا پنهنجي اسلافي نسب ڪمتر کي ڏسي ڪين ٿا وتن سچن کي به پنهنجي ڪوڙ ۾ آلودو ڪندا يا جنابا من بدل نسبه فقد بدل دينه ثانيا من ادعيٰ اليٰ غير ابي فعليه لعنت الله و الملائکته و الناس اجمعين. (1) العياذ باالله العظيم اهڙي تبيه لعنت جيکي نه ڏسي ٿورو علم پڙهيو وتن ذات مٽائيندا ۽ ٻئي پيءُ جي دعويٰ ڪندا. سچ ڪوڙ جي اڄ امتياز نه آهي سڀ ڪو پاڻ کي ڀلو پيو ڄاڻي.

کس نگويد که دوغ من ترش اشت- ليک ياران چشده هي گيرند

افسوس ويچارا اصيل کٽي مٺي جا سڃاڻندڙ تهي خمخانه ڪري اُسهيا تڏهن هر ڪو پيو چوي ۽ حجت ڪي ته آءٌ ڀلو ڏڌ به منهنجو ڀلو شرعي تسليم رضا، شهادت ۽ شهودت صحت ڀري ڪا ٿي ڪانه رهي آهي. حجت ڪسب ڪوڙ جي ٿي سچ کي به شرمائي ڇڏي پيئي. هن دور ۾ نسب ته ڇڏ پر ڪنهن پير مرد يا عزيز وڏي جو ادب جاءِ نه آهي.

بدور دورنگي چه جوئي نسب- که در و بعيدست فضل و ادب
زقومي قريشي و سيد هزار- بيا بي و پرسي اگر زان شمار
اگر نوکري انگريزي شه- عجب قاضي امر خيزي شد
شد ارزان لقب قاضي بي نسدَ- باصل ارچه جولاه رشته تند
به پيراستن کوت پر کيسه زر- زبرداشتن چوب معکوس سر
چو جاه فرنگي بياب کسي- فضائل بر انبائي دار بسي

هن زماني ۾ اڌ پرهيا خودار مولوي مفير مايند يا به نماز ڪو وقت ٺونگن ٽڪرن سان ڪو پڙهي ته پاڻ کي بزرگ ڪامل پيو ڄاڻائي غرض ميان علاه نسب حسب وارا جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻ ڏيکارڻو هجي ته ڪتاب دماج الغنم تصنيف مخدوم محمد ابراهيم صاحب مڏئيءَ واري عليه الرحمه جيڪي مطالع ڪري ڪفر اسلام جو چرچو اڳين پوين جو اتان صحت ڪجو. من خود راخوب خوانم ولي بحديث دگران اگر گنجم، پنهنجي وات جي زبان آڏو اصلي کڏ ڪانهي. جهڙي طرح ڪو هلائي ته خود مختيار آهي پر جنابا جيڪڏهن ڪنهن غير نسب جي پوري آگهي نه هجي ته تڏهن اوهان جي شڪوه گوئي کان پوءِ ضرور ٿو ٿئي ته صرف اشارات ۽ اُهڃاڻن تي صحت انساب اسان جي رهنمائن قدس اسرار هم جي اطلاع طور لکي نه ڏيکارجي سوڇو؟ ۽ نڪي ڪنهن جي اڻ وقوفيت جي سبب ڪري صفائي ڪرڻ ۾ عيب يا خلل آهي پاڻ از ديار محبت ۽ دوستي جو ڏيکارو چون ٿا دل جي خلل کان متحمل (مطمئن) ٿيڻ افضل ترين آه. تنهن ڪري اوهان جي علمائيت ۾ بغاوت جي اڏاوت ڊاهي ۽ اوهان جي اڻ وقوفيت جي ظلمت ۾ وري تازو مختصر اشارات جو چراغ پنهنجن مرشدن جي صحيح نسب جي اثبات لاءِ روشن ڪيو وڃي، ته ڪيئن نه ڀلو، اُميد آهي ته ڀلي مرد موچارا عبادالله الصاحين قدماء بزرگ اشرف اوهان جي ننڍپڻ ڄماز اسلامي جي ڪوتاهه نظر ۾ هن ٽاڻي قابليت جي ۾ سمائجي اوهان کي شڪ شبه غيبت کان بچائي وٺن ۽ هيڪاندي تشفي القلب ڪرائين، ۽ انهن جي ذريعي گهڻو ساڻ اوهان جي خود نمائي کامي وڃي ۽ هن زماني جي دورنگي جا اوهان جي علم ۾ سهڻي نه ٿي لڳي. تنهن کان هٽائي اوهان کي يڪدل يڪرنگ ڪري يار يگاني واحد لاشريڪ عزوجل ساڻ ملائين آمين، م آمين، دعاگو آهيون جنابا علامه! اوهان کي ڪنهن به سعيد صحت کي شقاوت ۾ ڦٽائڻ ۽ غلط ڪرڻ نه گهرجي ڇو ته اوهين متدينين صاحب علم متين ٿي ڪوڙ سچ جي ڪسوٽي رکو ٿا. اوهان جي تصنيفات جا ڪتاب جن حجتن ۽ ثقن سان مخترع آهن سي ڏسي آءٌ نادان گهڻو خوش ٿيندو آهيان. انهيءَ ڀروسي تي ۽ اوهان جي صدق جوئيءَ تي جا ڳالهه صحت ڀري اوهان جي پيش پوي سان ڇو نه ثابت ۽ درست ٿيندي ۽ ڇو نه قابل الاعتبار ۽ برقرار چئي ويندا. بيشڪ سچي سون موزن کي (توريل) بيوزن نه ڪندا. بشرطيڪ پاڻ ٻڏائڻ ڪوٺي ۾ هروڀرو وارو تعصب نه هوندو ته سڀ ڪا آسان ۽ آسانيءَ ساڻ سمجهي سگهجي ٿو ورنه

هنر چشم عداوت بزرگتر عيٻ است
گل است سعدي و درچشم دشمان خار است

اوتعاليٰ عزاسمه شال ڪا هدايت عالن ۽ جاهلن کي به عطا ڪري.

        جناب مولوي صاحب اسان جي مرشد جو خادم معتبر اوهان جي غيبت ڪرڻ جو سامع هو. تنهن اسان وٽ مريدن جي جماعت ۾ ڏک ڀرجي ٿي ڳالهه ڪئي تڏهن اچي بيشڪار بيڪار پيو جنهن تمهيد غيبيءَ جي هڪ علام الغيوب کي سڌ آهي ته هت ڪير ۽ هت ڪير پر جن تفسيرن معتبرن اسان کي صحيح الانساب بابت پڪ ڏني آهي تڏهن ٿا لکون ورنه

منم پتلهء خاڪ از قطر آب- ندانم کيم اين سرايم رباب

        اسان جي صاحبن سيوهاڻين ۽ پاٽاين جي حسب نسب جي بساط بسيط اٿو. هڪ ٻه گهر يا هڪ ٻه قبيلو نه اٿو. جن هيٺين پارن جي شمار ساڻ ٿا اشارا ۽ نشان ڏجن سي خط به خط اسان سان صحيح به صحيح پيوند دلبند آهن باقي انتشار ٻُڌ سُڌ جو هت بيان ڪونه ٿو آڻجي. هيٺ لکيل پارا قريب بعيد هر يڪ به ڪفو واحد منتشر العصر ٿيندا ۽ سڃاڻبا پيا اچن.

        قبته الاسلام پاتر يعني پاٽ اڳوڻي ۽ سيوهڻ ۽ هالاڻي ۽ ٿريچاني علائقه لوهري ۽ پنجاب شهر صيت پور صديقين جي اچ ستين ضلع مظفر ڳڙهه تحصيل عليپور ۾ هندستان ۽ به ملڪ دکن ۽ گجرات ۽ عربستان ۾ هي نکه دراز جا بجا اطراف اڪناف ۾ پاتر پُراڻي کان پکڙيل آهي هر جاءِ کان عادل شاهد موجود اساس ۽ نظيرن زمين پاتر جي کان- ايتري پٿ طويل واحد نسبي حسبي صديق اڪبر رضي الله تعاليٰ عنه جي اولاد کي ڪيترو ڪو پاڻ مٿاهون سمجهي حسد حقد ۾ سڙي ڍڪي سگهندو. تنهن کان سواءِ انهن قبيلن جا پاڙيسري قبائل هڪ ٻين تي شاهد مشهود هروڀرو ڪو ٻي يا ٽيون اشتياءَ ازل يا ڪو نيچ ذات پڙهيو ذاتي علمائ کي پاڻ کان به گهٽ ڄاڻياهڙن چٽ ذاتي عالمن سڳورن کي نيچ ڄاڻندو هوندو ته ڇا؟ اوهين نه گمان بد ڪريو.

گر نه بيند بروز شه پرچشم- چسمه آفتا براچه گناه

        مولوي صاحب هتي وريو وريو تڪرار سان ٿو لکان ذرو ڌيان تي آڻيندا ته هن مسڪين بي تمڪين جو اوهان علمائن سان ڪنهن طرح جو مقابلو نه آهي هيترو کلپڻ به هڪ ڇوڪراڻي تيسائي يا ٻاراڻي راند ٿو ڀانيان ورڻو ڇا ۽ کسڻو ڇا؟ جنهن مان الله جلشانههُ ڪري اٿاري، دلاتا کئي دري کاخ مجازي کني مانند طفلان خکبازي اوتعاليٰ عزاسمه هدايت ڏئي.

        اوهان جڏهن گفتار ناهنجار علماءِ ٿي پيش وِڌي آهي تڏهن حق سچ جو پاسو وٺي ڇو نه مغز هڻجي نه ته ڪو ضرور نه آهي هن نسب مخدوم صاحبن جي ڪيترا علامه لاسيما ۽ محدث مشهور ۽ ولي جلي ٿي گذريا آهن اُميد ته ايتري صفائي اڪثر ڪنهن هنڌ تي نه ڏسندا ۽ ٻيو نه ته گهڻن هنڌ ڪن ڪن مشهور پڙهين (پيڙهين) ۾ ٻن ٽن واسطن سان عالم ڏسندا نه ته مٿي ڄٽن جا ڄٽ پر ڪي نه. هن نسب جي اظهار ۾ ڪا واٽ شجره طور نه لکيل آهي يعني ابن فلان ابن فلان جي شعور تي مثبوت نه ڪيو ويو انهيءَ ۾ ڪنهن جو ڇا؟ پر جن ثقاتن سان اسان جي صاحبن جو سلسلو آبئي ثابت ۽ مضبوط ٿي صحيح الانسان ٿو ٿئي انهن نشانن پڌرن سان شمار ڪيل آهي.

        پهريائين هن نسب جو منڍ حضرت صديق اڪبر خلافت گزين سرور صلي الله عليه وسلم کان آهي. جنهن حضرت جي اولاد امجاد مان حضرت محمد مشهور هو جو حضرت امام زين العابدين جو ماسڙ قرابت ۾ هو ان جو حقيقي پٽ قاسم صاحب سته صحيحه ۽ مرشد جمع خواجگان نقشبنديه ۽ نانو مبارڪ هو، امام حضرت جعفر صادق رضه جو، هن قاسم صديق اڪبريه رضه کي ابو القاسم چوندا آهن. هن ڪري جو قاسم فاروقي جو سهرو هو ان جي اولاد ڏهن پيڙهين(2) کان پوءِ حضرت سلطان المشائخ عمر شهاب الدين صديقي سهروردي اولادي ڏهٽن پوٽن وارو مبعوث هو. جيئن ته رضوي سادات بکري سڀ سندس ڏهٽا آهن. حضرت سهروردي  قدس سره کي بلادالله عزوجل جا جمهور حضرت صديق اڪبر رضه جي اولاد محمد مٿئين ذڪر ڪيل جي مان ڄاڻن ۽ سڃاڻن متفق راءِ سان وچ ۾ ابن فلان ابن فلان جي لکڻ جو احتياج نه آهي ڇو ته هي بناءَ اهڃاڻن ۽ پڪن نشانن تي اڏيل آهي. نه ڪرسي به ڪرسي شجره ظاهري شعور تي. باوجود هفت پشت متدينين جي لکيل دستخط ڪلام الله عزوجل جي آخرين ورقن تي موجود. وار مبارڪ سرور عالم صلي الله عليه وسلم جو جيڪو لوهري شريف ۾ زيارتگاهه آهي سو به حضرت سهرورديءَ کان ڏاج ۾ پنهنجي نياڻي معصومه کي ڏنل هو جا مادر هئي، سيد محمد مڪي بکري جي.(3) فرخ شاه ڪابلي امير شهاب الدين اجماع مريدن مان خاص مريد حضرت سهرورديءَ جو هو، جو مرشد جي نالي شهاب الدين سبب ڪري پنهنجو نالو شهاب الدين نه چوائيندو هو. ٻيو شهاب الدين صديقي سهروردي مقتول گهڻو ڪري مجرد ٿا لکن. جن عمر شهاب الدين سهروردي کي مجرد ڪيو آهي انهن جي ڦير گهير وٽ بناوٽ بهاؤالديني اقوام جا دفتر موجود پر هت اِختصار سبب نٿو لکي سگهان ( 4)

جي اڄوڪن مرشدن شهابي سهروردين صديقين جي اسلامي مرشدائي نٿا سهن سي جي حضرت غوث ملتانيءَ قدس سره جوڪه مريد خاص هو سهروردي جو سي غوث کي به صديقي ڪري ويا آهن. شيخ شهاب الدين صديقي سهروردي ثانيءَ سان ڳنڍي وچ جو فرق مرشدي گهراڻي جو ڪڍي ويا آحن ۽ ڪي ته هاشمي قريشيءَ اسد بن هاشم مان لکي ويا آهن سا غلط بر غلط فهمي اٿو. المختصر رسم الخط تي نشان ڪيو ويو اڳتي الله عزوجل ڄاڻي(5) حضرت سهروردي عمر صديقي قدس سره جي اولاد مان سنڌ ۾ شيخ شهاب الدين صديقي سهروردي ثاني عالم ۾ مشاهير العصر هو. جيئن عمر بن عبدالعزيز فاروقي کي فاروق ثاني چوندا ويا هوا تيئن هن شيخ شهاب الدين صديقي کي به سهروردي ثاني چوندا اُسهيا. هر ڪنهن ڪتاب خصوصي تحفته الڪرام ۽ تاريخ طاهري ۽ نعمت الهيٰ وغيره اوراقن ۾ ڪڻس شهاب الدين صديقي سمجهي لکندا اچن ۽ ڪن شهابي سهروردي ڪري لکيو آهي، پر سڀ کان اثبات حقيقت هي ته خود حضرت عين العرفا قطب القطاب مسيح الاوليا پنهنجي تصنيفات ڪتب ۾ جهڙو ڪتاب عين المعانيءَ جي ديباچه ۾ پنهنجو نسب شيخ شهاب الدين تائين متفق لکي ڪڻس شهابي سهروردي ڄاڻايو اهي سنه 989هه ۾ اِهو ڪتاب مطبوع ٿيل آهي. گهڻن وٽ موجود آهي.

اهو اهڃاڻ اهڙي ولي اڪمل عادل شاهد جو ڪافي آهي. سنڌ ڏيهه ۾ بادشاهن جي ارادت سان ملتان کان نڪري وطن پنهنجي قبته الاسلام پاتر ۾ اختيار ڪيائون. اڪثر ڪتابن مان سندن حوالا ملن ٿا پر گلزار ابرار ڪتاب جو قديم ڪتاب گجرات ۾ بادشاهه جهانگير جي وقت ۾ تاليف ٿيل آهي ان ۾ آڻين ٿا ته مسيح الاولياءَ جو ڏاڏو ۽ شيخ ابوالفضل اڪبري ۽ شيخ فيضيءَ جو ڏاڏو پاتر شهر جي آبادي لاءِ متفق هوا. سو اهو شيخ شهاب الدين صديقي سهروردي ثاني هو. جنهن کي پاتر جو پرڳڻو جاگير ۾ مليل هو اڃا سندس پٽ شيخ معروف جي ڍنڍ سندس نالي تي معروفاني ڍنڍ حوالي پاتر پراڻي جي مشتهر آهي سندس پيٽ ۾ زمينات پوکه ۽ باغ سندس اولاد جي وارث ۾ هلندا اچن. اها ڍنڍ پڌري مخدوم اسماعيل عليه الرحمه جي روضه مبارڪ هيٺيان نشانبر آهي انهي ڍنڍ جي مٿان مخدوم حسن قاري ولي الله جي مسجد شريف ۽ کوه پڪو زمين باغيچه  تاحال اسان جن مرشدن جي مائٽن جي قبضه ۾ آهي اگرچه هن ٽاڻي ۾ آسپاس يا پيٽ ڍنڍ معروفانيءَ جي ۾ زمينات ٻين اقوام جي به هٿ ۾ آهي پر اهڙين صورتن جا بيان ۽ گردش گردون نيلگون جي پير نشيب فراز هت لکي نٿا  سگهجن ۽ مخدوم حسن قاري قدس سره مسيح الاوليا جو حقيقي پوٽو هو. قبر سندس پراڻي پاتر ۾، سنديس مرقد جي چوکنڊي طغياني پاڻي درياءَ جي ڪري منهدم آهي هن مهل اُهو تودو جاءِ درنده گزنده جي آهي بدون صداءِ مرغان ڪو ڪو ڪهان ڪهان زاغن جي ٻيو ڪو ڪين ٻڌجي ۽ ڏسجي ٿو.

چمن کي تخت پر جسدن شه گل کا تحمل تها
هزارون بلبلون کان وهان پر شور اور غل تها
خزان کي دن جو ديکها کچهه نهين جزخار گلشن مين
بتاتا باغبان رو رو يهان غنچه يهان گل تها

        دليل جليل نسب آبائي قريب اسان جي مرشدن پاتاين ۽ سيوهاڻين جي نسبت ۾ جنهن اهڃاڻ سان صحيح النسب سندن ٿو چئجي سو مسيح الاوليا يعني حضرت شيخ عيسيٰ صغير سندي پاٽائي برهانپوري پيشواءِ طرق قادري شطاري العشقي بن شاه قاسم سنڌي پاٽائي برهانپوري قدس  اسرار هم هو جو هي حضرت قدس سره ڇهين پيڙهي پوٽو آهي (6) حضرت شيخ شهاب الدين صديقي سهروردي پاٽائي ثاني مٿي ذڪر ڪيل جو- پڌرو عين المعانيءَ ۾ بموجب ثقه ڏسو اسان جا رهنما هن زماني جا انهي مسيح الاوليا جي صلب کان ملن ٿا. شيخ شهاب الدين ثانيءَ ۾، ۽ اهو ثاني ملي ٿو عمر شهاب الدين صديقي سهروردي قدس سره جي پٺ ۾، ۽ هي صاحب ملي ٿو حضرت صديق اڪبر رضه جي پٺ اشرف ۾. فافهم عليٰ ذالڪ، ايها الصاحب الحق والتحقيق اين نوع شجره را در نظر صديق گنجانند بجائي انصاف بغير لاف و گذاف اللهم انت حق المبين وغيره ڪلهم في حسرت الدنيا والدين.

حضرت شيخ عيسيٰ مٿي ڄاڻايل جا لقب سڃاڻپ جا ڪتابن ۾ ڏسو، هن حضرت قدس سره جا ذڪر هر ڪنهن ڪتاب ۾ مالا مال آهن ۽ اوهين سڃاڻوس جيئن ته ڪڻن هيٺين القابن سان لکن ٿا. هند ۽ گجرات ۾ لقب جند الله، عين العرفا، مسيح الاوليا پر هي لقب عام هند گجرات ۾ سندن هلندڙ آهي ڪُنيته ابوالبرڪات لقب سندن قطب القطاب، امام المحدثين، قدوه الابرار، زبده الشطار، شيخ الزمان، پير دستگير، قبله وقت، حضرت صاحب، مسيح القلوب ۽ حافظ، مٿي لکجي چڪو آهي ته پاڻ پنهنجو نسب سنه 989هه مقدس ۽ عين المعاني جي ديباچه ۾ حضرت شيخ شهاب الدين شهابي سهروردي تائين لکيو اٿن. شهاب الدين ٿاني صديقي جو ذڪر مٿي اچي ويو آهي. حافظ نالي مان سنه 989هه تاليف ڪتاب عين المعانيءَ جو ڪڍيو اٿن.

حضرت مسيح الاولياءَ جو حال ڏسو ڪتاب خمسه جواهر مطبوعه تصنيف ٿيل حضرت محمد غوث گوالياريءَ جي ۾، (7) ڏسو گلزار ابرار سندس ترجمه اردو نالي اذڪار ابرار ۾ مطبوعه مفيد عام آگره ۾ سندن وطن مالوفه قبله گاهه سوڌو پاتر ۾- ڏسو  ڪتاب مصباح النجاه في شرح مفتاح الصلواه تصنيف مخدوم محمد صادق گچيرائيءَ جي ۾ سندن وطن سنڌ پاٽ سميت لکيل آهي. ڏسو ڪتاب انتباه في سلاسل اولياءَ الله مولف شاه ولي الله محدث دهلوي جو مريد هو خلفاءِ حضرت شاه عيسيٰ پاٽائي برهانپوري مسيح الاولياءَ جو ڏسو تاريخ خورشيد جا هي مطبوعه مطبع خورشيديه، ڏسو شرح حافظ ديوان مولف سيد صادق علي لکنوي، ڏسو ڪتاب دارالدارين في مناقب غوث الثقلين مولف سيد غلام علي القادري الموسوي مطبوعه مطبع عزيز دکن ڏسو خزينته الاصفياءَ مولفه غلام سرور مطبع هند لکنو- ڏسو تاريخ برهانپور مولفه محمد خليل الرحمان مطبع مجتبائي دهلي ڏسو تاريخ الاوليا مولفه سيد امام الدين احمد مطبوعه مطبع فتح الڪريم بمبئي، ڏسو ڪتاب فتوح الاوراد شاه فتح محمد محدت ڏسو ڪتاب فتوح العقائد مولفه بابا شاه فتح محمد محدث برهانپوري.

        حضرت مسيح الاولياءَ کي امام المحدثين جو خطاب مستطاب حضور سرور عالم صلي الله عليه وسلم جي مان عطا هو ڪما حوره صاحب دُرالدارين في مناقب غوث الثقلين- حضرت مسيح الاولياءَ جي والد امجد شيخ قاسم محدث کي رئيس المحثين جو لقب حاصل هو سردار عالم صلي الله عليه وسلم جي درگاه عاليجاه مان. (دارالدارين ۾)

        جيڪڏهن حضرت مسيح الاولياءَ جي مرقد مبارڪ جي سنڌ ڏيهه ۾ زيارتگاه هجي ها ته هوند گهڻو ڪري گهڻا قبا سونا چٽيل سنڌ جا وسري وڃن ها پر سندن درگاه عاليشان قبي سان هند جي بادشاهن شهر برهانپور جي سنڌي پوره ۾ زيارتگاه خاص و عام جي ڪئي آهي. سنڌي پورو يا محلو وڏو برهانپور ۾ پڌرو آهي. سنڌي پوره ۾ گهڻا اولياءَ آسوده آهن ۽ سنڌي پوره نالو حضرت مسيح الاولياءَ سنڌي جي ڪري پيل اٿس. ڪما حرره صاحب تحفته الاذڪيا في بيان مسيح الاولياءَ مطبوعه ابو العلائي حيدرآباد  دکن مولفه سيد عزيزالدين برهانپوري.

ڏسو تذڪره الانساب ۾ سندن ذڪر موجود مولفه سيد امام الدين احمد گلشن آبادي ڇاپيل ۾ ڏسو تحفته الڪرام تاريخ سنڌ جي ۾. حضرت مسيح الاولياءَ اهو مرد عبادالله الصالحين مان مقرب الله العظيم هو جو ملفوظات خواجه سيد قاسم نقشبندي جي مان معلوم ٿو ٿئي ته سڀ ڪنهن مجلس معرڪه ذڪر قال الله قال رسول صلي الله عليه وسلم جي ۾ جڏهن به حضرت امام رباني مجدد الف ثاني قدس سره جي معمور هئي ته انهيءَ هر ڪنهن وقت ۾. سندن درجله دهان گوهر افشان مان ڌاران لقب مسيح الاولياءَ جي ڇڙهو نالو حضرت شيخ عيسيٰ قاسم سنڌي جو نه ٿي زبان مبارڪ تي آندائون. سبحان الله مشرب اوليائن جا اُهوئي ڄاڻي ڄاڻڻ وارو جل عظمته وجل شانه  ٻي ڪنهن کي خبر؟ ساري هندستان ۾ اولاد مان حضرت شِخ شهاب الدين عمر سهروردي صديقي جي مسيح الاولياءَ لقب سان سڃاپن الحمد الله عليٰ ذالک انهي اساس سان هن وقت جا نظيرا سندن ڇو نه صحيح الانساب صديقي چئبا هوندا.

        جناب مولوي صاحب زماني جي روءِ تي پيو ڏسجي ته هر ڪو پيو پنهنجي آڏو ڏائي ڏيکاري يا هر ڪو پنهنجا ساراهي ٽڪو ڏيئي اَبو ٽپائجي جا رسم اوهان کان مخفي نه آهي پر هت جيڪي لکيو وڃي ٿو سو هر سخن شاهدن عادلن موجب جو چڱو ڀاڱو به انهي دستور نيڪ شعور تي هر دلپزير آهي.

خوشته آن باشد که سردلبران گفته آيد در حديث ديگران

ڪتاب معارف الدنيه تصنيف حضرت امام رباني عليه الرحمه جي ڪو مغلق اسرار ڪسيري مقامات معرفت يزداني آهي جن جي عقده مالايخل لاءِ به ڪو واقف اسرار پروردگار جي جو لکن ٿا. گلزار ابرار جي ترجمه اذڪار ابرار ۾ معارف الدنيه جي ذڪر ۾ آڻين ٿا ته انهن مقامات جي عقدن مالا ينخل جي رُشد لاءِ اوتعاليٰ عزاسمه سڀ ڪنهن قرن مٿان هڪڙوئي مخصوص مبعوث فرمائيندو آهي سو منهنجي يعني صاحب گلزار ابرار حسن محمد غوثي عليه الرحمه کان اڳ اٿيل جيڪي هوا انهيءَ اسرار جي ڪشف لاءِ تنجا نالا متن ڪتاب جي ۾ مفصل آهن سي گذري چُڪا ۽ هاڻي منهنجي قرن ۾ ڏهين يارهين صديءَ ۾ اهڙن مريضن درد مندن مقامات عرفات جي تحليل لاءِ حضرت مسيح الاولياءَ رحمه ربه هڪڙوئي مخصوص مبعوث آهي اهڙن مريضن درد مندن طالبن اوتعاليٰ جي معرفت وارن جو علاج انهي حضرت مسيح الاوليا قدس سره جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ سان منحصر آهي.

بيشڪ حضرت طوطي هند جي چهنب شڪر خوار جي فيض کان راه نقشبندي جا طالب بيشمار شڪر گذار هليا اچن ۽ سندن عهد سڳوري کان طرق نقشبندي جو انتشار انهي حضرت طوطي هند مقبول پروردگار جي کان هو. پر انهي راه جي فوقيت جي مخبري حضرت مسيح الاوليا کي هئي ۽ انهي طرق جي خاصگيءَ جا عادل شاهد هوا. جنهن کان صاحب زبده المقامات فيض گير حضرت مجدد امجد جو ۽ خليفه اجل حضرت سيد نعمان نقشبندي برهانپوري قدس اسرارهم جو شڪر گذار يا ڄمار هو يعني عادل شاهد انهي طرق جي فوقيت جو شروعات انتشار ۾ هڪڙو حضرت مخدوم عبدالاحد والد امجد حضرت مجدد جو سرهند مان ۽ ٻيو عادل شاهد حضرت امام المحدثين مسيح الاوليا پاٽائي برهانپوري النقشبندي القادري الشطاري العشقي قدس اسرار هم هند ۾ هوا. ڏسو زبده المقامات تذڪره خواجگان نقشبندين جي ۾ جن ڏينهن ۾ اڃا راه نقشبندي جي پوري پکڙيل نه هئي تن ڏينهن ۾ مسيح الاوليا جا گڏيات راه نقشبندي ۾ به هوا پر گهڻو ڪري پاڻ حضرت قدس پيشوائي راه شطار پاڪ جا هوا. اها راه پنهنجي مٿي خصوصيت ٿي ڏيکاري عرفان حق جي جي. هي اُهو مخصوص طرق هو جو حضرت مجدد امجد به انهي بهار جي فيض کان سيراب هوا. جن ڏينهن ۾ حضرت سيد نعمان خليفه حضرت مجدد امجد اجازت گير ٿي برهانپور شهر ۾ راه نقشبندي جي پکيڙ ٿي ڪئي تن ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا موٽيا ويا. وريو وريو مرشد جي خدمت ۾ ڇو ته ترويجي طرق جي نه ٿي سگهي هئي. قادرين ۽ شطارين جو اڪمل شغل هو ۽ ڪي ڪتاب چونٿا ته طرق نقشبندي چلت برهانپوري ڏيهه ۾ مسيح الاوليا جي ترغيب تحريص ساڻ زور ورتو هو. اهڙا عنوان ڪتاب زبده المقامات مان چونڊي ڏسو ۽ تاريخ برهانپور مان به. (8)

        حضرت مجدد امجد ۽ مسيح الاوليا قدس اسرار هم جي پاڻ ۾ ڪمال محبت هئي. (9) جو منطور صحبت مسيح الاوليا جو هو سوئي منظور حضرت مجدد وٽ هو. خزينته الصفيا ۾ ڏسي وٺو.حضرت مسيح الاولياءَ سنه 1031هه ۾ وصال ڪيو هو ۽ حضرت مجدد امجد سنه1034هه ۾ لکن ٿا ته جيسين حضرت امام رباني جو والد امجد حضرت عبدالاحد سرهند ۾ حيات هوا تيسين حضرت مجدد قدم پنهنجو شهر کان ٻاهر نه ڪيو هو. پوءِ پنهنجي مرشد جي حضور ۾ مصاحب هوا تن ڏينهن کان حضرت مسيح الاوليا مخبر فوقيت راه نقشبنديءَ جو هو ۽ پاڻ به مائل انهيءَ راه جا هوا. جن ڏينهن ۾ خواجه سيد محمد هاشم صاحب زبده المقامات وارو خواجه عبدالاحد جو بيان ڪيل فوقيت طرق نقشبنديه جي جو حضرت مجدد کان نقل ٻڌي راه سفر جي وٺي آزمائش ٿي ڪئي. ته ٻيو به ڪو مشائخ ٻئي طريق جو فوقيت ٻين طريقن تي نقشبنديءَ جي فرمائي ٿو ڪي رڳو مخدوم عبدالاحد سرهندي. سو سيد جڏهن برهانپوري ۾ پهتو ته اُهو ٽاڻو سنه 1032هه جو هو حضرت مسيح الاوليا جي وفات کان بعد هڪ ورهيه پوءِ درگاه فيضياب مسيح الاوليا جي ۾ پهتو ۽ فوقيت راه نقشبنديءَ جي حضرت سجاده نشين وڏي پٽ مسيح الاوليا شيخ عبدالستار قدس سره کان لهي شڪرمند ٿي سهيو هو.

        حضرت مخدوم عبدالستار مٿيون ڳوٺ پاتر ۾ ڄايل هو پوءِ برهانپور ۾ قبله گاه وٽ صحبت ۾ هوندا هوا. سندن ذڪر تحفته الڪرام ۽ تاريخ برهانپور ۾ گلزار ابرار ۽ تحفته الاصفيا وغيره جاين تي مطالعي سان ملي سگهي ٿو پورن حوالن سان.

        ان جي اولاد مان هندستان ۽ گجرات ۾ هريڪ فيض رسان ٿي گذريا آهن ۽ ڪي ملڪ دکن جي ۾ بوصال الحق پهتا ويا. اهي سڀئي پنج پير ڀاڳيا مشهور معروف لڳن ٿا صديقي نسب سان- پنجون پير شاه عطا علي صاحب صديقي سجاده نشين درگاه مسيح الاولياءَ جي جو هو. اُن کي پٽ ڪونه باقي رهيو. صاحب سجاده پنهنجو ڀاڻيجو محمد غضنفر صديقي ڪيو هواءُ ۽ هي تمسڪ لکي ڏنائين.

 

نقل تمسڪ

        حضرت شاه عيسيٰ جندالله عليه الرحمته من الله عطا علي قادري

برکل صنعا روکبار مرد مان قبائل و عشائرو منسلکان

        خاندان اين فقير پيدا و هويدا بار- وقتيڪه من مقر مذڪور نطاق سفر برميان عزم سمت دارالخلافت مصمم بست خيال بعدم اعتبار نقطه حيات در حرف دنيا بي ثبات برورق خاطر نشست بناءِ عليه خرقه خلافت و سجاده نشيني روضه منوره و خانقاه مطهره حضرت مسيح الاوليا که از والد ماجد خود بود بلا مشارکت و مزاحمت اهدي کي يافته ام به برخوردار محمد غضنفر که همشيره زاده حقيقي اين فقيرست خلافت و سجاده نشيني درگاه فيض جاه بلااشتباه حضرت مسيح الاوليا رحمته الله عليه داره قائم و مقام خود گرداينده شد که موافاق معمول و مستمر من مقر مذڪور مراسم عرس و صندل حضرت و ديگر عرائس بزرگان عليهم والغفران به موجب تفصيل مرقومه الذيل مسلوک و مرعي ميداشته باشد در مدخل و مخارج موضع بهنباره و موضع رائيکانون و حويليها و اراضي وغيره حصه مشروط مخارج درگاه مبارڪ به موجب مرضي و بشرط احڪم حضرت والده ماجده اينجانب دخل نمايد دبي استمزاج حضرت موصوفه سرموتفاوت و انخراف نه ورزد و نيز اين شرط است ڪه فاتح همه بزرگان موافق تفصيل مرقومته الذيل ماه به ماه مي نموده باشد و در مخارج کسي معمول کفايت و بهتان نه ورزد و فاتحه بزرگان اين است.

        عرس بحر مواج معارف حضرت  شاه لشڪر محمد عارف روز عيد الفطرت ست.

        عرس شيخ ابوالقاسم پدر بزرگوار حضرت مسيح الاوليا درماه شوال بتاريخ ششم است.

        عرس حضرت ابوالقاسم سرمست فرزند شيخ عبدالستار در ماه شوال بتاريخ شسم.

        عرس حضرت عبدالستار فرزند کلان حضرت مسيح الاوليا در ماه جمادالثاني بتاريخ چهار دهم

        عرس شيخ مجدد مراد ابن شيخ ابوالقاسم سرمست درماه زيقعد بتاريخ بيست وهشتم و فاتح درگاهي صاحب برادر حقيقي جد شريف بتاريخ بسيت هشتم.

        فاتحه شاه مرادالله صاحب والد ماجد اين فقير در ماه جمادي الاول بتاريخ بيست و پنجم.

        فاتحه ضرت بيبي خديجه اهليه حضرت مسيح الاوليا در ماه رجب به شب بيست و هفتم.

        عرس شاه بخش صاحب بنده حضرت شاه يحيٰ مدني رحمته الله عليه در ماه ذي الحج روز عيبدالضحيٰ مرقد شريف ايشان در محله لوهار منڊي.

        فاتحه هوپهي صاحبه حقيقي اين فقير مسمات حسيني بيگم بنت فاطمه بيگم بتاريخ ششم ماه ذي الحج.

        فاتحه ده اين فقير مسمات فاطمه بيگم در ماه ذي الحج بتاريخ دوم.

        فاتحه حضرت شاه يحيٰ مدني صاحب رحمه العد در شب بيست و هفتم ماه رجب.

        فاتحه شاه يحيٰ صاحب فرزند شاه بخش صاحب موصوف قدس سره هفدهم ماه صفر.

        فاتحه امين صاحب و مخدوم صاحب برادران حقيقي والد ماجد اين فقير سيز دهم ماه صفر.

        فاتحه ماما صاحب بنت برهان الدين خان والده حقيقي جد شريف اين فقير، هفتد هم ماه صفر.

        وفاتحه اين فقير مصميٰ عطا علي شاه ابن مراد الله صاحب مغفور.

        از آمدني حصه درگاه مبارڪ دهم حصه پهوپهي صاحبه مستوره مسمات حسيني بيگم ڪه حصه خود بمن هبه نموده اند سال به سال به طريق معقول بايد کنانيدکه چهار کس فقير رابرسد- تحرير في التاريخ پنجم ماه ذيحجه 1229هه يکهزارودو صد و بيست ونه هجري.

        اهڙي طرح سڀ ڪو صاحب سجاده جو وصيت نامه مٿين شرطن تي لکندو ويو آهي. جن تمسڪن تي مهرون طغرائي لڳايون آهن جهڙي محمد غضنفر مٿي ڏيکاريل جي ۽ محمد معزالدين ۽ مهر مفتي خادم الشرع المتمسڪ محمد فضل الله الرحمان مسيح الدين خان مفتي سنه 1279هه شهد بمافيه محمد مقيم 1276 گواه شد محمد نظام الدين 1276 محمد قطب الدين سنه 1280 وصي النسا 1293- محبوب ولي زوجه محمد معزالدين سنه 1292- ماهو المستور حق محمد قاضي جميل 1249 شهد بمافيه عرف الله واله سيد محمد جمال الدين گواه شد- مقبول شاه سرگروه جمع پاڪ لطيف صاحب گواهه شد- غريب حسين سرگرده جمع- جمع پاڪ لطيف صاحب گواه شد – غريب حسين سرگرده جمع- شاه غلام حسين خواجه گواه شد رتن پٽيل گجراتي اکرن ۾ گواه شد اونلا پٽيل گجراتي اکرن ۾.

        اهي ٽيئي پٽيل بورگاؤن خود تحصيل کهانڊوا ضلع نهاڙ ۾ هوا.

        جناب مولوي صاحب اِهي تمسڪ سڀ برهانپور مان سجاده نشينن درگاه حضرت مسيح الاوليا سنڌين پاٽائي برهانپوري قدس سره جي سنڌ ۾ پاٽ سيوهڻ ۾ واقفي لاءِ اولاد رهندڙن اصلي وطن حضرت مسيح الاوليا عيسيٰ بن قاسم عليهه الرحمته جي ڏانهن ڇاپي موڪليا آهن. جن مان هڪ نقل اوهان جي خدمت ۾ هن مڪتوب ۾ نشان لاءِ درج ڪيو ويو آهي.

        انهن سجاده نشينن صاحبن مان سنڌ ڏيهه پاٽ نئين ناليري اڳوڻي پاتر جي ۾ پنهنجي ڏاڏي مبارڪ مسيح الاولياءَ قاسم سنڌيءَ پاتريءَ برهانپوري جي وطن مالوفه جي ساڪنن پاتر سيوهڻ اسان جي مرشد جي قريبن وٽ اچن وڃن. تازي زماني سنه 1325هجريءَ ۾ ٿي اُسهيا برهانپور شهر ڏانهن.

        مخدوم وڏي الحاج ميان محمد صاحب لاڏلي قلندريه سيوهاڻي قدس سره جي پوٽي مخدوم ميان رڪن الدين عرف ميان بصر الدين سجاده نشين جدي وٽ پهچي ڪڻس پڳ مسيح الاولياءَ ڏاڏس جي ٻڌائي سندس مائٽن شريڪن سيوهاڻين جي قبيلن ۾ شيرني شڪراني جي تقسيم ڪري ڏني هئي جا پڳ ميان بصرالدين صاحب مٿئين ابن مخدوم حاجي احمد صاحب ابن حضرت مخدوم حاجي ميان محمد صاحب سرمست پنهنجي پٽ ميان فخرالدين صاحب زاده کي ٻڌرائي ڇڏي آهي.

        مٿيون قبيلو اولاد مان شاه عبدالستار هندستان گجرات ۾ پاتر (پاٽ) ڳوٺ جي زمين تان پکڙيل اصل اولاد مان حضرت شيخ شهاب الدين صديقي سهروردي ثاني جوڪه اولاد مان عمر شيخ شهاب الدين صديقي سروردي جوڪه مرشد جهان قدس اسرار هم هو.

        اِهو قبيلو مٿي ڏيکاريل نسل مان حضرت مسيح الاولياءَ جي پنهنجي مٿي اسانجي مرشد پاٽائي سيوهاڻي جي آباءِ اجداد مان اُتي مشاهير العصر ٿي گذريا آهن. فافهم عليٰ ذالڪ.

        حضرت مسيح الاولياءَ جي پٽن مان شاه عبدالستار صديقي وڏو پٽ جنهن جو مٿي ذڪر ڏنل آهي. انهي حضرت کان ننڍو پٽ مسيح الاوليا جو شيخ رمضان عرف شيخ شهرالله جنهن جو تولد پاٽ ۾ هو ۽ سفر سندس برهانپور ۾. تنهن کان ننڍو پٽ شيخ عثمان محدث ابن شيخ عيسيٰ عليه الرحمه.

        تنهن کان ننڍو پٽ مسيح الاولياءَ عيسيٰ رحمه جو حضرت مخدوم شاه فتح محمد محدث جو بيبي خديجه مان مسيح الاولياءَ کي خاص برهانپور ۾ تولد ٿيو هو. هي حضرت وڏو علماءُ بيعديل هو. مشهور محدث ڪڻس لقب اشرف حضور مان سردار عالم صلي الله عليه وسلم جي بابا شاه جو عطا هو گهڻن ڪتابن ۾ سندن مذڪوره موجود آهي پر ڪتاب درالدارين ۾ سندن ذڪر لقب سوڌو موجود. هن حضرت جا گهڻا ڪتاب تصنيف ٿيل آهن. پر ڪتاب مفتاح الصلوات جي اُهڃاڻ ۽ نشان تي شاهدن تي شاهد عادل پاٽاين سيوهاڻين صاحبن جي نسب آبائيءَ تي ڏيکارجن ٿا.

        ميان مولوي صاحب مٽارڪا ڪتاب مفتاح الصلوات جي سنڌ جي صغير ڪبير علماءَ کي سڌ آهي تنهن ڪري دلچسپ نشان ٿو ڏجي ته هيٺيان بيت لکيل جيڪي مفتاح الصلوات ۾ حضرت شيخ عبدالرحمٰن مخدوم فتح محمد محدث ابن مسيح الاوليا جي آندا آهن يعنيٰ:

فرائص نداني شوي در قلق
اججس نوق تقق رسق
چوواجب نداني سوي در خطر
فضت تقت لقت جسر
چوسنت بداني سوي مقتدا
دوث تبت تست دَدَا

        اهي بيت بابا شاه محدث ٿو لکي ته اڪثر پٽن حضرت صاحب جيڪي تعليم ڏيندا هوا علماءَ سنڌ جا. ۽ ڪٿي لکن ٿا ته حضرت صاحب يعني مسيح الاوليا پنهنجن فرزنده کي تعليم ڏيندا هوا. اصل ۾ اهي بيت حضرت مولانا محمد زاهد علماءَ سنڌ جا جنهن مدرسي پاتر کان هوا سي عالم سنڌ جا حضرت عبدالستار ۽ شيخ رمضان شهر الله پاتريءَ ۽ مخدوم عثمان محدث وغيره. سندن اولاد امجاد کي تعليم ڏيندا هوا. مدرسا ڀريل برڪات جا گهڻا هوا. هڪڙي مدرسي جي نشاني هت ظاهر ٿي ڏيکارجي. فافيم عليٰ ذالک يا مولانا هدايت الله المالک.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org