سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 

باب: --

صفحو :4

 

عطا محمد ڀنڀرو

پاڻ ڏاڍي سان ڀائيچارو

هڪ چالاڪ ٻليءَ ڪُئي سان ٿَڌيون مٺيون ڳالهيون ڪري ساڻس دوستي رکي، هُن اهڙيون ته کيس ڦُلبنديون ٻَڌيون ۽ هيٺيون مَٿيون ٻُڌايون، جو هن ڄاتو ٻليءَ جي واقعي ساڻس سچي دوستي آهي ۽ ساڻس دوستي بنا هلڻ ٻليءَ لاءِ ڄڻ هڪ عبادت آهي. نيٺ ڪُئي ٻليءَ سان هڪ گهر ۾ گڏ گهارڻ قبول ڪيو. هڪ ڏينهن ٻليءَ ڪُئي کي چيو ته اسان کي سياري ۽ پوهه جي پاري لاءِ ڪو سمر ٺاهڻ کپي، نه ته بُکَ مري وينديوسين، ۽ تون به ٻاهر نڪرڻ جو خطرو سرءِ تي نه کڻجانءِ ڇو ته ٻاهر ڦاسائڻ لاءِ ڪيترا ڪُئا مار اڏيا پيا آهن، ٿوري غور ۽ فڪر کان پوءِ هنن هڪ ڪاسائي چرٻيءَ جو ڪُنون پئسا ڏئي ڀرائي ورتو، اچي ويچارا پريشان ٿيا ته ان کي رکان ڪٿي، نيٺ ٻليءَ صلح ڏني ته انهيءَ ٿانوءَ کي ٿا مسجد ۾ رکئون، خدا جو گهر آهي، اتان چوري نه ٿيندو. اسان ان ٿانوَ کي ڪنهن ڪُنڊ پاسي ۾ رکنداسون ۽ ضرورت کان سواءِ ان کي هٿ به نه لاهينداسون. سو چَرٻيءَ جي ٿانوَ کي وڏي تحفظ ۾ رکيو ويو. وري وقت کان پوءِ ٻِليءَ کي چرٻيءَ کائڻ جي اچي ٻاڙ لڳي، سو ڪُئي کي چيائين، منهنجي سئوٽ کي پٽ ڄائو آهي، رنگ جو اڇو ڀورا چٽا اٿس. اڄ آهي، ان جو عقيقو. مون کي چون ٿا ته تون ڌيءُ ماءُ ٿيءُ، مان وڃان ٿي اڏاهين، تون پٺيان گهر جي سار سنڀال رکجانءِ.“ ڪُئي کيس ورڻيو: ”تون بي اُلڪي ٿي هلي وڃ، پر جيڪڏهن توکي کائڻ لاءِ ڪا سُٺي شيءِ ملي ته مون کي نه وسارجانءِ ۽ خاص ڪري جي ماکيءَ جاٻه ٽي ڦڙا ملي وڃن ته ڇا چئجي.“

ٻليءَ جي دل ۾ ڪابه سچائي ڪانه هئي، ۽ نه روي ڪو هن کي سئوٽ ماسات هو. نه وري هن کي ڪنهن ڇوڪري جي ڌرمي ماءٌ بڻجڻ لاءِ چيو ويو هو. هوءَ گهران نڪتي ۽ سڌو مسجد ۾ هلي وئي. سرڪي وڃي چرٻيءَ جي ٿانوءَ وٽ پهتي ۽ چرٻيءَ  کي چٽڻ شروع ڪيائين، ۽ خير سان مٿيون پاسو چٽي پيٽ جي پورت ڪيائين. پوءِ شهر جي گهرن جون ڇتيون ٽپندي پنهنجن ڄاڻن سڃاڻن سان ڪچهريون ڪندي رهي، پوءِ اُس تي آهلي، مڇون چٽڻ لڳي، ڄڻ انهن کي ڪو چرٻيءَ جو ٿانوَ سمجهيو هُجي ۽ جيستائين سانجهي نه ٿي گهر ڪانه موٽي. خيرن سان موٽي آئين ۽ تو سڄو ڏينهن خوشين ۾ گذاريو هوندو.“ ڪُئي ٻليءَ کي چيو. ڏينهن ڏاڍو ڀلو گذريو.“سندس نالو ڇا رکيائون.“ ڪُئي پڇيو، نالو، مَٿوُ چَٽُ رکو اٿائونس.“ ٻليءَ سرد مهريءَ سان چيو. مٿو- چَٽُ، اهو اڻ ٻُڌو اڻ ڏٺو ۽ ڏاڍو ڏکيو نالو آهي، ۽ عام به ڪونهي، ڇا اهو اوهان جي خاندان ۾ عام نالو آهي.“ ڪُئي چيو.

اها ته ڪا خاص ڳالهه ناهي، اهو ٽُڪر- چوُر نالي کان ته خراب ناهي، جيڪو تنهنجي نانيءَ جو نالو هو.“ ٻليءَ چيو.

ٿوري وقت کان پوءِ وري ٻليءَ کي چرٻيءَ چٽڻ جي ٻاڙَ لڳي، سو ڪُئي کي چيائي، تون هڪ دفعو وري مهرباني ڪر، تون گهر جي سار سنڀال لهجانءِ، مون کي وري چيو ويو آهي ته مان ان ٻار جي ڌرمي ماءُ بڻجان، جيئن ته ٻار کي ڳچيءَ جي چوڌاري اڇو ليڪو آهي، ان ڪري مان انڪار ڪري ڪونه ٿي سگهان.“ ويچاري شريف ڪُئي کي اعتبار اچي ويو ۽ ٻليءَ کي اجازت ڏنائين، ٻليءَ گهران جو نڪتي ته ڳوٺ جي ڀت جو پاسو ڏيون سڌو وڃي مسجد شريف ۾ نڪتي ۽ چرٻيءَ جو پرو اڌ چَٽي چَٽُ ڪري وئي. پنهنجي سَر جي ڀيٽ ۾ خوراڪ کان وڌيڪ ٻي ڪابه عبادت ڪانهي.“ ٻليءَ دل ۾ چيو ۽ هوءَ سڄي ڏينهن جي ڪاڪردگي کان ڏاڍو خوش ۽ مطمئن هئي، جڏهن گهر پهتي ته ڪُئي پڇيس ته ڇَٺيءَ کان پوءِ جو نالو ڇا رکيائونس.“ اڌ ويو.“ ٻليءَ جواب ڏنو، ڪُئيءَ چيو، ادي، اهو ڇا ٿي چوين وائي ته سوائي ڪر، اڌ ويو.“ مان اهڙو ٻُسو ۽ ڇَسو نالو زندگي ڀر ناهي ٻڌو. مان شرط ٿي هڻان ته اهڙو نالو ڪاٿي آهي ئي ڪونه.“

ٿورن ڏينهن کان پوءِ ٻليءَ جي وات وري چرٻيءَ لاءِ پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو، هر سُٺي شيءَ ٽي دفعا ايندي آهي، مون کي وري چيو اٿن ته ٻارَ جي وري ڌرمي ماءُ بڻجان، ٻار صفا ڪارو ٿي ويو آهي. رڳو پيراڇا اٿس ۽ سڄيءَ جان تي هڪ وارُ به اڇو ڪونه اٿس ۽ ائين سدائين ڪونه ٿيندو آهي، سو تون مون کي اڄ به وڃڻ جي اجازت ڏي، ڇا نه ڏيندينءَ؟“ پر ڪُئي ڀُڻ ڀُڻ ڪري چيو ته مٿؤن- چَٽ‘ ۽ اڌ - ويو‘ اهي ڪهڙا ڏکيا نالا آهن  ۽ مون کي خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ڇا ڪجي.“

تون گهر ۾ ويٺو آهين، ڪَٽي رنگ جي ڪوٽ سان ۽ ڊگهي پڇ سان، توکي دنيا جي معاملن جي ته خبر ئي ڪانه آهي ۽ تنهنجي دل سدائين وهمن سان ڀريل رهي ٿي. ٻليءَ چيو، سو ڪُئي گهر کي ٻهارو ڏئي اڇو اجرو ڪري رکيو. ٻلي جو وئي ته چرٻيءَ جو ٿانوءَ سڄو سارو چٽي کڻي صاف ڪيائين. جڏهن سڄي شيءِ کاڄي ختم ٿي وڃي ٿي ته دل کي ڪيڏو نه اطمينان ٿئي ٿو.“ ٻليءَ دل ۾ چيو، پيٽ ڀريل ۽ ڦوڪيل، ٻلي رات تائين گهر ڪانه موٽي، جڏهن گهر پهتي ته ڪُئي هڪدم کانئس ٻار جو ٽيون نالو پُڇيو، اهو به اڳين نالن وانگر توکي خوش ڪونه ڪندو.“ ٻليءَ وراڻيو، ڇوڪري جو نالو رکيائون هڙَ چٽُ“ هڙ- چٽ“ ڪُئي رڙ ڪري چيو،  ”اهو ته سڀني نال کان عجيب آهي. اهڙو نالو مون ڪاٿي ڪونه ٻڌو آهي ۽ نه پڙهيو آهي. هڙُ، چَٽُ، ان جو مطلب ڇا؟“ هن مٿو لوڏيو ۽ ڪڙمنڊڙي ٿي پئجي وئي.

اُن کان پوءِ ٻليءَ کي ٻار جي معاملي لاءِ وري سڏ ڪونه ڪيو ويو، جڏهن سيارو آيو ۽ ٻاهر ڪابه شيءِ کائڻ لاءِ ڪانه ٿي ملي ته ڪُئي کي مسجد ۾ رکيل راشن ياد آيو ۽ ٻليءَ کي چيائين، ادبي ٻلي اچ ته مسجد ۾ رکيل چرٻيءَ جو ٿانوَ کڻي اچئون.

هاڻي اسان کائي مزا ڪنداسون.“ هائو“ ٻليءَ کيس وراڻيو، تون ايترو مزو وٺندينءَ جيترو تون هوا ۾ زبان گهمائي مزو وٺندو آهين.“ اُهي رستو وٺي مسجد ۾ پهتيون، ٿانوَ ساڳي جاءِ تي پيو هو، پر چرٻي منجهس ڪانه هئي،“ اڙي هاءِ هاءِ هي ڇا ٿي ويو.“ ڪُئي رڙ ڪري چيوته، جيڪي ڪجهه ٿيو اهو هاڻي مون کي بلڪل چٽو ٿو معلوم ٿئي، واهه جو تون دوست آهين، جڏهن تو ڌرمي ماءُ بنجڻ جو ڍئونگ پئي ڪيو ته چرٻي کي ٿي چٽ ڪيئه، پهريون تو چيو، مٿؤن چٽ، پوءِ چيئه، اڌ ويو... ۽ ...”پنهنجي زبان کي بند ڪر، جيڪڏهن هڪ اکر به وڌيڪ ڳالهائيندينءَ ته مان توکي به کائي ختم ڪري ڇڏينديس. ڪُئي ويچاري هڙَ -چَٽُ جو اکر اچاريو ئي ڪونه ٻليءَ جهٽ هڻي کيس جهنڀي ورتو ۽ کائي ڳڙڪائي ڇڏيائينس.

سياڻن سچ چيو آهي ته پاڻ ڏاڍي سان سنگت نه رکجي.


 

انور حسين عباسي

اندر جو ماڻهو

اڃا شام جا چار ڪونه ٿيا هئا ته آسمان مختلف لغڙن سان ڀرجي ويو هو.

منور به لغڙ اڏائڻ جو شوقين هو، هو به وڏي شوق سان لغڙ آڻيندو هو، ۽ ٽي وڳي کان ئي لغڙ اڏائڻ شروع ڪندو هو، اڄ به هو ٽي وي کان لغڙ اڏائي رهيو هو. هن جو پيءُ هن کي لغڙ اڏائڻ کان منع ڪندو هو. ان ڪري هو پيءُ جي اچڻ کان اڳ لغڙ اڏائي هيٺ لهي ايندو هو.

اڄ به هو سخت گرمي جي هوندي ڏاڍي مزي سان لغڙ اڏائي رهيو هو. گهر وارا هن جي عادت مان تمام گهڻو پريشان هئا، ناني چوندي هئي، نڀاڳي ڇوڪري جو رنگ اڳي ڪهڙو سهڻو هو، لڙ اڏائي رنگ ڪارو ڪري ڇڏيو اٿس.“

منور اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هو، هن کي لغڙ اڏائڻ کان وڌيڪ لغڙ ڪٽڻ جو شوق هوندو هو، جڏهن هو پنهنجي سائي ملڪي جهنڊي جي رنگ جهڙي لغڙ کان ٻين ڇوڪرن جا قيمتي مختلف ملڪن جي جهنڊن لاءِ لغڙ ڪٽيندو هو ته هن کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي هئي. منور جو پيءَ ڇهين وڳي گهر ايندو هو. ڇهه ٿيڻ وارا هئا. گهر وارا هن کي ڪيترائي دفعا چئي چڪا هئا، ته هاڻ هيٺ لهي اچ تنهنجي پيءُ جي اچڻ جو وقت ٿي ويو آهي، پر هن ڪوبه ڏيان نه ٿي ڏنو ۽ لغڙ اڏائڻ ۾ لڳو رهيو ٿي.

منور جو پيءُ گهر آيو ته تمام ڪاوڙ ۾ هو. هن منور کي لڙ اڏائيندي ڏسي ورتو هو. ناني هن کان ڪيترا دفعا منور جي شڪايت ڪري چڪي هئي ته، هي ٻنپهرن کان وٺي لغڙ ٿو اڏائي. بيمار ٿي پيو ته خرچ اسان جي ڳچي ۾ وجهندو.“

منور جي پيءُ منور کي سڏڻ لاءِ چيو، منور جي ماءُ منور کي چيو، توکي تنهنجو پيءُ پيو سڏ ڪري.“

منور اهو ٻڌي سوچيو، اڄ خير ڪونهي، هو جلدي جلدي چوني ويڙهي لغر ۽ چوني کڻي هيٺ لٿو ۽ اهي ڪٻٽ ۾ رکڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هن جي پيءُ هن کي سڏيو، منور کي يقين هو ته هاڻ سندس پيءُ هڪ زور دار ٿڦڙ هن جي ڳل تي هڻندو.

پر سڀ ڪجهه هن جي سوچ جي خلاف ٿيو، هن جي پيءُ هن کي ته ڪجهه نه چيو پر لغڙ هنجي هٿن مان ڦري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائين.

ڪجهه دير تائين منور سمجهي نه سگهيو ته هي ڇا ٿيو، پر پوءِ ڦاٽل لغڙ هٿن ۾ کڻي روئڻ لڳو، گهر وارا حيران هئا، ته نه هن کي موچڙا مليا آهن، ۽ نه دڙڪا پوءِ به هڪ معمولي لغڙ جر ڦاٽڻ تي ائين روئي رهيو آهي.

پر هنن کي ڪهڙي خبر هئي ته منور جي پيءُ ڪاوڙ مان هن جي سائي ملڪي لغڙ کي ڦاڙي ڇڏيو هو. جنهن لغڙ کي ٻيا قيمتي قيمتي لغڙ به نه ڪاٽي سگهيا هئا، ان کي اندر جي ماڻهو ڪيڏي نه آساني سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو.

منور جي پيءُ کي جڏهن اها خبر پئي ته پٽ کي چيائين،پٽ ملڪ جي جهنڊي جو مون کي به احترام آهي، پر ان جهنڊي جي عزت ڪريو، ڏس ڪيترا لغڙ ڦاٽي پيرن ۾ پون ٿا، مون کي ڪاوڙ ۾ خبر ڪانه پئي نه ته مان توکان وڌيڪ پنهنجي قومي پرچم جي عزت ڪندو آهيان، مون ته لغڙ صرف ان ڪري ڦاڙيو، جيئن تون ٽاڪ منجهند جو لغڙ نه اڏائيندو ڪر. اها ڳالهه منور به سمجهي ورتي ۽ پيءُ کان معافي گهريائين.

 

 


 

نادر حسين مجاهد

محنت

ظهير هڪ ذهين هوشيار ڇوڪرو هو، ننڍپڻ کان ئي هن کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، ۽ هر وقت پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو هو.

اسڪول جي هر وندر ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺندو هو ۽ اسڪول جا سڀئي استاد هن کي هن جي سخت محنت ۽ پڙهائي ۾ دلچسپي جي ڪري دل و جان سان چاهيندا هئا ۽ هر مسئلي ۾ گهڻي کان گهڻو هن جي رهنمائي ڪندا هئا.

پنهنجي ڪلاس جي دوستن سان به ادب و اخلاق ۽ سهڻي نموني سان پيش ايندو هو، اگر ڪوئي به ڇوڪرو هن کي تنگ ڪندو هو يا بدڪلامي ڪندو هو ته، هي بدي بدران ان کي سهڻي نموني ۽ پيار سان درگذر ڪندو هو.

ظهير هميشه سچ ڳالهائيندو هو ۽ ڪهڙي به حالت ۾ ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائيندو هو ۽ بيڪار يا فضول ڳالهين ۾ پنهنجو وقت ضايع نه ڪندو هو.

پنهنجي کيسي جي خرچي مان به سٺا ڪتاب وٺي پڙهندو هو ۽ آهن تي عمل ڪندو هو.

پڙهائي جي وقت پڙهائي ۽ واندڪائي ۾ راند روند به ڪندو هو.

ان کان علاوه هو الله تعالى جي احڪامن ۽ فرضن يعني پنجن وقت نماز پڙهندو ۽ رمضان شريف جا روز به رکندو هو. ڪهڙي به حالت ۾ هو پنهنجي نماز نه ڇڏيندو هو.

هو چوندو هو ته، الله تعالى جيڪا اسان کي زندگي جهڙي نعمت عطا ڪئي آهي ۽ جنهن مقصد لاءِ اسان کي پيدا ڪيائين ته ان مقصد کي حال ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگي جا چند سيڪنڊ يا منٽ فضول جاين يا فضول ۽ اجاين ڳالهين ۾ خرچ نه ڪرڻ گهرجن. بلڪ الله جي عبادت ۽ ان جي بندگي ۾ پنهنجي سڄي زندگي گذارجي.

ظهير جي صحبت به سٺن ۽ نيڪ دوستن سان هوندي هئي، اگر ڪوئي برائيءَ جو ڪم ڪندو هو ته ان کي برائيءَ کان روڪيندو هو، ۽ پڙهائيءَ ۾ ڪنهن سان ساڙ يا حسد نه ڪندو هو.

ظهير امتحانن جي ڏينهن ۾ ڏينهن رات محنت ڪندو هو، ۽ پنهنجي دوستن سان گڏجي امتحان ويجها آيا ته ظهير پنهنجون ٻيون مصروفيتون ڇڏي ڏنائين ۽ پنهنجي پڙهائيءَ ۾ لڳي ويو. گهر وارا ان کي چوندا هئا ته ڪجهه آرام به ڪر، مگر هو چوندو هو ته اگر مان محنت نه ڪندس ته وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيندس ۽ پنهنجي مستقبل کي ڪيئن ٺاهيندس.

ظهير پري ميڊيڪل ۾ پڙهندو هو ۽ هو چاهيندو هو ته، مان وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندس ۽ غريب ۽ نادار ماڻهن جي خدمت ڪندس ته جيئن الله جو راضپو حاصل ٿئي، ان لاءِ ڏينهن ۽ رات محنت ڪندو هو. نيٺ امتحان به شروع ٿي ويا، ۽ ظهير ڀرپور تياري ۾ ۽ نقل ڪرڻ کانسواءِ ٻارهين جماعت جا سڀئي پرچا سٺا ۽ سهڻي نموني سان حل ڪيا، امتحان گذري ويا، پر نتيجي اچڻ جي انتظار ۾ گهڻائي  ڇوڪرا بيقرار ۽ بي چين هئا ته اَلاهي ڪهڙو نتيجو نڪرندو.

پر ظهير جي دل مطمئن هئي ڇو جو هن جو الله تعالى تي يقين ۽ توڪل هئي ته هن جنهن محنت ۽ سهڻي نموني سان پرچا حل ڪيا آهن، سو الله تعالى هن کي ان محنت جو ڦل ضرور ڏيندو.

آخر نتيجي اچڻ جو انتظار به ختم ٿي ويو ۽ نتيجو ظاهر ٿيو ته ظهير سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيو ۽ الله تعالى جي فضل و ڪرم ۽ والدين جي دعائن سان ڊاڪٽري جي سيٽ تي چونڊجي ويو ۽ هن پنهنجو اهو مقصد حاصل ڪري ورتو، جنهن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي هئائين، ۽الله تعالى جا لکين شڪرانا ادا ڪيائين، جنهن هن کي پنهنجي محنت جو ڦل ڏنو.

 


 

مير آصف پنهور

ڪاپي ڪلچرل ۽ اسان جي تعليم

اسان جي سنڌي تعليم تي هن وقت جيڪو گهرو اثر پيو آهي، سو ان جي تعليم لاءِ ڪافي نقصانڪار آهي، ڪاپي ڪلچر جهڙي موذي مرض اهڙي طرح ته اثر وڌو آهي، جو ايندڙ چند سالن ۾ جيڪڏهن ڪاپيءَ تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته شايد اسان جي ايندڙ نسل کي صحيح طرح سنڌي صورتختي به پڙهڻ نه اچي.

هن وقت ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي دنيا آهي، سنڌ ۾ ڪي اهڙا چند محنتي ادارا آهن، جيڪي ڪمپيوٽر جي تعليم کي فروغ ڏئي رهيا آهن، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهي تقريبن پرائيويٽ ادارائي آهن، جيڪي ڳريون فيون درج ڪري هن تعليم کي فروغ ڏين ٿا، پر هڪ عام ماڻهو شايد پنهنجي اولاد کي ان تعليم کان محروم رکڻ تي مجبور ٿي پوي. ٻاهري ملڪن ۾ هن وقت جيڪا تعليم ٻارن کي ڏني وڃي ٿي، سا بنيادي طرح ڪمپيوٽر جي تعليم سان گڏوگڏ ڏني وڃي ٿي، ڇو ته اهي ئي ٻار مستقبل جا معمار سڀاڻي جا ڊاڪٽر انجنيئر سائنسدان ۽ ٻين اعلى ڊگرين تي فائز ٿي قوم ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامز ڪري سگهندا.

اسان وٽ هن وقت اهڙا سنڌي محنتي استاد به گهٽ آهن، جيڪي بنيادي طرح ٻارن کي اهڙي تعليم فراهم ڪري سگهن جو مٿي ٻارن کي ڪاپي جهڙي مرض ڏانهن سوچڻو به نه پوي ۽ هو پنهنجي محنت ڪري ڪاپيءَ جو خاتمو آڻي سگهن.

ڏسجي ٿو ته هاڻي اهڙو رواج پئجي ويو آهي، جو جيڪڏهن سڀاڻي پيپر آهي ته شاگرد کي ڳڻتي يا پريشاني ئي نه آهي، اهي سڀئي لاپرواهيون ننڍا مسئلا اسان جي قوم لاءِ هڪ ڳرو مسئلو جيڪو تعليم جي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، تنهن ڪري اسان جي محنتي استاد صحبان ان ڳالهه ڏانهن توجهه فرمائي ڪاليجن، اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن ۾ تعليم کي اهڙو فروغ ڏين جو اسان جي قوم اڳتي هلي ان موذي مرض، جيڪو ڪاپيءَ جي روپ ۾ اسان جي تعليم جو دُشمن بڻجي رهيو آهي، ان کان بچي سگهي ۽ مستقبل ۾ به تعليمي ادارن ۾ محنتي استادن کي جاءِ ڏني وڃي ته انشاءَ الله اسان به محنتي قومن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهون.

 


 

کل ته سهي

* هڪ فقير شهر ۾ پني رهيو هو، ڀرسان ڪار ۾ هڪ امير ويٺو هوس، نوڪر سودو وٺڻ ويا هئا. فقير ڪار جي ڀرسان اچ امير ماڻهوءَ کي خيرات گهري. امير ماڻهو چيس: ”معاف ڪر بابا“ اهو ٻڌي فقير کلڻ لڳو، امير ماڻهو ڪاوڙ مان چيس ته ڇو کلي رهيو آهين؟“ فقير جواب ڏنو: کلان انهيءَ ڪري ٿو جو امير ٿي ڪري فقير کان معافي ٿو گهرين، ڇا ياد ڪندين معاف ڪيومائين.

عقيل احمد دائودپوٽو، شڪارپور.

ملان نصير الدين دوستن سان گڏ بيٺو هو، پريان هڪ ڍوي رنڀي رهي هئي، دوستن چيس: ملان ڍڳي توکي سڏي ٿي.“ ملان جلدي ۾ ڍڳي وٽ ويو، اتي بيهي وري موٽي آيو. دوستن پڇيس: ڍڳي ڇا چيو؟“ ملان کلندي چيو: چيائين پئي ته انهن گڏهن سان ڇو بيٺو آهين.؟

اياز حسين چانڊيو، آر بي بي ڪالوني ڄامشورو.

هڪ ماڻهو شهر ويو اتي بيهي مڱ رکيل هئا، گاڏي واري کان پڇائي، هي ڇا آهي، ان اردوءَ ۾ چيس کاجا، همراهه لپ ڀري کائڻ لڳو.“ گاڏي واري رڙ ڪري چيو ته هي ڇا“ همراهه چيس تو جو چيو کاجا.

علي حسن چاوڙو، چوهڙ جمالي.

هڪ ماڻهو، پنهنجي دوست کي چيو ته يار مون تي ايترو قرض اهي، جيترا مٿي جا وار، دوست چيس، اها به ڳالهه مٿو ڪوڙائي ڇڏ، قرض لهي ويندو.

آنند ڪمار، پي ڏيپلائي، ٿر.

هڪ همراهه بوٽ وٺن شهر ويو، بوٽن جي دڪان تي سيلزمين هن کي بوٽ ڏيکاريا، هڪ بوٽ هن کي پسند آيو، ان جي قيمت هئي چار سئو رپيا، همراهه وٽ هئا، ٻه سئو رپيا، سو سيلز مين کي چيائين: يار ٻه سئو روپيا آهن، سيلز مين چيو: اوهان تي اعتبار آهي، کڻي وڃو، ٻه سئو ڏيئي وڃجو، همراهه بوٽ بند ڪرائي کڻي ويو، مٿان سيٺ آيو، سيلز مين ان کي ٻڌايو سيٺ ڪاوڙجي پيو، چيائين، هاڻ واپس ٿوريئي ايندو.“

سيلز مين چيس: سائين فڪر نه ڪريو مون ٻئي بوٽ کاٻي پير جا ڏنا آهن، ڄاڻ هيڏانهن ڪيئن هيڏانهن آيو.

عبدالرشيد رند، ميهڙ

هڪ هوٽل تي زال مڙس رهيل هئا، اتي پاڻ ۾ ججهيڙو ڪيائون ۽ مائي چيو ته مان ٿي دريءَ مان ٽپو ڏيان، دريءَ کي گهڻو زور ڏنائين کلي ئي نه، سو همراهه، مئنيجر وٽ آيو ۽ چيائينس، يار، منهنجي مدد ڪر، منهنجي زال دري مان ٽپو ڏيئي خودڪشي ٿي ڪري.“ مئنيجر چيس: مان ڇا ڪريان“ همراهه چيو: اصل ۾ دري کلي ئي نه ٿي مهرباني ڪري مدد ڪرائي ته جيئن دري کلي.

عبدالقدوس ڪانڃون، مٺي.

هڪ ٻيڙي ۾ ڪيترائي ماڻهو چڙهيل هئا، ٻيڙي جڏهن وچ درياءُ تي پهتي هڪ ٻارڙو ڪري پيو، ٻارڙي جي ماءٌ رڙيون ڪرڻ لڳي، ايتري ۾ هڪ همراهه ٻيڙي مان درياءَ ۾ پ ڏنو، تري وڃي ٻار کي بچائي کڻي آيو، سڀ ٻيڙي ۾ سوار ماڻهو واهه واهه ڪرڻ لڳا، همراهه ڪاوڙ ڪندي چيو: واهه واهه پوءِ ڪريو، پهريون اهو ٻڌايو ته ٻيڙي مان درياءَ ۾ ڌڪو مون کي ڪنهن ڏنو.“

محمد عرس سولنگي، خيرپورناٿن شاهه.

هڪ ڇوڪر کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هو ننڊ ۾ به وڏن وڏن رانديگرن سان کيڏندو هو، هڪ ڏينهن خواب ۾ هو شارجا ڪپ کيڏي رهيو هو، بال جهٽيندي هو ڪري پيو، وٺي رڙيون ڪيائين، گهر وارا جو اٿي ڏسن ته همراهه جو منهن کٽ جي واڏڻ ۾ ڦاٿو پيو آهي، گهر وارن واڏڻ مان ڇڏائي سجاڳ ڪيس ته چيائين، آئوٽ اي.

محمد ڄام جسڪاڻي، جوهي.

ٽي نفسيات جا پروفيسر ريلوي اسٽيشن تي اچي بيٺا، ڇو جو انهن مان هڪ کي ڪيڏانهن وڃڻو هو. ڳالهين ۾ ٽرين اچي وئي، انهن کي خبر ڪانه پئي، جڏهن ٽرين سيٽي وڄائي هلڻ لڳي ته ڇرڪي، ٽيني جا ڀڳل ريل ۾ چڙهڻ لاءِ ٻه ڄڻا ته چڙهي ويا، پر ٽيون نه چڙهي سگهيو، اداس ٿي پليٽ فارم تي بيهي رهيو. قليءَ چيس: سائين پريشان نه ٿيو ڄاڻ ٻي گاڏي آئي، پروفيسر چيو، پريشان انهيءَ ڪري آهيان، جو وڃنو مون کي هو، هو ته مون کي ڇڏڻ آيا هئا.“

عبدالستار ٻبر، ڪڪڙ.

هڪ ماڻهو پيرس جي تمام مهانگي هوٽل ۾ ويو اتي اڳواٽ بيري کي ٽپ) بخشش) ڏنائين، بيري چيو: سائين توهان لاءِ ڪائين فلور تي ڪمرو بُڪ ڪرايان.“ همراهه چيس: مون سان گڏ سس به آهي، ۽ ٻار به، سو تون مهرباني ڪري جنهن وقت اسان اچون ته چئجان سڀ ڪمرا بڪ آهن.

عطاءَ الله نوناري، قاسم آباد.

هڪ سئنيما جو مالڪ، فلم پروڊيوسر جو شڪريو مڃيندي چيو ته شڪر آ جو توهان جي فلم جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي جان بچي ويئي، پروڊيوسر کلندي چيو، ڪيئن، سئنيما جي مالڪ يو جنهن وقت فلم هلي ته هال ۾ هڪ به ماڻهو موجود نه هو.

منصور علي ميمڻ، جاتي.

هڪ ڪار، سائيڊ تي بيٺي هئي، هڪ ٿلهي مائي اچي اتان لنگهي، ڪار جو پاسو لڳس، سو ڪري پئي، ماڻهن اٿاريس، ڊرائيور کي چيائين، ائين ڪار تيز هلائبي آهي، ماڻهو جو ته خيال ڪر. ماڻهن کي ڏسي سائيڊ ڪندو ڪر، ڊرائيور کلندي چيس، ڪار ته سائيڊ تي بيٺي هئي، پر اوهان تيز هلي رهيا هئا، ۽ اوهان ڪار کي سائيڊ ڪانه ڏني، ان ڪري اوهان جو پاسو، منهنجي بيٺل ڪار کي لڳو آهي.

عبدالله پنهور، سٺ ميل

هڪ همراهه موٽر سائيڪلن تي دڪان تان هيلمٽ وٺڻ آيو. سيٺ پڇيس: ڪهڙي موٽر سائيڪل اٿَو، همراهه چيو ڪابه نه، پر هيلمٽ اهڙو مضبوط هجي، جو منهنجي زال جي چپل جي کڙي منهنجي مٿي تي زخم نه رسائي.

احمد الدين جمالي، سجاول

هڪ اسيمبلي ميمبر ۽ سندس دوست ڪوچ ۾ وڃي رهي هئا، اسيمبلي ميمبر چيو، مان سئو سئو جا پنج نوٽ اڇلايان ته پنجن ماڻهن جو ڀلو ٿيندو، دوست چيس ته جي پنجاهه جا 10 نوٽ اڇلائيندي ته ڏهن ماڻهن جو ڀلو ٿي پوندو.

پويان ويٺل همراهه رڙ ڪري چيو: سائين مهرباني ڪري اليڪشن وقت استعمال ڪيل ڊڪوريشن جي سامان جو بل ته ڏيو، سال ٿي ويو آهي.

اقصى ابرار، آر. بي. بي. ڪالوني، ڄامشورو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com