سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

 

سنڌيڪار: زاهده چنه

درويش ۽ حلوائي

هڪڙي ڏينهن هڪ صوفي جيڪو وڏو متقي ۽ پرهيزگار هو، سو هڪ بازار مان گذريو، هڪ حلوائي جيڪو هن جو معتقد هو، تنهن عرض ڪيو ته سائين ٿوري دير منهنجي دڪان ۾ اچي ويهو. درويش سندس التجا قبول ڪئي ۽ اچي سندس دڪان تي ويٺو. حلوائي عقيدت وچان ٿوري مٺائي پليٽ ۾ وجهي سندس آڏو رکي، مکين جيئن ئي مٺائي کي ڏٺو ته مٺائي جي مٿان لامارا ڏيڻ لڳيون. ڪجهه پليٽ جي آمهون سامهون لامارا پيون ڏين. ڪجهه ڪنارن کان اچي ويٺيون ۽ ڪجهه وري مٺائي جي مٿان اچي ويٺيون، جڏهن حلوائي ڏٺو ته مکيون حد کان وڌيڪ تنگ ڪري رهيون آهن، ته وڃڻو کي کين اُڏارڻ لڳو، جيڪي مکيون پليٽ جي ڪنارن کان ويٺيون هيون، اهي هڪدم اُڏي پري هليون ويون ۽ جيڪي پليٽ جي وچ ۾ مٺائي تي ويٺل هيون، انهن جون ٽنگون مٺائي ۾ چنبڙي ويون ۽ ۽ انهن اُڏڻ چاهيو ته اُڏامي نه سگهيون، ڇاڪاڻ جو انهن جي پيرن ۾ مائي جي چاسڻي لڳي ويئي هئي. تنهن ڪري اهي چاسڻي ۾ ٻڏي مري ويون. اها ڳالهه ڏسي درويش خوشي وچان رڙ ڪئي ۽ موچ ۾ اچي نعرو هنيو، تنهن تي حلوائي کائنس ان نعري جو سبب پڇيو درويش چيو، اي دوست! مٺائي جي پليٽ تي مکين کي ڏسي هڪ حقيقت مون تي واضح ٿي ويئي. سمجهه ته دنيا هڪ پليٽ جيان آهي، ۽ اتان جون نعمتون مٺائي جيان مٺيون آهن.

انهن نعمتن مان لذت حاصل ڪرڻ وارا مکين وانگر آهن، انهن مان ڪجهه مکين وانگر ڪنارن تي ويهندا آهن، جيڪي قناعت پسند ۽ توڪل وارا آهن، جيڪي دنيا کان ٿورو مزو وٺي صبر ۽ شُڪر ڪندا آهن ۽ اهي جيڪي مکين وانگر پليٽ جي وچ ۾ ويهندا آهن، اهي لوڀي ۽ لاچي ماڻهو آهن، ۽ دنيا جي لذتن مان لطف وٺڻ تي به سندن ڍؤ ڪونه ٿيندو آهي! عزرائيل انهن کي پکو هڻندو آهي، ته اهي ماڻهو جيڪي ڪنارن تي ويٺل هوندا آهن، سي پري ٿي ويندا آهن ۽ محفوظ ٿي ويندا آهن، پر اهي جيڪي وچ ۾ ويٺل هوندا آهن، سي گهڻي ڪوشش ڪندا آهن، ته ان مان  پچي نڪرن پر انهن جا پير اندر ڦاسي پوندا آهن ۽ اندر ئي اندر گهڙندا ويندا آهن، اهڙيءَ طرح گناهن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي هيٺ هليا ويندا آهن.

فطرت نه بدلجندي آهي

هڪ فقيرياڻي جيڪا گهڻي حسين ۽ خوبصورت هئي، دَر دَر تي وڃي پنندي هئي، ۽ اهڙي طرح پنهنجو پيٽ ڀرندي هئي، هڪڙي ڏينهن اتفاق سان هڪ بادشاهه اتان لنگهيو، ان جي نظر فقيرياڻي تي پيئي. هوءَ ميرن، گدلن ڪپڙن ۾ هئي، پر بادشاهه سندس اصلي حُسن ڏسي ورتو، پهرين ئي نظر ۾ هوءَ کيس وڻي ويئي. هن پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏنو ته ان عورت کي شاهي سواري ۾ سوار ڪري محل ۾ وٺي اچو ۽ نوڪرياڻي کي چئو ته کيس سينگاري اسان وٽ وٺي اچي، جڏهن اها فقيرياڻي سهڻو وڳو پائي سينگارجي بادشاهه جي سامهون پيش ڪئي وئي ته هو اڃان وڌيڪ موهت ٿي پيو، هڪدم کيس پنهنجي راڻي بڻائي ڇڏيائين، پوءِ اها فقيرياني عيس ۽ آرام سان محل ۾ رهڻ لڳي. بادشاهه ان لاءِ ڪنهن به شيءِ جي گهٽتائي نه ڪئي، هو هن کي وڏي پيار محبت ۽ آرام سان رکندو هو، پر ان جي باوجود هو ڏينهون ڏينهن سنهڙي ۽ هيڻي ٿيندي ويئي.

هڪڙي ڏينهن بادشاهه کانئس پڇيو، ڇا ڳالهه آهي جو تون ايتري ڪمزور ٿيندي پئي وڃين، ڇا تنهنجي خدمت چاڪري ۾ ڪا ڪمي رهجي ويئي آهي؟ جيڪڏهن ڪا بيماري آهي، ته ان جو علاج ڪيو وڃي، ۽ جيڪڏهن ڪو ڏک هجي ته پوءِ اهو دؤر ڪيو وڃي.“

فقيرياڻي چيو، ”بادشاهه سلامت! نه مون کي ڪو ڏک آهي ۽ نه ئي ڪا بيماري. توهان صرف ايترو ڪيو جو مون کي پاڻ سان گڏ ماني کائڻ تي زور نه ڀريو. پر منهنجو کاڌو ڌار رکو مان سڀ کان ڌار ماني کائيندس. اهڙيءَ ريت مون کي خوشي حاصل ٿيندي ۽ ڪمزوري خود بخود ختم ٿي ويندي.

بادشاهه حڪم ڏنو ته هن جو کاڌو ڌار هڪ هنڌ رکيو وڃي. ان کان پوءِ هو ڏينهن ڏينهن صحتمند ۽ تندرست ٿيڻ لڳي. بادشاهه خادمن کان پڇيو، ڏسو ته هن ڌار کاڌو ڇو رکرايو؟ ان ۾ ڪهڙو راز آهي.“

هنن عرض ڪيو، اسان کي ان جي ڪا ڄاڻ ڪانه آهي، رڳو ايترو معلوم آهي ته جڏهن کاڌو ايندو هو ته هو اهو طاقن ۾ رکي ڇڏيندي آهي، ان کان پوءِ اسان کي خبر نه آهي ته هو ڇا ڪندي آهي؟ ۽ ڪهڙي طرح کائيندي آهي؟

هڪڙي ڏينهن جڏهن هوءَ کائڻ ۾ مشغول هئي، بادشاهه لڪي پردي جي پويان نهاريو ته ڏسي ته فقيرياڻي واري واري هر طاق جي سامهون اچي ٿي ۽ چوي ٿي، خدا جي راهه ۾ هڪڙو ٽڪر ڏيو.“ ۽ پوءِ ان مان هڪڙو گروهه کائي، وري ٻئي طاق وٽ ويندي آهي ۽ چوندي آهي الله جي نالي تي هڪڙو گرهه ڏيو.“ ان مان هڪڙو گرهه کائي ڇڏيندي آهي، اهڙي طرح سڀني طاقن کان گهُري کائيندي آهي ۽ جڏهن پيٽ ڀرجي ويندو اٿس ته نوڪرياڻي کي سڏي چوندي آهي ته اهي کاڌو واپس کڻي وڃن، ۽ پوءِ هٿ منهن ڌوئي ٻاهر اچي ويندي آهي، جڏهن بادشاهه اهو حال ڏٺو ته سمجهي ويو ته هن اڃان تائي پنڻ جي عادت نه ڇڏي آهي، تنهن ڪري هيءَ شاهيءَ محلات ۾ رهڻ جي لائق نه آهي، اهو سوچي هن انهيءَ ڏينهن کيس محل مان ڪڍي ڇڏيو.

 

 

ڊاڪٽر منير احمد چنه

نڀاڳو ڪير؟

پيارا ٻارؤ! اوهان کي ديون، پرين، بادشاهن، وزيرن، راڻين، جنن ڀوتن جون ڪهاڻيون وڻنديون آهن، انهيءَ ڪري، اڄ مان اوهان کي گهڻي پراني زماني جي بادشاهه جي ڪهاڻي ٻڌايان ٿو.

ڪنهن ملڪ تي هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو. سڀني بادشاهن جو بادشاهه ته ڌڻي تعالى آهي، هي بس هڪ ننڍڙي ملڪ جو بادشاهه هو. خوب محنت، جوش، انصاف ۽ عدل ڪندو هو، مطلب ته شينهن ۽ ٻڪري سندس بادشاهيءَ ۾ گڏ پاڻي پيئندا هئا.

ائين ئي سندس بادشاهي هلندي پي رهي ته سندس درٻارين بادشاهه کي ٻڌايو ته اوهان جي ملڪ ۾ هڪ اهڙو ماڻهو به آهي، جو جيڪو به سندس صبح ساڻ منهن ڏسي ٿو ته، ان شخص کي سڄو ڏينهن ماني نصيب ڪين ٿئي ٿي، پر بادشاهه سلامت ته اعتبار ئي نه ڪري ته ڀلا اهڙو ماڻهو ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو. بادشاهه تي جڏهن درٻارين گڻو زور وڌو ته پوءِ نيٺ حڪم ڪيائين ته انهيءَ شخص کي درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي.

جڏهن انهيءَ شخص کي حاضر ڪيو ويو ته بادشاهه سندس آزمائش لاءِ رات پنهنجي خواب گاهه ۾ سمهاريو ته جيئن ئي سندس صبح جو اک کلي ته انهيءَ شخص جو منهن ڏسي.

صبح سوير، جيئن ئي بادشاهه سجاڳ ٿيو ته نظر وڃي انهيءَ شخص جي منهن تي پيس. اتفاق سان ٿيو به ائين جو انهيءَ ڏينهن بادشاهه کي پنهنجي ملڪ جي مسئلن ۽ بادشاهي معاملاتن ۾ ايتري به واندڪائي نه ملي جو هو ماني کائي سگهي ۽ بادشاهه پوءِ سڄو ڏينهن ماني کائي ڪين سگهيو، پوءِ ته بس بادشاهه کي يقين ٿي ويو ته اهوئي ماڻهو نڀاڳو ۽ منحوس آهي.

ٻئي ڏينهن تي کيس بادشاهه ڦاسيءَ جو حڪم ڏنو ته، جيئن نه هوندو اِهو نڀاڳو نه وري منهن ڏسڻ سان ڪنهن کي ماني نصيب نه ٿيندي، صبح ٿيو ڦاسيءَ ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو. ڦاسي ڏيڻ کان اڳ، بادشاهه هن کان آخري خواهش پڇي.

انهيءَ تي ان شخص نهايت ادب سان بادشاهه جي ڀرسان اچي آهستگيءَ سان عرض ڪيو ته توهان، صبح سڻ، منهنجو منهن ڏٺو ته، سڄو ڏينهن اوهان کي ماني نصيب نه ٿي، ليڪن جڏهن مان صبح ساڻ جو اوهان جو منهن ڏٺوته مون کي ڦاسي ٿي اچي، ته هاڻي سائين جن پاڻ ئي ٻڌائن ته نڀاڳو ڪير؟

بادشاهه کي، انهي شخص جي ڳالهه حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، بادشاهه عجب ۾ پئجي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته واقعي وڏو نڀاڳو ته آءُ آهيان، پر جي آءُ نڀاڳو آهيان ته بادشاهه“ ڪيئن آهيان، ليڪن بادشاهه سوچڻ لڳو ته هن دنيا ۾ ڪير به انسان نڀاڳو ڪين آهي، ڪنهن جي منهن ڏسڻ سان، ڪنهن کي ماني نصيب نه ٿي ٿئي ته انهيءَ ۾ ان شخص جو ڪوبه ڏوهه نه آهي، اهو ته انهي جي قسمت ۾ ئي ائين لکيل آهي ته هن کي ماني نصيب ناهي.

انهي ننڍڙي جملي بادشاهه سلامت جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ انهيءَ شخص کي خوب انعام اڪرام ڏئي رخصت ڪري ڇڏيو، ۽ اعلان ڪيائين ته ڪوبه ماڻهو هن کي نڀاڳو نه چوي.

 


 

ترجمو: انور علي لوهار

قرباني

درياءَ جي ڪناري تي چؤرس جي شڪل ۾ چار ڊگهيون ڪاٺيون لڳل هيون ۽ ڪاٺين جي مٿان سنهو ڪپڙو ڏيئي اُس کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي هئي، ان ڪپڙي هيٺان هڪ ڇوڪرو ويٺو هو، جيڪو ڪنهن سوچ ۾ ٻڏل هو، درياءَ جي ڪناري جي ٿڌي هير به ان ڇوڪري کي سوچ مان ٻاهر ڪڍي نه سگهي.

اوچتو هن ڇوڪري جو پيءُ اچي ويو ۽ هن کي چوڻ لڳو ته: نواب پٽ: ڪهڙي سوچ ۾ ٻڏل آهين، ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو اٿئي؟

بابا! جيڪڏهن کنڊ جو جهاز به ٻڏي وڃي ها ته به ايترو ڏک نه ٿئي ها، جيترو هاڻي ٿئي ٿو.“ نواب پنهنجي پيءُ کي چيو،

ڪهڙو ڏک...؟“ نواب جي پيءُ نواب کان پڇيو.

بابا ڏک اهو آهي ته ٻيا سڀ ڪشميري آزاديءَ لاءِ وڙهي رهيا آهن، ۽ توهان ۽ مان دشمنن کي ٻيڙيءَ تي کڻي درياءَ پار ڪرائيندا آهيون.“ نواب پنهنجي پيءُ کي ڏک واري لهجي ۾ چيو.

پٽ ڪهڙا دشمن....؟ اسان غريب سان ڀلا ڪنهن جي ڪهڙي دشمني؟ اسان ڪنهن سان دشمني ڪندا آهيون ۽ نه ڪو اسان سان دشمني ڪندو.“ نواب جي پيءُ نواب کي چيو.

ڇا ڀارتي فوجي اسان جا دشمن آهن؟ اهي اسان جي ملڪ تي اسان تي حڪومت ڪن ٿا، ان کان وڌ ڀلا ٻي ڪهڙي دشمني ٿيندي آهي.“ نواب جو لهجو اڳ کان ڪجهه تيز هو.

ڀلا اهو ٻڌائي ڪڏهن انهن فوجن توکي ڪجهه چيو آهي؟ ڪڏهن انهن توکي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي؟“ نواب جي پيءُ نرم لهجي ۾ چيو.

بابا: مون کي اڄ تائين انهن ڪجهه نه چيو آهي، باقي ساري ڪشمير ۾ انهن باهه ٻاري ڇڏي آهي، ڪشمير جي پوڙهي، جوان، مرد، عورت تي تشدد ڪندا آهن، جيڪڏهن آزادي لاءِ ڪو ڪشميري وڙهندو آهي ته ان جي گهر جي تباهي ڪري ڇڏيندا آهن.

ڇا اهي ڪشميري اسان جا ڀائر نه آهن؟ ڇا پنهنجو حق گهرڻ خراب ڪم آهي؟  آزادي لاءِ وڙهڻ گناهه آهي؟

نواب پنهنجي پيءُ کان پڇيو.

پر نواب جي پيءُ ڪوبه جواب نه ڏنو، شايد هنن سوالن جا جواب هن وٽ نه هئا يا شايد هي ڏيڻ نه پيو چاهي.“

نواب ۽ سندس پيءُ ٻيڙي هلائي گهر جو خرچو هلائيندا هئا، هنن جي گذران جو ذريعو ٻيڙي هئي، هي مسافرن کي درياءَ پار ڪرائي هنن کان ڪرايو وٺندا هئا، ڇو جو درياءَ تي وجهي ڪابه پُل ڪانه هئي.

هنن پيءُ پٽن کي ويٺي ڪجهه دير گذري هئي، ته هنن ڏٺوته ڀارتي فوجي هنن ڏانهن اچي رهيا آهن.

جڏهن ڀارتي فوجي هنن ويجهو پهتا ته نواب جي پيءُ فوجي آفيسر کان پڇيو ته، صاحب! درياءَ پار هلندؤ يا...“

اڃا نواب جي پيءُ جملو پورو نه ڪيو، ته فوجي آفيسر چوڻ لڳو ته:

نه... نه اسان هاڻي درياءَ جي پارنه هلنداسين، اسان صرف توکي اهو ٻڌائڻ آيا آهيون ته رات جون تون اتي انتظار ڪجانءِ.“

اسان رات جو درياءَ پار ڪنداسين، ڇو جو اسان هاڻي وڃون ٿا، رات جو انتظار ڪجانءِ.“ ائين چئي فوجي آفيسر ۽ ٻيا فوجي هليا ويا.

بابا! مان توکي هڪ دفعو چيو به هيم ته اهي ڀارتي اسان جا دشمن آهن، پر پوءِ به تون انهن کي درياءَ پار ڪرائڻ ٿي وئين! تون ٻن پئسن خاطر پنهنجي قوم ۽ وطن سان غداري ڪري رهيو آهين، توکي خبر نه آهي، هي درياءَ پار ڪري ڀر واري ڳوٺن ۾ تلاشي جي بهاني پنهنجو بارود انهن جي سينن مان پار ڪندا آهن، پر پوءِ به تون انهن کي کڻندو آهين، تون پنهنجي ملڪ جو خير خواه نه آهين، مون کي تومان غداري جي بوءَ ايندي آهي، جيڪڏهن هاي تون انهن کي نيو ته پوءِ تنهنجو ۽ منهنجو رستو الڳ هوندو.“ نواب پنهنجي پيءُ کي ڪاوڙ واري لهجي ۾ چيو.

ڪاوڙ نه ڪر... رات جو انهن سان مون واعدو ڪيو آهي، باقي اڄ رات کان سواءِ ٻيهر انهن کي کڻان ته پوءِ جيڪو وڻئي سوچئجانءِ. نواب جي پيءُ هن کي نرم لهجي ۾ چيو.

پوءِ هي ٻئي گهر آيا، گهر به درياءَ جي ڪناري سان گڏ هو.

نواب ۽ سندس پيءَ ماني کائي رهيا هئا، ته نواب ماني کائيندي پنهنجو هٿ روڪيو ۽ ڪنهن سوچ ۾ ٻڏي ويو.

سوچ ۾ ٻڏل ڏسي پيءُ پڇڻ لڳس ته: پٽ: اڄ ڪهڙا خيال ذهن ۾ پيا اچنئي جو گهڙي گهڙي سوچ ۾ ٻڏيو وڃين؟

 

بابا! جيڪڏهن مان اهو ڪم ڪريان ته منهنجو نالو هميشه زنده رهندو.“ نواب پنهنجي پيءُ کي چيو.

اهو... ڪهڙو ڪم؟ ڇا نالو نه اٿس انهي ڪم جو؟“ نواب جي پيءُ حيران ٿيندي نواب کان پڇيو.

بابا! ڇڏيو ڪم کي اهو توهان جي سمجهه ۾ نه ايندو.“ نواب پنهنجي پيءُ کان ڳالهه لڪائيندي چي.

جيئن تنهنجي مرضي.... نه بڌائڻ چاهين ٿو ته نه ٻڌاءِ.“ هن جي پيءُ کي ڳالهه ٻڌڻ جي اهڙي خواهش نه هئي، ان لاءِ هن ائين چيو.

۽ ها... رات جو فوجن کي درياءَ پار ڪرائڻ لاءِ ٻيڙي ڪاهي وڃجانءِ منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي.“ نواب جي پيءُ نواب کي چيو.

اها ڳالهه ٻڌي نواب جي دل باغ بهار ٿي وئي ڄڻ هي به اهو چاهي پيو ته بابا نه هلي، جيئن هي پنهنجو ڪم آسانيءَ سان ڪري سگهي، جيڪو شايد پيءُ هوندي نه ڪري سگهي ها.

جيئن ڪجهه اوندهه ٿي ته نواب گاسليٽ جو دٻو کنيو، جنهن تي هي لالٽين ٻاريندو هو، شهر هنن کان گهڻو پري هو، ان لاءِ هي گاسليٽ جو دٻو ڀرائي رکندو هئا.

هي دٻو کڻي سڌو پنهنجي ٻيڙيءَ تي آيو ۽ گاسليٽ مان ڪپڙي جو ٽڪرو ٻُڙي ٻيڙي کي اندران هڻڻ لڳو، جڏهن سڄي ٻيڙي کي اندرين پاسي گاسليٽ لڳي ويو ته پوءِ هي فوجن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٿوري دير ۾ فوجي اچي ويا. فوجن جي آفيسر نواب کان پڇيو ته تنهنجو پيءُ ڪيڏانهن ويو آهي؟ جو توکي موڪليو اٿس.“

سائين ان جي طبيعت ٺيڪ نه آهي، ان لاءِ هن مون کي موڪليو آهي، نواب فوجي آفيسر کي جواب ڏنو.

فوجي آفيسر نواب کان وڌيڪ ڪجهه نه پڇيو ۽ سپاهين کي ٻيڙي تي چڙهڻ لاءِ چيو.

سڀ کان پهريائين ٻه فوجي چڙهيا، جنهن جي هٿن ۾ ڪاٺي جي هڪ پيتي هئي.

هن پيتي ۾ ڇا آهي؟“ نواب فوجن کان پڇيو.

هن پيتي ۾ اسلحو ۽ بم آهن.“ انهن فوجن مختصر جواب ڏنو. جڏهن نواب اسلحي ۽ بمن جو نالو بڌو ته هن سوچيو ته هاڻي منهنجو ڪم آساني سان ٿي سگهندو.

جڏهن سڀ فوجي ٻيڙي ۾ چڙهيا ته هن ٻيڙي هلائڻ شروع ڪئي.

جڏهن ٻيڙي درياءَ جي وچ تي پهتي ته نواب باقي بچيل گاسليٽ اسلحي ۽ بمن واري پيتي تي هاريو.

اوندهه هئڻ جي ڪري هن کي گاسليٽ هاريندي ڪنهن به فوجي ڪونه ڏٺو.

پوءِ هن کيسي مان ماچيس ڪڍي، پهريائين اسلحي واري پيتي کي ۽ پوءِ ٻيڙي کي باهه ڏنائين.

جيتري تائين فوجي تيار ٿين، ايتري تائين ٻيڙي کي باهه وڪوڙي وئي ۽ ٻيڙي ان گڏ ڀارتي فوجي جي جسمن جا ٽڪرا اڏري ويا.

جڏهن اها خبر ڪشمير جي ماڻهن کي پئي ته هڪ ڇوڪرو پنهنجي جان جي قرباني ڏيئي ڀارتي فوجن کي ماري ڇڏيو ته سڀ ڪشميري ان جي تعريف به ڪرڻ لڳا، ۽ ڏک به ڪرڻ لڳا.

نواب پنهنجي جان جي قربان ڏيئي ڪيترين ئي ڀارتي فوجن کي ماري ڇڏيو، اهو ڪارنامو ڪشميري قوم ڪڏهن به نه وساريندي، اهو سچ آهي، جيڪو پنهنجي وطن خاطر جان ڏيندو آهي، ان جو نالو هميشه روشن رهندو آهي.

 

 

سنڌيڪار: اسلم آزاد مهر

ڪوريا ۾ نانگ جو سوپ

جنوبي ڪوريا جي گاديءَ جي هنڌ شهر سيول جي تقريباً چار سئو ننڍن وڏن هوٽلن ۽ ڪينٽينن ۾ جيڪو کاڌو تمام گهڻو ۽ دلچسپيءَ سان تيار ڪيو ويندو آهي، اهو نانگ جو گوشت اهي، نانگ کي مختلف طريقن سان تيار ڪيو ويندو آهي، هوٽلن ۽ ڪينٽينن جي ٻاهران خوشنما سلينڊرن جي شڪل جون ڊگهون بوتلون نمائش لاءِ رکيون آهن، جنهن ۾ جيئرا نانگ بُل کائيندا آهن، اهي بوتلون گيراهڪن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪرڻ لاءِ ٻاهر رکيون جنوبي ڪوريا جي حڪومت پنهنجي گاديءَ جي هنڌ کي خوبصورت ٺاهڻ جي ڪري نانگ پچائڻ وارن هوٽلن کي چيو آهي ته اهي شهر جي وڏين سڙڪن کان ننڍين ڳلين ۾ منتقل ٿي وڃن، ڪافي غير ملڪي ماڻهو نانگن کي پسند ڪندا آهن، پچيل نانگ وڪڻڻ وارن ان عجيب غريب“ حڪم جي خلاف احتجاج ڪن ٿا، انهن جو مطلب هي آهي، (جيڪو تمام مقبول آهي) ته نانگ مزيدار ۽ تمام گهڻن مرضن) بيمارين) جو علاج آهي، اهي چوندا آهن، ته نانگ ڏسڻ ۾ ڪافي ماڻهن کي سٺو نٿو لڳي، پر غير ملڪي ماڻهو ان جو پڪل گوشت کي وڏي چاهه سان کائيندا آهن، پچيل نانگ سستو نانگ ملندو، نانگ جي سوپ جو هڪ پيالو 200 رپين کان 1600 رپين تائين ملندو آهي، قيمت نانگن جي قسمن جي مطابق هوندي آهي. نانگن جا ماهر چوندا آهن ته نانگ جي سوپ جو هڪ پيالو روزانو ڏهن ڏينهن تائين پيتو وڃي ته جسم جا عضوا سئو سيڪڙو ٺيڪ ٿي ويندا آهن.

وائپر (Viper) سڀ کان وڌيڪ زهريلو نانگ آهي، ان جي سوپ جي هڪ پيالي جي قيمت چوڏهن 1400 سئو رپيا آهي. اهو سَنڌَن جي سور ۽ تپ دق جي لاءِ فائديمند آهي، نانگن جو هڪ قسم اهڙو آهي، جنهن جي سوپ سان سڄي زندگي انسان جي صحت ٺيڪ رهندي آهي، اهو هڪ زندهه) جيئرو) نانگ چاليهه هزار 40000 کان سٺ هزار 60000 رپين تائين ملندو آهي، ان جي ڊيگهه ڏيڍ فوٽ هوندي آهي. ڪوريا جو امير ماڻهو به هڪ سال ۾ کاڌي تي چاليهه هزار روپيا خرچ نٿو ڪري سگهي، پر نانگن جي سوپ متعلق يقين سان چيو وڃي ٿو ته هي انساني صحت کي هميشه جي لاءِ خوش باش ۽ تازو توانو رکي ٿو.

 

 

ايڇ ايم ذڪي

ڪوماڻيل ڪلي جي آبياري

مان سنان ڪري مسافرخاني تان هيٺ لهي آيس، صبح کان ٽانڪ منجهند تائين اميدن جي آسري آفيسن جا در کڙڪائيندي ۽ ڌڪا کائيندي ٿڪجي پيو هوس، اڃ جي اُساٽ ۽ بک جي باهه جي ڄڀين حال کان بيحال ڪري ڇڏيو هئم. تنهن ڪري وچ شهر واري هوٽل ۾ وڃي ويٺس، اڃا پاڻ کي مس ڪرسيءَ تي اڇلايم، ته هڪ معصوم ڇوڪرو، اڻڀا اڻڀا وار، ليڙون ليڙون لٽا ميرا، پير اگهاڙا، ڏيل ڏٻل، هٿ ۾ برش، ۽ ڪڇ ۾ لٽڪندڙ ٽٽل ٿيلهو، ٽيبل هيٺ جهڪي منهنجن پيرن کي ڇهڻ لڳو.

پڇيم ڇا پيو ڳولين؟

هو يڪدم سڌو ٿيو ۽ نيڻ مٿي کڻي چيائين ڳوليندس ڇا؟ سائين بوٽ ڏي پالش ڪريان.“

مون سندس لڪن سان لوساٽيل چهري ڏانهن ڏٺو، ڏٺل وائٺل محسوس ٿيو، پر سڃاڻي نه سگهيومانس، هو اڃا منهنجي سامهون بيٺو هو پڇيومانس:

نالو ڇا اٿئي؟

آسيو.“

پيءُ جو نالو؟

ڪچريو

آسن پٽ ڪچرو!“

ها.“

کيس يڪدم سڃاڻي ورتم، آئون جڏهن ٽئين درجي ۾ پڙهندو هوس ته هيءَ ٻه سال جو ابهم ٻارڙو هو، پوءِ جڏهن سندس وڏي ڀاءُ کي ماستري ملي ۽ ڊيوٽي شهر ۾ هئي ته پنهنجي سڄي ڪٽنب کي اتي وٺي ويو، پوءِ نه ڄاڻ ڪهڙي قيامت مٿس برپا ٿي؟ ڪهڙو ساڻن حشر ٿيو؟ هڪ باشعور استاد پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ کي اڳتي پڙهائي ها! پر هي ته....!! ڇا غربت کان تنگ اچي هن نٽهڻ اس ۾ هن ٽڙندڙ گلاب جي ڪلي جهڙي معصوم ٻالڪ کي ڪمائڻ تي مجبور ڪيو!؟ ڇا سندس سڄو ڪٽنب ڪنهن حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو آهي....؟

ها، ائين ئي ٿي سگهي ٿو... نه ائين ڪانه ٿو ٿي سگهي... ها ٿي سگهيو ٿي... نه نه نه... قطعي نه....!

ڪنهن به سوچ سان پاڻ کي سلامت ڪري نه سگهيس.

پڇڻ چاهين، پر لفظن ساٿ نه ڏنو، سندس معصوم چهري کي گهورڻ لڳس، ڪجهه دير تائين خاموشيءَ جي کنڊرن ۾ دفن ٿي ويس، نيٺ همت ڪري پڇيم: توکي پالش ڪرڻ تي ڪنهن مجبور ڪيو آهي؟ بهار جي موسم کي خزان جي آمد کان اڳ ڪنهن ڪومايو آهي؟ ڪير اهي ظالم آهن، جن تنهنجي معصوم ڏيل تي ظلم جا پهاڙ ڪيريا؟

ذميوار ڪير آهي؟ هڪڙي ئي ساهيءَ ۾ منهنجي واتان بي اختياري وچان ڪيترائي سوال نڪري ويا.

نيڻن ۾ لڙڪن جو آبشار ڇوليون هڻڻ لڳو، ڪجهه اوتڻ چاهيائين، پر اوتي نه سگهيو، لڙڪن لامن جيان نازڪ ۽ پاڪ پويتر ڳلڙن تي لڏڻ لڳا، پر آواز ٻاهر نه نڪتو، نه آهه، نه ڪوڪ، نه ريهه، نه ڪيهه، اندر ۾ ريهن ۽ ڪيهن جو طوفان اٿيو، رڻ گجيو ۽ راڙو ٿيو، مان سڀ ڪجهه پروڙي ويس، سندس اندر جي انسان کي آٿت ڏنم ۽ ماٺ ڪرائڻ لاءِ محبت جا ٻول ٻولڻ لڳس، ليڪن ناڪام رهيس.

15  منٽن کان پوءِ پاڻ کي آنسوئن جي آبشار آڏو بند ٻڌائين ۽ چيائين، مون کي نٽهڻ اس ۾ پگهر وهائڻ ۽ لڪن ۾ لوساٽجڻ ۽ سخت سرديءَ ۾ سسئي جون تلوار جهڙيون تيز سوٽون سيني ۾ سهڻ تي غربت ئي مجبور ڪيو آهي ۽ لاچار ڪيو آهي، غربت ۽ مفلسيءَ جي مند بهار جي ڦٽندڙ گونچن کي ڦلارڻ کان اڳ ڪومايو آهي. ظالم ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو، غربت ئي ظالم آهي، جنهن مون تي ڏاڍ جا ڏونگر ڪيريا آهن!!....

هو وري خاموش ٿي ويو.... ساهي پڻ کان پوءِ وري پڇم: ”تنهنجو ڀاءُ ملوڪومل ڪاڏي ويو؟ تنهنجو پيءُ ڇو نٿو ڪمائي؟

اهو سورن جو ڊگهو داستان مون کان نه پڇ ڳنڀيرتا واري نوعيت ۾ چيائين.“ منهنجو اندر کولي پڙهڻ جي ڪوشش نه ڪر، منهنجن زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي ڪوشش نه ڪر، آءٌ توکي پنهنجن دردن جو داستان ٻڌائڻ نٿو چاهيان، آئون ڪونه ٻڌائيندس!! ها! تون ٻڌاءِ ته آهين ڪير؟ مون کي ڪيئن ٿو سڃاڻي؟ جو پنهنجائپ جا پيچ پائڻ جي ڪوشش پيو ڪرين؟!“

آئون پاڻ متعلق پوءِ ٻڌايان ٿو،

وراڻيم

پهرين تون مون کي ٻڌاءِ ته تنهنجي ڪٽنب سان ڪهڙو ڪلور ٿيو؟

خاطريءَ سان ٻڌائيندين؟1“ اعتبار نه پئي آيس.

ها، يقين سمجهه.“ مون خاطري ڏياريندي چيو.

ملوڪو مل هتي شهر ۾ اچڻ کان چار سال پوءِ گذاري ويو.“ اداس لهجي ۾ چوڻ لڳو. منهنجو بابو آندي جي بيماري وگهي ٽي سال اڳ اسان کي الوداع چئي ويو. ان کان اڳ هو پاڻ ڪمائيندو هو. بابا جي مرتئي بعد جهور جيجل جي پرگهور لهڻ ۽ پيٽ جي باهه وسائڻ جو بار مون تي اچي ويو. ان ڪري لازمي مزوري ڪرڻي پئي. اڄ مان امڙ جو واحد سهارو آهيان، پنهنجي گهر ۾ پاڻي، بجلي وغيره جو خرچ ادا ڪرڻ جيتري همت نه هئي، ته لائٽ ڪٽائي ڇڏيسين. پاڻي نلڪي پني امڙ آڻي ۽....“

آسن! سچ ٿو چوين يا.....؟

ها بلڪل سچ، ڪوڙ ذرو به نه!“

مون کيسي مان 15 رپيا ڪڍي کيس ڏنا، پر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين، ۽ چيائين،آئون مفت نه وٺندس، پنان ڪونه ٿو.“

چيم، آءٌ پڻن ڪونه ٿو سيکاريانوَ، پر توکي دوستيءَ جي ناتي ڏيان ٿو، ته به هن انڪار ڪيو، مون زوري سندس کيسي ۾ وڌا.

پچيائين: تنهنجو تعارف؟

منهنجو نالو رستم علي آهي، چيم، تنهنجن ۽ منهنجن مائٽن جا پڻ گهرا لاڳاپا رهيا آهن، ان ڪري توکي تنهنجن وڏن جي نالن ۽ ٿورو چهري ملڻ جي ڪري سڃاتم.“

منهنجي گهر هلندين؟

نه هينئرآئون واندو ناهيان! ٻي ڪنهن ڀيري ايندس.

هاڻي ماني ٿا کايون.

هن ضد ڪيو ته آئون ماني نه کائيندس.

بيرو آرڊر وٺڻ آيو، سادي مانيءَ جو آرڊر ڏنم.

منهنجي زور ڀرڻ تي گڏ ماني کاڌائين، شايد هن سوچيو هو ته هي پڙهيل لکيل ماني مون کي ڪيئن گڏ کارائيندو، يا آئون موچي سان گڏ ماني کايان!!!...

منهنجي وجود ۾ پهريون ڀيرو انسانيت جي رشتي تي رت جو جهٻو آيو ۽ ماني کائيندين، کيس چيم، ماني کائڻ کان پوءِ مون گڏ نيوز ايجنسيءَ تي هل، اتي ٿوري گهڻي واقفڪار کي توکي اخبارون ڏيڻ جو چوندس، اخبارون وڪڻڻ سان گڏ پرائيويٽ پڙهجانءِ.“

هن بيحد اتاولائيءَ مان چيو، ڇا سچ ٿو چوين؟

وراڻيم: بلڪل سچ!“

سندس اداس چهري تي خوشيءَ جون لهرون رقص ڪرڻ لڳيون ۽ لبن تي امرتا ڀري مرڪ لامارو ڏنو....

اڄ هو هڪ سٺو بُڪ سيلر آي، غربت جو راڪاس کيس ڳڙڪائي نه سگهيو.

مون کي فخر آهي جو ڪومايل ڪليءَ جي آبياري ڪيم، ۽ غربت جي گرم جهولي ۾ ڪومائجي ويل معصوميت جي ڪليءَ کي نئين سر آبياري ڪري سربسز ۽ شاداب بنايم، جيڪو ذري گهٽ وقت جي ڪوسي لوءِ جي دز هيٺ اچي مرجهائڻ وارو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com