سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 

باب: --

صفحو :4

 

هنن سان ملو

1164 نالو: فتح محمد ٻرڙو

پڙهندڙ: ڪلاس اٺون

عمر: 13 سال

وندر: ادبي رسالا پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: مڊل اسڪول احمد ٻرڙا، وايا ٽنڊو آدم سنڌ.

1165 نالو: صاحبڏنو ٻرڙو

پڙهندڙ: ڪلاس اٺون

عمر: 13 سال

وندر: رسالا ۽ درسي ڪتاب پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول احمد ٻرڙو وايا ٽنڊو آدم سنڌ.

1166 نالو: محمد عمر ٻرڙو

پڙهندڙ: ڪلاس اٺون

عمر: 12 سال

وندر: فٽبال کيڏڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول احمد ٻرڙو وايا ٽنڊو آدم سنڌ.

1167 نالو: محمد عالم ٻرڙو

پڙهندڙ: ڪلاس اٺون

عمر: 13 سال

وندر: دڪان تي وڃڻ ۽ رسالا پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول احمد ٻرڙو وايا ٽنڊو آدم سنڌ.

1168 نالو: غلام فاروق اوٺو

پڙهندڙ: ڪلاس ڏهون

عمر: 16 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ جيجل سنڌ جي خدمت ڪرڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيوهڻ شريف

1169 نالو: گلزار علي بلوچ

عمر: 13 سال

پڙهندڙ: درجو ستون ”اي“

وندر: دوستن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ ۽ گل ڦل رسالو پڙهڻ

ائڊريس: نئين باڊهه ضلع لاڙڪاڻو

1170 نالو: ذوالفقار علي شيخ

عمر: 12 سال

پڙهندڙ: درجو ستون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: ذوالفقار علي شيخ معرفت عبدالڪريم راڄپر گودڙا گلي، نئين باڊهه ضلع لاڙڪاڻو سنڌ.

1171 نالو: اصغر علي ولد محمد خان پليجو

پڙهندڙ: درجو اٺون

عمر: 15 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب ڏيڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، جنگشاهي ضلعو ٺٽو.

1172 نالو: هري لال ولد چئنو مل

عمر: 13 سال

وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: ڌنو مل چيتن داس شاهي بازار اوٻاوڙو.

1173 نالو: عبدالخالق اداسي بلوچ

عمر: 15 سال

پڙهندڙ: ڪلاس ڏهون ”اي“

وندر: ڪورس جا ڪتاب ۽ گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: ماستر ڪالوني ڳوٺ شاهه محمد پتافي. پي- او داد لغاري وايه ڏهرڪي- ضلع سکر سنڌ.

1174 نالو: محمد حنيف سومرو

عمر: 12 سال

پڙهندڙ: ڪلاس ستون

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب ڏيڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو سنڌ.

1175 نالو: امان الله منگسي

عمر: 7 سال

پڙهندڙ: ڪلاس پنجون

وندر: شرارتون ڪرڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪوٽ لال بخش مهيسر تعلقه ميروخان ضلع لاڙڪاڻو.

1176 نالو: محمد ايوب چانڊيو

عمر: 6 سال

پڙهندڙ: ڪلاس ٽيون

وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪوٽ لال بخش تعلقه ميروخان ضلع لاڙڪاڻو.

1177 نالو: محمد رمضان رهبر سرڪي

عمر: 12 سال

پڙهندڙ: درجو پنجون

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب ڏيڻ

ائڊريس: پوسٽ ڳڙهي حسن وايه ٺل ضلع جيڪب آباد.

1178 نالو: امتياز حسين ڪورائي بلوچ

عمر: 10 سال

پڙهندڙ: ڪلاس پنجون

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ علم سان چاهه

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول مورو سنڌ ضلع نوابشاهه.

1179 نالو: غلام سرور قريشي

عمر: 12 سال

وندر: رسالا پڙهڻ ۽ علم سان چاهه رکڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو ضلع ٺٽو.

1180 نالو: احمد خان ولد پير محمد مڱڻهار

پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون

وندر: رسالا پڙهڻ ۽ قلمي دوست رکڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو ضلع ٺٽو.

1181 نالو: شريف سنڌي ولد حاجي محمد بخش ٿهيم

پڙهندڙ: مئٽرڪ

وندر: ڪهاڻيون لکڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: معرفت حاجي محمد بخش ٿهيم ڪريانه مرچنٽ جوهي، ضلعو دادو.

 

 

 

 

سلام ۽ سنيها

اوهان مبارڪباد جي لائق آهيو. ڇو ته گل ڦل جي ذريعي اوهان نوجوانن جي ذهني قابليت وڌائڻ ۽ حقيقي ذميواريءَ جو احساس ڏيارڻ لاءِ ترجماني ڪري رهيا آهيو.

مون کي گل ڦل جا سڀ ڪالم پيارا آهن. جهڙوڪ: روشن تارا، روح رهاڻ سهڻا سخن، شعرن جو ڪالم ۽ ڪهاڻي جو سلسلو. آءٌ چاهيان ٿو ته گل ڦل رسالي ۾ ٻيا نوان ڪالم شروع ڪيا وڃن ۽ نيون تبديليون آنديون وڃن. انهن ۾ ديني مضمون ۽ واقعا (جيئن دين ڏانهن انهن ٻارڙن جي رغبت وڌي) سائنسي مضمون ۽ معلومات، شعرن جي ڪالم ۾ نعت مبارڪ ۽ حمد شريف به شايع ڪيا وڃن. ڪهاڻين سان گڏوگڏ مضمونن کي به اڌ

حق ڏنو وڃي، انهيءَ سان گڏوگڏ ٽائيٽل کي به ٺيڪ ڪيو وڃي يعني عمدو ۽ دلڪش بنايو وڃي، جيئن ڏسندڙن جي دل موهجي وڃي.

انهيءَ کان سواءِ هر مهيني ڪنهن نه ڪنهن سنڌ جي بزرگ هستيءَ جي زندگيءَ تي روشني وڌي وڃي، جيئن اسان نوجوان پنهنجي بزرگن جي قول ۽ فعل کان واقف ٿي سگهون جهڙوڪ سنڌ جو سدا حيات شاعر شاهه ڀٽائي، سچل سائين رح، ۽ شاهه عبدالڪريم رح بلڙيءَ وارو وغيره وغيره.

اميد ته مون ناچيز جون اهي تجويزون ۽ رايا اوهان ڀائرن ۽ پڙهندڙن کي پسند ايندا.

صابر انصاري ڪنڌڪوٽ.

(ادا اوهان جون رٿون ڏاڍيون سٺيون آهن. اميد آهي ته وقت اچڻ تي انهن تي آهستي آهستي عمل ڪبو.)

توهان هينئر وڏن وڏن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون شايع ڪندا آهيو. توهان ٻين جو ڪهاڻيون شايع نه ٿا ڪريو جيڪي پهرين ڪهاڻي موڪلين ٿا. توهان پهرين انهن جي ڪهاڻي شايع ڪري انهن جي همت افزائي ڪيو. جيئن هو سٺيون ڪهاڻيون لکي سگهن. مان پهرين به هڪڙي ڪهاڻي موڪلي هئي توهان اها به شايع نه ڪئي. هاڻي هڪ ٻي ڪهاڻي موڪلي رهي آهيان. اميد ته ضرور شايع ڪندا.

ياسمين خواجه

(ادي سٺي ڪهاڻي اسين واري تي شايع ڪندا آهيون. اوهان جي ڪهاڻي ”رحمدل پري“ گل ڦل جي جي ڏانءَ وٽان ڪانهي. اوهان جي ٻي ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ ئي ڪا راءِ ڏئي سگهجي ٿي. ڪهاڻين شايع ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسان وڏن ۽ ننڍن جي ڀيٽ نه ڪندا آهيون. اسان وٽ سڀني جا حق هڪ جهڙا آهن.)

آئون هن ڀيري پهريون خط لکي رهي آهيان اميد ته خط شايع ڪري همت افزائي جو شرف عطا ڪندا. ادا، هن ڀيري گل ڦل ۾ عيد جي خرچي ۽ ٻيو مواد پڻ پسند آيو.

آءٌ هت ڪجهه صلاحون لکي رهي آهيان، اميد ته ان تي غور ڪيو ويندو. اوهان ناقابل اشاعت شايع ڪري ٻارن کي ڏاڍو مايوس ٿا ڪريو. ڇاڪاڻ ته ٻار پنهنجي ڪچي ڦڪي مواد کي ائين پاڻيءَ ۾ ٻڏندي ڏسي ڏاڍو مايوس ٿا ٿي وڃن. ان مان ائين ٿو ثابت ٿئي ته سنڌي ٻارن کي گگهه اونداهين ۾ گهلي هلڻ جا ڏوهاري توهان ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا ادارا آهن جيڪي صرف ترقيءَ جون ٻه ٽي ڳالهيون ڪري سنڌ جي اٻوجهه عوام جي آڏو پاڻ کي رهبر سڏائيندا وتن. ان لاءِ بهتر ائين ٿيندو ته ٻارن جي لکيل مواد مان غلطيون ڪڍي اهي شايع ڪندا ڪريو ته جيئن ٻار پنهنجين غلطين جو صحيح اندازو لڳائي سگهن. اسان کي خبر آهي ته ائين ڪرڻ سان اسان جي لاءِ توهان جي آڏو ڪي ئي مشڪلاتون هونديون انهيءَ جو حل اهو آهي ته اوهان اهي غلطيون ۽ ناقابل اشاعت ڀلي شايع نه ڪريو. پر انهن ٻارن (جن جو مواد ناقابل اشاعت آهي) سان خط ذريعي رابطو قائم ڪريو، ۽ خط ذريعي انهن ٻارن کي سٺي نموني سمجهايو. نياز پنهور جيڪا سهڻا سخن ۾ ترتيب ٿو ڏي، ان ۾ هاڻي اها خوبي نه رهي آهي ائين ٿو محسوس ٿئي ته هو رڳو پنهنجي ليڊري چمڪائڻ ۾ پورو آهي انڪري ڪالم ڦڪو ڦڪو پيو لڳي، ادي نياز پنهور کي گهرجي ته گل ڦل لاءِ اڃا به وڌيڪ محنت ڪري.

ڪويتا ڪماري، ٽنڊوباگو

(ڀيڻ، اوهان جي خط جو جواب حاضر آهي، ناقابل اشاعت مواد سڀني ڀائرن ڀينرن جي زوردار گهر تي شايع ڪيو وڃي ٿو. اهو مواد نڪي درست ڪرڻ لائق آهي، ۽ نڪي ڪنهن اصلاح جي. ڇاڪاڻ ته گهڻو تڻو مواد نقل يا گل ڦل ۾ خود اڳ ڇپيل هوندو آهي. حقيقت ۾ ان مواد جي باري ۾ سوين ٻارن سان خط و ڪتابت ڪرڻ اسان لاءِ ممڪن ڪونهي. اسان ناقابل اشاعت شايع ڪري هڪ طرح سان ٻارن ۾ نئون مواد لکڻ جو شوق ٿا پيدا ڪريون جيئن هو پنهنجون صلاحيتون پوريءَ طرح آزمائي سگهن.

نياز پنهور اوهان جو پيغام پڙهي پيو اميد آهي ته هو اوهان جي شڪايتن دور ڪرڻ ۾ سٺو ساٿ ڏيندو.

سيپٽمبر جو پرچو پهتو، عيد جي خرچي، سوري مٿي سيڻ ۽ وڏي دولت، انهن ٽنهي ڪهاڻين تي چڱي محنت ٿي آهي.

ادا، مان ڪجهه عرصي کان هڪ سائيڊپوز ۽ چترڪار موڪليا هئا، اميد ته اداري وٽ محفوظ هوندا شايع ٿين يا نه ٿين پر اوهان وٽ فقط تصويرون هجن. توهان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ لکيو  آهي ته ”هن کان اڳ جن به ٻارن جا چتر اسان وٽ پهتل آهن اهي نڪي صاف پني تي آهن نڪي چٽيءَ ڪاري مس ۾ نڪتل آهن.“ ڇا واقعي منهنجي چترن سان به اهڙي حالت آهي؟

ادا سائين ٻيو عرض ڪندس ته جيڪڏهن مان هتان جي ڪنهن ذهين شاگرد ۽ ليکڪ کان انٽرويو وٺي موڪليان ته شايع ڪندا.

مختيار ناز، ڪنڌڪوٽ.

(ادا ڪهاڻين جي پسند لاءِ مهرباني. اوهان جا چتر اسان وٽ محفوظ آهن. جن مان ڪجهه اسان گذريل مهيني هلايا آهن. اوهان جي موڪليل ڪابه شيءِ اسان وٽان گم ٿي نه ٿي سگهي. انٽرويو وٺي موڪليو، سٺو هوندو ته ضرور شايع ڪنداسين.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com