ننڍڙا اديب
رت جو رنگ هڪڙو آهي
احمد جو پيءُ ٻيلي کاتي جو تمام وڏو آفيسر هو، هن جي بدلي هڪ
ڀيري آفريڪا جي جهنگلن ۾ ٿي، اتي هيءَ ويو. رهڻ به
اتي شروع ڪيائين جتان جهنگ شروع ٿي ٿيو. احمد کي
شڪار ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، هڪ ڏينهن احمد
شڪار ڪري رهيو هو ته هن جي نظر اوچتو هڪ هرڻ تي
پئجي وئي هن پنهنجو گهوڙو هرڻ جي پويان ڊوڙايو ۽
هن کي ڪا سڌ ئي نه رهي ته هي آفريڪا جي اونداهي
حصي ڏانهن وڃي رهيو آهي. انهيءَ وچ ۾ هرڻ احمد جي
نظرن کان گم ٿي ويو، احمد ڪاوڙ مان گهوڙي کي
بيهاريو. اوچتو احمد کي ڪنهن خوف جو احساس ٿيو ۽
ڊپ اچي ورايس، ڇاڪاڻ ته ان حصي ۾ ڪافي اوندهه هئي.
هن واچ ۾ ٽائيم ڏٺو، ڏينهن جا 3 ٿيا هئا. هن گهوڙي
کي پٺتي ورايو، پر هن جيئن منهن پٺتي ڪيو ته هن جا
وار ڪانڊارجي ويا. ڇاڪاڻ ته چؤطرف ڪارا حبشي هن کي
گهيرو ڪيو بيٺا هئا ۽ انهن جي نظرن مان ائين پيو
معلوم ٿئي ڄڻ ته اجهو هن کي ختم ڪري ڇڏيندا. احمد
سوچيو ته مقابلو ڪندس ته خواهه مخواهه مارجي ويندس
ان ڪري پاڻ کي انهن جي حوالي ڪري ڇڏيائين. حبشين
هن جا هٿ پٺيان ٻڌا ۽ پنهنجي ڳوٺ ڏانهن وٺي هليا،
ٿوري دير کان پوءِ هي اچي ان ڳوٺ ۾ پهتا، ۽ اتي
حبشين جو سردار نيزو تاڻيو بيٺو هو، احمد کي ڏسندي
ئي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو لال ٿي ويو ۽ احمد کي پيرن کان
وٺي مٿي تائين ڏسڻ لڳو، احمد اڳ ۾ ايندڙ مقابلي
لاءِ ذهني طور تي تيار ٿي ويو هو، ان کي چيائين
”سردار سائين ڇا ڏسي رهيا آهيون؟“
احمد جيئن ته انهن جي ٻولي به ڄاڻندو هو، انڪري سردار کان سوال
به انهن جي ٻولي ۾ ڪيائين. ڇاڪاڻ ته هيءَ سمجهي
ويو هو ته انهن اڄ تائين ٻيو ڪوبه ڌاريو انسان نه
ڏٺو آهي.
احمد کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسي، سردار عجب ۾ پئجي ويو
۽ احمد کي چوڻ لڳو ”تون ڪير آهين، تنهنجو جسم ته
اسان جي جسم جهڙو آهي. ۽ اسان جي زبان به ڳالهائين
ٿو. پر هي ڪهڙي شي باقي آهي جنهن ۾ تنهنجو رنگ، نڪ
۽ اڏاوت اسان کان ڦريل آهي؟“
احمد چيو ”سردار! آئون به اوهان جهڙو انسان آهيان، ۽ انسان جي
حيثيت سان آئون اوهان جو ڀاءُ آهيان،“ سردار رڙ
ڪندي چيو ”نه نه! تون اسان جو ڀاءُ نه ٿو ٿي
سگهين. ڇاڪاڻ ته تنهنجي رت جو رنگ، اسان جي رت
وانگر ڳاڙهو نه آهي. ڇا تنهنجو رت به اسان جي رت
جهڙو آهي؟“
احمد چيو ”ها سردار! منهنجي رت جو رنگ به اوهان جي رت جهڙو
آهي!“.
ائين چئي، احمد کيسي مان شڪاري چاڪو ڪڍي پنهنجي آڱر کي وڍ ڏنو،
۽ ڳاڙهو ڳاڙهو رت ڌرتي تي ڪرڻ لڳو، حبشين جي سردار
زوردار نعرو هڻي احمد کي ڀاڪر پاتو ۽ چيو ته ”رت
جو رنگ هڪڙو آهي.“ ۽ پوءِ انهن کي حڪم ڏنائين ته
هن سان مهمانن وارو سلوڪ ڪيو وڃي. احمد کي طرحين
طرحين جا طعام کارايائون احمد ڍؤ ڪري کاڌو ۽ پوءِ
احمد کي هڪ سٺو بسترو وڇائي ڏنائون جتي آرام سان
سمهي پيو.
صبح جو اٿي احمد سردار کان موڪلايو، سردار رسم موجب ڪجهه پنڌ
تائين احمد کي ڇڏڻ آيو ۽ موڪلائيندي چيائينس ته
”ادا جڏهن به پنهنجي دنيا مان ڪڪ ٿئين ته اسان وٽ
هليو اچجائين“ احمد انهن سڀني جا ٿورا مڃيا ۽
موڪلائي هليو آيو.
گهڻي وقت کان پوءِ احمد پنهنجي اباڻي ملڪ آيو، ۽ پنهنجي دوستن
سان ملڻ جو تصور آڻي خوش ٿيڻ لڳو. پر هن ڏٺو ته
ماڻهن ۾ هڪ ٻئي لاءِ نفرت هئي، ڪير ڪنهن سان نه
پيو ڳالهائي، هن جي اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا. اوچتو هن
کي هڪ دوست مليو. ائين ٻيا دوست به اچي هن سان
مليا. هن دوستن سان شڪايت ڪئي ته هي ڇا آهي؟ ان ۾
هڪ چيو ته ”ادا هيءُ اسان جي فرقي مان نه آهي.
وغيره جهڙيون ڳالهيون اڄڪلهه ماڻهن جي ذهن ۾ آهن“
احمد چيو ته ”اسان جو فرقن ۾ ڇا وڃي. اسين انسان
نه آهيون“ انهيءَ دوست وراڻي ڏنس ته انسان آهيون
ته ڇا ٿيو، فرقو جدا آهي زبان جدا آهي رنگ ڍنگ به
جدا آهي احمد کي اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک پهتو ۽ سوچڻ لڳو
ته هو جهنگلي هئا جاهل هئا پر رت جو رنگ ڏسي مون
کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ويٺا هئا، پر هي شهري آهن
مهذب آهن جيڪي هڪ ٻئي کان نفرت ڪري رهيا آهن.
احمد سوچيو ته وري وڃي انهن جهنگلين سان رهجي جيڪي گهٽ ۾ گهٽ رت
جي هڪ رنگ هئڻ ڪري ڀاءُ ته سمجهن ٿا.
جان محمد ڳاهو، ڦهلڏيون
نيڪي جو بدلو
هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ هڪ هاري رهندو هو، جيڪو تمام گهڻو غريب هوندو هو.
ٻنيءَ جو ڪجهه ٽڪر هوس، جنهن کي آباد ڪندو هو ۽
اتان پنهنجو گذران ڪندو هو.
هن کي هڪ ننڍو پٽ به هوندو هو، جنهن کي اڪثر ڪري پاڻ سان گڏ
ٻنيءَ تي وٺي ويندو هو. سندن ٻنيءَ ۾ هڪ وڏو نم جو
وڻ هوندو هو، جتي ننڍڙو ڇوڪرو آرام ڪندو هو، ۽
سندس پيءُ ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندو هو. ان نم جي وڻ ۾ هڪ
جهرڪيءَ آکيرو ٺاهيو هو، ۽ پوءِ ان ۾ آنا لاهڻ لڳي
هئي، ان کان پوءِ انهن آنن مان ٻچا ڦٽي نڪتا هئا،
۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ٻچا وڏا ٿيا ۽ آکيري مان ٻاهر
نڪري چُون چُون ڪندا هئا. ننڍو ٻار ٻچن جي چُون-
چُون ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو هو، ۽ شام تائين پيو
انهن ٻچن سان دل کي وندرائيندو هو، ۽ ماني جا
ننڍڙا ٽڪر ڪري آکيري ۾ اڇلائيندو هو. جيئن ته ان
نم جي وڻ ۾ هڪ ڪانءَ به اچي آکيرو ٺاهيو. ڪانءُ
جڏهن ڏٺو ته جهرڪيءَ جي آکيري ۾ ٻچا آهن، تڏهن هي
اچي ان جي آکيري تي ويٺو. ننڍڙي ٻار پٿر هڻي ڪانءُ
کي اٿاري ڇڏيو. سوچيائين ته ڪانءُ جي اتي رهيو ته
جهرڪيءَ جا ته ٻچا کائي ڇڏيندو انڪري هن ڪانءُ جو
آکيرو به ڊاهي ڇڏيو. ڪانءُ پنهنجو آکيرو ڊٺل ڏسي
اُڏامي وڃي ٻئي هنڌ تي پنهنجو آکيرو ٺاهيو. ۽
آهسته آهسته اهي ٻچا وڏا ٿي اُڏامڻ لڳا.
هڪ ڏينهن ڇوڪرو گهري ننڊ ۾ ستل هو ته هڪ نانگ ان ڇوڪري ڏانهن
وڌڻ لڳو، جهرڪي ٻين جهرڪين سان گڏجي چين، چين ڪرڻ
لڳي ۽ نانگ جي مٿان ڦيرا ڏيڻ لڳيون، هاري زمين
کيڙي رهيو هو. ان ڏٺو ته جهرڪين جي چين، چين آهي
(ڇاڪاڻ ته اڪثر ڪري نانگ، بلا ڏسڻ ڪري جهرڪي يا
ٻيا پکي گڏ ٿيندا آهن) سوچيائين ته ڏسان ڇا آهي.
اچي ڏسي ته نانگ ڪجهه قدم پري هن جي پٽ ڏانهن اچي
رهيو آهي، هاريءَ نانگ کي ماريو.
سندس پٽ ننڊ مان سجاڳ ٿيو. پيءُ ٻڌايس ته پٽ اڄ تنهنجي زندگي
خدا بچائي آهي جي جهرڪيون گڏ نه ٿين ها ته توکي
نانگ کائي وجهي ها. هن نم جي وڻ ڏانهن ڏٺو، جتي
جهرڪي ٻچن سان ويٺي هئي، هن کي ائين لڳو ڄڻ ته
چوندي هجيس ته تو منهنجن ٻچن کي ڪانءَ کان بچايو
هو ۽ مون توکي نانگ کان. يعني نيڪي جو بدلو نيڪي.
هن وڃي ماني کنئي ان جي ڀور ڀور ڪري جهرڪيءَ کي
ڏنائين جا ٻچن سان گڏ کائڻ لڳي.
راجڪمار، وارهه
محنت جو ڦل
هڪ شهر ۾ هڪ غريب اخباري هاڪر رهندو هو، ان جو گذران ئي هو
اخبارون کپائڻ. ان کي هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي هئا. سندس
پٽ جو نالو انور هو. جيئن ته هيءُ هڪ ڏينهن جيئن
ئي اخبارون کپائي رهيو هو ته هڪ ڪار اچي هن کي
لڳي. هيءُ روڊ تي ڪري پيو ۽ مري ويو. انور ان وقت
پنجن سالن جو هو ۽ سندس ڀيڻ هڪ سال جي. انور جي
ماءُ همت نه هاري پورهيو ڪري ٻچن کي پالڻ لڳي،
انور جڏهن به اسڪول ويندو هو. تڏهن ڇوڪرا
چيڙائيندا هئس ته ماءُ ٿي پورهيو ڪري ۽ پٽ ٿو
پڙهي، وقت رڙهندو رهيو. انور اچي 10 سالن جو ٿيو
هاڻ هن کي ڇوڪرن جا مهڻا اندر ۾ وڍ وجهڻ لڳا.
انڪري پڙهڻ کان بس ڪري هي به اخبارون کپائڻ لڳو،
ماڻس گهڻو چيس ته پٽ تون پڙهه، پر انور اهو چيس ته
امان، جن مائرن جا پٽ جوان هجن ۽ اهي نه ڪمائين ته
انهن پٽن کي حيف آهي. سندس ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ تري
آيا. انور روزانو اخبارون کپائيندو هو. ۽ شام جو
ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن اخبار جي دفترن ۾ اخبارن جا بنڊل
ٺاهيندو هو اتان به ڪجهه نه ڪجهه ملندو هوس ۽ هنن
جو وقت سٺو گذري رهيو هو. هن جي ڀيڻ پڙهندي هئي،
ڀيڻ کي هن ڪڏهن به غربت جو احساس نه ڏياريو هو،
ڀيڻ کي چوندو هو ته ادي تون محنت ڪري پڙهه ۽ ڪابه
ضرورت هجيئي پئسي ڏوڪڙ جي ته مون کي ٻڌائيندي ڪر.
انور پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ محنتي ۽ ايماندار سڏيو ويندو هو. انور هڪ
ڪارخاني تي اخبار ڏيڻ ويندو هو، اتي هڪ پيرسن
هوندو هو. ان کي پٽ جو اولاد ڪونه هوندو هو، صرف
هڪ نياڻي هوس، اهو انور جي اخلاق ۽ ايمانداري کان
گهڻو متاثر هوندو هو. هڪ ڏينهن انور کي ويهاري
چيائين پٽ تون واقعي محنتي ۽ ايماندار ڇوڪرو آهين،
ان ڪري مان چاهيان ٿو ته تون منهنجي ملڪيت جو وارث
ٿيءُ ۽ مون کي هڪ نياڻي آهي ان جي به توکي پارت
آهي. انور ماءُ سان اچي ڳالهه ڪئي، پوءِ انور جي
شادي ڪئي وئي انور ڪارخاني جو مالڪ ٿي ويو ۽ خانگي
طرح پڙهڻ لڳو، اڄ انور سيٺ سڏجي ٿو ۽ سندس ڀيڻ
ڊاڪٽرياڻي آهي. پيارا ٻارو، ڏسو انور ڪيتري نه
محنت ڪري پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ جو پيٽ ڀرڻ لڳو پر
قدرت ان جي محنت ساب ڪئي ۽ اڄ هو سٺي زندگي گهاري
رهيو آهي. توهان به هن مان سبق حاصل ڪري محنت ڪيو
جنهن جو ڦل توهان کي قدرت ضرور ڏيندي.
-سيد اقبال حسين شاهه نواب شاهه.
ماءُ پيءُ جو چيو مڃڻ گهرجي
اسلم تمام سٺو ۽ سلڇڻو ڇوڪرو هو، هو وڏن جو ادب ڪندو ۽ ننڍڙن
سان پيار ڪندو هو، هڪ ڏينهن هن جا ماءُ ۽ پيءُ ٻئي
ڳوٺ ۾ شادي تي ويا. اسلم کي چيائون ته تون گهر ۾
هججائين ۽ ڪيڏانهن ٻاهر نه وڃجائين، اسلم ماءُ-
پيءُ کي يقين ڏياريو ته هو گهر ۾ هوندو. اسلم جا
ماءُ پيءُ شادي تي هليا ويا. اسلم گهر ۾ اڪيلو بور
ٿي رهيو هو، ان ڪري پڃري مان طوطي کي ڪڍي اُن سان
دل وندرائڻ لڳو، اوچتو طوطو ڀڙڪو ڏئي اڏامي ويو. ۽
وڃي وڻ تي ويٺو. اسلم وڻ تي چڙهي طوطي کي لاهڻ لڳو
ته طوطو اتان به اڏاميو. ۽ وڃي گهاٽن وڻن تي ويٺو.
اسلم طوطي جي پويان ڊوڙڻ لڳو، طوطو هڪ وڻ تان ٻئي
وڻ تي اڏامندو ويو ۽ ڪافي پري نڪري چڪو هو، اسلم
طوطي جي پويان ڊوڙندو رهيو، ڊوڙندي ڊوڙندي اچي شام
ٿي هئي، جهنگل ۾ هن کي ڊڄ ٿيڻ لڳو. طوطو ته وڃي وڻ
تي آرامي ٿيو. پر انور جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا
سوچيائين ته هت مون کي نانگ ۽ بلائون کائينديون.
پاڻ کي ندامت ڪرڻ لڳو ته ماءُ ۽ پي جو چيو مڃان ها
ته ڪهڙو نه سٺو ٿئي ها.
اوچتو آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڍڪجي ويو. ۽ طوفان آيو جنهن سان گڏ
تيز برسات به وسڪارو ڪري وسڻ لڳي. اسلم جو هانءُ
ڦاٽي رهيو هو. روئي خدا کي ٻاڏايائين ته ”اي
منهنجا پالڻهار، هاڻي برسات بند ڪر“ قدرت هن جي
دعا قبول ڪئي، برسات بيهي ويئي. ۽ اسلم گهر ڏانهن
راهي ٿيو.
اسلم جا ماءُ- پيءَ موٽي آيا هئا، ان ڪري انهن سمجهيو ته اسلم
ڪيڏانهن نڪري ويو آهي، پاڙي ۾ پڇا ڪرڻ تي معلوم
ٿيو ته رات به گهر ۾ ڪونه هو. اسلم جي پيءُ زال کي
چيو ته طوطي جي سنڀال ڪر ته جيئرو آهي يا بک ۾
پورو ٿي ويو آهي اسلم جي ماءُ جيئن پڃرو ڏٺو ته ان
۾ ڪا شئي ڪانه هئي، ايتري ۾ اسلم به اچي گهر پهتو.
هو ڊنل پئي لڳو. ماڻس ڀاڪر پائي چيس ته پٽ توسان
ته خير آهي؟ جو ڪپڙا به پسيل اٿئي ۽ ڊنل ڊنل پيو
ٿو لڳين. اسلم سڄي ڳالهه ماءُ کي ڪري ٻڌائي ۽ اڳتي
لاءِ اهڙي غلطي نه ڪرڻ جو واعدو ڪيائين، پيارا
ٻارو توهان به جي وڏن جو چيو مڃيندو ته اسلم
وانگيان پريشان نه ٿيندو، ان ڪري توهان کي گهرجي
ته وڏن جو چيو مڃي پاڻ کي هر حالت ۾ سوڀارو ڪريو.
عبدالغفور راڄپر، نئين باڊهه.
شاعري
روشن تارا
ملڪ مٺي جا روشن تارا
ننڍڙا ٻالڪ پيارا پيارا
شوق پڙهڻ جو رک تون دل سان
ڪڏهن ڪين نٽائج اسڪول کان
پرائي علم تون انسان ٿي پيارا
ملڪ مٺي جا روشن تارا.
سچ تي پنهنجو سندرو ٻڌ تون
ڪوڙ ڪپت کان پاسو ڪر تون
گار گلا کان ڪر تون ڪنارا
ملڪ مٺي جا روشن تارا
قول پنهنجي تي، پختو ٿي تون
هر ظالم کان ڏاڍو ٿي تون
ڊاهي ظلم جا ڪوٽ سڀ ڪارا
ملڪ مٺي جا روشن تارا
اشوڪ ڪمار ”آزاد“ ٽنڊوباگو
سوير اٿجي
وطن جي چمن جا نونهال
ٻڌو مون کان پنهنجي ڀلائي جو حال
ڪريو ڪين هرگز اُٿڻ ۾ اوير
اُٿو ننڊ مان صبح ساجهر سوير
سويري اُٿڻ ۾ اقبال آهه
سويري اٿڻ وارو خوشحال آهه
سويري اُٿڻ ۾ ڪيو ڪين دير
اُٿو ننڊ مان صبح ساجهر سوير
لڳي صبح جو هير ٿي هانو ٺار
اچي ٿو انهيءَ ۾ خوشي جو خمار
ڪري ٿي انهيءَ وقت سرهاڻ سير
اُٿو ننڊ مان صبح ساجهر سوير.
الطاف احمد سومرو، داد لغاري.
ڪتاب
اهو صفا پڌرو آهي ته اسين انسان صرف هن حقيقت جي ڪري آهيون جو
اسين پنهنجا خيال ظاهر ڪري سگهون ٿا نه ته ٻي حالت
۾ اسين جهنگلي جانورن وانگر گونگا ۽ ٻوڙا آهيون.
جيڪڏهن ڪا قوم ڪو پڙهڻ جهڙو ڪتاب تخليق نٿي ڪري
سگهي ته پوءِ اسين اهڙي قوم کي گونگي ۽ ٻوڙي قوم
سڏڻ ۾ حق بجانب آهيون ڇو ته اها قوم جهنگلي جانورن
جي برابر آهيون. (علامه آءِ. آءِ. قاضي)
چونڊيندڙ: محمد حافظ هنڱورو، ڳوٺ پير ڏنو هنڱورو.
اوهان جو امتحان
ماهه سيپٽمبر ۾ ڏنل سوال جو جواب آهي 10 ميل. جن ٻارن جا جواب
صحيح آيا آهن انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
”ڏيپلو“: قاضي صلاح الدين فاروق، پرديپ ڪمار سريش ڪمار، ميجر
غلام محمد ميمڻ، انور الدين کتري، منظور قادر
ميمڻ، نعيم احمد مجاهد.
”سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو“: اعجاز علي پنهور، طارق عالم، ستيه
پال ۽ سعيد احمد بلوچ. ”ميرپور ماٿيلو“: مير احمد
جلباڻي، طارق عارف ميمڻ، ”ڪوٽ ڏيجي فارم“: حفيظ
الله کوسو، ”جهڏو“: شاهنواز هوت بلوچ ۽ لياقت علي
آرائين. ”شهداد ڪوٽ“: شيخ شاهنواز علي، گل شير
کوسو، مظهر علي شيخ ۽ علي اعجاز مغيري. ”چوهڙ
جمالي“: نور علي ميمڻ. ”ٽنڊو آدم“: فتح محمد شاهه
۽ محمد عيسيٰ چنا. ”هالا“: نفيس طفيل شيخ، سيما
ابڙو، پروين فيروز ميمڻ ۽ زينت فيروز ميمڻ.
”ميرپورخاص: رفيق احمد ميمڻ، شرف نواز ميمڻ ۽ غلام
رسول پنهور. ”ڳوٺ شير محمد سولنگي“: غلام اصغر
شينو. ”ڳوٺ داد لغاري“: عبدالغفور لغاري، الطاف
احمد سومرو، عبدالجبار احمداڻي، عاشق حسين سومرو،
محمد اسحاق سومرو، خان احمداڻي. ”شڪارپور“: داج
پال خوبچند، پرشوتم داس، عظمت الله سنجراڻي، سعيد
احمد اُڄڻ ۽ سهتو مستجاب نفيس. ”نوابشاهه“: امان
الله پنهور ۽ ذوالفقار علي چنڙ. ”ڳوٺ حاجي ڪمال
خان لغاري“: عبدالرزاق بلوچ ۽ جهانگير بلوچ. ”رتو
ديرو“: لڇمڻ داس الهداد بروهي هريش ڪمار، لياقت
علي گهانگرو، لڇمڻ داس کٽواڻي. سيد شاهه حسين شاهه
۽ ڪرشن ڪمار جڳواڻي. ”نوان جتوئي“: عاجز عبدالقيوم
جتوئي. ”شادي پلي“: علي اڪبر عظيم پنهور. ”اسلام
ڪوٽ“: ويرجي اڻداڻي ۽ ميمڻ غلام الله
ڏيپلائي.”ٽنڊوباگو“: شنڪر لال، ڪرشن ڪمار، ڪويتا
ڪماري ۽ سريش ڪمار. ”خيرپور ميرس“: مقبول احمد
سومرو ۽ نور احمد سومرو. ”لاڙڪاڻو: سروج ڪماري،
منير احمد آرزو، امر لال، مهيش ڪمار، نثار احمد
شيخ. مرتضيٰ ڪمال ڀٽو امبرت راءِ هرجاڻي ۽ زاهد
احمد شيخ. ”حيات پتافي“: نثار احمد ميراڻي، نرنجن
لال ميکاجا، چيتن داس ۽ رميش لال. ”مٺي“: سريش
ڪمار راٺي، ۽ ايل. ڊي بچاڻي. ”بنگل ديرو“: الطاف
حسين ابڙو، ۽ منير احمد ڀٽو. ”ڳوٺ قادر پور: شنڪر
لال ۽ نور محمد گهوٽو. ”کهڙا“: غلام اڪبر ميمڻ ۽
محمد عمر ميمڻ، ”جروار“: اشوڪ ڪمار جيسواڻي، رميش
ڪمار جيسواڻي مڪيش ڪمار جيسواڻي، اشوڪ پنجابي،
نانڪ رام، اجيت لال ڍوليا، منوهر ڍوليا، رميش
پنجابي، ايل داس پي ۽ سريش جيسواڻي. ”ڳوٺ علي محمد
پنهور“: نثار احمد پنهور، اياز حسين پنهور، امجد
حسين پنهور، اقبال حسين پنهور، جاويد هاشم پنهور،
محمد ناصر پنهور، عبدالوحيد پنهور ۽ جميل احمد
پنهور، ”ٿاڻو بولا خان“: گدو مل آڏواڻي. گوپال داس
آڏواڻي، ويرو مل ڪوهستاني. پيتو مل ڪوهستاني، ٻائو
واسديو داس، منظور علي خاصخيلي، مولچند، عبدالڪريم
ميمڻ ۽ ويرسي مل. ”ڏهرڪي“: ڊي ڪي ايم ڊي نٿاڻي ۽
رميش لال هڻاندي. ”ٺٽو“: عبداللطيف عباسي. ”راڌڻ“:
مسافر ممتاز علي ساهڙ. نصيرآباد: علي شير خان.
”ڳوٺ مجيد ڪيريو“: وفا گل محمد ڪيريو ۽ الاهي بخش
ڪيريو. ”شهدادپور“: ٽيڪچند مٺواڻي، ”ڪنري“: راج
ڪمار. ”کاهي شهر“ هوت چند کتري. ”ڪشمور“: اعجاز
علي سومرو. ”ڦلهڏيون“: منگهارام کتري ”ڳوٺ
عبدالرزاق پتافي“: رياض احمد پتافي ۽ ممتاز احمد
پتافي. ”حيدرآباد“: سيد شوڪت حسين شاهه. ”سوڀو
ديرو“: رياض احمد پٺاڻ.، ”عمرڪوٽ“: غلام مصطفيٰ
کوسو، رميش ڪمار. ”ڳوٺ ڪرڙ کوسو“: فدا حسين لغاري،
۽ غضنفر علي لغاري. ”پراڻي باڊهه“: غلام سرور
گوپانگ. ”نئين باڊهه“: دودو خان پٺاڻ ۽ حبدار علي
کوکر. ”پيٽارو“: رياض احمد مٺواڻي. محمد صالح
مٺواڻي، رياض احمد ڏهر ۽ جمال الدين مهر. ”لواري
شريف“: سهراب باگاڻي. ”اسٽيشن لنڊو“: مير غوث بخش
ٽالپر. ”سيوهڻ“: اڪريل مول ۽ لڌا رام. ”روهڙي“:
پرويز احمد. ”ڳوٺ علي گوهر آباد“: رياض حيدر
سامٽيو. ”بدين“: عبدالغفور سومرو، ۽ ظفر عباس
خواجه. ”نئون سعيد آباد“: محمد يوسف گل ميمڻ.
”شاهه ڪريم بلڙي“: زاهد علي رند. ”انڙپور“: محمد
رمضان. ”ميرپوربٺورو“: عنايت الله کتري، خواجه
غلام حسين جعفري ۽ محمد اسحاق کتري،
”نوشهروفيروز“: رياض ساگرامر رضوي ۽ لياقت رضوي.
”ڳوٺ باقرشاهه“: سيد غلام مهدي شاهه. ”گجو“: زمان
علي جوکيو، عبدالحليم جوکيو. ”ڳوٺ ڦل“: مبارڪ علي
شاهه ۽ انعام علي شاهه. ”ڀرڳڙي“: بيوس عبداللطيف
ابڙو محمد هاشم لاشاري ۽ خادم حسين ڌاريجو. ”پنج
مورو“: منير احمد ڪاڪا، ۽ عنايت الله ڪاڪا. ”ڳوٺ
اڳڙا“: ديدار احمد ٽالپر. ”ڳوٺ ڦل وڏا“: اظهر حسين
ڦل. ”ڳوٺ پيرل نگر“: محمد سوڍو تڳر. ”نندو شهر“:
محبوب علي خواجه. ”ننگرپارڪر“: ڪنول لال گل. ”ڳوٺ
جمال“: سيد ذوالفقار علي شاهه جيلاني. ”ڳوٺ محبت
ديرو“: سيد دربان حسين شاهه بخاري. ”ٺل“: آفتاب
احمد نوناري.
امتحان نمبر-29
هڪ ملازم کي جيڪو پگهار جنوريءَ ۾ مليو ان کان 20 سيڪڙو وڌيڪ
پگهار فيبروريءَ ۾ مليو. مارچ جو پگهار وري 20
سيڪڙو کيس گهٽائي ڏنو ويو. جيڪڏهن هن مارچ ۾ پگهار
کنيو 960 رپيا ٻڌايو ته جنوري ۾ کيس ڪيترو پگهار
مليو هو؟
صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا ويندا. جواب
موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 29 نومبر
آهي ان تاريخ کان پوءِ پهچندڙ جواب رد ڪيا ويندا.
جواب سان گڏ هن رسالي ۾ ڌار ڏنل ڪوپن نمبر 29 ڀري موڪلڻ ضروري
آهي. هڪ ڪوپن رڳو هڪ ڄڻو ڪم آڻي سگهي ٿو. هڪ ئي
لفافي ۾ ڪيترا به ڪوپن گڏ موڪلي سگهجن ٿا. پنهنجا
نالا مختصر ۽ بامطلب لکو.
ٻارن جي اخبار
پاڪستان کي ڦاڙهي جو تحفو
ڀارت طرفان، پاڪستان کي ڦاڙهن جي هڪ جوڙيءَ جي آڇ ڪئي ويئي آهن،
جيئن انهن کي بهاولپور لڳ سهارنا نيشنل پارڪ ۾
ڇڏيو وڃي. چيو وڃي ٿو ته اٽڪل هڪ سؤ سال اڳي، ان
علائقي ۾ ڦاڙها ملندا هئا، پر پوءِ ٻين جهنگلي
جانورن جيان هو به اها جوءِ ڇڏي ويا.
ٽيهه لک ماکيءَ جون مکيون
ملڪ فرانس جي ڳوٺ ايوريو ۾ ماکي پئدا ڪندڙ مانارن ۾ اٽڪل ٽيهه
لک ماکيءَ جون مکيون مري ويون- چيو وڃي ٿو ته هي
نقصان اناج جي پوک تي جيت مار دوائون ڇٽڪارڻ جي
ڪري ٿيو. جڏهن ته ڦوٽهاڙي جي موسم ۾ ماکيءَ جي
مکين جي سار سنڀال لاءِ جيت مار دوائن ڇٽڪارڻ کان
منع ٿيل آهي. مکين جي مري وڃڻ ڪري ماکيءَ جي
ڪاروبار کي وڏو ڌڪ لڳو آهي.
خواب
اها ڪيڏي نه عجب جهڙي ڳالهه آهي جو اسان ڪجهه منٽن جي خوابن ۾
وڏا وڏا مفاصلا طئي ڪندا آهيون، وڏا وڏا سفر ڪندا
آهيون ۽ هزارين ماڻهن سان ملاقات ڪندا آهيون. لينن
گراڊ جي هڪ دوائن ٺاهڻ واري اداري ۾ خواب ڏسڻ واري
وقت جي ماپ جي متعلق دلچسپ تجربا ڪيا ويا.
ستل ماڻهن جي منهن تي ٽارچ سان روشني وڌي وئي، هنن جي ڪنن وٽ ٽڪ
ٽڪ ڪندڙ واچ رکي وئي ۽ انهن جي هٿن تي ڪا گرم شئي
رکي وئي ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن هو جاڳيا ته هنن
کان سائنسدانن پڇيو ته هنن خواب ۾ ڇا ڏٺو.
سائنسدانن جو اهو خيال صحيح نڪتو ته اسين جسماني طور تي جيڪي
ڪجهه محسوس ڪندا آهيون ان جو ڪونه ڪو تعلق خواب
سان هوندو آهي پر فرق اهو نڪتو ته ڪجه خوابن جي
ڏسڻ جو وقت ۽ ماپ اهائي هئي جا عام دنيا ۾ هجي پر
ڪجهه خوابن ۾ واقعن جي رفتار پنجاهه کان سؤ ڀيرا
وڌيڪ تيز هئي. اليڪٽرو انسيفالو گرام نالي اوزار
جي مدد سان اها ڳالهه چٽيءَ طرح سمجهه ۾ اچي وئي.
اصل ۾ جڏهن اسان ابتا سبتا خواب ڏسندا آهيون ته
اسان جي ذهن جا مختلف حصا هڪٻئي کان الڳ رهي ڪم
ڪندا آهن- ستل ماڻهو ڄڻ ڪنهن ”پولي اسڪرين“ تي ڪا
فلم ڏسندو هجي. جاڳائڻ کان پوءِ هو جڏهن انهن
مختلف ۽ عجيب تصويرن کي ملائي هڪ صورت ڏسندو آهي
ته پوءِ اها هڪ عجيب قسم جو خواب بنجي ويندي آهي.
ڪاش اسان جاڳندي به مختلف مسئلن تي سوچي سگهون ائي وقت جي چڱي
بچت ٿي سگهي ٿي.
سج ۽ لابارو
سج مان نڪرندڙ روشنيءَ جا ڪرڻا ٻوٽن کي نه رڳو متاثر ڪن ٿا، پر
انهن جي نسل تي به اثرانداز ٿين ٿا. جيڪڏهن زمين
تي هڪ هٿرادو سج ٺاهي روشنيءَ جا ڪرڻا وڌا وڃن ته
ٻوٽن جي نيپاج ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
يوڪرائن جي اڪيڊمي آف سائنس ۾ مختلف مادن جي تجربن جي اداري هڪ
اوزار ٺاهيو آهي، جنهن ۾ گهڻي طاقت جا بلب لڳل
آهن. ان اوزار جي مدد سان ٻجن جي نيپاج جي عمل جو
مطالعو ڪيو ويندو آهي. تجربن مان معلوم ٿيو ته
ڪڻڪ جي جن داڻن تي اهو عمل ڪيو ويو انهن جي ٻوٽن
جي ڪاني ننڍي پر مضبوط هوندي آهي ۽ هر سنگ ۾ ڪڻڪ
جا وڌيڪ داڻا ٿين ٿا.
عجيب ۽ دلچسپ
تيليون ۽ تارو
ڪي به پنج ڪاٺ جون تيليون کڻو. انهن کي وچ مان ڀڃي
V
جي شڪل ٺاهيو. هاڻي هڪ سڪل ٿالهي کڻي ان ۾ انهن
تيلين کي اهڙي نموني رکو جو انهن جا ڀڳل ڇيڙا هڪ
مرڪز ڏانهن هجن ۽ انهن تيلين جي وچ ۾ هڪ جيترو
مفاصلو هجي، انهن کي هڪ انچ جي گولائيءَ واري گول
جي نموني سان ٺاهي رکو- هاڻي هڪ ٻي تيلي کڻو، ان
کي پاڻيءَ مان پسائي، ڪرندڙ ڦڙن کي تيلين جي ڀڳل
حصن تي ڪيرايو، توهان ڏسندا ته اهي ان پاڻيءَ جي
اثر ڪري آهستي آهستي ڦري هڪ تاري جي شڪل اختيار
ڪنديون اوهين به تجربو ڪري ڏسو.
اڪبر جسڪاڻي
روح رهاڻ
* اصغر علي پنهور، قاسم پنهور
س: يونان جي گادي جو هنڌ ڪهڙو آهي”
ج: اٿينس
* شميم اختر مٺياڻي
س: حضور جن جي والد صاحب جو نالو ڇا هو؟
ج: حضرت عبدالله.
* هري مل ڪوهستاني، ٿاڻو بولا خان
س: اها ڪهڙي شئي آهي جنهن جو قدر ٿئي ٿو.
ج: پگهر جي ڪمائي
* مٺو شاهه شڪر الاهي
س: حضرت علي کي گهڻا پٽ هئا.
ج: ٽي، 1- حضرت حسن، 2- حسين، 3- امام حنيفا.
* نور احمد شيخ، باڊهه
س: سعودي عرب جي آدمشماري ڪيتري آهي.
ج: 7500000 لک.
* عبداللطيف عباسي، ٺٽو
س: بابر ڪڏهن وفات ڪئي؟
ج: 26 ڊسمبر 1530ع ۾.
* ايم رمضان سرڪي، ڳڙهي حسن
س: پاڪستان جو وڏو بندر ڪهڙي شهر ۾ آهي.
ج: ڪراچي ۾
* سيف الله سيف، ڳڙهي ياسين
س: مخدوم بلاول جي مزار ڪٿي آهي.
ج: دادو ضلع ۾.
* انيس الحق قاضي، نصرپور
س: پاڪستان ۾ ٽي، وي اسٽيشنون گهڻيون آهن.
ج: ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، ڪوئيٽا ۽ پشاور.
* ڪنيا لعل، ڪشمور
س: پياري ۾ پياري شئي ڪهڙي آهي.
ج: ڌرتي
* عبدالمجيد سومرو، دڙو
س: سنڌ جو قديم تاريخي شهر ڪهڙو آهي.
ج: موهن جو دڙو.
* عبدالحليم ٿيٻو، ٽنڊوالهيار
س: محمد علي ڪلي ڪل گهڻا مقابلا ڪيا آهن ۽ انهن مان گهڻا هارايا
اٿئين.
ج: 52 مقابلا ڪيا اٿس جنهن مان هڪ مقابلو هارايو اٿس، اهو
مقابلو جو فريزر سان ٿيو هوس.
* محمد خان ڄوسڻ، رتوديرو
س: انسان کي زندگي ۽ موت کان ڪهڙي شئي پياري لڳندي آهي.
ج: ساهه.
* امتياز احمد عطار، نواب شاهه
س: قاعداعظم ڪڏهن ڄائو؟
ج: 25 ڊسمبر 1876ع تي.
* راجڪمار ڏاواڻي، ڪنڌڪوٽ
س: پاڪستان جو قومي نشان ڪهڙو آهي؟
ج: شاهين
* شوڪت علي مهر، ڳوٺ ميوو جان مهر.
س: اهو ڪهڙو نبي آهي. جنهن کي آڙاهه ۾ اڇلايو ويو.
ج: حضرت ابراهيم عليہ السلام.
* محمد ايوب سولنگي، ڳوٺ غلام حيدر سولنگي
س: دنيا ۾ سڀ کان وڏو اسلامي ملڪ ڪهڙو آهي؟
ج: انڊونيشيا
* عبداللطيف عباسي- دڙو
س: پاڪستان جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي ڪهڙي آهي.
ج: پنجاب يونيورسٽي- لاهور ۾.
* بشير احمد پنهور، دادو
س: دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر ڪير آهي؟
ج: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح.
* سيد ذوالفقار علي شاهه راشدي ٽنڊوالهيار
س: ماريطانيه جو اصل مذهب ڪهڙو آهي؟
ج: اسلام.
* ظهير الدين ڪاڪيپوٽه
س: هندستان جو رپيو پاڪستان جي گهڻن رپين برابر آهي؟
ج: هڪجيترا آهن.
کل ته سهي
هڪ ماڻهوءَ جي گهر کي باهه لڳي پر هو چپ ڪيو ويٺو رهيو- ٻي
ماڻهوءَ کانئس پڇيو ”ادا توهان جي گهر کي باهه لڳي
وئي، پر توهان ماٺ ڪيو ويٺا آهيو. گهر جي مالڪ
وراڻيو، ”آءٌ ماٺ ڪري ڪونه ويٺو آهيان، پر آئون
الله کان برسات جي دعا پيو گهران.“
محمد رفيق، جيمس آباد
****
ماءُ پٽ کي ”جيڪڏهن تون هٿ ڌوئيندين ته مان توکي هڪ بسڪوٽ
ڏيندس، جيڪڏهن تون پير به ڌوئيندين ته توکي ٻه
بسڪوٽ ڏيندس.“
پٽ: (ماءُ کي) امان مان تڙ ٿو ڪيان مون کي سڄو بسڪوٽن جو پاڪيٽ
ڏي.
اشوڪ ”آزاد“، شڪارپور
****
مالڪ: (نوڪر کي) اڙي فتو تون جيڪو صبح منهنجي ڏاڙهي لاهڻ لاءِ
پاڻي ڏئي ويو هئين، اهو ڏاڍو گرم هو.
نوڪر: پر سائين مان ته اوهان کي چانهه جو پيالو ڏئي ويو هوس.
زاهد زينت، لاڙڪاڻو
****
مالڪ: (نوڪر کي) ”تون دل سان ڪم ڇو نٿو ڪرين؟“
نوڪر: ”توهان ئي ته قبلا چيو هو ته هٿن سان ڪم ڪرڻ کپي.“
عبداللطيف عباسي، ٺٽو
****
ماءُ: (پٽ کي) ابا تون ميز کي، مس سان ڇو ٿو خراب ڪرين؟
پٽ: امان، سائين چيو هو ته سڀاڻي ميز تي مضمون لکي اچجو، سو آءٌ
حڪم جي پيروي پيو ڪيان ته جيئن ميز تي لکيل مضمون
سائين جي اڳيان حاضر ڪيان.
پير بخش دايو، ٽنڊو محمد خان
****
هڪ همراهه ٻئي کي ”اڙي ڏسين نه ٿو. جو لٺ اچي پٺيءَ ۾ هنئي
اٿئي. انڌو آهين ڇا؟“
ٻيو همراهه: ”يار انڌو ته تون آهين جو انڌن کي به نٿو سڃاڻين.“
سلطان احمد کوکر، لاڙڪاڻو.
****
هڪ همراهه هڪ مزدور کي چيو ته هيءَ شيشن جي ڳوڻ منهنجي گهر کڻي
هل مان ان جي مزدوري جي عيوض توکي ٽي نصيحتون
ٻڌائيندس. اها ڳالهه مزدور قبول ڪئي ۽ شيشن جي ڳوڻ
کڻي ٻئي گڏجي هليا.
جڏهن ڪجهه پنڌ ڪيائون تڏهن مزدور کي چيائين ته هڪ نصيحت هيءَ
اٿئي ”جيڪڏهن توکي ڪير چئي ته سواريءَ کان پيادل
سفر ڪرڻ سٺو آهي ته ان جي ڳالهه تي اعتبار نه
ڪجائين“ جڏهن ٿورو پنڌ اڳتي ڪيائون ته همراهه وري
چيو ”ٻي نصيحت هيءَ اٿئي ته جيڪڏهن ڪير توکي چئي
ته ڍؤ ڪري کائڻ کان بک چڱي آهي ته ان جي ڳالهه تي
اعتبار نه ڪجائين“ جڏهن گهر جي دروازي وٽ پهتا ته
همراهه چيس ”ٽين نصيحت هيءَ اٿئي ته جيڪڏهن توکان
ڪو وڌيڪ ٻيو هن دنيا ۾ بيوقوف آهي ته ان جي ڳالهه
تي اعتبار نه ڪجائين“ اهو ٻڌي مزدور کي لڳي ڪاوڙ
سو شيشن جي ڳوڻ کي پٽ تي اڇلائي همراهه کي چيائين
”جيڪڏهن ڪير توکي چئي ته هن ڳوٺ ۾ سڄو شيشو آهي ته
پوءِ ان جي ڳالهه تي به ويساهه نه
ڪجائين.“ راجڪمار،
ميهڙ
****
گراهڪ: دڪاندار کي ”ڇا هي ڪپڙو اوني آهي“ دڪاندار: ”ها سائين،
خالص اوني آهي“ گراهڪ: ”مگر ليبل تي سوٽي لکيل
آهي“ دڪاندار: ”سائين هي ليبل ته ڪوئن کي دوکي ڏيڻ
لاءِ لڳائي وئي آهي.“
انور الدين کتري، ڏيپلو.
****
ڊاڪٽر: (مريض کي) ”تون ميوو زياده کائيندو ڪر ۽ ان سان گڏ کلون
به ڇو ته کلن ۾ وٽامن زياده هوندي آهي پر پهرين
ٻڌاءِ ته تنهنجو پسنديده ميوو ڪهڙو آهي؟
مريض وراڻيو ”سائين ناريل“.
سليم رضا ڀٽي، دڙو.
****
استاد: شاگرد کي ”سرڪٽ هائوس ڇا آهي“ شاگرد: سائين جتي ماڻهن جي
سر ڪٽڻ جي جاءِ هجي.
اشوڪ ڪمار آزاد، ٽنڊوباگو |