محبوب علي
ٻگهيو ميهڙ
پوڙهي عورت
بوتل
۾
هڪڙي
ڀيري جو
ذڪر آهي، هڪ
پوڙهي عورت
هئي،
اها بوتل
۾
رهندي هئي،
هڪڏينهن اها
رڙيون ڪري
رهي
هئي، اوچتو
اتي
هڪ پري
آئي
۽
هن کي
چيو
ڇا ڳالهه
آهي
تون رڙيون
ڇو
ڪري رهي
آهين.
مان
بوتل ۾ نه
ٿي
رهڻ چاهيان،
مان
هڪ ننڍي
گهر
۾
رهڻ چاهيان
ٿي.
پوڙهي عورت
چيو.
تنهن ڪري
پري
چيو اٿي
بيهه
پنهنجيون اکيون
کول،
هاڻ هو
هڪ
ننڍي گهر
۾
هئي.
هي اتي
ڪجهه
ڏينهن خوش
رهي،
پر ڪجهه
ڏينهن کان
پوءِ
هو وري
ريون
ڪري رهي
هئي،
تنهن ڪري
پري
آئي
چيو
ڇا مسئلو
آهي
تون ٻيهر
رڙيون ڇو
ڪري
رهي آهين؟
پوڙهي عورت
چيو:
.امن
هڪ
ننڍي گهر
۾
رهڻ
نه ٿي
چاهيان مان
هڪ
وڏي گهر
۾
رهڻ
چاهيان ٿي.
تنهن
ڪري پري
چيو.
ٺيڪ آهي،
اٿي
بيهه، پنهنجون
اکيون بند
ڪر
ته ٽي
دفعا
چوڌاري ڦر
۽
پنهنجون اکيون
کول،
پوڙهي عورت
اٿي
بيٺي، ٽي
ڀيرا
چوڌاري ڦري،
پنهنجون اکيون
بند
ڪيون ۽ پنهنجون
اکيون کوليون.
هاڻي
هڪ وڏي
گهر
۾
هئي. هي
اتي
به ڪجهه
ڏينهن خوش
رهي،
پر ڪجهه
ڏينهن کان
پوءِ
هوءَ ٻيهر
رڙيون ڪري
رهي
هئي. تنهن
ڪري
پري آئي
۽
هن
کي چيو:
ڇا
مسئلو آهي،
تون
وري هاڻي
ڇو
رڙيون ڪري
رهي
آهين.!
پوڙهي عورت
چيو:
مان وڏي
گهر
۾
رهڻ نٿي
چاهيان مان
هڪ
قلعي ۾ رهڻ
چاهيان ٿي.
تنهن
ڪري پري
چيو:
ٺيڪ آ،
اٿي
بيهه، پنهنجون
اکيون بند
ڪر،
ٽي ڀيرا
چوڌاري ڦر
۽
پنهنجون اکيون
کول.
پوڙهي عورت
وري
به ائين
ڪيو،
هاڻي هوءَ
قلعي
۾
هئي. هي
اتي
ڪجهه ڏينهن
خوش
رهي، ڪجهه
ڏينهن کان
پوءِ
اها ٻيهر
رڙيون ڪري
رهي
ئي، پري
آئي
۽
هن کي
چيو:
هاڻي ڇا
مسئلو آهي؟
تون
وري رڙيون
ڇو
ڪري رهي
آهين. پوڙهي
عورت
چيو مان
قلعي
۾
رهڻ نٿي
چاهيان مان
هڪ
وڏي محل
رهڻ
چاهيان ٿي.
پري
چيو ٺيڪ
اٿي
ٻيهر پنهنجون
اکين
بند ڪر،
ٽي
دفعا چوڌاري
ڦر،
۽
پنهنجون اکيون
کول.
پوڙهي عورت
پري
جي چوڻ
تي
عمل ڪيو،
هاڻ
هو ننڍي
گهر
۾
به ڪونه
هئي،
وڏي گهر
۾
به
ڪونه هئي،
قلعي
۾
به ڪونه
هئي،محل ۾ به
ڪونه
هئي، پر
اها
ساڳي بوتل
۾
هئي.
ٻارو، هن
ڪهاڻي مان
اهو
سبق ملي
ٿو
ته گهڻي
لالچ
نه ڪجي،
پر
شڪر ڪرڻ
گهرجي ۽ اجايا
خواب
نه ڏسڻ
گهرجن.
سنڌيڪار: غلام
مرتضى سولنگي
ڌرتيءَ جو
هٿيو
اوائلي ڏينهن
جي
ڳالهه آهي
ته
ڪنهن جابلو
علائقي ۾ چاليهه
طاقتور ديوَ
رهندا هئا،
اهي
ايترا ته
طاقتور هئا،
جو
هٿن سان
وڏن
وڏن جبلن
کي
اُٿلائيندا پٿلائيندا
رهندا هئا.
هڪ
ڏينهن انهن
سوچيو، اچو
ته
سڀئي گڏجي
هن
ڌرتيءَ کي
اونڌو ڪريون،
ائين
ڪرڻ سان
سڀئي
ماڻهو مري
ويندا ۽ پوءِ
اسان
ڳچ عرصو
انهن
کي مزي
سان
کائيندا رهنداسين.
پر
ائين ڪيئن
ٿيندو....! اسان
کي
پهرين ڌرتيءَ
جو
هَٿيو ڳولڻ
گهرجي، جيئن
ان
کي جهَلي
ڌرتيءَ کي
اونڌو ڪري
سگهون. هڪ
ديو
چيو.
ها
واقعي تون
سچ
ٿو چوين....
هڪ
ديو ساڻس
سهمت
ٿيندي چيو.
ايتري ۾ وڏي
جبل
جي پاسي
کان
هڪ اڇي
ڏاڙهي وارو
بزرگ
ظاهر ٿيو.
هڪ
ديو کانئس
پڇيو، بزرگ!
توکي
خبر آهي
ته
ڌرتيءَ جو
هَٿيو ڪٿي
آهي؟
ها!
مون کي
خبر
آهي، پر
هڪ
شرط سان
ٻڌائيندس. بزرگ
جواب
ڏنو.
ڪهڙو
شرط....!؟
هڪ ديو
کانئس پڇيو.
بزرگ
ٽي ننڍڙا
وَٽ
پنهنجي کيسي
مان
ڪڍيا ۽ چيائين،
هنن
مان ڪنهن
به
هڪ وَٽ
کي
کڻي ڏيکاريو
ته
پوءِ ٻڌايانوَ....
اهو
ايترو ته
ننڍو
اهي جو
ان
کي آڱر
جي
اشاري سان
اڏاري سگهون
ٿا.
هڪ ديو
کلندي چيو.
پوءِ
هوَ وَٽَ
کڻڻ
لاءِبزرگ وٽ
ايو،
پر اهو
وَٽ
ڌرتيءَ کان
به
ڳرو هيو،
تنهن
ڪري ان
کي
چورڻ ديو
جي
وَس جي
ڳالهه نه
هئي.
پوءِ
سڀني ديون
گڏجي
ان وَٽَ
کي
کڻن چاهيو،
پر
ان کي
هڪ
انچ به
چوري
نه سگهيا
۽
چُپ
ڪري بزرگ
اڳيان بيهي
رهيا.
بزرگ
کين چيو،
توهان سڀئي
قطار
۾
ٿي بيهي
رهو.
ديو قطار
۾
ٿي
بيٺا، پوءِ
بزرگ
ڪجهه پڙهي
مٿن
ڦوڪيو ته
اهي
سڀئي ديوَ
وڏا
وڏا جبل
بنجي
ويا.
اصل
۾
بزرگ نه
ٿي
چاهيو ته
ڪو
انهن ديون
هٿان
هيءُ ڌرتي
تباهه ٿئي،
تنهن
ڪري کين
هميشه لاءِ
پنڊ
پهڻ ڪري
ڇڏيائين.
اسَما هارون
سچ جي طاقت!
هڪ
ننڍي ڳوٺ
۾
ڄاول
ڏهن ٻارهن
سالن
جي نيڪ
خصلت
يتيم ٻار
پنهنجي ماءُ
کي
ليلائي التجائون
ڪري
رهيو هو
ته
علم پرائڻ
واسطي هوُ
ڳوٺ
کان پري،
ڏورانهين علائقي
داراُلعلوم وڃڻ
گهري
ٿو. پوڙهي
ماءُ
پنهنجي نورِ
نظر
جي جدائيءَ
جو
صدمو سَهڻ
کان
معذور نظر
آئي
پئي! مگر
ٻار
جي معصوماڻي
ضد
کيس حوصلو
بخشيو ۽ هوءَ
هن
نيڪ مقصد
ڪاڻ
اجازت ڏيڻ
تي
رضامند ٿي
وئي.
”پٽ!
چڱو،
ڀلي وڃ
بيشڪ
علم پرائي
۽
علم
کي پنهنجيءَ
علمي
روشني ۽ تجلائن
سان
خوب منور
ڪر!
الله ڪارڻ،
تنهنجي فراق
۽
وڇوڙي جو
گؤورو پٿر
خوشيءَ ساڻ
پنهنجي ننڍي
ڇاتي
تي رکي
صبر
ڪنديس، مگر
پيارا پٽڙا
توکي
منهنجي رڳي
هڪ
ئي نصيحت
يا
هدايت آهي
ته
ڇا به
ٿي
پوي تون
سچ
جو پلئه
موُر
نه ڇڏج،
توڙي
موت کي
به
سامهون ڏسين
هر
حال ۾ توکي
سچ
ئي چوڻو
آهي!“ عزم
جو
پُتلو، فرمان
بردار، بهادر
ٻار
پختي ارادي
کي
ورجائيندي پنهنجي
دل
گير ماءُ
کي
چيو: ”اي شفيق
مهربان امڙ!“
انشاءَ الله
ائين
ئي ٿيندو!“
انهن
ڏينهن ۾ جيئن
ته
ريل گاڏي
جهاز
ڪونه هئا،
ماڻهو گهڻو
ڪري
قافلي جي
صورت
۾
سفر ڪندا
هئا،
ڪيترن مهينن
جي
جاکوڙ ۽ پنڌ
کان
پوءِ قافلا
پنهنجي ٺڪاڻن
تي
وڃي رسندا
هئا،
ٻار جي
ماءُ
پنهنجيءَ جان
کي
پياري پٽ
کي
موڪلائيندي مهل
سفري
ضرورتن آهر
خرچ
واسطي اڄوڪي
زماني جي
لحاظ
کان لکين
رپين
جي رقم
برابر ڪي
سونا
سڪا حفاظت
ساڻ
سندس جبي
جي
اندرين کيسي
۾
رکي
اُن کي
چڱيءَ طرح
سبي
ڇڏيو. علم
جيو
پروانو اهو
نؤنهال تَرت
ئي
هڪ قافلي
۾
شامل
ٿي پنهنجي
منزل
مقصود ڏانهن
راهي
ٿيو!
قافلي
اڃا
مشڪل سان
پنج
ڇهه منزلون
ئي
طئي ڪيون
هيون
ته رات
جي
پوئين پهر
ڌاڙيلن جي
ٽولي
ڇاپو هڻي
ڦرلٽ
جي بازار
گم
ڪري وڌي،
بي
رحم ڌاڙيلن
قافلي وارن
سان
ڏاڍي جُٺ
ڪئي!
جوان، پوڙها،
عورتون، ٻار،
ڪنهن
سان به
ذري
رعايت نه
ڪيائون! هنن
اعلان ڪيو
ته
جنهن مسافر
وٽ
جيڪو ڪجهه
هجي
هوُ ڀڻڪڻ
بنان
جهٽ پٽ
اسان
جي حوالي
ڪري
ڏئي، جنهن
به
مال لڪائڻ
جي
ڪوشش ڪئي
ته
کيس اُڦٽ
ماري
ڇڏبو! سڄو
قافلي جو
قافلو هيٺ
مٿي
ڪري ڇڏيائون!
ويچارا قافلي
وارا
هيسايل، پريشان،
ماٺڙي ڪري
لٽبا، ۽ ڦُربا
۽
پٽجندا رهيا!
”اي
ڇوڪر! تو
وٽ
به ڪجهه
آهي
ڇا؟“
هڪ
ڌاڙيل ڦرلٽ
ڪندو
علم جي
متوالي ٻار
کان
ڪڙڪي سان
پڇيو!
”ها!
سونا سڪا
آهن!“ ڌاڙيل
جواب
ٻڌي لحظي
کن
لاءِ بيٺو
رهيو، پوءِ
ڄاڻي
الائجي ڇا
سمجهي اڳتي
وڌي
ويو!
اڙي
او ڇوڪرا!
تو
وٽ ڇا
آهي؟“
مون
وٽ ڪي
سونا
سڪا آهن،
کپن
ته کڻي
وٺ!
تُند ۽ تيز
لهجي
۾
پڇندڙ ڌاڙيل
مشعل
جي روشنيءَ
۾
ڇوڪر
کي چتائي
نهاريو، معصوم
ڇوڪر
جي مهانڊي
تي
حد درجي
جو
سڪون ۽ اطمينان
بکي گهڙي ويو!
سردار!
قافلي ۾ هڪ ڇوڪري کان پڇيم ته جواب ڏنائين ته مون
وٽ سونا سڪا آهن. هڪ ڌاڙيل ڦريل مال جي ورڇ ڪندڙ
سردار آڏو پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي.!
ها
سَردار اهو
بلڪل
سچ آهي،
مون
کي به
هن
بنان ڪنهن
ڊپ
ڊاءُ جي
ساڳيو اهوئي
جواب
ڏنو هو!
ٻئي
چيو!
ڌاڙيلن جو
سردار لُٽيل
مال
جون ڍڳيون
ٺاهيندي ٺاهيندي
يڪدم
رُڪجي ويو،
هن
ڇوڪر کي
فوراً حاضر
ڪرڻ
جو حڪم
ڏنو،
وري ئي
ويرم
۾
اهو ڇوڪرو
سردار اڳيان
بيٺو
هو:
”ها
ڪِڪا! تووٽ
به
ڪجهه مال
متاع
آهي ڇا؟“
”ها
سونا
سڪا آهن!“
بنان
ڪنهن هٻڪ
يا
ڀؤ جي،
جواب
آيو!
”سونا
سڪا؟
تو وٽ؟؟
ڀلا
ڪٿي آهن؟“
اجهو
هي آهن!
چوندي فرشتہ
سيرت
ٻار سبيل
جبو
اڳيان ڪري
ڏنو!
اکڇنڀ ۾، تيز،
خنجر
جي هلڪڙيءَ
جنبش
سان ڇن،
ڇناڇن ڪندا،
سونا
سڪا پَٽ
تي
وڇايل چادر
تي
ڪري سڀني
اکين
۾
چلڪو هڻي
رهيا هئا!
”ڇوڪرا!“
بار
رعب سردار
جي
گجگوڙ جهڙي
آواز۾ ذري
لرزش
جو واضع
احساس سڀني
کي
ٿيو!
”اهو
ڪنهن
سببان ي
ڌڙڪ
سچ ٻولي
پنهنجي سڄي
پوجيءَ جو
ٻڌايوئي.“
”موڪلاڻيءَ
وقت
منهنجي پياري
امڙ
چيو هو
ته
مرندي مري
وڃجانءِ پر
سچ
ٻولڻ کان
ڊڄجانءِ نه!“
ٻار
هڪيو تڪيو
جواب
ڏنو!
سردار سڏڪڻ
لڳو،
۽
پنهنجو مٿو
پٽيندي اوڇنگارون
ڏئي
روڻ لڳو!
هن
جا وائڙا
ٿيل
سمورا سنگتي
ساٿي
سردار جي
حالت
سي هڪ
ٻئي
جا ٻُوٿ
تڪڻ
لڳا!
”هن
ٻار
پنهنجي ماءُ
جي
حڪم جي
تعميل ڪئي...“
سردار جو
اندر
وارو سردار
جيڪو
هينئر سجاڳ
ٿي
چڪو هو،
ٻولي
رهيو هو، ”مگر
اسين
وري اهڙا
اهيون جي
پنهنجي خلقڻهار،
خالق
و مالڪ
جا
احڪام يڪسر
ڀُلائي ويٺا
آهيون!“
ڪا
گهڻي ويرم
نه
ٿي هئي
جو
سڄو ڦريل
مال
قافلي وارن
کي
موٽايو ويو
۽
هنن
سان ڪيل
ويڌن
۽
مار ڪُٽ،
سردار سميت
سڀئي
ڌاڙيل، هنجون
هاريندي. معافيون
گهُري رهيا
هئا!
اهو
سچار، بي
خوف
ڇوڪرو وڏو
ٿي
شيخ عبدالقادر
جيلاني (رحمة الله عليه) جي نالي سان ساري جڳ ۾
مشهور معروف ٿيو!!.
ازِ پرديسي/ سنڌيڪار: واشديو- سنڌو.
هڪ
اڪيلي شخص
لنڊن
کي بچايو!
سن
1943ع
جي ڳالهه
آهي،
ٻي عالمگير
جنگ
جو پنجون
سال
هلي رهيو
هو،
آڪٽوبر جو
مهينو هو
جهنگل جي
ايراضي وڏي
هئي.
اهڙي
وقت اٽڪل
45
ورهين جو
هڪ
قدم جو
بندرو، پر
مضبوط شخص
سرحد
پار ڪرڻ
جي
ڪوشش ڪري
رهيو
هو، اُهو
شخص
فرانس جو
رهاڪو هو.
سندس
نالو هو،
مائيڪل هولارڊ.
بي
طرفدار مُلڪ
سئٽرزلينڊ ۾ داخل
ٿيڻ
ئي انجو
مقصد
هو.
مائيڪل جي
ڪلهي
تي هڪ
ڳوٿري هئي،
جنهن
۾
ڪجهه پٽاٽا
پيل
هئا. هٿن
۾
هڪ
ڪُهاڙي هئي.
ٻاهران هوُ
هڪ
رواجي ڪاٺير
ٿي
لڳو. گهاٽي
جهنگل ۾ وڻَن
–
ٻوُٽن جي
وچ
مان هو
ڪافي
تيزيءَ ان
لنگهي رهيو
هو،
ان ڦڙتي
۽
چالاڪيءَ سان
ڄڻ
هو انسان
نه
بلڪ جهنگلي
چيتو
هجي، باک
ڦٽيءَ، روشني
وڻن
مان ڇڻجي
اچي
رهي هئي،
پر
مائيڪل جوڌيان
ان
طرف نه
هو،
ان کي
ته
اها چنتا
هئي
ته ذرو
به
آواز نه
ٿئي
۽
ان وق
آواز
جو مطلب
هو
موت، ڇو
ته
ان جهنگل
۾
پهاڙين جي
پُٺيان وڏا
ڪَنَ
هر هڪ
آواز
کي ٻڌندا
هئا.
اُهي ڪَنَ
هئا،
جرمن پهريدارن
ا
۽
جرمن پوليس
جي
چالاڪ ڪُتن
جا.
هونئن، انهن
پهريدارن ۽ زبردست
خطرناڪ ڪُتن
جي
اکين ۾ ڌوڙ
وجهڻ
مائيڪل لاءِ
ڪا
وڏي ڳالهه
نه
هئي. اڄ
تائين هو
49
دفعا
سرحد پار
ڪري
سئٽرزلينڊ ۾ وڃي
چڪو
هو. دراصل
مائيڪل هڪ
ڪامرشيل ڊزائينر
هو،
جيڪو پوءِ
مُلڪ
خاطر هڪ
جاسوس بڻجي
ويو
ه. هن
ڏاڍيون خدمتون
ڪيون
هيون، سرحد
پار
ڪري هن
ڪيتريون ئي
مُخفي خبرون
هٿ
ڪري آنديون
هيون، جن
کي
هوُ انگلينڊ
موڪليندو هو.
مائيڪل ۽ انهن
ي
ساٿين فرانس
۾
ٺهيل
ناري جرمني
جي
ڪيترن ئي
هوائي اَڏن
جا
راز حاصل
ڪيا
هئا، ڪهڙن
سامونڊي ڪنارن
تي
توبون لڳل
آهن،
بولون ۾ زير
آبين
جا لِڪل
اڏا
ڪٿي آهن
۽
ڪهڙيون فوجي
بٽالين ڪڏهن
۽
ڪٿان
روانيون ٿيڻ
واريون آهن،
انهن
سڀني ڳالهين
جو
پتو مائيڪل
ئي
لڳايو هو.
پر
هن وقت
مائيڪل جيڪو
تمام
اهميت ڀريو
۽
مخفي
راز کڻي
وڃي
رهيو هو،
ان
جي ڀيٽ
۾
پويان سڀئي
راز
ڦڪا پئجي
ٿي
ويا، هن
وقت
هن جي
ڳوٿريءَ جي
پٽاٽن ۾ هڪ
ننڍڙو پر
تمام
اهميت ڀيو
ڪاغذ
پيل هو،
اِهوئي اُهو
ڳُجهارت ڀريو
ڪاغذ
هو،جنهن لنڊن
شهر
کي خطرناڪ
نابوديءَ جي
شڪار
کان بچائي
ورتو. ايترو
ئي
نه بلڪ
ان
سبب ڪري
لڙائي به
جلد
ختم ٿي
ويئي.
مائيڪل جي
ڳوٿريءَ ۾ ناا
شاهه
هٽِلر جي
نئين
اُڏامندڙ بَم
وي-
وَن جو
نقشو
هو، ان
نقشي
من سولائيءَ
سان
پتو پئجي
سگهيو ٿي
ته
ڪهڙيءَ جڳهه
تان
هٽلر پنهنجي
ان
نابُدي آڻيندڙ
بم
کي استعمال
ڪندو.
هينئر هِٽلر
جي
رٿا هئي
ته
لنڊن شهر
تي
پنجاهه هزار
وي
–
وَن
هر مهيني
ڪِرن. ان
بم
-
ورکا
جي سڄي
تياري بلڪل
ھجهي
رکي ويئي
هئي.
وري هِٽلر
جهڙو
اول درجي
جي
شڪي ماڻهو!
شڪ
پئدا ٿيڻ
کان
اڳ گولي
هڻي
ڇڏي! ڀلا
اهڙيءَ جڳهه
۽
اهڙي
بندوبست هوندي
به
ان ڳجهارت
ڀري
رٿا کي
غائب
ڪرڻ ڪيترو نه
مشڪل
آهي! نازي
جرمنيءَ اها
به
چالاڪيءَ ڏيکاري
ته
انهن مخفي
اڏن
تي جيڪي
مزدور ڪم
ڪندا
هئا، اُهي
مُلڪ- صوبي
جي
ٻولي نه
ڄاڻندا هئا
۽
هونئن هوُ
گونگن- ٻوڙن
جيا
ئي هئا،
پولينڊ ۽ هالنڊ
جي
بي روزگار
مزدورن کان
به
ڪم ورتو
ويندو هو،
انهن
جي محنت
سان
اٽڪل هڪ سئو
جڳهين تي
مخفي
اڏا ٺهي
رهيا
هئا.
انهن
هڪ سئو
جهڳين جي
قيمتي رازن
جو
پتو لڳائي
جاسوُس مائيڪل
هولارڊ آهستي
آهستي دشمن
جي
سرحد
کان
نڪري، بي
طرفداري مُلڪ
جي
سرحد ۾ داخل
ٿيڻ
وارو هو.
يادرهي ته
دوست- مُلڪن
جي
لکن جاسوسن
۾
مائيڪل ئي
هڪ
اهڙو هو، جنهن
ان
نابوُدي آڻيندڙ
رِٿا
جو راز
حاصل
ڪيو هو.
سرحد
سامهون هئي،
مائيڪل ڊوڙڻ
لڳو. سامهون ڪَنڊن
واريون تارون
لڳل
هيون، جن
فرانس ۽ سوئٽرزلينڊ
کي
الڳ ٿي
ڪيو،
جيئن هن
کي
محسوس ٿيو
ته
سندس گوڏو
ڪنهن
فولادي چنبي
۾
اوچتو ئي
جڪڙجي ويو
آهي،
مائيڪل پنهنجي
ڪُهاڙي ۽ ڳوٿري
تارن
جي ٻئي
طرف
اُڇلي ڇڏي،
هينئر اهو
چنبو
ڇا هو؟
اهو
ته خوفناڪ
جرمن
پوليس جي
ڪُتي
جو مُنهن
هو،
مائيڪل جي
گوڏي
کي پنهنجي
منهن
۾
دٻائي ڪتو
اُتي
ئي پختو
بيٺو
رهيو، مائيڪل
چُري
به نه
ٿي
سگهيو، پر
اهو
ضروري هو
ته
مائيڪل ڪُتي
جي
منهن مان
جِند
آزاد ڪرائي،
ڇو
ته هن
کي
خبر هئي
ته
ڪتي سان
گڏ
ڪم ڪرڻ
وارا
پهريدار هينئر
اچڻ
وارا ئي
هوندا.
مائيڪل وٽ
ڪو
هٿيار نه
هو،
هن جوويس
هڪ
رواجي ڳوٺاڻي
جو
هو، جيڪڏهن
هو
هٿيار رکي
ها
ته جلدئي
مٿس
شڪ ڪيو
وڃي
ها، مائيڪل
گهٻرائجي هيڏانهن
هوڏانهن نهاريو،
جيئن
ڪا اهڙيءَ
شيءَ
ملي وڃي،
جنهن
سان ڪُتي
جو
منهن کولي
سگهجي، مائيڪل
جي
نظر ڀر
۾
پيل
هڪ مضبوط
ڪاٺيءَ تي
پيئي. ڪافي
ڪوشش
بعد هن
اُن
ڪاٺي کي
ڪُتي
جي منهن
۾
وجهي
هڪ دم
نڙيءَ ۾ وجهي
ڇڏيو. ٻن
ئي
منٽن ۾ ڪتو
ڪري
پيو ۽ مري
ويو.
مائيڪل تارن
مان
نڪري آيو،
پر
سامهون ئي
هڪ
ڊگهي ۽ جانٺو
سِوڪِ گارڊ
بندوق تاڻي
بيٺو
هو. ان
جو
نشانو مائيڪل
نه
هو، پر
هن
جو پيڇ
ڪندڙ
ٻه جمن
سولجَرَ هئا،
جيڪي
مائيڪل کي
گولي
هڻڻ وارا
هئا،
گارڊ کي
ڏسي
جرمن سولجرن
پنهنجون بندوقون
هيٺ
ڪري ڇڏين،
۽
بڙ-
بڙ ڪندي
ماٺ-
ميٺ ۾ هليا
ويا.
مائيڪل جي
ان
حادثي کا
اڃا
ڪجهه ڏينهن
مس
ٿيا هوندا
ته
دوست- مُلڪن
جي
بم باز
هوائي جهازن
وي-
وَن جي
جرمني اڏن
کي
نابود ڪرڻ
شروع
ڪري ڇڏيو،
صرف
پنجن هفتن
۾
ئي
اٽڪل
73
مخفي
اَڏا
برباد ڪيا
ويا،
جيتوڻيڪ جرمنن
نوان
اڏا ٺاهيا،
پر
لنڊن شهر
کي
نابود ڪرڻ
واري
انهن جي
رِٿا
ختم ٿي
ويئي. هو
ان
مان ئي
ثابت
ٿئي ٿو
ته
هٽلر پنجاهه
هزار
بمن جي
جڳهه
تي صرف
ٻه
هزار بم
ئي
ڪيرائي سگهيو
۽
اهي
به سنه
1943ع
۾
نه،
پر سنه
1944ع
جي
وچ ڌاري،
جيڪڏهن
1943ع
۾ بم
ڪيرايا وڃن
ها
ته انگلينڊ
جو
ڪافي نقصان
ٿئي
ها، پر
هينئر ته
ڪافي
دير پئجي
چُڪي
هئي.
ان
ڪهاڻيءَ جو
اچرج
ڀريو ڀاڱو
ته
اهو آهي
ته
مائيڪل هولارڊ
جيڪو
ڪجهه ڪيو،
پنهنجي مرضيءَ
سان
ڪيو، پنهنجي
مرضيءَ مطابق
ئي
هن جاسوسيءَ
جو
ڪم ڪيو
هو.
هو ڪنهن
نوڪري ۾ نه
هو.
هن جي
خدمتن هن
کي
دنيا جووڏو
جاسوس بڻائين
ڇڏيو. جڏهن
به
هن وٽ
دوست- مُلڪن
کي
ڏيڻ لاءِ
ڪا
خبر هوندي
هئي
ته هو
سئٽزرلينڊ ۾ داخل
ٿيندو هو
نه
هن وٽ
ڪو
ريڊيو هو،
نه
پئراشوٽ
(هوائي
ڇٽي
۽
نه ٻيو
ڪو
ذريعو.
مائيڪل هولارڊ
بلڪل
سادو شخص
هو،
هو لائقيءَ
کان
گهٽ پگهار
کڻندو هو
۽
کوج
ڪندڙ اداري
۾
ڪندو
هو. فرانس
جڏهن
هارايو ۽ جرمن
فوجون پئرس
۾
داخل
ٿيون، تڏهن
مائيڪل سوچيو،
اهو
سُٺو موقعو
آهي.
هن استعيفا
ڏيئي
ڇڏي ۽ ڪوئلن
جي
گئس جي
ڪارخاني ۾ ڪم
ڪرڻ
لڳو. اڳتي
هلي،
اها نئين
نوڪري ڏاڍي
فائديمند ثابت
ٿي،
ڇو ته
ان
سبب ڪري
وَر-
وَر سرحد
جي
ڀر واري
جهنگلي ايراضيءَ
۾
وڃڻ
جو بهانو
ملي
ويو، ڪوئلن
جي
لائق ڪاٺين
جي
ڳولا ۾ ويندو
هو.
هڪ
ڏينهن هن
چُپ
چاپ سئٽزرلينڊ
جي
سرحد پار
ڪئي ۽ برٽش
عملدارن کي
جاسوس جي
روپ
۾
پنهنجيون خدمتون
آڇيون، بعد
۾
جرمنن هن
کي
پڪڙي ورتو،
پر
هو ڪنهن
طرح
ڳالهيون ٺاهي
واپس
ڇُٽي آيو.
هينئر ته
هو
لڳاتار هِتان
کان
هُتان اچڻ
وڃڻ
لڳو، پر
ان
لاءِ هن
کي
وڏي قيمت
چُڪائڻي پيئي.
هن
کي پنهنجن
ٽِن
ٻَچن ۽ زال
کي
جُدا ڪرڻو
پيو.
هن کي
مختلف جڳهين
۾
لِڪي
رهڻو پيو،
پر
هن همت
نه
هاري ۽ ڪيترن
فرانس جي
رهواسين کي
پنهنجو مددگار
بڻايو. انهن
ماڻهن ۾ گهڻو
ڪري
ريلوي مزدور،
ڊرائيور، هوٽل
وارا
هئا. هن
جرمني فوجن
جي
هلچل جو
پتو
لڳايو ۽ برطانيا
کي
ان جو
اطلاع ڏنو.
شروع
۾
مائيڪل وٽ
صرف
پنج ماڻهو
هئا.
وڌندي وڌندي
اُهي
سئو ويهه
ٿي
ويا. انهن
مان
ويهن جاسوسن
کي
جرمن عملدارن
پڪڙي
ورتو ۽ کين
موت
جي سزا
ڏني.
مائيڪل جي
سڀ
کان اهميت
ڀري
ڪاميابيءَ جي
شروعات آگسٽ،
1943ع
۾
روئون جي
هڪ
هوٽل ۾ ٿي،
ان
ڏينهن کان
پوءِ
هو وي-
وَن
متعلق رٿا
جو
راز حاصل
ڪرڻ
۾
جُنبي ويو.
هن
جي هڪ
ساٿي
جاسوس خبر
ڏني
ته ٻه
ٺيڪيدار پاڻ
۾
ڳالهه ٻولهه
ڪري
رهيا آهن
ته
فلاڻي جڳهه
تي
عجيب طرح
جو
ڪم ٿيڻ
وارو
آهي، جنهن
۾
ڪافي
تعداد ۾ سيمينٽ-
ڪانڪريٽ جو
استعمال ٿيندو!
اها
خبر ملندي
ئي
مائيڪل پادريءَ
جو
ويس ڌاري
روئون ۾ پهتو،
ته
امپلائيمنٽ آفيس
۾،
هن
ٻڌايو ته
هوُ
مزدورن جي
ڀلائيءَ لاءِ
پنهنجي زندگي
ارپي
چڪو آهي.
هن
پنهنجي ڳوٿريءَ
مان
ڪيترائي بائيبل
ڪڍي
ڏيکاريا، هن
پڇيو
ته عمارتي
ڪم
ڪٿي هلي
رهيو
آهي، جيئن
هو
مذهب ۽ روحانيت
جي
واٽ ٻڌائي
سگهي. خبر
حاصل
ڪرڻ لاءِ
هو
اڳتي وڌيو.
هن
ڏٺو ته
سوين
ماڻهو ڪم
ڪري
رهيا آهن،
ڪانڪريٽ وِڌِي
پيئي
وڃي ۽ عمارتون
مٿي
وڌي رهيون
آهن.
ياد
رهي ته
هن
وقت مائيڪل
مزدور جي
روڦ
۾
هو، هينئر
هو
به انهن
سون
ماڻهن ۾ شامل
ٿي
ويو ۽ ڪافي
ڦڙتيءَ سان
سرون
کڻڻ لڳو،
کيس
ڪنهن به
نه
روڪيو.
هتي
هڪ نئون
مسئلو سامهون.
مزدور فرانسي
ٻولي
ڪونه ڄاڻندا
هئا.
اُنهن مان
هڪ
ٻه، جيڪي
ڀڳل-
ٽُٽل فرانسي
ڳالهائي سگهندا
هئا.
اُنهن ٻڌايو
ته
گئريج ٺهي
رهيا
آهن، پر
اهو
صحيح نه
هو،
ڇو ته
عمارتون ڪافي
ننڍيون هيون
۽
ڀلا
شهر کان
ايترو پري
گئريج ڪنهن
لاءِ؟ مائيڪل
لاءِ
سڀ کان
وڌيڪ
اچرج ۾ وجهندڙ
۽
ڌيان
ڇڪائيندڙ نظارو
ته
اهو هو،
لنبي، نيري
پٽيءَ واري
اٽڪل
پنجاهه وال
ڊگهي
ڪانڪريٽ جي
هڪ
پٽي، مائيڪل
ترت
پنهنجي کيسي
مان
ڪمپاس ڪڍيو،
ڪمپاس جي
سُئي
پٽيءَ جو
مُنهن لنڊن
ڏانهن ٻڌائي
رهي
هئي.
مائيڪل اُتان
چو
چاپ کِسڪي
ويو.
هن برطانيه
کي
رپورٽ موڪلي.
لنڊن
۾
دوست- مُلڪن
جا
ليڊر سخت
پريشان هئا
ته
نازي جرمن
ڇا
ڪري
رهيا
آهن، انهن
کي
اهو ته
اِشارو ملي
ويو
هو ته
جرمني بنا
پائلٽ جي
هلندڙ هوائي
جهاز
ٺاهيو رهيو
آهي،
پر اها
ڪهڙي
شيءِ هوندي،
اهو
اُنهن کي
معلوم نه
هو.
مائيڪل ۽ انجا
چار
ساٿي- جاسوس
نِت
نئين مخفي
خبر
حاصل ڪرڻ
لاءِ
سائيڪلن تي
نڪري
پيا، اُنهن
جي
کيسن ۾ نقشا
هئا.
هَو سڄو
اُتري فرانس
گهميا. آهستي
آهستي ماڻهن
سان
ڳالهيون ڪندي،
پتو
لڳائيندي ٽي
هفتا
گذري ويا.
ايترو ئي
پتو
پيو ته
60
جڳهين تي
عجيب
قسم جو
عمارتي ڪم
هلي
رهيو آهي.
ٻه-
چار هفتا
ٻيا
ڪوشش ڪرڻ
تي
اُنهن اهڙين
جڳهين جو
پتو
لڳائي ورتو.
اهي
سڀيئي جڳهيون
200
ميل
ڊگهي ۽
30
ميل
ويڪري رستي
تي
هيون. انهن
سڀني
جو مُنهن
لنڊن
ڏانهن هو،
پر
آخر اهي
ڪهڙيون شيون
هيون؟
ڪڏهن
ڪڏهن جاسوسيءَ
جي
فيلڊ ۾ به
قسمت
پنهنجو ڪرشمو
ڏيکاريندي آهي
۽
اها
قسمت جي
ئي
چال هئي
ته
ڪيترائي دفعا
مائيڪل هٽلر
جي
مخفي رازن
تائين پهچي
ويو،
آندري نالي
هڪ
فرانسيءَ جي
مدد
سان مائيڪل
کي
وي- وَن
جي
سڀ کان
وڏي
رِٿا جي
رازکي حاصل
ڪرڻ
۾
ڪاميابي ملي.
جنهن
جرمن عملدارن
جي
حفاظت ۾ ان
رٿا
جو نقشو
هو،
اُهو هر
وقت
هوشيار رهندو
هو
۽
پنهنجي اووَرڪوٽ
جي
کيسي ۾ نقشي
کي
حفاظت سان
رکندو هو.
ڪڏهن
ڀُلجي به
هو
اووَرڪوٽ نه
لاهيندو هو.
ايتريقدر جو
آفيس
۾
به ان
ڪوٽ
کي پائي
وهندو هو.
صرف
صبح جو
9
بجي،
جڏهن هو
غسل
ڪندو هو،
تڏهن
اووَرڪوٽ لاهي
رکندو هو.
ائين
ئي هڪ
ڏينهن مسٽر
آندري نقشو
پار
ڪري ورتو.
مائيڪل انجو
نقل
پاڻ وٽ
رکيو.
اُهوئي نقل
هو،
جيڪو پٽاٽن
جي
وچ ۾ رکيل
هو،
جيئن ته
ان
ڏينهن هوُ
سرحد
پار ڪري
رهيو
هو ۽ جرمن
پوليس جي
ڪُتي
هنجي ٽنگ
پڪڙي
هئي.
ان
ڪم جي
ختم
ٿيڻ تي
مائيڪل کي
برطانيه سرڪار
وٽان
مُبارڪن جي
تار
ملي، مائيڪل
ايترو ته
ٿڪجي
چڪو هو؛
جو
هينئر هن
ڪو
نئون ڪم
هٿ
۾
نٿي کڻڻ
چاهيو، هڪ
جڳهه
کان ٻيءَ
جڳهه
تي ڊڪ
ڊوڙ
ڪندي هن
کي
ورهيه ٿي
ويا
هئا، شڪ
۽
ڊپ
جي خاموش
نفسياتي حالت
۾
رهندي. هو
ٽُٽي
چڪو هو.
برطانيه سرڪار
هن
تي زور
آندو
ته هو
سئٽرزلينڊ ۾ ئي
رهي،
هو به
پنهنجي ڪم
جي
ڪشش ۽ لوڀ
کي
نه روڪي
سگهيو.
پر
فرانس ۾ سندس
معمولي غلطيءَ
سبب
مائيڪل کي
گرفتار ڪيو
ويو.
ان کان
پوءِ
جرمن نازين
هن
کي خطرناڪ
عذاب
ڏنا، پر
هو
هن مان
ڪنهن
به قسم
جي
ڪا خبر
حاصل
نه ڪري
سگهيا. ثبوت
نه
ملڻ تي
کيس
جيل ۾ وڌو
ويو.
لڙائي جڏهن
پوري
ٿيڻ تي
هئي
ته جرمن
عملدارن سڀني
قيدين کي
اڌ
ڀڳل ٻيڙين
۾
وهاري سمنڊ
۾
ڇڏي
ڏنو. جرمن
نازن
جو خيال
هو
ته دوست-
مُلڪن جا
بمبار هوائي
جهاز
انهن ٻيڙين
کي
نابود ڪري
ڇڏيندا. پر
قسمت
مائيڪل جو
ساٿ
ڏنو ۽ خرين
وقت
ريڊ ڪراس
جي
خدمتگارن ٻڏندڙ
ٻيڙين جي
قيدين کي
بچائي ورتو.
ٻه
ٽي مهينا
اسپتال ۾ رهڻ
تي
مائيڪل تندرست
ٿيو.
رايل ايئرفورس
جو
هڪ خاص
هوائي جهاز
هن
کي وٺڻ
لاءِ
موڪليو ويو.
لنڊن
۾
هن جي
آجيان جي
جشن
جون تياريون
ڪيون
ويون. ڊي
ايس
او جي
خطاب
سان هن
جي
عزت افزائي
ڪئي
ويئي. ڪنهن
به
پرڏيهي باشندي
کي
ملڻ وارو
برطانيه جو
هيءُ
سڀ کان
وڏو
خطاب هو!
ترجمو اسد
الله
منگي
دانائي
جنهن
زماني ۾ بئنڪ
نه
هئي، ان
زماني م
پئسا
حفاظت سان
رکڻ
يا رکرائڻ
سولو
ڪم نه
هو،
شهر ۾ سٺا
۽
خراب
هر قسم
جا
ماڻهو هئا
۽
ايماندار مانهن
جي
سڃاڻپ مشڪل
هئي،
ٺڳ ۽ چل
باز
ماڻهوءَ سڌن
سادن
ماڻهن کي
ڌڪو
ڏيئي انهن
جا
پئسا هڙپ
ڪري
ويندا هئا.
امين
۽
ديانتدار ماڻهوءَ
به
اجنبي ماڻهو
جا
پئس اپاڻ
وٽ
بطور امانت
رکڻ
۾
احتياط کان
ڪم
وٺندا هئا،
ڇو
ته ٿوري
ٿوري
غلطي فهمين
سان
به جهيڙا
فساد
ٿيندا هئا،
دوستي دشمنيءَ
۾
بدلجي ويندي
هئي
۽
ڀاءُ جا
ڀاءُ
سان تعلقات
خراب
ٿي ويندا
هئا.
پئسن تي
جهيڙا ته
اڄ
تائين به
اڻ
پڙهيل ماڻهن
۾
ڏٺا
وڃن ٿا.
گذريل وقت
جي
ڳالهه آهي
ته
هڪ تاجر
(واپاري) وٽ
گهڻي
تعداد ۾ دولت
جمع
ٿي وئي.
ان
جو ڪاروبار
وڌڻ
لڳو ته
ان
کي ٻئي
شهر
سفر جي
ضرورت پيش
آئي،
وڏو مسئلو
اهو
هو ته
هو
پنهنجي دولت
ڪنهن
وٽ حفاظت
سان
رکرائي. ايڏي
دولت
سفر ۾ پاڻ
سان
رکڻ سراسر
بي
وقوفي هئي.
طرح
طرح جا
حادثا پيش
اچي
ٿي سگهيا،
ڪنهن
ديانتدار سان
سڃاڻپ به
نه
هئس، ويچارو
ڏاڍي
مشڪل سان
هو
ته ڇا
ڪري؟
شهر
کان ٻاهر
هڪ
جهنگ هيو،
ان
طرف ماڻهن
جي
اچ وڃ
گهٽ
ئي هوندي،
۽
رات
جي وقت
ته
چور ڌاڙيل
به
ان طرف
وڃڻ
کان خوف
کائيندا هئا،
تاجر
جي ذهن
۾
خيال
آيو ته
ڇونه
ڪنهن وڻ
جي
پاڙ جي
ڀرسان کڏ
کوٽي
۽
دولت رکي
ڇڏيان. ڪا
اهڙي
جاءِ ڳولهي
وڃي
جنهن ۾ دولت
به
محفوظ رهي
۽
ٻيهر
ڳولڻ ۾ به
سولائي ٿئي.
اهو
خيال ايندئي
هڪ
ڏينهن هن
مناسب وقت
ڏسي
جهنگ جو
رخ
ڪيو، گهڻي
تلاش
کان پوءِ
هن
کي هڪ
وڻ
نظر آيو
جنهن
کي ٻيهر
سڃاڻن آسان
هيو
۽
اها جاءِ
به
چڱي محفوظ
هئي،
وڻ جي
پاڙ
۾
دولت ان
کڏ
۾
دفن ڪئي
۽
کڏ
کي اهڙي
طرح
پوريو جيئن
تازي
کوٽائي محسوس
نه
ٿئي. مٽيءَ
تي
هن گاهه
وغيره اهڙي
طرح
رکي ڇڏيا،
جيئن
اتي آسپاس
جي
زمين هئي،
پوءِ
هو مطئن
ٿي
سفر تي
روانو ٿي
ويو.
هن
جو سفر
گهڻو
ڊگهو نه
هئو.
ڏهن ٻارنهن
ڏينهن بعد
هوواپس اچي
ويو،
اچڻ سان
ئي
پنهنجي دولت
ڪڍڻ
لاءِ جهنگ
۾
پهچي
ويو. بظاهر
ڪنهن
به قسم
جي
تبديلي نظر
نه
آئي، هن
کڏ
کوٽڻ شروع
ڪئي.
سڄي پاڙ
کوٽائين پر
اتي
ته هن
جي
دولت جو
نشان
به نه
مليو. هن
جي
پيرن هيٺان
زمين
نڪري وئي،
ويچارو پنهنجي
مٿي
تي هٿ
ڏيئي
ويهي رهيو.
تاجر
ڏاڍو پريشان
ٿيو.
ڳالهه ئي
اهڙي
هئي، جو
ڪنهن
کي چئي
به
نه ٿي
سگهيو، جيڪو
ٻڌي
ها هن
جوئي
مذاق اڏائي
ها.
صبر ۽ شڪر
کان
سواءِ ڪو
چارو
به ڪونه
هئس،
شهر ۾ هڪ
بزرگ
جو چرچو
هئو،
ان جي
نيڪي
۽
دانائي تمام
مشهور هئي.
ان
تائين پهچڻ
به
ڪا مشڪل
ڳالهه نه
هئي،
تاجر کي
خيال
آيو ته
پنهنجي غم
جو
داستان ان
بزرگ
سان بيان
ڪري،
ممڪن آ،
هو
ڪوئي رستو
ڪڍي
وجهي، اهو
سوچي
هو بزرگ
جي
خدمت ۾ حاضر
ٿيو.
بزرگ
سڄي ڳالهه
غور
سان ٻڌي،
تاجر
جي مهمان
نوازي به
ڪيائين، ۽ دل
جو
ئي به،
بزرگ
تاجر کي
چيو
ته پريشان
نه
ٿيءُ پروردگار
جي
ذات کان
ڪڏهن
به نااميد
نه
ٿيڻ گهرجي،
اهوئي مسئلا
حل
ڪرڻ وارو
آهي.
تون سڀاڻي
شامل
اچجانءِ، الله
چاهيو ته
ڪونه
ڪو حل
ضرور
نڪري ايندو.
تاجر
کي يقين
نه
آيو پر
ٻئي
ڏينهن تي،
اچڻ
جو واعدو
ڪري
رخصت ٿيو،
ٻئي
ڏينهن صبح
ٿيندي ئي،
بزرگ
هڪ حڪيم
صاحب
سان ملاقات
لاءِ
نڪتو حڪيم
بزرگ
جو دوست
هئو.
حڪيم سان
مليو
ته کانئس
پڇيائين ته
فلاڻي قسم
جي
وڻ جي
پاڙي
ڪهڙي ڪهڙي
مرض
جي علاج
۾
ڪم
ايندي آهي؟
حڪيم
ڌايو ته
ها!
ان قسم
جي
وڻ جي
پاڙ
فلاڻي مرض
جي
علاج ۾ ڪم
ايندي آهي،
پر
اهو مرض
هن
علائقي ۾ عام
نه
آهي، هن
سال
ته منهنجي
علاج
خاني ۾ ان
مرض
جي مريض
مون
وٽ نه
آيو
آهي. بزرگ
اتان
اٿيو، شهر
۾
هڪ
ٻيو به
حڪيم
هو بزرگ
ان
حڪيم سان
به
وڃي مليو ۽
دريافت ڪيو
ته
”ڇا
توهان حال
ئي
۾
اهڙو مريض
ڏٺو
آهي، جيڪو
فلاڻي قسم
جي
مرض ۾ مبتلا
هجي؟
حڪيم جلدي
وراڻيو ها!
هاڻي
ئي ٻه
ڏينهن اڳ
اهڙو
مريض آيو
هئو
۽
مون ان
کي
ٻڌايو هئو
ته
جهنگ ۾ جيڪڏهن
فلاڻي قسم
(اهوئي
وڻ
جنهن ۾ تاجر
دولت
پوري هئي)
جو
وڻ توکي
نظر
اچي وڃي
ته
ان جي
پاڙ
کڻي اچ
آءُ
تنهنجو اسان
علاج
ڪندس.“
ان
بزرگ حڪيم
کان
ان مريض
جي
ائڊريس ورتي
۽
ان
سان ملڻ
ويو،
مريض پنهنجي
گهر
م موجود
هو
۽
بزرگ کي
پاڻ
وٽ ڏسي
ڏاڍو
خوش ٿيو،
ڏاڍي
مهمان نوازي
ڪيائينس، بزرگ
هن
کان حال
پڇيو
ته هن
چيو
ته حڪيم
جي
معمولي علاج
سان
ڏاڍو فائدو
ٿيو
آهي، مرض
جلد
ختم ٿي
ويو،
بزرگ چيو
ته
”الله
تعالى جي
شڪر
جو مقام
آهي.
پروردگار وڻن
۾
به
شفا جو
سامان ڏنو
آهي.
الله تعالى
تنهنجي پريشاني
ختم
ڪئي، ڇا
تون
ان ماڻهوءَ
جي
پريشاني ختم
نه
ڪندي، جيڪو
تنهنجي ڪري
پريشان آهي.“
مريض
اسارو سمجهي
ويو،
هو اٿيو
۽
صندوق مان
هڪ
ٿيلهي ڪڍي
۽
بزرگ
جي حوالي
ڪئي
۽
چيو
”حضرت هن
گنهگار جي
حق
۾
دعا ڪريو
ته
الله مون
کي
معاف ڪري
مون
کي ڪنهن
کي
به پريشاني
۾
مبتلا ڪرڻ
منظور نه
هو
وڻ جي
پاڙ
۾
اتفاق سان
هي
سڀ ڪجهه
مليو
۽
مان ان
کي
ڪڍي آيم
پر
واقعي حق
حقدار کي
ملڻ
گهرجي. توهان
مون
گنهگار کي
معافي سان
گڏ
هي ٿيلهي
ان
جي مالڪ
کي
پهچائي ڇڏيو
ته
توهان جو
مون
تي تمام
گهڻو
احسان ٿيندو.“
شام
جو اهو
تاجر
آيو ۽ پنهنجي
دولت
حاصل ڪري
صرف
اهو چئي
سگهيو ته
”حضرت!
مون
وٽ اهي
لفظ
نه آهن،
جن
مان اوهان
جو
شڪريو ادا
ڪري
سگهان، الله
تعالى اوهان
کي
ان نيڪيءَ
جو
اجر عطا
فرمائي.“ |