يشونت مهتا قسط- 5
ڪارٽون ڪهاڻي
چون
چون چاچو
27- ٽوٽو
۽
چون
ون ڳالهائي
رهيا
هئا، ٽوٽو
چيو،
چون چون،
اچ
ته ٽيليويزن
تي
نچي ڏسون.
راڪيٽ ۾ ويٺل
ماڻهو ٽيليويزن
تي
ٻنهي کي
ڏسي،
وائڙو ٿي
ويو.
28- چون
چون ۽ ٽوٽو
نچڻ
لڳا. 29-
راڪيٽ واري
ماڻهوءَ چيو،
راڪيٽ ۾ هي
ڪوئا
وري ڪيئن
آيا.
30- راڪيٽ هڪ
نئين
گرهه تي
پهچي
ويو،
31
چون
چون
رڙ ڪئي،
باب
ڙي!
هي
گرهه
ته تمام
گرم
ٿو لڳي،
ايتري ۾ ٽوٽو
جون
نقلي مڇون
اڏامي ويون، 32-
۽
اهي
مڇون گرم
ڌرتيءَ تي
ڪرندي ئي
سڙي
رک ٿي
ويون. ٽوٽو
چيو،
فڪر ناهي
مان
مڇن جون
هميشه ٻه
جوڙيون رکندو
آهيان.
(هلندڙ)
ڪاڪو
فضل گل
پٺاڻ
ڪيرم
بورڊ
قديم
زماني جي
ڳالهه آهي
ته
روم جي
ملڪ
۾
هڪ شهر
آباد
هو، هن
شهر
جا ماڻهوءَ
پاڻ
۾
پيار ۽ محبت
سان
رهندا هئا،
جنهن
ڪري هتي
امن
امان هو.
هن
شهر جي
تعمير اهڙي
طريقي سان
ڪئي
وئي هئي،
جو
شهر جي
چئني
ڪنڊن تي
وڏا
وڏا چار
اونها کوهه
کوٽيل هئا،
۽
چئني
پاسي کان
وڏي
ڀت هئي.
هن
شهر جي
خوبصورت ملڪ
جو
شاندار محل
به
شهر جي
وچ
۾
هو، ۽ اُن
جي
چوڌاري سپاهين
جا
خيما لڳل
هئا،
هن شهر
تي
هڪ ئي
ملڪ
جي حڪمراني
هئي،
ان ملڪ
کي
ڳاڙهو رنگ
تمام
گهڻو پسند
هو،
جنهن ڪري
ملڪ
جو تخت،
تاج،
لباس ۽ محل
جو
رنگ ۽ اُن
۾
سڀ
شيون ڳارهي
رنگ
جون هيون.
ملڪ
جي سپاهين
جو
تعداد ارڙهن
هزار
هو، جن
مان
نوَ هزارِ
سپاهين جو
لباس
اڇي رنگ
جو
۽
باقي نوَ
هزار
سپاهين جو
ڪاري
رنگ جو
لباس
هو.
هڪ
دفعو هن
شهر
مان هڪ
جادوگر جو
گذر
ٿيو، جنهن
کي
هي شر
۽
هتي
جي ملڪ
گهڻو
پسند آئي،
جنهن
ڪري جادوگر
ڪجهه
ڏينهن لاءِ
هتي
ترسي پيو.
ڪجهه
وقت هتي
ترسڻ
کان پوءِ
هن
ملڪ جي
خدمت
۾
شاديءَ جو
پيغام موڪليو.
ملڪ
جي شروع
کان
وٺي اها
سوچ
هوندي هئي
ته
سندس حڪمرانيءَ
۾
ڪنهن
جو به
دخل
نه هجي،
جنهن
لاءِ هن
جادوگر کي
شاديءَ کان
ٺپ
جواب ڏياري
موڪليو.
ملڪ
جو جواب
ٻڌي
جادوگر يڪدم
ڪاوڙجي پيو.
۽
ان
جي شهر
مان
هليو ويو
۽
سڌو
وڃي پنهنجي
ٽن
دوستن سان
مليو، جيڪي
ديوتا هئا.
اُنهن سان
پنهنجي سموري
ڳالهه ڪيائين.
اُنهن کي
مدد
لاءِ چيائين
ديوتائن پنهنجي
دوست
جي ڳالهه
ٻڌي
ڪري مدد
جو
واعدو ڪيو.
اُهن
پاڻ ۾ صلاح
مشورو ڪري
هڪ
ڏينهن جادوگر
۽
ديوتائن هڪ
جادوءَ جو
تختو
ٺاهيو، جيڪو
سندن
مرضيءَ موجب
جادوءَ جي
علم
سان حرڪت
ڪري
ٿي سگهيو.
هڪ
ڏينهن جادوگر
۽
ديوتا اُهو
جادو
جو تختو
کڻي
ملڪ جي
شهر
۾
آيا ۽ شهر
جي
چئني ڪنڊن
تي
ٺهيل کوهن
جي
ڀرسان بيهي
رهيا
۽
ان جادوءَ
جي
تختي تي
پنهنجو عمل
ڪرڻ
لڳا، ٿوري
دير
کان پوءِ
جادو
جي تختي
حرڪت
ڪرڻ شروع
ڪئي
۽
سير ڪندو
اڳتي
وڌڻ لڳو،
اڳتي
وڌي ان
وڃي
سامهون بيڍل
ملڪه
جي سپاهين
مان
هڪ سپاهيءَ
کي
ڌڪي وڃي
کوهه
۾
ڦٽو ڪيو.
جادوگر ۽ ديوتا
مسلسل اُن
تختي
تي عمل
پڙهندا رهيا
۽
هو
انهيءَ ترتيب
سان
هڪ هڪ
سپاهيءَ کي
ڌڪيندو کوهه
۾
ڦٽو
ڪندو رهيو.
جادو
جي تختي
جي
ان عجيب
و
غريب حملي
سان
سڀ سپاهي
وڃي
کوهه ۾ پيا.
آخر
۾
انهن مان
فقط
هڪ سپاهي
۽
ملڪ
وڃي بچيا،
جيڪي
پنهنجي شهر
جي
ان طرح
سان
برباديءَ تي
ڏک
۽
افسوس ڪرڻ
لڳا.
آخر
۾
جادوگر ڪاوڙ
۾
اچي
اُن سپاهيءَ
کي
۽
ملڪ کي
به
ڌڪرائي کوهه
۾
ڦٽو
ڪري ڇڏيائين.
ان
عجيب و
غريب
طريقي سان
اهو
سڄو شهر
۽
اُنجا ماڻهوءَ
ختم
ٿي ويا.
دنيا
جي ماهرن
ان
واقعي کان
پوءِ
هڪ راند
ايجاد ڪئي،
جنهن
جو نالو
ڪيرم
بورڊ رکيو
ويو،
ان راند
جي
شروعات ۽ ختم
ٿيڻ
به بلڪل
ان
شهر ۽ ان
جي
ملڪه ۽ سپاهين
جي خاتمو به
جادوگر ۽ ديوتائن
جي
حڪم سان
جادو
جي تختي
جي
زور تي
مرتب
ٿيل آهي.
مثال
طور: پاڻ
۾
اسين
راند کيڏڻ
وارا
جادوگر ۽ ديوتا
آهيون. ڪيرم
بورڊ
ملڪ جو
شهر
آهن. ڳوٽين
جو
تعداد به
ارڙهن هوندو
آهي،
جن ۾ نو
اڇيون ۽ نو
ڪاريون هونديون
آهن
۽
هڪ ڳوٽ
ڳاڙهي رنگ
جي
هوندي آهي،
جيڪا
ملڪه هوندي
آهي،
اسان راند
کيڏڻ
وارن وٽ
جادو
جي تختي
وانگر هڪ
گول
اسٽائيڪر هوندو
آهي،
جنهن جي
مدد
سان ڳوٽين
کي
ڌڪيندا سوراخن
۾
ڦٽو
ڪندا ويندا
اهيون، ۽ سڀني
ڳوٽين جي
پوڻ
تي بلڪل
ملڪه
جي شهر
جي
تباهيءَ جيان
اسان
جي راند
به
پڄاڻي تي
پهچندي آهي.
اڄ
جي ترقي
يافته دؤر
۾
ان
راند جا
وڏا
وڏا مقابلا
ٿيندا آهن.
جنهن
کي نه
صرف
کيڏڻ وارا
بڪه
ڏسڻ وارا
به
وڏي دلچسپيءَ
جو
مظاهرو ڪري
ڏسندا ۽ دل
وندرائيندا آهن،
گهرن
۾
اڪثر ڪري
واندڪائي وقت
گهر
جا ڀاتي
اها
راند ڪندا
آهن.
خليل
عارف سومرو
وائي
ڇورو
ڇنو ٻار،
بُکيئي پيٽ
سمهي
پيو،
ڪاٽي
لنگهڻ ڪالهه
کان،
روئي
زارو زار.
بُکيئي پيٽ
سمهي
پيو.
هيکل
هو فُٽ
پاٿ
تي،
جيون
کان بيزار،
بُکيئي پيٽ
سُمهي پيو.
ليڙون ليڙون
ٿس
لٽا،
اڻڀا
اڻڀا وار،
بُکيئي پيٽ
سُمهي پيو.
عارف
پلي آسرو،
ابهم
آخرڪار،
بُکيئي پيٽ
سُمهي پيو.
ڇورو
ڇِنو ٻار،
بُکيئي پيٽ
سمُهي پيو.
مختار گهمرو
ڌرتيءَ جا
تارا
گورا
توڙ ڪارا
ٻار،
ڌرتيءَ جا
هي
تارا ٻار،
ٻهڪي
ٽهڪي ٽهڪ
ورهائن،
ڳلي
ڳلي ۾ گلي
برسائن،
سرهاڻيون هي
سارا
ٻار،
ڌرتيءَ جا
هي
تارا ٻار،
ٽهڪ
پتاشا کير
۽
کنڊ،
مرڪن
منجهه سمايل
منڊ،
سنڌو
جل جي
ڌارا
ٻار،
ڌرتيءَ جا
هي
تارا ٻار،
سونهن سمورا
روپ
هزار،
صدقي
جيجل جا
سڀ
پيار،
نينهن نسورو
نيارا ٻار،
ڌرتيءَ جا
هي
تاراٻار
جرڪي
جڳَ ۾ جوت
ورهائن،
اونداهي مختار
ڀڄائن،
چوڏس
چنڊ ستارا
ٻار،
ڌرتيءَ جا
هي
تارا ٻار.
ڊاڪٽر منير
احمد
چنه
خوبصورت ٻار
اڄ
جڏهن آخري
پيرڊ
۾،
اسان جو
ڪلاس
ٽيچر انگريزيءَ
جو
گرامر ڏاڍي
چاهه، محنت،
شوق
۽
جوش سان
سيکاري رهيو
هو؛
۽
اسان به
ڏاڍي
شوق ۽ توجهه
سان
استادن جون
ڳالهيون سمجهي
رهيا
هئاسين ته
موڪل
جو گهنڊ
وڳو،
ته پوءِ
سڀ
شاگرد، استاد
جي
پٺيان رش
ڪندا
۽
گوڙ ڪندا
ڪلاس
مان نڪرندا
پئي
رهيا، ڄن
گهر
جي لاءِ
آتا
ويٺا هئا.
حالانڪه گهر
به
روز وڃن
ٿا.
مان اڃا
ڪاپيءَ تي
لکي
رهيو هوس
پوءِ
آرام سان
ڪتاب
ٿيلهي ۾ وجهي
سڀني
کان آخر
۾
ڪلاس
مان نڪرڻ
لڳسته ڪلاس
جي
دروازي تي
پيل
پرس ٻٽون
ڏٺم،
جيئن ته
ان
وقت ڪلاس
۾
ڪوبه
شاگرد نه
هيو
۽
مان هيڏاهن
هوڏانهن ڏسي
جهٽ
ڏئي پرس
کنيم
۽
پوءِ ڪدم
کڻي
ٿيلهي ۾ وڌم.
سڄي
واٽ رستي
سان
خاموش رهيم،
گهر
پهچي، سڌو
ڪمري
۾
وڃي لڪي
ڪري
ٿيلهي مان
پرس
ڪڍيم ته
پرس
۾
کوڙا سارا
پئسا
هئا. منهنجي
خوشيءَ جاي
ڪا
انتها نه
رهي،
ڄن ڪو
مون
کي خزانو
ملي
ويو هجي،
پوءِ
ته بس
خوشي
مان، ڪا
شيءِ
وڻي ئي
ڪونه
پئي، خوشيءَ
۾
چپ
چاپ ۽ خاموس
رهيم.
امان، منجهند
جي
ماني ڏني
ته
هڪ ماني
به
مشڪل سان
کائي
سگهيم، ڄڻ
اڳ
۾
ئي پيٽ
ڀريل
هجي، منهنجي
گهٽ
کائڻ ۽ خاموش
رهڻ،
امان، کي
شڪ
۾
وجهي ڇيو.
ڇو
پٽ، تنهنجي
طبيعت ته
ٺيڪ
آهي نه:
امان
منهنجي مٿي
۽
منهن
تي هٿ
گهمائيندي پيار
منجهان پڇيو،
نه
امان نه....
مان.... مان
ته
بلڪل ٺيڪ
آهيان مون
کي
ڇا ٿيو
آهي.... مان
.....
مان
ته بلڪل
ٺيڪ
آهيان.
شام
ٿي ته
ٻاهر
گهمڻ ڦرڻ
۽
راند
کيڏ لاءِ
به
ڪونه ويم.
شام
جو ٽي
وي
تي اسان
ٻارن
جو پسنديده
ڊرامو عينڪ
والا
جن هليو،
ليڪن
اهو ڊرامو
به
مان ڌيان
۽
دلچسپي سان
نه
ڏسي رهيو
هوس.
ڄڻمنهنجو ساهه
پرس
۾
اٽڪيل هجي،
بس
جسماني طرح
ٽي
وي اڳيان
ويٺو
هئس.
ڇو
فرمايو!......
اڄ
ڏاڍو
چپ چاپ
ويٺو
آهين. منهنجي
وڏي
ڀيڻ، مون
کي
چرچ ڏيندي
چيو:
هونءَ ته
ڏاڍيون حرڪتون
۽
شرارتون ڪندو
آهين
ڇو ڀلا
ديو
سنگهي ويو
اٿئي
ڇا؟
نه
ادي ثمرين،
بس
اڄ کان
چپ
ڪري هر
ڊرامو ڏسبو.
ليڪن، مان
دل
۾
سوچي رهيو
هوس
ته، اديءَ
کي
ڪهڙي خبر
ته،
مون کي
ديو
نه پر
پرس
سنگهي ويو
آهي،
پر ڇا
لڌو
اٿم، ڄڻ
منهنجيون من
مستيون ئي
ختم
ٿي ويون
آهن.
رات
جي ماني
به
اڌ ڳڀي
کائي، خاموشيءَ
سان
سمهي رهيم،
نه
رات جو
مذاقون ۽ نه
وري
مسخريون ڪيم.
ڇو
اڄ فرمان
کي
ڇا ٿيو
آهي،
جو سوير
ئي
سمهي رهيو
آهي.
بابا ڪمري
۾
داخل
ٿيندي، امان
کان
پڇيو، يئن
ئي
اسڪول کان
آيو
آهي، تيئن
ئي
خاموش آهي
نه
ماني کاڌي
اٿس
۽
نه ڪو
شام
جو راند
کيڏڻ
ويو. مان
سمجهان ٿي
ته
پڪ، منهنجي
لال
کي نظر
لڳي
وئي آهي.
امان، بابا
کي
ورندي ڏيندي
چيو
مون دل
۾
چيو
ته مون
کي
نظر نه
پر
پرس لڳو
آهي.
بس ائين
ئي
سڄي رات
سوچن
۾
گم، پاسا
بدلائيندو رهيس.
خير
سان صبح
ٿيو،
مان سوير
اٿي،
پهريائين پرس
کي
ڏٺم، ڇو
جو
رات پرس
جي
فڪر، سڪون
سان
سمهڻ ئي
ڪين
ڏنو هو.
ناشتو ته
بلڪل
وڻيو ئي
ڪونه، بس!
ماءُ
جو خيال
ڪندي
ٻه ٽي
گرهه
کاڌم، ۽ پوءِ
ٿيلهو کڻي،
پرس
کيسي ۾ وجهي
اسڪول ڏانهن
روانو ٿيس،
اسيمبلي ۾ خاموش
بيٺو
رهيس، اسيمبليءَ
کان
پوءِ، ماٺ
ڪري
ڪلاس ۾ پنهنجي
جاءِ
تي وڃي
ويٺس.
ڪلاس
۾
استاد آيو،
اسان
سڀ اٿي
بيٺاسين ۽ استاد
اچي
ڪرسي تي
ويهي
رهيو، ليڪن
اسان
کي ويهڻ
لاءِ
چيائين ڪونه.
استاد حسب
معمول حاضري
به
ڪانه ڀري،
استاد صاحب
خاموش خاموش،
منهن
لٿل، نه
اسان
سان ڳالهائي
۽
نه
وري ڪو
پڙهائي، سڄي
ڪلاس
۾
ماٺ ڇانيل،
مون
دل ۾ سوچيو
ته
ڇا، استاد
به
مون وانگر
پرس
ته نه
لڌو
آهي، جو
مون
وانگر ماٺ
۽
چپ
آهي.
پر.... پر
مان
ٻي لمحي
ئي
سوچي ورتم
ته
استاد پرس
لڌو
نه پر
وڃايو آهي،
جيڪو
مون لڌو
آهي.
پوءِ
مون خاموشيءَ
سان
پرس ڪڍي،
اچي
استاد جي
اڳيان رکيو.
استاد پرس
ڏسي
ڄڻ ٻهڪي
پيو،
استاد جي
بي
جان جسم
۾
جان
پئجي وئي
هجي،
پوءِ استاد،
منهنجي مٿي
تي
پيار ۽ فخر
منجهان هٿ
گهمايو ۽ ڏهه
رپيا
انعام به
ڏنا،
۽
پڻ منهنجي
ايمانداريءَ جا
گڻ
ڳائيندو رهيو
۽
سڀني
شاگردن کي
سمجهائيندي چيو
ته
ٻارو
خوبصورت ٻار
اهو
نه آهي،
جنهن
جي صورت
سهڻي
آهي، پر
خوبصورت ٻار
اُهو
آهي، جنهن
جي
سيرت سهڻي
هجي.
مون
دل ۾ سوچيو
ته
پوءِ مان
به
خوبصورت ٻار
آهيان.
ترجمو: ڪاڪا
عبدالقيوم مڱريو
فائونٽين پين
جي
ڪهاڻي
اڄ
کان ٽي
سئو
سال پهرئين،
قديم
دؤر جي
هڪ
شخص لکائي
جو
ڪم ڪرڻ
لاءِ
هڪ چانديءَ
جي
هڪ پين
ٺاهي، هي
پين
هڪ پائيپ
نموني جي
هڪ
نلڪي هئي.
جنهن
جي اڳيان
هڪ
نِب لڳل
هئي.
ان پائپ
۾
مٿئين پاسي
کان
مس ڀري
ڪاڪ
جي هڪ
ٻُجي
ڏيئي بند
ڪبو
هو ته
جيئن
ان مان
مُس
نه ڪري.
هي
پين دنيا
جي
سڀ کان
پهرين فائونٽين
پين
هئي.
1832ع
۾ هڪ
قابل
انگريز پنهنجي
ٽيڪنڪ سان
هن
پين جي
مٿان
ڪيپ لڳائي
هن
کي کيسي
وغيره
رکڻ
جي سهوليت
ڪري
ڇڏيائين.
1859ع
۾
هڪ ٻئي
انگريز پنهنجي
بهترين صلاحيت
سان
ان پائپ
جي
نلڪيءَ ۾ ربڙ
جي
هڪ ٽيوب
لڳائي ان
۾
مَس
ڀرڻ جي
باقاعده سهوليت
ڪري
ڇڏيائين، جنهن
سان
بنا ڪنهن
هٿ
خرب ٿيڻ
جي
مس ڀري
سگهبي هئي
۽
هي
فائونٽين پين
لکندي ته
هئي،
پر ان
۾
هڪ
خرابيءَ هئي.
جڏهن
هن سان
پني
تي لکائي
ڪبي
هئي ته
ڪٿي
لکائي گهري
۽
ڪٿي
هلڪي ٿي
پوندي هئي،
ڪنهن
مهل ته
هن
مان گهڻي
مس
نڪرڻ جي
ڪري
سمورو پنو
خراب
ٿي پوندو
هو،
جنهن سان
سڄو
لکائيءَ جو
ڪم
خراب ٿي
ويندو هو
۽
لکڻ
واري کي
تمام
گهڻي تڪليف
ٿيندي هئي.
هن
موجوده دؤر
جي
پين جنهن
کي
اسين باقاعده
استعمال ڪري
رهيا
آهيون، هي
پين
آمريڪا جي
هڪ
شخص واٽر
مين
جي حيرت
انگريز ايجاد
جو
نتيجو آهي،
هن
جي ايجاد
ٿيڻ
جي شروعات
به
هڪ دلچسپي
واقعي کان
پوءِ
ٿي آهي،
جو
واٽر مين
آمريڪا جي
هڪ
ويمه ڪمپنيءَ
جو
ايجنٽ هيو.
انجو
ڪم پئسي
وارن
ماڻهن کي
ويمو
ڪرائڻ لاءِ
راضي
ڪرڻ هو.
هڪ
ڏينهن اُن
پنهنجي ڪم
ڪار
جي سلسلي
سان
هڪ ڪروڙ
پتي
سيٺ کي
ويمو
ڪرائڻ لاءِ
راضي
ڪري ورتو،
ان
سان سموري
ڳالهه ٻولهه
۽
صلاح
مشوري ڪرڻ
کان
پوءِ، جڏهن
ويما
پاليسي جون
ڪاغذن تي
صحيحون ٿي
ورتائين ته
اوچتو اُن
پين
جي مس
ليڪ
ٿي پئي،
جنهن
سان سمورا
ڪاغذ
۽
سيٺ جا
هٿ
وغيره خراب
ٿي
پيا. اوچتو
پين
جي ان
غلط
حرڪت سان،
سيٺ
تمام سخت
ڪاوڙجي پيو
۽
واٽر
مين کي
گهٽ
وڌ ڳالهائين
۽
ويمو
ڪرائڻ کان
ٺپ
جواب ڏئي
ڇڏيائين.
سيٺ
جي ڪاوڙ
۽
دڙڪن
واٽر مين
جي
ذهن تي
وڏو
اثر وڌو
۽
ان
کي اهڙي
پين
جي ٺاهن
تي
مجبور ڪيو،
جيڪا
لکڻ واري
جي
مرضيءَ مطابق
لکي.
پين
ٺاهڻ جي
سلسلي ۾، اُن
پنهنجون سڀ
ڪوششون ڪتب
آنديون ۽ لڳاتار
ڪوشش
۽
سخت محنت
جي
ڪاميابيءَ سان1880ع
۾
اهڙي پين
ٺاهڻ
۾
ڪامياب ٿي
ويو.
ان
پين ۾ هڪ
خاص
ڳالهه هيءَ
هئي
جو اُن
۾
هوا
۽
مس ٻئي
گڏ
مخالف سمٿ
۾
هلنديون هيون،
جنهن
ڪري پين
مان
مس ليڪ
ٿيڻ
جو سوال
ئي
پيدا نه
ٿي
ٿيو، اُن
وقت
کان اڄ
تائين ان
پين
۾
ڪافي تبديليون
آيون
آهن. هڪ
خاص
ڳالهه ته
ان
۾
جيڪو بنيادي
طريقو آهي،
اُهو
واٽر مين
جوئي
ايجاد ڪيل
استعمال ڪيو
ويندو آهي.
بال
پين به
فائونٽين پين
جو
هڪ قسم
آهي،
ان جي
ايجاد ڪندڙ
جو
نالو لاس
ببرو
هو، جيڪو
ارجنٽائين جي
شهر
بيونس آئرس
۾
هڪ
پرنٽنگ پريس
۾
پروف
ريڊر جي
حيثيت سان
ملازمت ڪندو
هو.
اُن کي
هڪ
شڪايت هئي
ته
فائونٽين پين
جي
نب ڪجهه
وقت
لکڻ کان
پوءِ
لکائي ۾ فرق
ٿي
آڻي ۽ ڪنهن
وقت
هي پين
ڪري
به پئي
ٿي،
جنهن سان
ان
جي نب
تي
اثر پوي
۽
ڀڃي
به پوي
ٿي.
ان
جي ذهن
۾
هڪ
ڳالهه آئي
ته
ڇو نه
اهڙي
پين ٺاهجي
جنهن
۾
نب جو
چڪر
ئي نه
هجي،
جنهن لاءِ
اُن
پنهنجين لڳاتار
ڪوششن سان
اهڙي
پين ٺاهڻ
جي
ڪم جو
آغاز
ڪيو ۽
1938ع
۾ زبردست
ڪاميابي ماڻيائين
۽
بال
پين ٺاهڻ
۾
ڪامياب ٿي
ويو،
جنهن کي
اسين
بال پين
چوندا آهيون،
خاص
ڳالهه ته
ان
پين ۾ نب
جي
جاءِ تي
هڪ
ننڍڙو بال
بيرنگ لڳل
هوندو آهي،
جيڪو
لکڻ وقت
ڦرندو به
رهي
ٿو ۽ نلڪي
۾
ڀريل
مَس کي
ڪاغذ
تي پکڙيندو
به
رهيو ٿو.
راجا
عبدالمجيد بوزدار
حياتيات
Biology
جيڪڏهن اسان
پنهنجي آسپاس
جي
شين جو
مشاهدو ڪنداسين
ته
اسان کي
ٻن
قسمن جون
شيون
ملنديون، هڪڙيون
اُهي
جيڪي هڪ
جاءِ
کان ٻئي
جاءِ
تائين حرڪت
ڪري
سگهن ٿيون
۽
ساهه
کڻن ٿيون،
۽
ٻيون
اُهي جيڪي
نه
حرڪت ڪري
سگهن
ٿيون ۽ نه
ئي
ساهه کڻي
سگهن
ٿيون. ان
ڳالهه کي
سامهون رکندي
سائنسدانن دنيا
جي
شين کي
ٻن
گروهن ۾ ورهايو
آهي.
هڪڙيون جاندار
۽
ٻيون
بي جان
شيون. جاندار
شين
۾
ٻوٽا، جانور،
پکي
وغيره اچي
وڃن
ٿا، انهن
جي
علم کي
گڏي
حياتيات چئبو
آهي.
حياتيات لاطيني
ٻولي
جو لفظ
آهي،
جنهن جي
معنى
آهي جاندار
شين
تي بحث
ڪرڻ،
حياتيات کي
وري
ٽن حصن
۾
ورهائي سگهجي
ٿو:
1- علم
نباتات: علم
نباتات مان
اسان
کي بوٽن
جي
ساخت ۽ ان
جي
ڪم ڪارين
متعلق ڄاڻ
ملي
ٿي، ٻوٽا
به
جانورن وانگر
حياتي رکندڙ
آهن،
پر اهي
جانور کان
مختلف هن،
ڇاڪاڻ ته
انهن
۾
سئو مادو
ڪلورو فل
هوندو آهي.
ان
ڪري ٻوٽا
ساوا
ٿيندا آهن،
ٻوٽا
پنهنجو کاڌو
روشني ترڪيب
ذريعي تيار
ڪندا
آهن. هن
کاڌي
ٺاهڻ جي
طريقي کي
هالو
فائٽڪ چئبو
آهي.
ٻوٽن جو
جسم
پاڙ، ٿڙ،
پنن
۽
گلن تي
مشتمل هوندو
آهي.
غذا
جي لحاظ
کان
ٻوٽا ٻن
قسمن
جا هوندا
آهن،
هڪڙا خود
ڪفيل
ٻوٽا، جيڪي
پنهنجو کاڌو
پاڻ
ٺاهيندا آهن،
ٻيا
غير ڪفيل،
جن
جا ٻه
قسم
آهن، انهن
مان
ڪي ٻوٽا
پنهنجو کاڌو
پاڻ
ٺاهيندا آهن،
۽
ڪي
مفت خور
آهن.
2- حوانيات:
هن
قسم ۾ اسان
جانورن جي
علم
متعلق ڄاڻي
سگهون ٿا،
زولاجي لاطيني
ٻولي
جو لفظ
آهي،
زور معنى
جانور، ۽ لاگاس
معنى
ڄاڻ يا
علم،
دنيا ۾ اٽڪل
15
لک
جنسون جانورن
جون
سائنسدانن لڌيون
آهن،
انهن ۾ ڪي
خشڪي، پاڻي
۽
بيابانن ۾ رهندا
آهن،
۽
ڪي خشڪي
۽
پاڻي
ٻنهي جاين
تي
رهندا اهن،
جن
کي ٻن
زندگين وارا
جانور سڏبو
آهي،
اهڙي قسم
جا
جانور ڦڦڙ،
ڪلين
۽
چمڙي وسيلي
ساهه
کڻندا آهن.
غذا
جي لحاظ
کان
پنجن قسمن
جا
جاندار هن
گروهه ۾ اچي
وڃن
ٿا. هڪ
اُهي
جيڪي گاهه
طور
ٻوٽن کي
استعمال ڪندا
آهن،
جهڙوڪ، اُٺ،
مينهن، گهوڙو،
گڏهه
وغيره، انهن
کي
ٻوٽا خور
چئبو
آهي. ٻيا
اُهي
جيڪي کاڌي
طور
گوشت کي
استعمال ڪندا
آهن،
جهڙو شينهن
۽
ٻلي
وغيره. ٽيون،
اهي
جيڪي کاڌي
طور
گوشت يا
ڀاڄيون استعمال
ڪندا
آهن، چوٿون
قسم
مفت
خورن
جو آهي،
مثلاً: مڇر
۽
ڄور
وغيره. پنجين
قسم
جي جانورن
کي
سمبائي اوئٽس
چئبو
آهي، هڪ
ٻئي
لاءِ تمام
ضروري هوندا
آهن،
مثال ڪي
هڪ
گهرڙي وارا
جانور اڏوهي
جي
آنڊن ۾ رهندا
اهن،
ڇاڪاڻ ته
ان
۾
سليوليوز ٿيندو
آهي،
اهي هڪ
گهرڙي جانورن
سليوليوز کي
هضم
ڪن ٿا،
اهڙي
طرح ٻنهي
کي
فائدو رسي
ٿو.
3- مائڪرو
بلاجي:
هن
جي معنى
آهي
ننڍن جانورن
جي
باري ۾ بحث
ڪرڻ،
اهڙا ننڍا
جاندار جيڪي
اسان
کي ائين
ته
ڏسڻ ۾ نٿا
اچن
۽
انهن کي
ڏسڻ
لاءِ طاقتور
خوردبيني جي
ضرورت پوندي
آهي.
اهڙن جاندارن
۾
وائرس، جراثيم
۽
بيڪٽريا وغيره
شامل
آهن.
طارق
حسين خشڪ
همت
۽
محنت
سعيد
هڪ غريب
گهراڻي ۾ پيدا
ٿيو،
سندس پيءُ
هاري
هو، جنهن
جي
ڪريوڏي مشڪل
سان
سندن گذران
ٿيندو هو.
سعيد
اڃا اٺن
سالن
جو مس
ٿيو
ته کيس
مال
چارائڻ لاءِ
ڏنو
ويو، پر
هن
پيءُ کي
وڏي
معصوميت سان
چيو
ته:
بابا
آئون
مال چارائڻ
نه،
پر پڙهڻ
ٿو
گهران، ڇو
ته
مون کي
پڙهڻ
جو ڏاڍو
شوق
آهي.
اهو
ٻڌي پڻس
کيس
خوب مار
ڪڍي
۽
ڪاوڙ ۾ چيائين،
تون
وري پرهي
ڪهڙا
اڪ ڪارا
ڪندين. خاموشي
سان
مال چار
نه
ته اهڙي
مار
ڏيندو سائين
جو
ساري عمر
ياد
ڪندي. پنهنجي
پيءُ
جو اهڙو
سخت
رويو ڏسي،
سعيد
پڙهڻ جو
خيال
دل مان
ڪڍي
ڇڏيو ۽ ڳوٺ
جي
ٻين ڇوڪرن
وانگي سڄو
ڏينهن مال
چاري
شام جو
سج
لٿي واپس
اچي
پٽڙو ڀت
يا
منجهند واري
سڪل
پاروٿي ماني
کائي
سمهي پوندو
هو.
ٿڪل هئڻ
ڪري
جلدي کيس
ننڊ
اچي ويندي
هئي.
وري صبح
جو
اک کلڻ
سان
مال ڪاهي
جهنگ
طرف منهن
ڪندو
هو اهو
سلسلو تقريباً 4-5
سال
جاري رهيو،
جنهن
کان پوءِ
سعيد
جي پيءُ
غربت
کان تنگ
اچي
سعيد کي
شهر
۾
ٻيڙيون ٻڌڻ
لاءِ
ويهاريو. سعيد
شهر
۾
ٻيڙيون ٻڌڻ
لڳو،
هفتي يا
ڪڏهن
ڪڏهن مهيني
کان
پوءِ گهر
ويندو هو
۽
هڪ
اڌ ڏينهن
ڳوٺ
رهڻ کان
پوءِ
واپس هو
۽
هڪ
اڌ ڏينهن
ڳوٺ
رهڻ کان
پوءِ
واپس شهر
اچي
ٻيڙيون ٻڌنو
هو.
هي هفتي
۾
تمام
گهڻي محنت
کان
پوءِ مس
وڃي
200
کن
ڪمائيندو هو،
پاڻ
سڄي ڏينهن
۾
ٻن
روپين کان
مٿي
اصل ڪين
کپائيندو هو،
ڇو
ته پيءُ
کان
ڏاڍو ڊڄندو
هو.
هڪ ڏينهن
هن
پيءُ کي
ٿورا
گهٽ پئسا
ڏنا؛
جنهن تي سندس
پيءُ
کي ڏاڍي
ڪاوڙ
آئي ۽ ٻين
ٻيڙي
ڪاريگرن جي
سامهون کيس
خوب
مار ڏني،
جنهن
کان پوءِ
ته
سعيد پنهنجي
پيءُ
کي چار
آنا
به گهٽ
ڏيڻ
کان ڊڄڻ
لڳو،
سعيد سان
گڏ
شهر ۾ هڪ
ٻيو
به ڇوڪرو
ٻيڙين ٻڌڻ
سان
گڏ شام
جو
اسڪول ۾ پڙهندو
به
هو، جنهن
کي
ڏسي سعيد
کي
پڙهڻ جو
شوق
جاڳيو ۽ هن
شام
واري اسڪول
۾
داخلا ورتي.
جنهن
کان پوءِ
وڏي
محنت ۽ شوق
سان
پڙهڻ لڳو.
سعيد
اڳي کان
به
وڌي محنت
۽
همت
ڪري گهڻيون
ٻيڙيون ٻڌڻ
لڳو،
ڇاڪاڻ ته
هو
پيءُ کي
به
پورا پئسا
ڏيڻ
سان گڏ
پنهنجي ڪتابن
جو
به خرچ
پورو
ڪرڻ لڳو.
هو
صبح جو
هٿن
سان ٻيڙيون
ٻڌندو ويندو
هو
۽
اکين
سان غور
سان
ڪتاب پڙهندو
هو،
جڏهن سندس
پيءُ
ايندو هو
ته
سعيد تڪڙ
۾
پنهنجا سڀ
ڪتاب
لڪائي ڇڏيندو
هو،
ڇو ته
کيس
چکي ريت
ڄاڻ
هئي ته
جي
منهنجي والد
کي
منهنجي پڙهڻ
جي
خبر پئجي
ويئي
ته مار
ڏيڻ
سان گڏ
پڙهڻ
کان سخت
منع
ڪري ڇڏيندو.
وقت
ڦيٿي جيان
ڦرندو رهيو.
سعيد
هاڻي شام
واري
اسڪول مان
پنج
درجا پاس
ڪرڻ
سان گڏ
به
سال انگريزي
جي
ٽيوشن وٺي.
ان
۾
ايڏو ته
ڀڙ
ٿي ويو
جو
ڄڻ انگريزي
سندس
مادري زبان
هجي،
جنهن کان
پوءِ
هن پرائيويٽ
ميٽرڪ جو
امتحان پاس
ڪيو،
جنهن ۾ سندس
رزلٽ
تمام سٺو
آيو،
جنهن ڪري
هن
جو حوصلو
اڃا
وڌيو ۽ هن
پرائيويٽ فرست
ايئر
۽
انٽر ڏيڻ
جو
پڪو پهه
ڪيو
۽
اڳلي سال
ئي
هن فرسٽ
ايئر
۽
انٽر جو
پرائيويٽ امتحان
ڏنو.
اڄ
سعيد ٻيڙيون
به
......
نه
پئي ٻڌي
سگهيو، ڇو
ته
اڄ سندس
رزلٽ
اچڻو هو،
جنهن
جي ڪري
بيقراري سان
رزلٽ
جو انتظار
ڪرڻ
لڳو. ڪجهه
دير
کان پوءِ
جيئن
ئي اڄا
جون
تازيون اخبارون
آيون
ته هن
بههڪ
اخبار خريد
ڪئي
7
وڏي
بيقراري سان
اخبار ۾ رزلٽ
ڳولهڻ لڳو
ته
اوچتو سندس
نظر
اخبار جي
مين
پرچي تي
پنهنجي تصوير
تي
پئي، جنهن
جي
هيٺان لکيل
هو
ته هي
نوجوان انٽر
پرائيويٽ ڪامرس
گروپ
۾
پنهنجي ڊويزن
۾
پهريون نمبر
سي
سنڌ ۾ ٻيو
نمبر
آيو آهي.
اهو
پڙهي سعيد
جي
خوشين جي
ڪا
حد ئي
نه
رهي. جلدئي
هن
جي ڪجهه
دوستن کي
به
خبر پئجي
ويئي، جن
به
سعيد کي
هن
ايڏي وڏي
ڪاميابي تي
خوب
مبارڪون ڏنيون،
پر
سعيد پنهنجي
ايڏي
وڏي ڪاميابي
پنهنجي پيءُ،
ماءُ
کي ڪونه
ٻڌائي ڇو
ته
کيس ڊپ
هو
ته هاڻي
به
متان منهنجو
پيءُ
مون کي
ڇڙٻون ڏي،
ته،
تون جيڪو
ڪتاب
تي لڪي
خرچ
ڪيو هو،
اهي
مون کي
ڇو
نه ڏنا
هئا.
ڪجهه وقت
گذرڻ
کان پوءِ
ٽپالي هڪ
خط
سعيد کي
پهچايو، جيڪو
سعيد
جي ئي
نالي
تي هو.
سعيد
حيران ٿي
ويو
ته هي
خط
وري ڪٿان
اچي
ويو هن
تڪڙ
۾
خط کوليو
۽
بيقرار سان
پڙهڻ
لڳو. خط
پڙهڻ
کان پوءِ
کيس
خبر پئي
ته
مون کي
سڄي
سنڌ ۾ ٻيو
نمبر
اچڻ جي
ڪري،
حيدرآباد ۾ انٽرويو
ڏيڻ
لاءِ گهرايو
ويو
آهي، جنهن
کان
پوءِ سعيد
بيحد
خوش ٿيو
۽
ٻئي
ڏينهن تي
ئي
حيدرآباد روانو
ي
ويو. حيدرآباد
پهچي
هن اها
آفيس
ڳولهڻ شروع
ڪئي،
جتي کيس
انٽرويو لاءِ
گهرايو ويو
هو.
جلدئي کيس
آفيس
جو پتو
ملي
ويو، جنهن
کان
پوءِ سعيد
وڏيون وڏيون
وکون
کڻندو اچي
آفيس
جي گيت
وٽو
پهتو، جتي
کيس
چوڪيدار روڪي
چيس
اي مسٽر!
اندر
وڃڻ منع
آهي.
اهو ٻڌي
سعيد
کيس چيو.
ادا،
مون کي
هت
آفيس ۾ انٽرويو
لاءِ
گهرايو اٿن.
اهو
ٻڌي چوڪيدار
کيس
غور سان
ڏسڻ
کان پوءِ
چيو.
مسٽر!
تنهنجي
حالت
ته مون
کان
به خراب
آهي
نه استري
ٿيل
ڪپڙا اٿئي
نه
پيرن ۾ بوٽ
پاتل
اٿئي، ڪٿي
تون
مونسان دوکو
ته
نه پيو
ڪرين.
اهو
ٻڌي سعيد
پنهنجي کيسي
مان
انٽرويو ڪال
ڪڍي
ڏيکاريس، جنهن
کان
پوءِ چوڪيدار
کيس
چيو ته
سڌا
هليا وڃو،
سامهون هڪ
ڏاڪڻ
ايندي، جنهن
تي
چڙهڻ کان
پوءِ
ڪمري نمبر
2
۾
هليو
وڃجانءِ اتي
ئي
توکان انٽرويو
ورتو
ويندو. اهو
ٻڌي
سعيد، چوڪيدار
جو
شڪريو ادا
ڪيو
۽
اڳتي وڃي
هن
هڪ ڏاڪڻ
ڏٺي،
جنهن تي
چڙهي
هو ڪمري
نمبر2
وٽ
پتو، ان
جي
ٻاهران هڪ
پٽيوالو ويٺو
هو،
جنهن هڪ
گهڙي
حيرت ۾ سعيد
کي
ڏٺو ۽ پوءِ
کانئس اچڻ
جو
سبب معلوم
ڪيائينس، جنهن
تي
سعيد کيس
چيو
ته ادا
منهنجو نالو
سعيد
آهي، آئون
هت
انٽرويو ڏيڻ
لاءِ
آيو آهيان.
اهو
ٻڌي سعيد
کي
پٽيوالو اڃا
به
وڌيڪ نهن
کان
وٺي چوٽي
تائين حيرت
سان
ڏسڻ لڳو،
جنهن
تي سعيد
کيس
پنهنجي کيسي
مان
انٽرويو ڪال
ڪڍي
ڏنو. پٽيوالو
انٽرويو ڪال
کڻي
اندر ويو
۽
ڪجهه
دير کان
پوءِ
واپس اچي
سعيد
کي چيو،
توهان اندر
وڃو.
اهو
ٻڌي سعيد
ڌڙڪندڙ دل
سان
اندر ويو،
جتي
هڪ وڏو
آفيسر هڪ
وڏي
ڪرسي تي
۽
ان
جي کاٻي
۽
ساڄي
هڪ هڪ
ٻيو
آفيسر به
ويٺو
هو، جيڪي
سعيد
جو هليو
ڏسي
حيران ٿي
ويا،
۽
کيس سامهون
رکيل
هڪ ڪرسي
تي
ويهڻ جو
اشارو ڪيائونس،
سعيد
اطمينان سان
ڪرسي
تي ويهي
رهيو. اوچتو
هڪ
آفيسر سعيد
کي
چيو. نوجوان
ڇا
توکي خبر
ڪونه
هئي ته
آئون
انٽرويو لاءِ
وڃي
رهيو آهيان،
ان
ڪري تون
پنهنجو هُليو
به
درست نه
ڪري
سگهيو آهين.
جنهن
ڪري اسين
توکا
انٽرويو وٺڻ
بجاءِ واپس
به
موڪلي سگهون
ٿا.
اهو ٻڌي
سعيد
ڇرڪي ويو،
پر
وري به
همت
ڪري کين
جواب
ڏنو ته:
سائين! ڪوبه
ماڻهو ڄاڻي
واڻي
پنهنجو هُليو
ڪونه
بکاڙيندو آهي،
پر
ان جي
پٺيان بي
ڪي
مجبوريون ۽ سبب
هوندا آهن.
ان
ڪري منهنجون
به
ڪي مجبوريون
آهن،
آئون هتي
به
وڏي مشڪل
سان
پهتو آهيان،
۽
پوءِ
سعيد کين
ننڍپڻ کان
وٺي
هيستائين پنهنجي
حالتن کان
واقف
ڪيو، جنهن
کان
پوءِ وڏي
آفيسر سعيد
کي
چيو تون
ننڍي
هوندي کان
ئي
پڙهڻ تي
وڏيون سختيون
سٺيون، همت
۽
محنت
سان هن
منزل
تي پهتو
آهين، ان
ڪري
اسين توکان
انٽرويو وي
رهيا
آهيون، اگر
تون
ڪامياب وئين
ته
همت ۽ محنت
جو
ڦل ضرور
ملندئي، نه
ته
تنهنجا ڀاڳ.
ان
کان پوءِ
آفيسرن طرفان
سعيد
کان سوالن
پڇڻ
جو سلسلو
شروع
ڪيو ويو.
هو
واري واري
سان
سعيد کان
انگريزي ۾ سوال
پڇي
رهيا هئا،
جن
جا سعيد
کين
اطمينان سان
جواب
ڏيئي رهيو
هو.
تقريباً ڏيڍ
ڪلاڪ
کان پوءِ
آفيسر کانئس
سوال
پڇڻ بند
ڪيا،
۽
هڪ ٻئي
جي
ڪنن ۾ هوريان
ڪجهه
ڀڻ ڀڻ
ڪيائون. جنهن
کان
پوءِ وڏو
آفيسر، سعيد
سان
مخاطب ٿيو
ته:
اين نوجوان
تون
ٻاهران جيترو
هيڻو
آهين، اندران
ايڏو
مضبوط ان
ڪري
توکي ٻيڙيون
ٻڌڻ
بجاءِ اعلى
پوسٽ
تي هئڻ
گهرجي. جنهن
جي
ڪري اسين
توکي
بئنڪ ۾ هڪ
تمام
سٺي عهدي
تي
فائز ڪري
رهيا
آهيون، اميد
ته
تون اتي
به
محنت، همت
۽
ايمانداري سان
پنهنجا فرض
پورا
ڪندين.
اهو
ٻڌي سعيد
کان
خوشي جا
ڳوڙها ڪري
پيا
۽
رب پاڪ
جا
بيحد ٿورا
مڃيائين، پهرين
تاريخ تي
سعيد
کي شهدادڪوٽ
جي
هڪ بئنڪ
۾
هڪ
آفيسر جي
حيثيت سان
رکيو
ويو، جنهن
کان
پوءِ سعيد
سڌو
پنهنجي ڳوٺ
وڃي
پنهنجي ماءُ
پيءُ
کي ان
تمام
وڏي ڪاميابي
جي
خبر ٻڌائي، پهريائين ته کين يقين نه پئي آيو،
پر جڏهن
سعيد
کين پنهنجي
چوري
پڙهڻ جي
خبر
ٻڌائي ته
کين
يقين اچي
ويو،
جنهن جي
ڪري
سندن کان
خوشي
جا ڳوڙها
ڪري
پيا، سعيد
جي
پيءُ سعيد
کي
ڀاڪر ۾ ڀريندي
چيو.
سعيد پٽ!
مون
کي معاف
ڪجانءِ مون
توتي
وڏا ظلم
ڪيا
آهن. مون
کي
معاف ڪجانءِ،
مون
کي اڄ
خبر
پئجي ويئي
آهي
ته واقعي علم
ئي
انسان کي
انسان بنائي
ٿو.
اهو ٻڌي
سعيد
کيس چيو.
بابا!
توهان مون
تي
ڪوبه ظلم
نه
ڪيو. پر
توهان ته
مون
کي ٻيڙين
تي
ويهاري هن
منزل
تي آندو
آهي،
اگر توهان
مون
کي ٻيڙين
تي
نه ويهاريو
ها
ته آئون
به
هڪ هاري
هجان
ها. ان
کان
پوءِ سعيد
پنهنجي ماءُ
پيءُ
کي شهر
وٺي
ويو، جتي
باقي
زندگي تمام
خوشگوار گذارڻ
لڳا. |