تعارف: اي.
آر.
آزاد
ننڍڙو چترڪار
عبدالمالڪ چنا
هونءَ تي
فنون
لطيفه جي
هر
فيلڊ تمام
گهڻي
وسيع هوندي
آهي،
پر جڏهن
آرٽ
جو نالو
ذهن
۾
ايندو آهي،
تڏهن
ائين لڳندو
آهي،
ڄڻ فنون
لطيفه جي
هر
فيلڊ آرٽ
مان
ئي ڦٽي
نڪتي
هُجي ۽ سچ
پچ
ته ائين
آهي.
توهان ڏسندؤ
ته
ڪافي ليکڪ
لفظن
جي مصوري
ڪندا
آهن. ائين
لڪيرن جي
شاري
به ٿيندي
آهي.
جنهن کي
چترڪاري چئبو
آهي.
هونءَ ته
اسان
وٽ سنڌ
۾
شاعر، ڪهاڻيڪار،
مضمون نگار
۽
ڪالم
نويس تمام
گهڻا
آهن، پر
جڏهن
اسان چتڪاريءَ
تي
نظر وجهنداسون
ته
اسان کي
آڱرين تي
ڳڻڻ
جيترا ماڻهو
مس
ملندا. ان
جو
اهوئي سبب
آهي
ته هيءَ
هڪ
ڏکي فيلڊ
۽
هن
فيلڊ ۾ پنهنجو
پاڻ
کي مڃائڻ
لاءِ
تمام گهڻي
جاکوڙ ڪرڻي
پوي
ٿي ۽ مسلسل
جدوجهد ۽ وقت
ڏيڻو
پوي ٿو،
پر
ڪي اهڙا
ماڻهو هوندا
آهن،
جيڪي هر
ڏکي
ڪم کي
چئلينج سمجهي
کڻندا آهن.
اهڙن
ئي ماڻهن
مان
شڪارپور ضلعي
جي
مشهور ڳوٺ،
ميان
جي ڳوٺ
جو
ننڍڙو چترڪار
عبدالمالڪ چنا
به
آهي، جنهن
سوچي
سمجهي هن
فيلڊ
۾
پير پاتو
آهي،
۽
تيزيءَ سان
اڳتي
وڌي رهيو
آهي.
مالڪ چنا
انهن
ماڻهن مان
آهي،
جيڪي ڪنهن
ڪم
کي مقصد
سمجهي کڻندا
آهن،
۽
تيستائين ان
مان
هٿ نه
ڪڍندا آهن،
جيستائين ان
کي
توڙ تائين
نه
رسائيندا آهن.
چترڪاري
(پين ورڪ)
۾
باقاعده جيڪو
آرٽسٽ اسان
کي
ڏسڻ ۾ اچي
ٿو
اُهو گل
محمد
کتري آهي،
هن
ڀٽائي رحه
جي
بيتن جا
پس
منظر ٺاهي
تمام
وڏو ڪارنامو
سرانجام ڏنو
آهي.
تخليقي ڪم
۾
ايڏو
وڏو ڪم
سنڌ
۾
ڪوبه آرٽسٽ
نه
ڪري سگهيو
آهي.
ان کان
پوءِ
ڪافي حد
تائين علي
اڪبر
سومري ۽ سائين
هارون چني
به
ان ڪم
۾
پاڻ
نڀايو آهي.
سندس
چتر به
ڀٽائي ۽ شيخ
اياز
جي بيتن
جي
پس منظر
تي
مشتمل آهن.
ان
کان سواءِ
به
هارون چني
ڪافي
بهتر اسڪيچ
ٺاهيا آهن،
مالڪ
چنا به
گل
محمد کتري،
هارون چنا
جي
تسلسل جو
هڪ
اڻ ٽٽ
حصو
آهي.
اسان
جڏهن چترن
تي
نظر وجهنداسين
ته
اسان کي
سندس
چتر اصلاحي
۽
ڀرپور طنزيه
ڏسڻ
۾
ايندا.
مالڪ
چنا اڃا
شاگرد آهي،
ان
حوالي سان
ڏسندا ته
ڪافي
ننڍي عمر
۾
هن
تمام سٺو
ڪم
ڪيو آهي.
سندس
چترن ۾ ميچوئر
لڪيرون ڏسي
ائين
چئي سگهجي
ٿو
ته هي
مستقبل جو
تمام
وڏو آرٽسٽ
ٿي
سگهي ٿو.
انٽر
پاس ڪرڻ
کان
پوءِ
(N.C.A)
نيشنل ڪاليج
آف
آرٽ، لاهور
ڪورس
ڪرڻ جو
ارادو رکي
ٿو.
هن ڪم
۾
سندس
بنيادي رهنمائي
وڏي
ڀاءُ خالق
چنا
ڪئي آهي.
سندس
پهريون چتر
به
گُل ڦل
فيبروري
1990ع
۾ ڇپيو
۽
پوءِ
مسلسل جدوجهد
کان
پوءِ مستقل
طور
گل ڦل
۾
جاءِ
ٺاهي چڪو
آهي،
سندس پسنديده
شخصيت ۽ پسنديده
آرٽسٽ سائين
فاتح
هاليپوٽو جيڪو
پڻ
هن وقت
استاد اٿس.
نثار
بزمي
ٻارن
۾
آ ساهه
منهنجو ٻارن
۾
آ
ساهه پيل،
مان
گيت اُنهن
لئه
ڇو نه
لکان.
•
هي
ٻار گلن
جا
هار اٿئي،
اي
دوست!
اهي
سينگار اٿئي.
هي
ننڍڙا نه
پَر
جهونجهار اٿئي،
منهنجي ڪوڙيءَ
جا
هي وار
اٿئي.
مان
ڇو نه
انهن
تان صدقي
وڃان،
مان
گيت انهن
لئه
ڇو نه
لکان.
•
پنهنجي ملڪ
جو
مان وڌائيندا،
ويهي
پاڻ ۾ قرب
ڪمائيندا،
پنهنجي ٻيڙي
ڪناري لڳائيندا،
پنهنجي چاهت
کي
چمڪائيندا.
اهڙي
اس ڀلا
مان
ڇو نه
رکان،
مان
گيت انهن
لئه
ڇو نه
لکان.
•
ڪندا
قوم جي
خدمت، ڇو
نه
ڪندا،
پنهنجي ظاهر
عظمت
ڇو نه
ڪندا.
پنهنجي روشن
قسمت
ڇو نه
ڪندا.
اهڙي
حاصل رحمت
ڇو
نه ڪندا.
تن
کي هر
هر
ٿو مان
دعائون ڏيان،
مان
گيت انهن
لئه
ڇو نه
لکان.
•
پڙهي
علم ڏياٽيون
ٻاريندا،
پنهنجن بابن
جي
دل ٺاريندا،
بڻجي
گهوٽ وطن
۾
گهاريندا،
پنهنجيءَ سنڌڙيءَ
کي
پيا سنواريندا،
تنکي
سورهيه بزمي
ڇو
نه چوان،
مان
گيت انهن
لئه
ڇو نه
لکان.
تابش
بخاري
ٻهراڙيءَ جو
ٻار
مان
ٻار ته
هاريءَ جو
مشڪل
سان پڙهان
ٿو
مان
هر
صبح جيان
ٿو
مان هر
شام
مران ٿو
مان
هي
اُٺَ ڪتابن
جا
ڪيئن سر
تي
کڻي سگبا،
معصوم ڪلهن
تي
هي بس
بار
سهان ٿو
مان
اسڪول جي
في
جي لاءِ
هر
روز ٿي
مار
ملي،
هي
زهر غريبي
جو
هر روز
پيان
ٿو مان
تعليم غريبن
جي
ڄڻ قسمت
۾
ناهي
کڻي
ٿالهه هي
ڇولن
جو بس
گهور
ڪيان ٿو
مان
مزدور ۽ هاريءَ
جا
ڏس ٻار
وڃن
ڪاڏي
هي
سوال حڪومت
جو
هر بار
پڇان
ٿو مان
مون
کي ورثي
۾
آ
ملي هي
غربت
ننڍپڻ کان
پنهنجي قسمت
تي
روئي سڀ
سور
سليان ٿو
مان
هتي
انگلش ميڊيم
۾
ٿا
ٻار پڙهن
تنهنجا
هتي
ڪِلڪِ سان
ڦرهي
تي پريار
لکان
ٿو مان
مون
کي مستقبل
جو
ٿا معمار
چئو
سڀئي
پر
حال ڏسي
پنهنجو بي
حال
ٿيان ٿو
مان
انڌن
جي اڳيان
روئي
تون زيان
نه
ڪر ڳوڙها
ٻٻرن
کان اي
تابش
ڇو هت
ٻير
گهران ٿو
مان.
تيجو
رام سُوٽهڙ
کچڻي
پيارا ٻارو!
ڳالهه ٿا
ڪن
ته هڪ
ڳوٺ
۾
پريم نالي
هڪ
همراهه رهندو
هو.
هو هڪ
ڏينهن بيمار
ٿي
پيو. ڊاڪٽر
سندس
ڳوٺ کان
پرڀرو رهندو
هو.
سو همراهه
ساهيون پٽيندو
ڊاڪٽر وٽ
پهتو.
ڊاڪٽر تپاسي
کيس
دوا ڏني،
پر
پرهيز ۾ صرف
”کچڻي“ کائڻ
لاءِ
چيائين.
ڊاڪٽر کان
دوا
وٺي ڳوٺ
طرف
راهي ٿيو
ته
گس تي
همراهه کي
لفظ
”کچڻي“ وسري
ويو،
ڪافي ذهن
تي
زور ڏنائين،
اوچتو سندس
ذهن
تي
”کاءُ
چڙي“
لفظ تري
آيو.
سوچيائين ته
لفظ
کي ڏاڍيان
چوندو وڃان
ته
جيئن وري
وسري
نه وڃي.
”کاءُ
چڙي کاءُ
چڙي“
ڪندو ٿورو
اڳتي
وڌيو ته
گس
تي ٻنيءَ
۾
هاري
جهار پي
هڪلي، هيءَ
جو
ڏاڍيان چوندو
ويو،
سو هاريءَ
جي
ڪن تي
جڏهن
اهي لفظ
”کاءُ
چڙِي“ يعني
کاءُ
جهرڪي پيا
ته
سڄو ڪاوڙ
۾
باهه
ٿي ويو
۽
ڪاوڙ
۾
اچي لٺ
کڻي
همراهه کي
مار
ڏنائين ۽ چيائين
ته
”کاءُ
جهرڪي نه
پر،
”اڏام
جهرڪي“ چئو.“
پريم
ويچارو مار
کائي، اهي
لفظ
ورجائيندو اڳتي
وڌيو
ته رستي
۾
مهاڻي ڍنڍ
مان
پئي مڇي
ماري، تنهن
جو
اهي لفظ
ٻڌا
ته گرم
ٿي
پيو ۽ هن
به
ڪاوڙ ۾ اچي
لٺ
کنئي همراهه
کي
سٽي وڌو۽
چيائين ته
”اڏام
جهرڪيءِ“ نه
پر
چئو ”ڦس جهرڪي،
ڦس
جهرڪي“ پريم
ويچارو هتان
به
مار کائي
اڳتي
وڌيو ته
رستي
۾
چور ملي
ويس،
تن جو
اهي
گفتا ٻڌا،
انهن
به اچي
ورتس
۽
هڻي گنج
ڦيهي
رکيائونس ۽ چيائونس
ته، ائين نه
پر
چئو ته
”اي
داتا اميدون
پوريون ڪر.“
همراهه اتان
به
مار کائيندو
اهي
لفظ ورجائيندو
اڳتي
وڌيو ته
رستي
تي ڏڍائين
ته
جنازو کنيو
پيا
اچن، تن
جو
اهي گفتا
ٻڌا،
انهن کي
سخت
ڪاوڙ لڳي،
هو
اڳيئي ڏک
۾
هئا،
سو انهن
اچي
ورتس ۽ چيائين
ته
ائين نه
پر
هئن چئو
ته
”شل
اهڙي جڳ
جهان
سان نه
ٿئي.“
پريم
ويچارو اهي
لفظ
ورجائيندو مس
وک
کنيائين ته
اوچتو ڄڃ
اچي
ويئي، تن
جو
اهي لفظ
ٻڌا
ته انهن
ڪاوڙ
۾
اچي همراهه
کي
ڊاهي وڌو،
گهوٽ
جي پيءُ
چيو
”جهليوس نڀاڳي
کي
ڪڍوس کچڻي.....!“
پريم
جو اهو
کچڻي
لفظ ٻڌو
ته
گهوٽ جي
پيءُ
جي پيرن
تي
ڪري پيو
۽
همراهه معافي
وٺي
کچڻي کچڻي
چوندو اچي
گهر
ڀيڙو ٿيو
۽
وڌيڪ
مريض ٿي
پيو.
نديم
علي خواجه
فن
۾
مهارت
چون
ٿا ته
هڪ
ملڪ ۾ ٻه
مصور
يعني تصويرون
ٺاهيندڙ رهندا
هئا،
پر اهي
ٻئي
پنهنجو پاڻ
کي
هڪ ٻئي
کان
وڌيڪ ذهين
سمجهندا هئا
۽
تصويرون ٺاهڻ
۾
هوشيار ۽ مهارت
رکندڙ هئا.
هڪ
دفعي انهيءَ
ملڪ
جي بادشاهه
ٻنهي
ڄڻن کي
گهرائي چيو
ته:
”مون
کي هڪ
درياءَ جي
تصوير ٺاهي
ڏيکاريو. بادشاهه
جي
حڪم تي
ٻنهي
ڄڻن درياءَ
جي
تصوير ٺاهي
بادشاهه کي
پيش
ڪئي، بادشاهه
ٻنهي
جي تصويرن
کي
پسند ڪري،
هڪ
جيترو انعام
ڏنو،
جنهن تي
هڪ
مصور چيو
ته:
”منهنجي تصوير
ٻئي
مصور جي
تصوير کان
سٺي
آهي، جنهن
ڪري
مون کي
وڌيڪ
انعام ڏنو
وڃي.“ جڏهن
ٻئي
مصور اها
ڳالهه ٻڌي
ته
هن به
ساڳئي ڳالهه
ڪئي،
جنهن تي
بادشاهه پريشان
ٿي
ويو ۽ پنهنجي
وزير
کي صلاح
ورتي، وزير
چيو
ته
”انهن
مصورن کي
اهڙي
تصوير ٺاهڻ
جو
حڪم ڏنو
وڃي،
جنهن ۾ حقيقت
جو
روپ هجي،“
بادشاهه کي
وزير
جي اها
ڳالهه تمام
گهڻي
پسند آئي
۽
هن
ٻنهي مصورن
کي
چيو ته:
”مون
کي اهڙي
تصوير ٺاهي
ڏيکاريو، جنهن
کي
ڏسندي اهو
محسوس ٿئي
ته
اها تصوير
نه
پر حقيقت
آهي
۽
جيڪو به
اهڙي
تصوير ٺاهيندو،
تنهن
کي نه
صرف
انعام ڏنو
ويندو، پر
اُنهي کي
هن
درٻار ۾ سٺي
عهدي
تي به
رکيو
ويندو.“ ٻنهي
مصورن بادشاهه
کي
هڪ سال
جي
موڪل ورتي
۽
پنهنجي پنهنجي
ماڳ
روانا ٿي
ويا.
هڪ
سال کان
پوءِ
اهي ٻئي
گڏجي
بادشاهه وٽ
آيا
۽
چيائون ته:
”بادشاهه سلامت
اسان
پنهنجي ذهن
۽
قابليت جي
مطابق تصويرون
تيار
ڪيون آهن،
مهرباني ڪري
اسان
سان گڏجي
هلي
تصويرون ڏسون
۽
فيصلو ڪريو.“
بادشاهه کين
چيو
”ته
اُهي سڀڻي
اچن
ته جيئن
اُنهن سان
گڏجي
هلي تصويرون
ڏسجن.“
ٻئي
ڏينهن اهي
ٻئي
گڏجي وري
بادشاهه وٽ
آيا،
بادشاهه، وزير
۽
ڪجهه
عملدار گڏجي
ٻنهي
مصورن جون
ٺاهيل تصويرون
ڏسڻ
لاءِ روانا
ٿي
ويا.
جڏهن
اهي پهرين
مصور
جي گهرجي
دروازي وٽ
پهتا
ته، ڏٺائون
ته
درواي تي
انگورن جو
هڪ
ڇڳو لڙڪي
رهيو
هو، جنهن
تي
ڪجهه پکي
چهنبون هڻي
رهيا
هئا، جڏهن
بادشاهه ۽ وزير
دروازي جي
ويجهو پهتا
ته
پکيءَ اُڏامي
ويا.
انهي تي
مصور
چيو ته:
”بادشاهه سلامت
اهو
انگورن جو
ڇڳو
ئي منهنجي
تصوير آهي.“
بادشاهه انهيءَ
تصوير کي
تمام
گهڻو پسند
ڪيو،
انهي کان
پوءِ
سڀ گڏجي،
ٻئي
مصور جي
گهر
ڏانهن روانا
ٿيا،
جڏهن بادشاهه
سندس
گهر پهتو
ته
پڇيائين:
”تنهنجي
تصوير ڪٿي
آهي؟“
”بادشاهه
سلامت منهنجي
تصوير انهيءَ
پردي
جي پويان
آهي،
پر شرط
اهو
آهي ته
پهرين منهنجي
تصوير کي
اهو
مصور پردو
هٽائي ڏسندو.“
هن
جواب ڏنو.
بادشاهه پهرئين
مصور
کي اشارو
ڪيو
۽
هو اڳتي
وڌي
پردو هٽائڻ
لڳو،
جڏهن هن
جو
هٿ پردي
کي
لڳو ته
خبر
پئي ته
اهو
پردوئي اصل
تصوير آهي.
بادشاهه اهو
ڏسي
حيران ٿي
ويو،
پهريون مصور،
ٻئي
مصور طرف
وڌيو
۽
سندس هٿن
کي
چمندي چيائين
ته:
”اي
دوست! تون
مون
کان وڌيڪ
قابل
آهين، منهنجي
تصوير تي
ته
صرف پکين
دوکو
کاڌو، پر
تنهنجي تصوير
تي
ته هڪ
مصور
به دوکو
کائي
ويو.“
بادشاه اهو
ٻڌي
تمام گهڻو
خوش
ٿيو ۽ ٻنهي
مصورن کي
تمام
گهڻو انعام
ڏنائين، پهرئين
مصور
پنهنجو انعام،
ٻئي
مصور جي
قدمن
۾
رکندي چيو
ته
”انهيءَ جو
حقدار به
تون
آهين، پر
ٻئي
مصور کيس
انعام واپس
ڪيو،
اهڙي طرح
ٻئي
مصور بادشاهه
وٽ
رهڻ لڳا!
اسماء هارون
رمجو
داد گير!
”اڙي
ادي!
مان
ته هن
کان
ڏاڍي تنگ
آهيان! هي
نه
پيءَ جي،
نه
منهنجي، ڪنهن
جي
ڳالهه نٿو
مڃي!
نڀاڳو سڄو
ڏهاڙو آواره،
ڇوڪرن وانگر
هيڏانهن هوڏانهن
گهمندو وتي
ٿو!
هڏ حرام
ٿي
ويو آهي!
ادي!
مان ته
صفا
ڪڪ ٿي
وئي
آهيان، هن
ڇوڪر
کان!“
رمجوءَ جي
اڻ
پڙهيل ماءُ
ٿڪجي
هارائجي پنهنجو
ڪپت
جي ڪرتوتن
جو
ڀانڊو ڦوڙي
رهي
هئي!
”رمجو
جي پيءُ
کي
چئي کيس
ڪنهن
ڪم تي
لڳارائينس نه!“
ڀر
۾
رهندڙ پاڙي
واريءَ پنهنجي
ليکي
سٺو مشورو
ڏيندي چيو.
”توبهه!
توبهه!“ پنهنجي
ٻنهي
ڪنن کي
ڇهندي رمجوءَ
جي
ماءُ چوڻ
لڳي:
”اهو
به
ڪري ڏسي
ورتم
منهنجيءَ ڀيڻ!
ڪم
بخت به
ڪٿي
ٽڪڻ جو
نالوئي ڪونه
ٿو
وٺي! ٻن
ڏينهن ۾ ڪم
ڪار
ڇڏي اچي
گهر
ويهو رهي!“
”چڱو
ته ٻُڌ!
ائين
ڪر- کيس
ڪو
معمولي ڪاروبار
ڪرائينس- ائين
قابو
۾
اچي ويندو!“
پنهنجي مٿي
کي
آهستي سان
هٿ
هڻندي رمجوءَ
جي
ماءُ چوڻ
لڳي:
”نڀاڳو
نڪمو، ڪو
ڍنگ
جو ڪم
ڄاڻيندو ته
هجي،
تڏهن نه!
پڻس
ڇهه مهينا
ڳ
۾
ڪرياني جو
دوڪان کولارائي
ڏنس،
مهيني اندر-
هوءَ
نه چوندا
آهن
ته
”لک
جا
ٻارهن هزار
ڪرڻ“- سو،
هن
مورک ۽ هن
کان
وڏي، ٻنهي
ڀائرن ڇت
تائين ڀريل
دوڪان سان
ساڳي
ڪار ڪئي!
سڄو
ڌنڌو چوپٽ
ڪري
وڌائون.“
پندرهن، سورهن
سالن
جو رمجو
سڄي
پاڙي ۾ بدنام
ڇوڪرو هو.
هر
ڪنهن سان
جهيڙو، ڌڪ،
گندگار- اها سندس
روز
جي ماجرا
هئس!
خير سان
اهڙن
معاملن ۾ هو
پهريون نمبر
هو!
سڄي علائقي
۾
”داداگير“
سڏبو هو!
سندس
پيءَ ڪڻڪ
منڊيءَ ۾ ڪميشن
ايجنٽيءَ جو
ڪم
ڪندو هو.
ماءُ
پيءُ ويچارن
ٻنهي
لک جتن
ڪري
ڏٺا، مگر
رمجو
ته پُٺي
تي
هٿ ڌرڻ
ئي
ڪونه ڏيندو
هو!
روزانو صبح
۽
شام،
سندس بابت
گلائون ۽ شڪايتون
ٻڌي
ٻڌي رمجوءَ
جي
قسمت ماريل
ماءُ
ايتري قدر
تنگ
آيل هئي.
جو
اڄ هن
ويچاريءَ پنهنجي
پاڙي
واريءَ کي
دل
جو سڄو
ڏکڙو
اوري ڏنو-
شايد
ان طرح
ڏکاريءَ جو
غم
ڪي قدر
ته
هلڪو ٿيو
هجيس!
چار
هفتا اڳ
۾
رمجوءَ جي
پيءُ
هڪ ڳالهائيندڙ
قميتي طوطو
خريد
ڪري آندو
هو.
”مٺوُ! مٺو
پٽ!“
”چُوري
کائيندين!“
”رمجو
آيو!“
”الله
الله
چئه!“ ايتريون
ساريون ڳالهيون
ڪرڻ
وارو طوطو!
سڄو
سارو ڏينهن
گهر
۾
ڄڻڪ رونق
لڳي
پيئي هوندي
هئي!
در
ٺڪاءُ ڪري
کُليو ۽ رمجو
ڪاوڙيل حالت
۾
گهر
اندر داخل
ٿيو.
پڪ ٻاهر
ڪنهن
سان هن
جو
جهيڙو جهڳڙو
ٿيو
هو.
”مٺو!
مٺو
پٽ! رمجو
آيو
آهي! الله
الله
چئه!“ معمول
مطابق طوطي
جي
مٺين لاتين
جي
خوشبوءِ گهر
جي
فضا ۾ ڦهلجڻ
لڳي!
اوچتو رمجو
اندر
ائين ڪمري
مان
ڀڻڪندو ٻاهر
نڪتو
۽
ٻُهاري مان
هڪ
تيلي ڪڍي
طوطي
تي ڪاهي
پيو!
پڃري اندر
تيلي
وجهي طوطي
کي
لڳاتار ڇڀائڻ
لڳو!
معصوم پکي،
رمجو
جي اوچتي
حملن
جي وسڪارن
کان
پاڻ کي
بچائڻ خاطر
پڃري
۾
ساڄي، کاٻي،
مٿي،
هيٺ، گنجائش
آهر
تکي تکي
چڪرن
سان گڏ
ٽيون- ٽيون
به
ڪري رهيو
هو!
ٻُهاري جي
سخت
ڪاني ان
جي
نرم ۽ نازڪ
جسم
جي ڪومل
کل
۾
هر هر
چڀي
ان کي
دردناڪ اذيت
پهچائي هئي!
رمجو
تي ته
ڄڻ
ڪاوڙ جو
ڪو
ڀُت سوار
هو!
هوُ ظالم،
ڪانيءَ سان
ساندهه حملن
مٿان
حملا ڪري
رهيو
هو! طوطي
دل
ڏاريندڙ چيڪاٽ
ڪئي!
ٻُهاري جي
تيلي
مظلوم طوطي
جي
هڪ اک
۾
پيهجي وئي
هئي!
رمجو تيلي
ڇڪي
ٻاهر ڪڍي
۽
پوءِ
يڪدم اُٿي
کڙو
ٿيو. طوطو
درد
وچان ڦٿڪي
ڦٿڪي
دانهون ڪري
رهيو
هو! رمجو
ڪاوڙيل اکين
سان
هن کي
گهوريندو گهر
مان
ٻاهر هليو
ويو!
گهٽيءَ ۾ ڪي
ڇوڪرا، آلي
مٽيءَ ۾ لوهي
شيخ
سان راند
ڪري
رهيا هئا.
هڪڙو
ڇوڪر، ان
سيخ
کي جهلي
آلي
زمين تي
زور
سان هڻندو
هو-
سيخ نرم
زمين
اندر پيهجي،
جي
اُڀي رهي
ته
اهو ٻار
ٻيهر
ساڳيو عمل
ورجائيندو هو،
جيڪڏهن سيخ
زمين
۾
نهٿي وئي
ته
اهو ٻار
”آئوٽ“ ليکبو
هو،
پوءِ ٻيو
ڇوڪرو پنهنجو
وارو
شروع ڪندو
هو،
هنن نينگرن
ڀرسان لنگهندي
رمجوءَ جي
دل
۾
مڄاڻ ڇا
خيال
آيو، هن
ٻار
کان سيخ
کسي
پوري طاقت
سان
زمين تي
هنئي! زمين
اندر
پيل سخت
پٿر
سان ٽڪرائڻ
سببان لوهي
سيخ
موٽي وري
اچي
رمجوءَ جي
اک
۾
ٽنبجي وئي!
سيخ
جي نوڪ
هن
جي کاٻي
اک
اندر پيهجي
وئي
هئي! ڳاڙهي
رت
جو ڦورهارو
وهي
نڪتو ۽ ان
سا
گڏ اک
جي
پتلي ٻاهر
نڪري
آئي ۽ گهڙيال
جي
پينڊولم جيان
لڏڻ
لڳي! يڪدم
هل
حشر مچي
ويو!
زخمي رمجو
کي
فوراً اسپتال
نيو
ويو.
ڏهن
ڏينهن بعد
جڏهن
هو اسپتال
مان
گهر موٽيو
ته
پنهنجي کاٻي
اک
جي نور
کان
محروم ٿي
چڪو
هو! شايد
معصوم پکيءَ
جي
پٽ ۽ بددعا
محلي
وارن کي
سندس
”داداگيري“ کان
ڇوٽڪارو ڏياريو
هو!!....
آزاد
مير محمد
ڪليري
وڻ
جي ڪهاڻي
جيءَ
هائو! مان
وڻ
آهيان، فقط
ٻن
اکرن و
۽
ڻ
جي ميلاپ
سان
منهنجو نالو
ڳِڻهڻ ۾ اچي
ٿو،
جڏهن کان
انسان ذات
وجود
۾
آئي ۽ سيدنا
حضرت
آدم عليہ
السلام جا
قدم
مبارڪ هن
ڌرتيءَ تي
پيا
ته مان
انسان توڙي
حيوان جي
شيوا
ڪرڻ لاءِ
اڳيئي هت
ڌرتيءَ جي
سيني
تي سنواريل
هوس.
جيءَ، مان
وڻ
آهيان ۽ انهيءَ
ڳالهه تي
پاڻ
پڏائي سگهان
ٿو
ته، ڌڻي
سائين جنهن
انسان جي
پنهنجي ڪلام
پاڪ
۾
ساراهه ڪئي
ته
انهيءَ جي
ستر
پوشيءَ جو
شرف
پڻ ڏيهه
جي
ڏاتار پاران
مون
کي عطا
ٿيو
۽
منهنجي پنن
سان
انسان پنهنجي
اوگهڙ ڍڪي.
ڌرتي
جي جسم
تي
انسان پيرو
رکڻ
بعد ڪاٺ
جي
ضرورت محسوس
ٿي
ته مون
”وڻ“
۽
منهنجي وڻن
جي
سموري برادري
انسان ذات
جي
سک سهنج
آرام
۽
آسائش لاءِ
ڪتب
اچڻ لڳي
۽
زمانه اول
کان
وٺي اڄ
تائين منهنجو
۽
انسان ذات
جو
پاڻ ۾ سٻنڌ
رهندو ٿو
اچي.
انسان کي
هن
ڌرتي تي
پنهنجي حياتي
گذارڻ لاءِ
کاڌي
۽
خوراڪ جي
ضرورت محسوس
ٿي
۽
اِها گهرج
انسان کي
ڌرتيءَ جو
سبب
چيري حاصل
ڪرڻي
هئي، جنهن
لاءِ
”هرَ“
جوڙيو ويو
۽
اهو
منهنجي ئي
جسم
کي وڍي
چيري
ٺاهيو ويو،
هَر،
پاڃاري، مٺيو،
مون
هَر جي
جسم
جا مختلف
نالا
آهن ۽ انهيءَ
هَر
جي صورت
۾
مون
انسان کي
کيت
کيڙڻ ۾ جوڳي
مدد
ڪئي، ۽ سندس
ٻانهن ٻيلي
ٿيس
۽
اڄ تائين
سندس
ساٿي آهيان.
انسان کي
محنت
۽
مُشقت بعد
آرام
جي طلب
ٿي
رهي ته
انهيءَ حالت
۾
به
آءُ
”وڻ“
سندس
مدد ۾ بيٺو
ڏسڻ
۾
ايندس، منهنجي
هيٺيان اچي
آسائش وٺي
ته
کيس ٿڌي
ڇانوَ ڏيان
۽
منهنجي ئي
جسم
کي چيري،
ڦاڙي، وڍي،
ڪٽي
پنهنجي سک
سهنج
لاءِ کٽون،
ٻيون
انيڪ قسم
جون
شيون جوڙي
ڪتب
آڻي.
مان
”وڻ“
آهيان، ۽ مون
انسان ذات
کي
سندس زندگي
بچائڻ ۽ هن
ڌرتي
تي قيامت
تائين قائم
رهڻ
لاءِ پنهنجي
هنج
۾
جاءِ ڏني.
جڏهن
هن ڌرتيءَ
جي
ويجهو پاڙيسري
مها
ساگر اکيون
ڦيري
انسان ذات
کي
ٻوڙي مارڻ
لاءِ
سنڀري آيو
ته
آگي اڳيان
جهڪندڙن کي
ڌڻي
سائين منهنجي
سام
يا پناهه
هيٺ
ڏنو. اهو
نوح
عليہ اسلام
جي
ٻيڙي، مان
”وڻ“
ئي ته
هوس،
جنهن جي
ڪايا/جسم
کي ڪپي
ڇلي
اهو ٻيڙو
تيار
ڪيو ويو
۽
اڄ
تائين منهنجو
وجود
قائم آهي،
جنهن
جي سيني
تي
انسان سدا
سوار
نظر اچي
ٿو
۽
پيو ايندو.
اي
انسان! مان
وڻ
آهيان مون
کي
سڃاڻڻ لاءِ
توکي
پاڻ پتوڙي
پاڻ
سڃاڻڻ آهي.
مان
”وڻ“
آهيان، اي
انسان! مان
توسان پنهنجي
ڀيٽ
ته نٿو
ڪري
سگهان، مون
۾
ايتري وڄا
طاقت
ڪانهي، جو
پاڻ
کي انسان
سان
ڀيٽيان. ڇاڪاڻ
ته
انسان کي
”اشرف
المخلوقات“ جو
درجو
عطا ٿيل
آهي،
۽
ڌڻي پاڻ
انسان جي
جوڙ
جڪ جي
ساراهه ڪئي
آهي،
پر اڄ
مان
جو انسان
اڳيان هام
هڻان
ٿو، سا
ايتري جو
تون
نافرمان آهين،
مان
نافرمان ناهيان
۽
اهو
توتي ڏوهه
ڪونه
ٿو مڙهيان
”هٿ
ڪنگڻ کي
آرسيءَ جي
ڪهڙي
ضرورت“ نافرماني
۽
حڪم
عدوليءَ سبب
ته تنهنجي هدايت
لاءِ
سيدنا حضرت
آدم
عليہ السلام
کان
وٺي مِٺي
محبوب محمد
مصطفى صلي
الله
عليہ وسلم
تائين ڌڻي
سائين نبي
موڪليندو رهيو.
پر
مان وڻ
آگي
جي عنايت
سبب
ڌڻيءَ جي
ٻانهپ جو
حق
ادا ڪندو
رهيس، ڪندو
رهان
ٿو ۽ ڪندو
رهندس.
مان
وڻ آهيان،
مون
کي منهنجي
اُپائيندڙ صبر
۽
تحمل
جا گُڻ
عطا
ڪيا آهن،
ٻين
کي سک
سهنج
ڏيڻ ۽ پاڻ
اهنج
ايذاءُ سهڻ
جي
بي پناهه
قوت
مليل اٿم.
مان
وڻان سڀ
ڪنهن
کي ٿو.
منهنجي خبر
انهن
سانگين جهانگيرن
کان
پُڇو جن
کي
منهنجي ڇانوَ
جي
ڳولها رهي
ٿي،
ڪهڙو ٻڪرار،
ريڍار، ڳنوار،
ميهار ۽ اوٺي
آهي،
جنهن کي
منهنجي ڇانوءَ
جي
تلاش نه
هجي.
مان
وڻ آهيان
۽
انسان دوست
آهيان، مون
۾
ٻه
اکيائي يا
تڪبير بنهه
ڪونهي، مون
کي
جڏهن ڌڻي
سائين نوازيندو
آهي
۽
مان مختلف
ميون
سان ڳتيل/جهڪيل هوندو
آهيان. آءٌ
انسانن وانگر
دولت
جي نشي
۾
سينو
تاڻي ڪونه
هلان، مون
۾
جيترو ڦل
هوندو، اوترو
نياز
۽
نئڙت ۾ ڏسندا.
مان
وڻ آهيان،
سدائين نمي
کمي
نهاريان ڏمر
ڪرڻ
کي ڏک
نه
ڄاڻان، صبر
ڪرڻ
ڏک سهڻ
منهنجي فطرت
آهي.
منهنجي صبر
۽
تحمل
کي آزمائڻ
لاءِ
پکين جهنبون
هيون
ڪجهه ڦل
کاڌائون ته
ڪجهه
ڦٽو ڪيائون.
ٻارن
پٿر جو
وسڪارو ڪيو،
ڪن
هٿ چُراند
ڪئي
ته ڪن
وري
منهنجي ئي
جسم
مان نڪتل
لڪڻن
سان مون
کي
سٽيو ۽ ڪٽيو
ڪن
پٿر هنيا،
پر
مجال جو
مون
ڪا دانهن
ڪئي
هجي.
مان
وڻ آهيان،
اڄ
به منهنجي
ڇانوَ ۾ محفلون
۽
مجلسون ٿين،
ڏينهن هجي
يا
رات ولهه
يا
ماڪ کان
پاڻ
بچائڻ لاءِ
ڪيترائي ساهوارا،
اچيو
پناهه وٺن.
آءٌ
جيئن ڏينهن
جو
اُس ۾ سڙان
۽
پچان
۽
ٻين جو
ڇٽ
بڻجي ڇانءُ
ڏيان، تيئن
روي
رات جو
سيءَ، واءُ
۽
ماڪ
پاڻ سهان،
۽
پنهنجي پناهه
۾
آيل
جو تحفظ
ڪريان.
مان
وڻ آهيان!
مان
پنهنجي اندر
۾
به
جاءِ ڏيڻ
کان
ڪين ڪيٻايان،
مون
وٽ انسانن
وانگر ذات
پات
جو فرق
ڪونهي، سڀني
کي
هڪ نظر
سان
ڏسان.
مان
وڻ آهيان!
مون
کي وڍيو،
ڪٽيو، ڇليو
۽
ڇانگيو وڃي
ٿو
۽
ضرورت مهل
ٻاريو ساڙيو
به
وڃي ٿو،
پر
ڪُڇان ڪين،
مجال
جو ڪا
ٻڙڪ
ٻاهر نڪري.
مان
آخر ۾ انسان
کي
جنهن جي
خدمت
۾
منهنجو سمورو
جسم
نڇاور ٿيو
وڃي،
ايترو عرض
ڪندس
ته ڪنهن
ڌاريئي يا
غير
تي ڀروسو
ڪري
پنهنجي جو
ويري
نه ٿين.
مان
لوهه تي
ڀروسو ڪري
ڪهاڙن جو
ٻيلي
ٿيس ۽ اڄ
تائين وڍجان
پيو
ڪٽجان پيو.
تون
به اي
انسان! اها
غلطي
ڪيئي ته
پوءِ
هاڃي ۾ هڄي
ويندين، لطيف
سائين ڏسو،
مون
لاءِ ڪهڙو
نه
سهڻو مثال
ڏنو
آهي: دل
ڪر
درخت ج
دستور سو،
توهين به
مون
وانگر ٻين
کي
خوشيون ڏيو.
سنڌيڪار: حفيظ الله
”حفيظ“
بادشاهي ڪوڙ
پيارا ٻارو،
ڳالهه ٿا
ڪن
ته خُسرو
نالي
هڪ شخص
ڪنهن
بادشاهه جي
درٻار ۾ حاضر
ٿيو
۽
بادشاهه کي
عرض
ڪيائين ته:
”قبلا
سائين“ مان
توهان جي
غلامي ڏيندس،
مون
کي توهان
جي
پگهار وغيره
نه
کپي، بس
مون
کي رهائش
لاءِ
هڪ کٽولو
۽
بسترو کپي،
توهان جو
هر
ڪم ڪار
خادم
خسرو ڪندو.“
بادشاهه به
ڪو
لالچي هو،
سو
ڏاڍو خوش
ٿيو،
پر خسرو
بادشاهه کي
هڪ
عرض ڪيو
ته: ”بادشاهه سلامت
هڪ
شرط آهي.“
بادشاهه چيس
ته:
”ٻڌاءِ“ تنهن
تي
خسرو چيو
ته:
”مان
سال ۾ هڪ
ڪوڙ
ڳالهائيندس، پر
توهان مون
کي
سزا نه
ڏجو،“ بادشاهه
چيو
ته چريو
وري
ڪهڙو ڪوڙ
هڻندو، سو
بادشاهه چيس
ته:
”ٺيڪ
آهي، تون
ڀلي
ڪوڙ هڻجان.“
ائين
ئي ڪافي
ڏينهن گذرندا
ويا،
خسرو به
بادشاهه جو
پڪو
غلام ٿي
ويو
۽
هو هر
ڪم
ڪار خسروءَ
جي
ڪلهن تي
هوندو هو.
هڪ
ڏينهن بادشاهه
کي
ڀر واري
ملڪ
جي بادشاهه
دعوت
تي گهُرايو،
بادشاهه دعوت
۾
شريڪ
ٿيڻ لاءِ
پهتو.
چوندا آهن،
بادشاهه آخر
بادشاهه آهي،
هو
ڪنهن به
ڳالهه کي
دل
۾
ناهي رکندو،
سو
ڪوڙ واري
ڳالهه به
وساري ويٺو
هئو،
دعوت جو
انتظام سٺي
نموني ۾ ٿيل
هو،
طعام پلاءٌ
تيار
ٿي چُڪا
هئا،
بس کائڻ
لاءِ
بادشاهه ۽ وزير
ويٺا
ئي مس
ته
مٿان خادم
خسرو
اچي پهتو
۽
سهڪندي ئي
پنهنجي بادشاهه
کي
چيائين ته
”بادشاهه سلامت
تنهنجي ملڪ
تي
وڏو طوفان
مينهن ۽ زلزلو
آيو
آهي، جنهن
ڪري
تنهنجو سڄو
خاندان چَٽُ
۽
بادشاهي پَٽُ
ٿي
ويا آهن.“
اهو
ٻڌڻ سان
بادشاهه سلامت
۽
ٻيا
وزير سڀ
پيرين اگهاڙا
روئندا پٽيندا
محلا
ڏانهن وٺي
ڀڳا،
خادم خسرو
واٽ
تان ئي
هنن
کان اڳ
۾
لڪي
محلات ۾ پهتو
۽
سڀني
نوڪرن، بادشاهه
راڻين، ٻارن
ٻچن
کي اطلاع
ڪيائين ته“
بادشاهه سلامت
کي
نانگ ڏنگ
هنيو
آهي، سو
کڻايو پيا
اچنس، اهو
ٻڌي
محلا جون
راڻيون نوڪر
سڀ
ڀرواري ملڪ
ڏانهن راهي
ٿيا.
واٽ تي
ٻئي
ڌريون پاڻ
۾
مليون ۽ هڪ
ٻئي
کي زندهه
ڏسي
اچرج ۾ پئجي
ويا،
پوءِ هڪ
ٻئي
کان حال
احوال ورتن،
هيڏانهن وري
خسرو
نوابن وانگي
بادشاهه جي
ڪرسيءَ تي
ويٺو
هو، اچڻ
شرط
بادشاهه خادم
خسرو
يڪدم بادشاهه
کي
ياد ڏياريو
ته
هن، هن
کي
سال ۾ هڪ
ڪوڙ
هڻڻ جي
اجازت ڏني
هئي،
بادشاهه هن
کي
مارايو ڪونه
پر
خسروءَ کي
چادر
هڻائي محلات
مان
ڀڄائي ڇڏيو.
عبدالله عاصم
سومرو
استاد جي
عظمت
هارون رشيد
جهڙو
دٻدٻي وارو
خليفو، جڏهن
پنهنجي ٻن
پٽن
امين ۽ مامون
جي
تعليمي ڪيفيت
معلوم ڪرڻ
لاءِ
مدرسي ۾ پهتو،
تڏهن
استاد صاحب
جن
خليفي جي
آمد
تي استقبال
لاءِ
اٿيا، مگر
استاد جي
چمپل
کي سڌو
ڪري
رکڻ تي
ٻئي
شزادا اٽڪي
پيا.
امين چوي
ته
مان سڌي
ڪريان ۽ مامون
چوي
ته مان
سڌي
ڪريان. آخر
استاد اهو
فيصلو ڪيو
ته
هڪ چادر
امين
سڌو ڪري
۽
هڪ
مامون، شهزادا
اڃا
پادر سنواري
ئي
رهيا هئا،
ته
خليفو به
اچي
مٿان پهتو،
ان
تي استاد
ڪجهه
لڄي ٿي
رهيو
هو، ته
متان
خليفو ناراض
ٿي
وڃي، ان
ڪري
خليفي جي
ڳالهائڻ کان
اڳ
۾
کيس مخاطب
ٿيندي چيائينس:
”سائين! هنن
کي
چمپل سنوارڻ
لاءِ
مون ڪونه
چيو
آهي، مگر
هي
پاڻ سنواري
رهيا
آهن“ ان
تي
خليفي چيو
ته:
”چاهي
هي پاڻ
سنوارن يا
اوهان حڪم
ڏيو،
مون کي
ان
ڳالهه تي
ڪو
اعتراض ڪونهي،
مان
ته ناراض
ٿيڻ
جي بجاءِ
اڄ
تمام گهڻو
خوش
ٿيو آهيان،
شايد
اڳ ايترو
خوش
نه ٿيو
جان
۽
مان ان
لاءِ
ته مدرسي
۾
ايندو آهيان
جيئن
هنن جي
اخلاقي ڪيفيت
معلوم ڪري
سگهان.“
اهڙي
ئي قسم
جو
واقعو ٻئي
دفعي
به پيش
آيو،
شهزادو امين
استاد جي
پيرن
تي برني
سان
پاڻي هاري
رهيو، هو
ته
خليفو به
اچي
پهتو، اها
صورتحال ڏسندي
ئي
خليفو ڪاوڙجي
پيو
۽
استاد کيس
ڪاوڙيل ڏسي
چيس
”سائين هي
پنهنجي رضا
خوشي
سان ائين
ڪري
رهيو آهي،
مون
کيس ڪونه
چيو
آهي“ تنهن
تي
خليفيو وراڻيو.
”استاد
سائين! مان
انڪري ناراض
ڪونه
ٿيون آهيان
ته
هي خليفي
جو
پٽ ٿي
ڪري
اوهان جي
پيرن
تي پاڻي
ڇو
هاري رهيو
آهي،
مگر مان
ته
هن ڳالهه
جي
ڪري ڪاوڙيو
آهيان ته
جڏهن
خدا هن
کي
ٻه هٿ
ڏنا
آهن ۽ هي
انهن
ٻنهين کي
استعمال ڇو
نه
ٿو ڪري،
يعني
هڪ هٿ
سان
پاڻي هاري
ها
۽
ٻئي سان
پير
مهٽي ها.“
ٻاروءَ، اوهان
ڏٺو
ته وقت
جو
خليفو ٿي
ڪري
به هن
کي
استاد جي
لاءِ
دل ۾ ڪيتري
نه
عزت هئي.
مون
کي هڪ
واقعو ياد
ٿو
اچي ته
هڪ
ڀيري حضرت
علي
ڪرم الله
وجہ
جن ڪنهن
شخص
کان پڇيو
ته
”ڪتو
ڪڏهن جوان
ٿيندو آهي؟“
تنهن
تي ان
شخص
وراڻيو ته
”سائين ڪتو
جڏهن
ڄنگهه کڻي
پيشاب ڪرڻ
لڳي،
تڏهن اهو
سمجهڻ گهرجي
ته
اهو بالغ
ٿي
ويو آهي،
ان
ڳالهه جي
علم
۾
اچڻ کان
پوءِ
حضرت علي
ڪرم
الله وجهه
جن
ان شخص
کي
جتي به
ڏسندا هئا
ته،
مان به
ان
لاءِ اٿي
بيهندا هئا.
هاڻي
اوهان پاڻ
اندازو لڳايو
ته
استاد جو
ڪيڏو
نه وڏو
مرتبو آهي.
سو
اوهان کي
به
کپي ته
پنهنجي استادن
جي
عزت ڪريو
جتي
به اوهان
کين
ڏسو چاهي
ڪا
سواري هجي
يا
ڪا محفل
هجي
ته اٿي
بيهو
۽
ان کي
ويهڻ
لاءِ جڳهه
ڏيو،
اگر رستي
۾
ڪٿي
ملو ته
ان
کي ادب
سان
سلام ڪريو.
نسيم
حبيب کوسو
پوءِ
هو سڏڪا
ڀرڻ
لڳو
اڄ
اڪبر کي
پنهنجي پيءُ
هڪ
نئين سائيڪل
وٺي
ڏني هئي.
اسلم
پهرين لمحي
جڏهن
سائيڪل ڏٺي
ته
کيس سائيڪل
بيحد
پسند آئي،
هن
اڪبر کان
پڇو
ته
”ڇا
توکي
هي سائيڪل
تنهنجي پيءَ
خريد
ڪري ڏني
آهي؟...“
”منهنجو
پيءُ
هر فرمائش
پوري
ڪندو آهي...“
اڪبر
مُرڪندي جواب
ڏنو،
ڪجهه سوچيندي
ئي
اسلم جي
اکين
۾
لڙڪ تري
آيا.
سندس دل
۾
هڪ
نئين خواهش
جاڳي.
”ڪاش
مون
کي منهنجو
پيءُ
به اهڙي
سائيڪل خريد
ڪري
ڏي، جنهن
تي
اسڪول اچان
وڃان....“ پر
اسلم
ويچاري جو
پيءُ
هڪ غريب
لوهار هو....
سڄو
ڏينهن محنت
مشقت
ڪرڻ جي
باوجود، سندس
پيءُ
ٿورا پئسا
ڪمائيندو هو،
جنهن
سان مشڪل
سان
سندس گهر
جو
خرچ پورو
ٿيندو هو....
اسلم
جي ماءُ
پاڙي
وارن جا
ڪپڙا
سبندي هئي.
سندس
ماءُ سلائي
جا
پئسا هڪ
صندوق ۾ رکندي
هئي... ڪلاس
۾
ويٺي
اسلم جا
خيال
پڙهائي طرف
نه
پر اڪبر
جي
نئين سائيڪل
طرف
هئا، جنهن
سندس
من موهي
وڌو
هو... شام
جو
وقت اسلم
کي
اهائي خواهش
دل
۾
هئي ته،
”الله
ڪري بابو
اچي
ته، آءُ
پنهنجي اندر
جي
منجهيل آواز
کي
سامهون پيش
ڪريان....“
ڪجهه
دير کان
پوءِ
سندس پيءُ
ٿڪل
ٽٽل گهر
پهتو.
”بابا!
هڪڙي ڳالهه
ان....؟“
اسلم
هٻڪندي ڳالهه
ظاهر
ڪئي.
”چئو
پٽ! ڪهڙي
ڳالهه آهي؟...“
سندس
پيءُ آٿت
ڏيندي چيو.
”بابا!
اڪبر کي
پنهنجي پيءُ
سائيڪل وٺي
ڏني
آهي.... اوهين
به
مون کي
سائيڪل وٺي
ڏيو...؟ ...؟“ اسلم
ننڍڙي خواهش
ظاهر
ڪئي.
”پٽ!
اڪبر ته
هڪ
بئنڪ مئنيجر
جو
پٽ آهي.
هنن
وٽ الله
جو
ڏنل سڀ
ڪجهه
آهي....
پٽ!
تون
منهنجي حال
تي
نظر وجهه؟......
ته
آءُ توکي
سائيڪل خريد
ڪري
ڏيڻ جي
لائق
آهيان....“ سندس
پيءُ
غربت جو
حال
ٻڌايو. اسلم
اتان
مايوس ٿي
پنهنجي ڪمري
۾
ويهي
سوچڻ لڳو،
سوچيندي سوچيندي
سندس
ذهن پنهنجي
ماءُ
جي رکيل
پئسن
طرف ويو.
پر
هن ان
مهل
پئسا کڻڻ
کان
لهرايو، پر
سائيڪل خريد
ڪرڻ
جي شوق
هن
کي ويهڻ
نه
ڏنو. هن
ان
مهل ئي
وڃي
پئسا کنيا،
پر
اُهي پئسا
سائيڪل خريد
کان
گهٽ هئا.
هن
اهو سوچيندي
پان
وٽ رکيا
ته،
”آئون
ٻيا پئسا
گڏ
ڪري به
سائيڪل خريد
ڪندس....“
ٻئي
ڏينهن سندس
ساليانه امتحان
هئا،
هن سائيڪل
جي
خواهش جي
ڪري
امتحانن جي
تياري به
نه
ڪئي هئي.
هن
جي دل
۾
فقط
فقط سائيڪل
خريدڻ جي
ئي
خواهش هئي....
هو
اسڪول ۾ به
ان
ئي سوچ
۾
گم
هو ۽ پيپر
به
سٺا نه
ڪري
سگهيو.... هوڏانهن
اوچتو، اسلم
جي
والده جي
طبيعت سخت
خراب
ٿي پئي!
اسلم
جو پيءُ
هن
کي اسپتال
کڻائي ويو
پر
پئسانه هجڻ
ڪري
ڪنهن به
ڊاڪٽر کين
ليکيو ئي
ڪونه
۽
اسلم جي
ماءُ
تڙپي تڙپي
دم
ڏنو...
اسلم
گهر موٽيو
ته
ماڻهن جو
هڪ
هجوم سندس
گهر
آڏو بيٺو
هو... هن
جڏهن
پنهنجي والده
جو
لاش ڏٺو
ته
کانئس رڙ
نڪري
وئي ۽ پنهنجي
ماءُ
جي لاس
مٿان
ڪري پيو.
سندس
من پشيماني
۾
ٻڏل
هو ۽ دل
۾
سوچيائين ته
”ڪاش!
مان پئسا،
چوري
نه ڪيان
ها
ته شايد
اُهي
پئسا اما
جي
دوائن لاءِ
ڪم
اچن ها
۽
هو.... ۽ هو....
پوءِ
سڏڪا ڀرڻ
لڳو.
انٽرويو وٺندڙ:
پرنس
تيرٿ داس
وقت
جو انٽرويو
سوال: توهان
جو
نالو ڇا
آهي؟
جواب: منهنجو
نالو
وقت آهي،
اوهان جي
کاٻي
هٿ تي
رهان
ٿو.
سوال: توهان
جي
پيدائش يا
عمر
ٻڌايو؟
جواب: مون
کي
خبر نه
آهي
پر اُهو
ٻڌايان ٿو
ته
جڏهن کان
هي
دنيا آسمان،
سج،
چنڊ، تارا،
مطلب
ته سڄي
ڪائنات وجود
۾
آئي،
تڏهن کان
منهنجي پيدائش
ٿي
هئي.
سوال: توهان
زندگيءَ جو
مقصد
ڇا آهي؟
جواب: منهنجو
مقصد
هي آهي،
ته
آئون انهن
جو
قدر ڪريان
ٿو
جيڪي منهنجو
قدر
۽
ساٿ ڏين
ٿا.
سوال: توهان
پنهنجي اهميت
بابت
ٻڌائڻ پسند
ڪندا؟
جواب: جي
ها
آئون تمام
گهڻي
اهميت وارو
آهيان، جن
منهنجو قدر
نه
ڪيو آهي،
اڄ
پڇتائين پيا،
انهن
کان منهنجو
قدر
پڇو.
سوال: توهان
کي
فخر ڪهڙي
ڳالهه تي
آهي؟
جواب: مون
کي
فخر ان
ڳالهه تي
آهي
ته آئون
بادشاهن جو
بادشاهه آهيان.
پوري
دنيا جا
ماڻهو مون
کي
”وقت
بي پرواهه
بادشاهه“ جي
نالي
سان سڏين
ٿا.
سوال: توهان
جي
خاص خوبي
ڪهڙي
آهي؟
جواب: منهنجي
خاص
خوبي هي
آهي
ته آئون
ڪڏهن
به ڪنهن
سان
نه ٿو
ڳالهايان، هر
وقت
پنهنجي ڪم
۾
مشغول رهندو
آهيان ۽ پنهنجي
منزل
ڏانهن رهندو
آهيان، ڪڏهن
به
ٿڪ محسوس
نه
ٿو ڪريان.
سوال: توهان
کي
ڪا شڪايت
هجي
ته ٻڌائيندا؟
جواب: مون
کي
اهڙن ماڻهن
کان
شڪايت آهي،
جيڪي
مون کي
بي
مقصد ۽ واندو
ويهي
گذاريندا آهن،
سچ
چوان ٿو
ته
آئون انهن
جو
ڪڏهن به
ساٿ
نه ڏيندس.
سوال: توهان
کي
ڪهڙي قسم
جا
ماڻهو پسند
آهن؟
جواب: آئون
انهن
ماڻهن کي
پسند
ڪندو آهيان،
جيڪي
مون کي
سمجهي ويا
آهن،
مون موجب
هلندا آهن،
۽
منهنجي هر
هڪ
لمحي جو
ٽائيم ٽيبل
ٺاهي
ان موجب
هلندا آهن.
سوال: توهان
جي
قيمت ڪيتري
آي؟
جواب: منهنجي
قيمت
هڪ انگريزي
ڏاهي
جي قول
۾
درج
ٿيل آهي
جنهن
جو نالو
جين
مانسن آهي
۽
هو
منهنجي قيمت
انهي
ريت ٻڌائي
ٿو
ته
”جيئن
سون
جي هر
شيءِ
قيمتي آهي،
تيئن
وقت جو
هر
لمحو قيمتي
آهي.“
سوال: توهان
سان
جيڪڏهن ملڻو
هجي
ته ڪهڙي
موقعي تي
ملي
سگهون ٿا؟
جواب: سخت
محنت
کان پوءِ
توهان کي
جڏهن
منزل ملي
ٿي،
اتي توهان
ائين
سمجهو ته
توهان کي
جيڪڏهن ڪو
ڏسڻ
چاهي ته
ڪٿي
نظر ايندا؟
جواب: آڳاٽي
زماني ۾ مون
کي
تارن ذريعي
ڏٺو
يا معلوم
ڪيو
ويندو هو،
پر
هاڻي سائنس
۽
ٽيڪنالاجي مون
کي
اوهان جي
کاٻي
هٿ تي
واچ
جي صورت
۾
رکيو
آهي.
سوال: آخر
۾
گل
ڦل پڙهندڙ
گلڙن
لاءِ ڪو
خاص
پيغام ڏيندا؟
جواب: منهنجو
پيغام هي
آهي
ته پڙهندڙ
يا
ته هن
انٽرويو مان
سبق
پرائن ۽ يا
قائداعظم جي
قول
موجب ته
محنت
محنت ۽ بس
محنت
مطلب ته
منهنجو ٽائيم
ٽيبل
ٺاهي ان
کي
پنهنجو مقصد
بنائي ڇڏين.
هر
وقت محنت
ڪن،
هڪ ڏينهن
آئون
ضرور پنهنجي
شڪل
ڏيکاريندس.
شبير
احمد سيٺار
ڪراچيءَ گهمڻ
جو
شوق
آچر
جو ڏينهن
جيئن
ئي اسڪول
پهتس
ته سڀئي
ڇوڪرا قرآن
شريف
پڙهڻ ۾ مشغول
هئا،
پر اڪبر،
لياقت کي
ڪجهه
ڪن ۾ چئي
رهيو
هو ۽ جڏهن
رسيس
ملي ته
باغ
۾
منور، اڪبر،
لياقت، مشتاق
۽
اسحاق ويٺا
هئا،
۽
پاڻ ڪنهن
پروگرام جي
رٿابندي ڪري
رهيا
هئا.
ٻئي
ڏينهن خبر
پئي
ته اڪبر،
لياقت، منور
۽
مشتاق، اسحاق
جي
اڳوڻيءَ ۾
”ڪراچيءَ“
ڀڄي
ويا.
دراصل ڪجهه
هفتا
اڳ مشتاق
پنهنجي مامن
ڏانهن گهمڻ
ڪراچيءَ ويو
هو،
هن کي
ڪراچيءَ ۾ ڏاڍ
مزو
آيو هو
۽
پوءِ
دوستن سان
اوڏانهن وڃڻ
جو
پروگرام ٺاهيائون.
اهي
پنج ئي
اٺين
ڪلاس جا
شاگرد پڙهائي
۾
نپٽ
چنڊا هئا،
مشتاق پنهنجي
ڪلاس
۾
راجا جي
نالي
سان مشهور
هو.
انهن
پنهنجي گهران
پئسا
چورائي مقرر
وقت
تي اسٽيشن
تي
پهتا ۽ ٽڪيٽون
وٺي
گاڏيءَ جو
انتظار ڪرڻ
لڳا
۽
گاڏي آئي
ان
تي چڙهيا
۽
اسحاق کيسي
مان
سگريٽن جو
پاڪيٽ ڪڍيو
۽
سڀ ڪش
هڻڻ
لڳا.
گاڏي
جڏهن لاڙڪاڻي
اسٽيشن تان
لنگهي ته
لياقت کي
ڪجهه
ڊپ ٿيو
۽
چوڻ
لڳو ته:
”يار
موٽي هلون.“
ان
تي منور
منهن
ڀيلو ڪندي
چيس
ته:
”هاڻي
وري
موٽي هلون“
(اڪبر
ڳالهه ڪٽيندي)
اڙي
ڊڄين ڇو
ٿو،
پوءَ وري
ٽهڪ
ڏيڻ لڳا
۽
پوءِ
اسحاق مٿي
وڃي
آرام ڪرڻ
لڳو،
ڪجهه دير
بعد
ڪنهن سپاهيءَ
جي
مٿن نظر
پئجي
وئي ۽ کين
پڇڻ
لڳو ته
ڪنهن
سان گڏ
آهيو، ان
تي
مشتاق)
ڊڄندي)
چيو
ته مٿين
سان.
سپاهي:
”هيٺ
لهي
آءُ ڙي“،
اسحاق هيٺ
آيو.
”اڙي،
هنن
کي ڪيڏانهن
ٿو
وٺي وڃين.“
ائين
چئي سپاهي
اسحاق کي
چمات
هنئي، سپاهي
جي
چماٽ لڳڻ
سان
اسحاق جي
ڪنن
مان ڪراچيءَ
جو
ڀوت نڪري
ويو
۽
رڙيون ڪرڻ
لڳو.
ٻي
گاڏي جيڪا
دادو
کان لاڙڪاڻي
وڃي
رهي هئي،
اتي
وڃي، پوليس
واري
جي حوالي
ڪيو.
لاڙڪاڻي ۾ وري
انهن
کي اسٽيشن
ماسٽر هنن
کي
وڃي هاءِ
اسڪول ۾ هيڊ
ماسٽر صاحب
وٽ
ڇڏي آيو.
صبح
جو پنج
ئي
سڳورا صاحب
اسيمبليءَ جي
اڳيان منهن
ڀيلا
ڪيون بيٺا
هئا.
پوءِ
پنجن ئي
کي
سائين هيڊ
ماستر سائنس
هال
۾
گهرايو، پوءِ
ڪجهه
رڙين جا
آواز
اچڻ لڳا.
دروازو بند
هو،
پوءِ اهي
صاحب
جڏهن لياقت
جي
پيءُ جي
اوطاق ۾ آيا
ته
لياقت جو
پيءُ
ڪاوڙ ۾ هٿ
۾
لڪڻ
کڻندي اچي
مٿن
الر ڪيائين.
مشتاق)
راجا)
۽
اڪبر
ڪن ٽيڏا
ڪري
ڀڄي وڃڻ
۾ ڪامياب
ٿيا،
باقي اسحاق
۽
منور
جي خوب
مرمت)
آڌرڀاءُ( ٿي، اسان
انهن
جي استقبال
لاءِ
ٻاهر بيٺا
هئاسين.
جڏهن
اهي ٻاهر
نڪتا
ته سڀئي
ٻار
وڏي واڪي
چوڻ
لڳا
”ها
بابا
گهمون ڪراچي،“
پيارا دوست:
اهڙي
طرح اسان
کي
اسحاق ۽ مشتاق
جهڙن
دوستن سان
دوستي نه
رکڻ
گهرجي، چوندا
آهن
ته بيوقوف
دوست
اول ڪٽائي
پاڻ
پوءِ سار
لهي
سنگت جي. |