سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

 

محسن چانڊيو

سنڌي ٻار

سنڌي ٻار آهيون

هينئين هار آهيون

وطن جا سهارا

مددگار آهيون

سنڌي ٻار آهيون

گلا ڪوڙ ڳاريون

جڏا جيءَ ٺاريون

وفادار آهيون

سنڌي ٻار آهيون

پڙهي ۽ پرايون

نئون رنگ لايون

ڪو سينگار آهيون

سنڌي ٻار آهيون

محبت اسان ۾

صداقت اسان ۾

مڻيادار آهيون

سنڌي ٻار آهيون

هي محسن“ اسان جو

چوي شعر پنهنجو

سدا تيار آهيون

سنڌي ٻار آهيون.

 

علي محمد درد سولنگي

ڪتاب

سنگتي سڀ جا آهن ڪتاب

سيکارن ٿا ادب آداب.

دور جهالت سڀ جي ڪن ٿا.

حق ۽ سچ جي واٽ ڏسن ٿا.

سٺيون سٺيو ڳالهيون سڻائن،

بُرن ڪمن کان هي ته بچائن.

آکاڻيون به آهن انهن ۾،

نصيحتون به آهن انهن ۾.

سڀ ڪنهن جي ا دل وندرائن،

نيڪيءَ واري راهه ٻڌائين.

ڪين اجايو رلجي پنجي،

واندي ويهڻ کان سٺو آ پڙهجي.

مطالعي سان ڄاڻ وڌي ٿي،

جنهن سان جڳ ۾ عزت ملي ٿي.

علم ۾ ڪن ٿا هي ته واڌارو،

دل سان تن کي پڙهجي ٻارو.

جيڪو پڙهجي ياد به رکجي،

ڪتاب پڙهي پوءِ اڇلي نه ڇڏجي.

ڪتاب جهڙو ڪو سنگتي ناهي،

ڪتاب سچو هڪ ساٿي آهي.

ڪتاب سندو جنهن قدر سڃاتو،

تنهن آ اعلى درجو پاتو.

 

 

حضور فرمايو

1- ٻن مسلمانن جي وچ ۾ نااتفاقي ختم ڪرائڻ، يعني بن مسلمانن وچ ۾ صلح ڪرائي ڇڏڻ، نماز، روزي ۽ صدقي کان بهتر آهي.

2- خدا جي نظر ۾ اهو عظيم آهي، جنهن جو اخلاق بلند آهي.

3- جڏهين توهين نماز پڙهڻ لاءِ بيهو، ته اهڙي طرح نماز پڙهو، ڄڻ دنيا کي ڇڏڻ وارا آهيو، ۽ پنهنجي واتان ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪيو، جو جيڪڏهن قيامت ۾ ان جو حساب ٿئي، ته توهان وٽ ڪجهه به چوڻ لاءِ نه بچي.

موڪليندڙ: فياض احمد فياض ڏوڪري

 

عام معلومات

پاڪستان جو پهريون سڪو 3 جنوري 1948ع تي جاري ٿيو.

سڀ کان پهرين ڪاغذ چين ۾ ٺاهيو ويو.

قائداعظم جي جنازي نماز علامه شبير احمد عثمانيءَ پڙهائي.

ارغون ۽ ترخان دؤر ۾ سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکيا ويندا هئا.

موڪليندڙ: مٺو ميمڻ، ڳوٺ چارڻ ميمڻ.

 

سنڌيڪار: واشديو سنڌو“                            نفسيات

سپنن جو سَنسار

’مون کي ته ڏهن سپنا ڪونه اَچن!، اها ڳالهه ڪي سينو تاڻي چوندا آهن. ڪي سمجهندا آهن ته سپنا نه اَچڻ، انهيءَ جي معنى ته ماڻهوءَ جي صحت ٺيڪ آهي، پر نوَن سائنسي تجربن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ايئن هروڀرو نه آهي. پاڻ ڪن حالتن ۾ ڪمزوريءَ جي نشاني سمجهي ٿي وڃي.

سچ ته اهو آهي، هر هڪ شخص هر روز ڪيترائي (خواب) سپنا ڏسي ٿو، پر ننڊ مان جاڳندي ئي هن کان سڀ ڪجهه وِسري ٿو وڃي.

ڪن نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڇهن ڪلاڪن جي ننڊ ۾ اسين اٽڪل 64 منٽ سپنا ڏسندا آهن ئي آهيون ۽ 8 ڪلاڪن يا ان کان وڌيڪ ننڊ ۾، اسان جا ڏيڍ يا ٻه ڪلاڪ سپنن ڏسڻ ۾ گذرن ٿا. هڪ سپني جي ختم ٿيڻ ۽ ٻئي سپني جي شروعات ٿيڻ جي وچ ۾ مُقرر وقت جو فرق ڪونه ٿيندو آهي. ڪڏهن جلدئي ٻيو سپنو شروع ٿي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪافي وقت ڪوبه سپنو نه ايندو آهي. هر هڪ سپنو 8-9 منٽن کان 30 منٽن تائين هلندو آهي.

عام طور سمجهيو ويندو آهي ته سپني ۾ هرڪو ڪم تيز رفتاري سان ٿيندو آهي: پر سچ اهو آهي ته ڪنهن ڪم ڪرڻ ۾، سپني ۾ به ايترو وقت لڳندو آهي، جيترو اسان کي سُجاڳ حالت ۾ لڳندو آهي.

ڪي سمجهندا آهن ته جڏهن ننڊ ۾ ڪو شخص ڏاڍا هٿ پير هلائيندو آهي ۽ وَر وَر پاسو بدلائيندو آهي، تڏهن هن کي سپنو ايندو پيو آهي. ليڪن تجربن مان معلوم ٿيو آهي ته 10 مان 9 شخصن جا هٿ پير ۽ ٻيا عَضوا سپني ۾ بلڪل سانت ۾ هوندا آهن. بيشڪ ڪي شخص سپني ۾ چُر پُر ڪندا آهن. رات جو ننڊ ۾ اُٿي گهُمڻ وارا انهيءَ طبقي ۾ اچن ٿا.

اڄوڪي زماني جي کوجنائن جي آڌار تي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته: جهڙيءَ طرح سنگيت (موسيقي)  ۾ لئه تال‘ ٿيندا آهن، انهيءَ طرح سپنا به ننڊ جي لئه‘ ۾ ٻڌجي هلن ٿا. جڏهن هڪ انسان سراسر ڇهه ڪلاڪ ننڊ ڪري ٿو ته اُن وقت ۾ گهري ننڊ ته ٿوري وقت لاءِ ٿيندي آهي. اُن بعد هو ننڊ جي هڪ رواجي حالت ۾ اچي ويندو آهي. ان کان پوءِ ننڊ ۽ سپني جون تَرنگُون، هڪ کان پوءِ ٻئي، سلسليوار اينديون رهنديون آهن ۽ هر شخص جي پوري ننڊ جي وقت جو هڪ مقرر اڱو، سپنن ڏسڻ گُذرندو آهي، ها، وڌيڪ اُتساهي ۽ جذباتي شخص وڌيڪ جذباتي سپنا ڏسندا آهن، بنست جن جي زندگي سادي سوُدي ۽ سُڀاءُ ٿڌو ۽ ماٺيڻو هوندو آهي. سبب ظاهر آهن، اُنهن جي زندگيءَ جي جذبات جاڳيل حالت جيان سپني ۾ به، ظاهر ٿئي ٿي، پر اهو به صحيح نه آهي ته زالن ۽ (فني) سڀاءُ وارن شخصن کي وڌيڪ سپنا ايندا آهن.

ڪيترا شخصرنگبرنگي‘ سپنن جي واکاڻ ڪندا آهن، پر بلڪل ٿورا ماڻهو ئي رنگين سپنا ڏسندا آهن، اهڙا رنگين سپنا گهڻو ڪري قدرتي نظارن سان تعلق رکندا آهن. انهن ۾ هرڪا شيءِ ڪنهن هڪ ئي رنگ ۾ ظاهر ٿيندي آهي، جيئن هلڪي نيري، سائي ۽ گلابي رنگ ۾.

شڪاگو ننڊ- تجربه گاهه‘ آهي، جتي چڱا تجربا ڪيا ويا آهن، اتي ماڻهن جي سمهڻ جو بندوبست آهي. تجربن ۾ دلچسپي وٺڻ وارن سائنسدانن، شاگردن ۽ ٻين شخصن کي هت سُمهڻ جي نينڊ ڏني ويندي آهي، هڪ رات سمهڻ لاءِ ٽي روپيا اُجورو ورتو ويندو آهي.

تجربن ڏيکاريو ويو آهي ته ننڊ شروع ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه وقت تائين يادگيريون سُجاڳ رهنديون آهن. ۽ شيون ۽ شڪليون اکين جي سامهون گهمنديون ڦرنديون نظر اينديون آهن. اهي شڪليون ڪجهه ڌُنڌليون ڏسڻ ۾ اينديون آهن، ڄڻ پاڻيءَ ۾ هجن، پر اَصل اهو سپنو ڪونهي.

ننڊ جو ٻيو دؤر شروع ٿئي ٿو. اها حالت صرف 30 منٽن جي ٿيندي آهي، 75 منٽن کان پوءِ ننڊ جي ٽئين دؤر جي شروعات ٿئي ٿي. ان وقت ننڊ پوري طرح نٿي رهي ۽ اُن وقت ئي اسين سپنا ڏسون ٿا.

پهريون دفعو جڏهن اسين ان حالت ۾ پهچون ٿا ته سراسر اها حالت 9 منٽن تائين رهي ٿي. ان کان پوءِ گهَري ننڊ ۾ سمهي پئون ٿا، پر سپنن جي ترنگن کان پوءِ اچڻ واري ننڊ، پهرينءَ ننڊ جهڙي گهري ڪونه ٿئي. اڍائي ڪلاڪن بعد اسين ٻيهر سپنا ڏسڻ لڳون ٿا، اهو، سپني جو وقت اٽڪل 19 منٽن جو ٿيندو آهي. ان سپني جي ختم ٿيڻ کان پوءِ، سمهڻ جي ستين ڪلاڪ جي آخر ۾ وري سپنن جو آخرين دؤر شروع ٿئي ٿو. هن دفعي اسي 28 منٽن تائين سپنا ڏسون ٿا، جيڪڏهن اسين ان وچ ۾ سمهندائي رهون ته جاڳڻ تائين سپنا ئي ڏسندا رهنداسين.

سپنا فلم جيان اسان جي اکين جي سامهون هلندا ڦرندا رهن ٿا. جڏهن اسين سپنا ڏسڻ شروع ڪريون ٿا، تڏهن اسان جي ڪُلهي ۽ باقي جسم کي بستري تي ڪجهه بدليل ڍنگ سان ليٽڻ جي ضرورت ٿئي ٿي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته سئنيما گهرن ۾ فلم ڏسڻ وقت، جيئن اسين ڪجهه غير رواجي پوز ۾ ويهون ٿا، ٺيڪ اُنهيءَ طرح ئي جسم جي حالتسپني جي حالت‘ ۾ ٿيندي آهي. ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته جڏهن اسين سپنا ڏسون ٿا، تڏهن اسان جي جسم جو لُڏڻ بند ٿي ويندو آهي. صرف اکين جون پُتليون نظارا پسڻ لاءِ لُڏنديون رهنديون آهن. پر سوال اهو آهي ته جڏهن اسين سپني ۾ مار- ڪُٽَ، اُڇل، ڪُڏ ڏسون ٿا، تڏهن اُن وقت به اسان جا عضوا ڇو نٿا لُڏن؟ ڪليٽمئن جو چوڻ آهي ته اسان جي عُصون کي حڪم ڏيڻ وريون دماغ جون تنتون، اُن وقت ٿڌيون هونديون آهن.

ٻيو سوال آهي ته ڇا سپنا انسان جي مرضيءَ مطابق هلي سگهن ٿا؟ سائنسدانن ان جو اهو جواب ڏنو آهي ته، اسين سپنن کي قابُوءِ ۾ ته ڪري سگهون ٿا، گڏوگڏ ٻاهرين اُپج جي مدد سان مرضيءَ مطابق اُنهن کي هلائي به سگهون ٿا. مثال طور، سپني ڏسندڙ شخص جي پُٺيءَ تي پاڻيءَ جو ڦڙو وڌو وڃي ته هو سپني ۾ ڏسندو ته جتي هو ويٺو آهي، اُتي ڇِت وَهي رهي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي هوائي جهاز جي مُسافريءَ جو سپنو اچي رهيو هجي، تڏهن اسين ٿورو به آواز ڪريون ته سپني ۾ اُن شخص کي هوائي جهاز جي ڦاٽڻ جو نظارو ڏسڻ ۾ ايندو.

اهڙيءَ طرح سپنن جو سنسار انوکو ۽ عجيب آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو ٿو وڃي، سائنسدان سپنن بابت نيون نيون کوجنائون ڪري رهيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com