خط
محترم ايڊيٽر صاحب،
السلام عليڪم:
بازار ويس ته بڪ اسٽال تي رکيل گل ڦل تي نظر پئي، ڄڻ ته منهنجي
لاءِ عيد ٿي ويئي، جهٽ ۾ اٿلائڻ شروع ڪيم ته نالا
سڃاڻو ۾ پنهنجو نالو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، سمجهيم
اوهان رسالو ضرور موڪليندا، پر پورو مهينو گذري
ويو. گل ڦل جي ڪاپي ڪونه ملي. ڇا توهان فقط نالو
شايع ڪري ٻارن کي راضي ڪندا آهيو؟
فقط: نادر حُسيني دَلُ، شڪارپور
محترم ايڊيٽر صاحب:
اسلام عليڪم:
نتيجو نالا سڃاڻُو نمبر 15 ۾ منهنجو نالو شايع ڪونه ڪيو ويو، ڇو
ڀلا ايترو ناراض ڇو آهيو.... ٻيو ته اوهان لکيو
آهي ته جن ٻارن جا جواب درست ٿيندا ته انهن کي
رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي . پهريائين به منهنجو
جواب درست هو پر اعزازي ڪاپي ته اوهان ڪونه موڪلي
هئي رڳو رسالي ۾ نالو آيو هو.
مسعود مصطفيٰ شاهه راشدي، نواب شاهه
محترم ايڊيٽر، ”گل ڦل“
”گل ڦل“ ۾ سلسلي ”نالا سڃاڻو“ ۾ منهنجو ٻه ڀيرا نالو آيو آهي،
پر اعزازي ڪاپيون اڃان تائين ناهن مليون. جڏهن ته
”اچو ته مضمون لکون“ سلسلي تحت به مُنهنجو مضمون
شايع ٿي چڪو آهي، مگر اُن جي اعزازي ڪاپي پڻ نه
ملي آهي.
ڇا رڳو اوهان نالو شايع ڪري ٻارن کي خوش ڪري ڇڏيندا آهيو؟ جي
اوهان وڏا اسان کي رڳو ”ڏٽا“ ڏيڻ جو سبق ڏيندا ته
پوءِ اڳتي هلي اسين به ائين ڪنداسين.
ٻيو ته رسالو تمام گهڻي دير سان شايع ٿئي ٿو. رسالي کي هر مهيني
ڇو نه ٿا شايع ڪريو، جيڪڏهن مهيني سر رسالو نه ٿا
ڪڍي سگهو ته پو رسالي کي ماهوار گل ڦل بجاءِ ٽه
ماهي يا ڇهه ماهي ”گل ڦل“ کڻي لکو. گهٽ ۾ گهٽ اسان
جو ته انتظار لهي پوندو.
(اپريل مئي جون) واري شماري جي سرورق تي جيڪا تصوير ڏني ويئي
آهي، سا اسان جي غريب ۽ آفت زده معاشري جي بهترين
عڪاس آهي. اُميد ته آئينده به اهڙيون تصويرون شايع
ڪندا رهندا.
هن ڀيري رسالي ۾ پرڏيهي ادب مان چونڊ ڪجهه زياده هُئي ان جا
ڪهڙا سبب آهن.
ثمينه سنڌو ميراڻي، ٺٽو.
محترم ايڊيٽر:
گل ڦل جو تمام گهڻو انتظار رهندو آهي. ٽن مهينن جو گل ڦل
(اپريل- مئي- جون) شايع ڪري ٿورائتو ڪيو اٿوَ. پر
افسوس اهو آهي ته نالا سڃاڻو سلسلي تحت اعزازي
ڪاپي اڃا تائين نه پهتي آهي. نالو شايع ٿيل ڏٺم ۽
انتظار ڪرڻ لڳس پر اڄ تائين مون کي ۽ منهنجي دوست
غلام محمد ميمڻ کي اعزازي ڪاپي نه ملي آهي. اميد
ٿو ڪريان ته اهو جائز سمجهي ڪاپيون موڪليندا ته
مهرباني ٿيندي. اوهان ڊسپيچر کي به هدايت ڪندا ته
هو غفلت کان ڪم نه وٺي
اوهانجو: برڪت علي ميمڻ، دادو
محترم ايڊيٽر:
گل ڦل رسالو مليو پڙهي بيحد خوشي ٿي. رسالي جو ٽائيٽل تمام
بهترين هو. آءٌ ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان. اميد
ته شايع ڪري اڳتي لکڻ جي لاءِ همت افزائي ڪندا.
سائنسي مضمون ’ڳئون کير ڇو ڏيندي آهي‘ مان سٺي
معلومات ملي اميد ته اڳتي به اهڙا مضمون شايع ڪري
اسان جو ذهن وڌائيندا.
”عاجز“ علي اڪبر چاوڙو، چوهڙ جمالي.
محترم ايڊيٽر:
خوشبوءِ سان ٽمٽار ۽ سهڻو رسالو ماهوار ”گل ڦل“ (اپريل، مئي،
جون 1998ع) باک جيان ڦٽي نڪتو ۽ دل کي آٿت
بخشيائين.
ادا! توهان رسالو ڪڍي اسان کي هر قسم جي معلومات فراهم ڪري اسان
۾ سٺو جذبو پيدا ڪريو ٿا.
هن پرچي ۾، ”چنگالو جي ڪهاڻي“، ”آزاد گهوڙو“، ”ماءُ جي نصيحت“،
”ڪبوتر جي آخري اُڏام“، ”اسڪائوٽنگ ڇا آهي“، ڳئون
کير ڇو ڏيندي آهي“، ”کل ته سهي“ تمام گهڻو وڌيڪ
پسند آيا.
سچ پچ ته اوهان مواد جي بهترين سليڪشن تي مبارڪباد جا مستحق
آهيو. ان لاءِ مان به اوهان جي ڪيل محنت تي اوهان
کي واڌايون ٿو ڏيان. اوهانجي محنت کي ساراهڻ کان
سواءِ رهي اصل ڪونه ٿو پيو سگهجي. ادا! مان ڪجهه
مواد پيو ارسال ڪيان. اميد ته مڙئي جڳهه ضرور
بخشيندا. مهرباني!
اياز احمد ڀٽو، مبارڪپور.
محترم ايڊيٽر:
اسلام عليڪم:
”گل ڦل“ جو تازو شمار اٺن سالن کان پوءِ رتوديرو ۾ رهندڙ ڀاءُ
مقيم جلباڻي هٿان مليو. جڏهن اسان ڳوٺ رتوديرو ۾
قيام پذير هئاسين، تڏهن گل ڦل ڏاڍو چاهه سان
پڙهندو هوس. پر ڪن مجبورين سبب اسان ڪراچيءَ ۾
رهائش اختيار ڪئي آهي، تقريبن 8 سالن کان پوءِ ادا
مقيم هٿان ”گل ڦل“ جو تازو شمارو پوسٽ ذريعي مليو،
ڏاڍي خوشي ٿي، رسالو اڳ کان به گهڻو بهتر ٿي ويو
آهي. بلڪ هينئر رسالو چوٽ تي آهي، رسالي ۾ سلسلو
نالا سڃاڻو، قلمي دوستي مون کي ڏاڍو پسند آهن، هن
ڀيري شاعري ڏاڍي متاثر ڪندڙ هُئي، ڪهاڻين ۾
”چنگالو جي ڪهاڻي“، ”سوپاري ۽ پان جي ڪهاڻي“ ۽
سائنسي مضمون ”ڳئون کير ڇو ڏيندي آهي.“ ”ڏاڍا
وَڻيا. ٻيو ته ”گل ڦل“ جو لي آئوٽ (پهريون صفحو)
هر ڀيري جيان ڏاڍو متاثر ڪندڙ هو، توهان اهڙيون
تصويرون ڪٿان هٿ ڪندا آهيو!؟؟ وڏي محبت سان خط لکي
رهيو آهيان. اميد ته جڳهه ڏيندا- مهرباني
نالا سڃاڻو جا حل پڻ موڪلي رهيو آهيان،
ارباب علي جلباڻي ڪراچي.
محترم ايڊيٽر صاحب:
ادا سائين رسالو گل ڦل نمبر 4- 5، مليو تمام گهڻو وڻيو. هن
رسالي ۾ لطيفي لات، منهنجا مٺڙا پٽ- شيخ اياز،
سنڌو ندي- علي محمد درد سولنگي، جڳ ۾ آ تعليم ضرور
– بيخود بلوچ، ڪبوتر جي آخري اڏام- ڊاڪٽر منير
چنا، آزاد گهوڙو- مردا علي مرزا، ۽ ماءُ جي نصيحت
– جميل احمد ڀٽي، جو مواد سٺو هو. ادا سائين هڪ
ننڍڙي شڪايت، مان پهريائين به ٻه خط ۽ هڪ مضمون
موڪليو آهي. پر اوهان شايع نه ڪيو آهي، هاڻي به
ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان. مهرباني ڪري مواد
شايع ڪندا.
نيڪ تمنائن سان:
سائين بخش شاد لاکو، دولتپور.
مانوارا ايڊيٽر صاحب:
عرض ته ماهوار گل ڦل رسالو اپريل، مئي ۽ جون جو پهتو. وڏي
مهرباني اوهان جي جيئن ته رسالي ۾ ڇپيل ڪهاڻيون ۽
کل ته سهي، سٺا هئا. پڙهي خوشي ٿي. دوستن جي ڪوششن
سان گل ڦل رسالي ڪاميابي حاصل، ڪئي آهي. ۽ ڪندو
رهندو.
مون ڪافي ڏينهن اڳ مواد موڪليو هو. جيڪو اڃا شايع نه ٿيو آهي.
مهرباني ڪري يادگيري ڪندا مهرباني.
محمد منير قمبراڻي، دادو.
ايڊيٽر صاحب:
اپريل، مئي، جون جو گل ڦل مليو کوليندي پهرين: ڪائنات ۽ اوهان،
پڙهيم. اسان کي ڪائنات جي هر ڳالهه کان آگاهه ڪريو
ته جيئن اسان کي ڄاڻ ملي ۽ سڀاڻي ڪنهن بهتر منزل
تي پهچي توهان کي دعائون ڪيون. ”لطيفي لات“ ۾
ڪونجن جو ذڪر سهڻي انداز سان آهي، شعر ۾ سمجهاڻي
به سٺي آهي ته محبت ۽ ٻڌي ضروري آهي. سائين شيخ
اياز جو نظم ”منهنجا مٺڙا پٽ“ سٺي ۽ خوبصورت انداز
۾ لکيل آهي، اسان شيخ اياز کي پڙهندا آهيون ته
محسوس ٿيندو آهي ڄڻ شاهه سائينءَ کي پيا پڙهون.
نثار بزمي جي شاعري به سٺي آهي، علي محمد ”درد“، قلب سومرو،
ملهار سنڌي، مطلب ته هن ڀيري ٻاراڻي شاعري سٺي
آهي، سبزين جو اجلاس سٺو مضمون آهي ۽ ڪوڏ وارو شعر
به سٺو مثال آهي ته هن ڪوڏ جهڙي دنيا ۾ سنڀالي قدم
کڻي هلجي. هن ڀيري کل ته سهي ۽ عنوان بدلائي
منهنجي چئي تي رکندا ”کلندي ته لٺ هڻندوسانءِ“
هونئن ته وڏو عنوان آهي ڪمپيوٽر جي ڇپائي تي ننڍو
ٿي ويندو. ٻاراڻو نظم به لکي موڪلي رهيو آهيان.
اميد اٿم ته نا اميد نه ڪندا، قلمي دوستي به لکي
موڪلي رهيو آهيان، رسالو دير سان پهتو آهي، پر
خاموش رهون ٿا، فقط انهي ڪري جو هي خط توهان کي
پهريون ڀيرو لکي موڪلي رهيو آهيان.
توهان جو ڀائٽيو. وفا اعجاز چانڊيو.
محترم ايڊيٽر:
گل ڦل مون کي تمام گهڻو پسند آيو . شاهه صاحب جو بيت، نادر شاهه
فراق جو (زندگي ڇا آهي) ۽ مدد علي هيسباڻيءَ جي
ڪهاڻي. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي، جيڪڏهن مون
کي گل ڦل جي سٿ ۾ شامل ڪندا.
ادا مان توهان کي تصوير موڪلي رهيو آهيان. اميد ته اها گل ڦل ۾
شايع ڪندا.
فقط: ظهيرالدين سهتو، ٺارو شاهه
محترم ايڊيٽر:
اسلام عليڪم:
نالا سڃاڻو 15 ۾ پهريون ۽ ٻيو نمبر نالا ڏنل هئا. پهرئين نالي ۾
ٻه اکر کٽل هئا. ۽ ٻئي نالي ۾ هڪ اکر وڌيڪ هو. اهو
توهان پاڻ ڏسو ته ڪهڙا آهن.
چاچا طارق عالم جي ڪڍيل رسالي کان پوءِ نڪرندڙ رسالا صحيح نٿا
ڪڍيا وڃن. يعني رڳو فرض پورو ڪيو وڃي ٿو.
وقت الائي ڪيترو گذري چُڪو آهي: پر اڃا تائين رسالي کي وقت سر
شايع نٿو ڪيو وڃي، ڇو؟
دولتراءِ، اسلام ڪوٽ- ٿر
(ننڍڙا ڀاءُ، اوهان بلڪل صحيح نشاندهي ڪئي آهي. ڌيان ڏيارڻ لاءِ
مهرباني.)
محترم چاچا سائين:
اسلام عليڪم:
مان گل ڦل جي پراڻي پڙهندڙ آهيان. اميد آهي ته مون کي مايوس نه
ڪندا، جيڪڏهن منهنجو هي خط ۽ مواد شامل نه ٿيو، ته
مان رسالو پڙهڻ ئي ڇڏي ڏينديس.
بهرحال، اها ته هئي هڪ شڪايت، هاڻي اچون ٿا رسالي جي مواد تي،
اپريل- جون وارو رسالو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي، گل ڦل
واحد رسالو آهي، جيڪو شوق سان پڙهندي آهيان، رسالي
جو ٽائيٽل تمام خوبصورت ۽ دلچسپ هو. ڪهاڻين ۾ آزاد
گهوڙو، سوپاري ۽ پان جي ڪهاڻي، هاريءَ جي ڏاهپ ۽
کل ته سهي به گهڻو پسند آيا.
رسالي کي بهتر بنائڻ لاءِ منهنجي هڪ صلاح آهي ته رسالي ۾ هڪ
صفحو ”فن ۽ فنڪار“ رکيو وڃي، جنهن ۾ هر شماري ۾
سنڌ جي مشهور فنڪار جو انٽرويو شامل ڪيووڃي ۽ ان
سان گڏ سلسلو مضمون لکو ۾، معاشري ۾ عورت جو
ڪردار، ڪاپي ڪلچر، ۽ سنڌ ۾ دهشتگرديءَ، تي مضمون
شامل ڪيا وڃن.
توهان جي ڀائيٽي. نسيم لاشاري، گمبٽ.
محترم ايڊيٽر صاحب:
اسان کي، پيارو رسالو ”گل ڦل“ تمام گهڻو پسند آهي، جيڪو وڏي
انتظار کان پوءِ اسان کي ملندو آهي. اسان اڳ به
پياري رسالي گل ڦل ۾ تمام گهڻو مواد موڪليو، پر
شايع نه ڪيو ويو، ڇو ڀلا اسان جو مواد توهان جي
رسالي جي لائق نه آهي...؟ اپريل – جون 1998ع جو
رسالو پڙهيم جنهن ۾ هاري جي ڏاهپ، سبزين جو اجلاس
۽ کل ته سهي تمام گهڻو پسند آيا.
محمد افضل سائل، سلطانپور
محترم ايڊيٽر صاحب:
اپريل- جون جو گل ڦل مليو، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي هن گل ڦل ۾ منهنجا
مٺڙا پٽ، سنڌوندي، جڳ ۾ آ تعليم ضروري، شاعري ۾
سٺا لڳا. ڪهاڻين ۽ مضمونن ۾ ڪبوتر جي آخري اُڏام،
هاريءَ جي ڏاهپ، ڪک، اُستاد، ڳئون کير ڇو ڏيندي
آهي، سٺو لڳو ۽ اولمپڪ رانديون ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالغفور جو مضمون پڙهي خوشي ٿي، ميمڻ عبدالغفور
سنڌي صاحب اڃا تائين ٻارن سان نڀائي رهيو آهي.
جيئن ته اڳين سال يعني 1997ع کان وٺي گل ڦل پڙهندو ٿو اچان ۽
مواد به موڪليندو آهيان. پر ڊسمبر واري گل ڦل کان
سواءِ ڪو به مواد شايع نه ٿيو آهي ۽ ان کان پوءِ
ٽي دفعا مواد موڪليم، پر مواد جو نالو نشان ئي گل
ڦل ۾ نه هو. ڇا اوهان ڏانهن مواد نه پهچندو آهي؟
ڀاءُ مان هڪ ننڍڙي ڳوٺ داد لغاري ۾ رهندو آهيان. جتي منهنجي
چاچي ۽ مشهور اديب (مرحوم دادا سنڌي) جي لائبرري
به آهي، ان لئبرري ۾ 1964ع کان وٺي 1998ع تائين گل
ڦل جا سيٽ پيا آهن. انهن جو مطالعو ڪندو رهندو
آهيان، انهن رسالن ۾ پنهنجي چاچا دادا سنڌي جي
شايع ٿيل ”سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون“ ڏسي ڪري اوهان
ڏانهن مواد موڪليندو آهيان. گل ڦل سنڌ جو واحد
رسالو آهي، جنهن ۾ هر هڪ کي هڪ جهڙو حق ملڻ کپي.
ڇا اوهان فقط اميرن جو مواد شايع ڪيو ٿا ۽ غريبن
جو مواد ويو رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾، ڪجهه مواد موڪلي
رهيو آهيان. جي اوهان شايع نه ڪيو ته وري ڪڏهن نه
موڪلبو ۽ نه ئي رسالو وٺبو ڇو ته اوهان مواد شايع
نٿا ڪيو.
محمد قاسم ”مسڪين“ سومرو، داد لغاري، ميرپور ماٿيلو
جناب ايڊيٽر صاحب:
رسالي ”گل ڦل“ جي ڪهڙي ساراهه ڪَجي، پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي، ادا
اوهان مون تي يقين ڪريو ته مان ”گل ڦل“ جو پراڻو
پڙهندڙ آهيان، البته خط پهريون ڀيرو لکي رهيو
آهيان، خط ته هر ڀيري لکي رکندو آهيان، پر ”اڄ نه
سڀاڻي“ موڪلڻ جي انتظار ۾ ڏينهن پورو ٿيو وڃي، ۽
مان هر ڀيري ”گل ڦل“ ۾ شامل ٿيڻ کان رَهجو وڃان،
گل ڦل جو تازو شمارو سٺو آهي، پر رسالي ۾ ترجمو
ڪيل ڪهاڻيون، ۽ اڪثريت ”فلاڻي جي آتم ڪهاڻي“ رسالي
کي يڪسانيت جو شڪار ڪريو ڇڏين. براءِ مهرباني
انهيءَ تي ٿورو ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، رسالي ۾
”شاعري“ پنهنجو مٽ پاڻ آهي هر دفعي جيان هن ڀيري
به خاص طور ”نثار بزمي“ قلب سومرو، علي محمد
سولنگي، ۽ بيخود بلوچ جي شاعري، بيحد متاثر ڪيو.
سلسلو ”اچو ته مضمون لکون“ بيحد پسند آهي، ڇو ته
انهيءَ سان اسان جي زبردست همت افزائي ٿئي ٿي ۽
لکڻ جو موقعو ملي ٿو. ۽ ائين ئي ”ننڍا ٻالڪ“ سڀاڻي
جا وڏا اديب ٿي سگهن ٿا، انهن کي وڏو اديب بنائڻ ۾
توهان جو وڏو هٿ هوندو، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي،
”قلمي دوستي“ سلسلو به بهتر آهي، ادا مان پهريون
ڀيرو شامل ٿي رهيو آهيان، جڳهه ڏيندا، پنهنجي
”ٻاراڻي شاعري“ پڻ موڪلي رهيو آهيان، اميد ته ضرور
شامل ڪندا:
ايم. مقيم جلباڻي، رتوديرو.
ايڊيٽر گل ڦل:
هن دفعي گل ڦل جو شمارو اپريل- جون، 2 جولاءِ تي مليو. محترم!
ايتري دير چڱي ناهي. توهان ٻن ليکڪن جميل احمد ڀٽو
۽ مراد علي مرزا جون ٻه ٻه لکڻيون ڇاپيون، جيڪي
توهان کي نه ڇاپڻ گهرجن ها. هر هڪ جي هڪ هڪ لکڻي
ڇاپي ڪنهن ٻئي کي وارو ڏيو ها. اميد ته ايڏانهن
ڌيان ڏيندا. پرچو بهترين هو، هر هڪ ڪهاڻي، شاعري،
مضمون ۽ ٻيا سلسلا بهترين هئا. اميد ته اسان جي
تجويز تي عمل ڪندا، توهان جو سهڪاري ساٿي .
حبيب ڀٽو، نئون ديرو.
مانوارا ايڊيٽر گل ڦل.
اسلام عليڪم:
اپريل- جون جو پرچو هٿ ۾ آهي جيڪو جولاءِ10 تي مليو، هن ۾ سڀ
سلسلا ساراهه جوڳا آهن. خاص ڪري شاعري تمام سٺي
آهي. ٻيو ته توهان تقريبن ترجمو ٿيل ڪهاڻيون شايع
ڪندا آهيو، اهو سراسر غلط آهي، هي رسالو سنڌي
ٻالڪن جي لاءِ آهي ته پوءِ ان ۾ سنڌي ٻالڪن جون
نيون تخليقون به شامل هئڻ گهرجن، جيڪڏهن توهان
ترجمو ٿيل ڪهاڻيون شايع ڪندا رهيا ته يقين سان
چوندس ته اسان جو هي قدم جيڪو ٻالڪ ليکڪن لاءِ
کنيل آهي، اهو بي فائده رهندو ڇو ته نون ليکڪن کي
توهان ان ۾ شامل نه ٿا ڪريو. ٻيو ته توهان ڏانهن
تقريبن جيڪو به مواد موڪلڻ لاءِ لکي ٿو ته توهان
ان کي اهو چئو ٿا ته مواد هر لحاظ کان معياري ۽
مٿانهون هئڻ گهرجي، ڇا توهان يقين سان چئي سگهندا
ته جيڪي اسان جا وڏا ليکڪ آهن انهن به جيڪي شروعات
۾ مواد لکيو هوندو اهو هر لحاظ کان معياري هو....؟
هر گز نه، توهان ٻارن کان مواد گهرائي انهن ۾ جيڪي
غلطيون هجن يا ڪنهن ڳالهه جي ڪمي هجي، ته ٻار کي
اصطلاحي سمجهاڻي ڏئي، ان غلطي کي درست ڪرايو ته
جيئن اهو ٻار آئينده اها غلطي نه ڪري مواد صحيح
نموني موڪلي. وڌيڪ لاءِ مان اهو چوندس ته رسالي جا
پيج وڌايا وڃن پوءِ ڀلي قيمت به وڌي. گل ڦل ٻارن
لاءِ تمام بهترين (استاد) آهي ان کي اڃا گهڻو وسيع
ڪيو وڃي.
مان توهان ڏانهن في الحال مواد به ڪونه ٿو موڪليان، دل ڏسان ته
هڪ عام ليکڪ جي توهان وٽ ڪيتري عزت آهي. قلمي
موڪلاڻي ڪجي ٿي. ايندڙ مهيني وري ملبو.
(ٻالڪ ۽ ٻالڪ ادب تاحيات زنده باد)
ناز لاکو
ايڊيٽر صاحب:
اسلام عليڪم:
اپريل- جون وارو شمارو مليو. جڏهن کولي پڙهڻ لڳس ته ڪنهن به
جاءِ تي پنهنجو نالو نه ڏسي ڏک ٿيم. رسالي ۾ رڳو
غير ملڪي ڪهاڻيون شامل هيون. جيڪي ڪن مهربانن
ترجمو ڪري موڪليون هيون. جيڪي رسالي ۾ شايع ٿيل
هيون. توهان خود سوچو رسالو پرائمري جا ٻار به
پڙهندا آهن. ۽ مڊل ۽ مئٽرڪ وارا به، ڀلا اهي غير
ملڪي ڪهاڻين جو ترجمو ڪري سگهندا. اهي فقط ڪن سنڌي
ڪتابن مان ڪهاڻيون چونڊ ڪري موڪليندا آهن. جن سان
سندن اندر جا جذبا ظاهر نٿا ٿي سگهن ۽ ترجمو ڪرڻ ۽
چونڊ ڪرڻ سان هو مستقبل جا سٺا اديب ڪونه ٿي
سگهندا. توهان رسالو فقط ٻارن جي نالن سان شايع
ڪريو ٿا. پر مواد وڏن اديبن ۽ نوجوانن جو شامل
هوندو آهي. هاڻي اسين ائين سمجهون ٿا ته رسالي تي
اسان ٻارن جو ڪو به حق نه آهي. جي آهي ته فقط
سلسلي قلمي دوستي، کل ته سهي، نالا سڃاڻو تائين ان
کان سواءِ ٻيو اسان لاءِ خير آهي، جيڪڏهن ترجمو
ڪيل ڪهاڻين سان رسالي جو معيار توهان جي نظر ۾
بهتر ٿيندو هجي ته ڀلي شايع ڪريو. پر منهنجي هڪ
راءِ آهي ته توهان سلسلو قلمي دوستي، نالا سڃاڻو
جن مان نه ڪو اسان کي فائدو ٿيندو آهي ۽ توهان کي
نقصان آهي. توهان کي نقصان ان ڪري آهي ته نالا
سڃاڻو ۾ مهربان 40/ 50 نالا سڃاڻي موڪلين ٿا.
جنهنڪري توهان کي مفت ڪاپيون ڏيڻيون پون ٿيون. ان
ڪري اهي سلسلا بند ڪري توهان هڪ سلسلو شروع ڪريو
جنهن جو عنوان هجي ننڍڙا اديب جنهن ۾ مهربان ليکڪ
پنهنجون لکيل ڪهاڻيون موڪلين ۽ اهي شايع ڪيون وڃن.
ياد رهي ته ان سلسلي ۾ توهان کي ڪجهه محنت ڪرڻي
پوندي ڇو ته سندس ڪهاڻين ۾ غلطيون ضرور هونديون
جيڪي توهان درست ڪري شايع ڪندا ته لکندڙ جي وڏي
رهنمائي ٿيندي ۽ هو هوريا هوريان سٺيون ڪهاڻيون
لکڻ شروع ڪندا. پر افسوس اهو آهي ته رسالن جي
ايڊيٽرن مان محنت هلي ويئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن
مهربان جي تحرير ۾ ڪا به غلطي هوندي آهي ته ان کي
درست ڪرڻ بدران رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايو ويندو
آهي. جيڪڏهن غلطي درست ڪري تحرير کي عملي جامو
پهرائي شايع ڪئي وڃي ته انهي مهربان جون راهون
روشن ٿي وينديون ۽ هُن جي اندر ۾ اڳتي لکڻ لاءِ
وڌيڪ جذبو پيدا ٿيندو. توهان سوچو ته اڄ ڪلهه ٻارن
جي لاءِ شايع ٿيندڙ رسالا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس
آهن. جيڪڏهن انهن رسالن ۾ به ٻارن جي مواد کي نظر
انداز ڪيو ويندو ته پوءِ هو آخر گهر جهلي نه
ويهندا ته ويندا به ڪيڏانهن.
مان به توهان ڏانهن اڳي هڪ ڪهاڻي موڪلي هئي. جنهن جو عنوان هو
(شادي جا قصا)، جيڪڏهن شايع نه ڪريو ته رديءَ جي
ٽوڪريءَ ۾ ڪهاڻيءَ کي نه اڇلائجو مون کي واپس
موڪلي ڏجو، ڇو ته اسان کي پنهنجي تخليق زندگي کان
به عزيز هوندي آهي ۽ هن ڀيري به ماءُ جي محبت، جي
عنوان سان ڪهاڻي موڪلي رهيو آهيان. جيڪڏهن هيءَ به
ڪهاڻي شايع ڪرڻ جوڳي نه هجي ته مهرباني ڪري خط جي
جواب ۾ ٻڌائيندا.
فقط: محمد عمر احمداڻي، پنگريو)
محترم ايڊيٽر گل ڦل:
اسلام عليڪم:
جيئن ته گل ڦل جو تازو پرچو جنهن کي ٽن مهينن (اپريل، مئي ۽
جون) جو هٿ ٺوڪيو ليبل ٽنبيو ويو آهي، هن وقت
منهنجي هٿن ۾ آهي، مون کي افسوس سان اهو لکڻو ٿو
پوي، ته اوهان جي لاپته ٿيڻ (بيمار ٿيڻ) کان پوءِ
گل ڦل مڙوئي رولڙي جو شڪار ٿي ويو. هڪ طرف ته دير
سان مارڪيٽ ۾ اچڻ ۽ ٻئي طرف ڀاءُ طارق جي ايڊيٽر
شپ ڪري اڪثر رسالي تي ٻارن بجاءِ وڏن جو ڇاپ گهڻو
رهيو.
تازو شمار جيڪو اوهان جي نگرانيءَ هيٺ مارڪيٽ ۾ پهتو آهي ان ۾
به جن دوستن کي اوهين گل ڦل ۾ شامل ڪري سندن
خوشنودي حاصل ڪئي، تن مڙوئي ترجمي کان ڪم ورتو،
اوهان تخليقي مواد کي گهٽ جڳهه ڏني، بلڪ ترجمي کي
وڌيڪ اهميت ڏني اٿوَ.
مون کي ٻڌايو ته اسين آخرڪار ڪيستائين ”اوبر“ تي گذارو ڪندا
رهنداسين؟؟ ڇا اسان مان تخليقي سگهه ڇڏائجي ويئي
آهي؟ اوهان به هِن شماري ۾ وڏن ليکڪن کي وڌيڪ جاءِ
ڏني آهي بنسبت پتڪڙن ذهنن جي ؟! ڇو؟!
ڇا اوهان ترجمو ٿيل ڪنهن ڪهاڻيءَ جي جاءِ تي هِڪ ننڍڙي ليکڪ جي
ڪچي ڦڪي لکڻيءَ کي اصلاح ڪري پنهنجي رسالي ۾ جاءِ
ڏيئي کيس احساس ڪمتري جي بجاءِ، سندس همت افزائي
ڪري نه ٿي سگهيا؟؟؟
ڏسو نه! وڏن اديبن جتي قسم کڻي ڇڏيو آهي، ٻارن لاءِ ڪا لکڻي يا
ڪهاڻي لکڻ لاءِ، اتي وري ننڍڙن ”پتڪڙن“ سندرا ٻڌي
پنهنجي ادب جون واڳون سنڀالي به ورتيون آهن، ته
اتي اوهان تي به اهو فرض عائد ٿو ٿئي ته کين اڳتي
آڻڻ خاطر سندس لکڻيون گل ڦل ۾ شامل ڪري سندس همت
افزائي ڪريو، پر اوهان.....؟؟ اسان جا ڪيترائي
پتڪڙا ليکڪ جن ۾ ڪافي لکڻ جو صلاحيتون موجود آهن.،
اوهان ڏانهن پنهنجن خطن ۾ مواد نه ڇپجڻ جي شڪايت
ڪندا رهندا آهن جن ۾ سرويچ مهر، راجا ارشاد ڪيريو،
حئي ڀٽو، ۽ ٻيا ڪافي اهڙا ليکڪ جن کي اوهين هر
دفعي ”نولفٽ“ نو گفٽ“ ردِ عمل ۾ ڏيئي سندن گل ڦل
تان ارواح ئي کڻائي ٿا ڇڏيو ڇو؟ ٿي سگهي ته هن خط
کي باقي ساريندڙ ۾ جاءِ نه ڏيئي تنقيد هضم ڪرڻ جو
ڀرپور ثبوت ڏيندا ته وڏا وڙ.
اوهان جو: محمد آچر گڏاڻي، گهوٽڪي
محترم ايڊيٽر:
مان هڪ ڏهين ڪلاس جو شاگرد آهيان ۽ اسڪول جي سرگرمين کان سواءِ
لکڻين ڏانهن به تمام گهڻو توجه ڏيئي رهيو آهيان. ۽
هن ڀيري به وڏي اميد ۽ چاهه سان توهان ڏانهن هي خط
۽نظم موڪلي رهيو آهيان اميد ته شايع ڪندا، جيڪڏهن
شايع نه ڪيو ته مهرباني ڪري خط جي جوابن ۾ جي
سلسلي ۾ انهي بابت آگاهه ضرور ڪجو.
ادا هڪ شڪايت آهي ته توهان جو اپريل مئي وارو شمارو مليو. پر
انهي جي سرورق جي مٿان شماري جي مهيني مٿان هڪ
پرچي لڳل آهي. جنهن تي رسالي کي ٽه ماهي ظاهر ڪيو
ويو آهي، جڏهن ته اندر ٻين صفحن تي رسالو ٻه ماهي
لڳو پيو آهي.
مهرباني ڪري توهان صرف ايترو ٻڌائيندا ته اها پرچي توهان پريس
وارن هنئي آهي يا نيوز ايجنسيءَ واري پنهنجي
ڇپڙائي هنئي آهي.
فقط ننڍڙو شاعر: لالچند ديوان، ڀٽ شاهه.
نتيجو نالا سڃاڻو- 17
هن ڀيري هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي ٻارن حصو ورتو. هيٺين ٻارن جا جواب
صحيح آيا. (ڪن ٻارن سادي پني تي جواب لکي موڪليا،
جيڪي شامل نه ڪيا ويا آهن). هيٺين دوستن کي رسالي
جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.
جواب:- (1) طوطو
(2) ڪبوتر (3) ڪونج (4) جهرڪي (5) مور (6) ڪٻر (7) ٻگهه (8)
ڪانءُ (9) ڊيل (10) بلبل (11) اُٺ پکي (12) باز
(13) بدڪ (14) ڪونج (15) ڳيرو.
نالا:
علي مردان ريٽي، پوسٽ آفيس وسايو جروار، ٽنڊوالهيار.
پي. آر. پنهون مل، مهيشوري.
محمد خان جروار، ڳوٺ داد خان جروار، ٽنڊوالهيار.
ماجد علي جويو، ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن، تعلقو
ڪوٽڙي.
امتياز نصير عباسي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، رپڙي تعلقو گمبٽ ضلعو
خيرپور ميرس.
غلام محمد ڪلهوڙو، محله الله آباد، ايئرپورٽ روڊ، لاڙڪاڻو.
انور علي ڪنڀر، معرفت: ٻانهن ٻيلي ڪمپيوٽر سينٽر، اسلام ڪوٽ،
ٿر.
عبدالوحيد شيخ، معرفت: بشير احمد شيخ مڇي مارڪيٽ پنو عاقل.
نبي بخش ڪالرو، معرفت: سومار هوٽل، ميرواهه ناڪو، ٽنڊو الهيار.
برڪت علي پتافي، معرفت: پارس وڊيو اينڊ مووي سينٽر، داد لغاري،
تعلقو ڏهرڪي.
اُداس سنديلو، پوسٽ آفيس چوهڙ پتافي، داد لغاري، گهوٽڪي.
غلام فريد عباسي، معرفت: خيراتي اسپتال سنت راجا رام صاحب،
ميرپور ماٿيلو.
عبدالباسط ڏنور، معرفت: ڊاڪٽر محمد نواز ڏنور، درگاهه روڊ پير
جو ڳوٺ تعلقو ڪنگري.
شمس الدين ملهيو، معرفت: محمد يوسف هوٽل وارو، پوسٽ ڍورو نارو،
عمر ڪوٽ.
منور علي مهر، معرفت: مير محمد سهتو دڪان وارو، عظيم ڪالوني،
نواب شاهه.
سنيل ڪمار مهاديو، معرفت: ملير ميڊيڪل اسٽور، مٺي، ضلعو ٿر.
رحمت الله راڄپر، ڳوٺ حاجي ابوبڪر راڄپر تعلقو فيض گنج ضلعو
خيرپور ميرس.
محمد لقمان ڀنگو، معرفت: ايم يامين ڪريانا اسٽور، ڀنگوبهڻ، ضلعو
خيرپور ميرس.
سهيل سجاد سهتو، ڪلاس چوٿون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول، رڪراڻي
پوسٽ هنڱورجه، ضلعو خيرپور ميرس.
سنيل ڪمار ڌڱاڻا، معرفت: هولارام سيرورام ڪريانا مرچنٽ، خانپور
مهر، گهوٽڪي.
دولت راءِ، ڪارونجهر ڊرائي ڪلينرس اسلام ڪوٽ، ضلعو ٿر.
معين خان تنيو، تنيه محله تعلقو ميرو خان ضلعو لاڙڪاڻو.
مسعود مصطفيٰ شاهه راشدي برانچ پوسٽ آفيس پير شاهه، نواب شاهه.
نانڪ داس مينگهواڙ، پوسٽ آفيس داد لغاري ضلعو گهوٽڪي.
راحب علي مهر: معرفت: انصاف ڪريانا اسٽور، راجه فارم ضلعو
ڏهرڪي،
حسيب الرحمٰن منگي، گهر نمبر 138/ 19 پنج پير محلو، هاٿي در،
شڪارپور.
انيس الرحمٰن منگي، گهر نمبر 138/ 19 پنج پير محلو، هاٿي در،
شڪاپور.
حاجي سانول مهر، معرفت: لڪي بڪ اسٽور، راجا فارم ضلعو گهوٽڪي.
عبدالرزاق بوزدار، معرفت: ارباب منگي سيلون وارو، پوسٽ جروار
ضلعو گهوٽڪي.
منير احمد ٿهيم، ڳوٺ ملڪ تعلقو مورو ضلعو نوشهرو فيروز.
بشير احمد، معرفت: ميوو مارواڙي دڪان وارو، پوسٽ يارو لُنڊ،
ضلعو گهوٽڪي.
سنڌو ميراڻي، درگاهه ستيون پوسٽ آفيس ٺٽو.
ميرحسن خاصخيلي، ڳوٺ حاجي ميوو ٽالپر، پوسٽ علي محمد پنجابي،
ضلعو بدين.
مڪيش ڪمار، معرفت: سمن سرڪار ڪلينڪ پنگريو، ضلعو بدين.
شڪيلا بنت الطاف حسين، معرفت: عاصم انگلش ميڊيم هاءِ اسڪول،
ٽنڊو محمد خان.
ممتاز علي چانڊيو، ڳوٺ نازل خان چانڊيو، پوسٽ آفيس مبارڪپور
شڪارپور.
محمد عمر پنهور، پوسٽ آفيس مٺياڻي ضلعو نوشهرو فيروز.
ڪيشولال، چوهاڻ پان سينٽر، مٺي، ضلعو ٿر.
ذوالفقار علي شيخ، معرفت: گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول سوڀوديرو
ضلعو خيرپور ميرس.
اياز حسين چانڊيو، ڪوارٽر نمبر 20 .
B. T
آر. بي. بي. ڪالوني، ڄامشورو.
ذوالفقار علي مغل، معرفت: سهيل هارڊ ويئر، تجارت مرڪز، شاب نمبر
14، خيرپور ميرس.
آصف علي جوڻيجو، پير يوسف شاهه پاڙو، پوسٽ آفيس رتوديرو،
لاڙڪاڻو.
ظهير الدين سهتو، ڪرنالي محلو، پوسٽ آفيس ٺارو شاهه.
اقبال علي لنڊ، ڳوٺ ڀنگو بهڻ تعلقو فيض گنج، ضلعو، خيرپور ميرس.
اياز اڪبر خاصخيلي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول فريد آباد تعلقو ميهڙ.
مڪيش ڪمار آڏواڻي، ميرپور ماٿيلو.
محرم علي لغاري، گهر نمبر 43-
C
هائوسنگ سوسائٽي دادو.
الطاف حسين لغاري، گهر نمبر 43-
C
هائوسنگ سوسائٽي دادو.
راجيش ڪمار، معرفت: آ سنداس ڏيون داس ڪريانا مرچنٽ، مٺي ضلعو
ٿر.
عاشق علي جوکيو، معرفت: عاشق ڪلينڪ، ڳوٺ مٺا خان جوکيو،
دولتپور، نوابشاهه
شاهد ڀرڳڙي، معرفت: نيو سنڌڙي ميڊيڪل اسٽور، سول هاسپيٽل دادو.
فاروق احمد ٻٻر، معرفت: جمالي هارڊويئر اسٽور، پتافي بازار
شڪارپور.
امتياز علي ميمڻ، تعلقو سوڀو ديرو، ضلعو خيرپور ميرس.
خوشحال داس سيجو، معرفت: لڌرام اسٽامپ وينڊر، ويجهو امر ڪلينڪ
مٺي، ٿر.
عبدالصمد عقيلي، لطيف ڪلينڪ عقيلي محله وارڊ نمبر 2، ٺٽو.
دلدار علي جروار، پوسٽ آفيس صاحب خان جروار تعلقو ٽنڊوالهيار.
عمران علي ميمڻ، ڪلاس ڇهون گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول سن،
تعلقو ڪوٽڙي.
نياز علي سولنگي، ڪلاس پنجون گورنمينٽ پرائمري مسجد اسڪول، سن،
تعلقو ڪوٽڙي.
غلام ياسين پتافي معرفت: جيوڻ پتافي دڪاندار، داد لغاري، ڏهرڪي.
ياسر خان ملڪ، معرفت: علي گوهر سائيڪل ورڪس، بائيجي چوڪ پنو
عاقل.
حسينا سهتو، معرفت: علي ڪلينڪ، چانگ روڊ، چمبڙ.
ناز لاکو، معرفت: عظيم ڪتاب گهر، ڳوٺ مجيد ڪيريو، سڪرنڊ.
محمد يعقوب ڏاهري، معرفت: مارئي ڪتاب گهر، سڪرنڊ.
شاهد حُسين کوکر، معرفت: ڊاڪٽر محمد الياس کوکر، شاهي بازار
خيرپور ناٿن شاهه.
قنديل مسرور، گهر نمبر 118/ 18، مسرور گهٽي، پير جهنڊيل پوپٽي،
شڪارپور.
محمد قاسم سومرو، معرفت: قادر ڪلينڪ سنڌو چوڪ، داد لغاري،
گهوٽڪي.
لالچند ديوان، ڀٽ شاهه.
عطا محمد سومرو، پوسٽ مشائخ، قاضي احمد، سڪرنڊ.
عزيز احمد چوهاڻ، معرفت:غلام رسول دڪاندار: ڪاليج روڊ شڪارپور.
دليپ، ايم. پاگاراني، معرفت: موهن لال ڏيونداس، ڪلاٿ اسٽور،
شاهي بازار مٺي، ضلعو ٿر.
محمد بخش زهري، معرفت: الحسين ميڊيڪل اسٽور خيروپر ناٿن شاهه.
قربان علي سيال، ڪلاس ڏهون سي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن
شاهه.
سنجئه ڪمار ساگر، معرفت: ڪراچي ڊائگنوسٽڪ الٽراسائونڊ، صديقي
مدرسه روڊ، شهدادپور.
حضور بخش پنهور، معرفت: مهراڻ ڪتاب گهر پوسٽ شادي پلي، ضلعو
گهوٽڪي.
محمد عمر احمداڻي، معرفت: سرور سائيڪل ورڪس پنگريو ضلعو بدين.
عبدالرشيد سمون، لطيف ڪلينڪ عقيلي محله وارڊ (2) ٺٽو.
محمد عالم سيال، شهدادڪوٽ.
سرويچ عبدالغفار مهر، پوسٽ آفيس رُڪ، ضلعو شڪارپور.
نظير احمد مغيري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ، تعلقو وارهه.
عبدالقادر پنهور، گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ، تعلقو وارهه.
سعيد احمد ميمڻ، معرفت: حنا ايجنسيز نوراني مسجد روڊ، دادو.
محمد وسيم ميمڻ، معرفت: بڪ اسٽال شاهي بازار گمبٽ.
مشتاق احمد ميمڻ، معرفت: محمد عثمان ميمڻ، بيڪري، مدني چوڪ،
چوهڙ جمالي.
محمد علي عمراڻي غوث اعظم چوڪ، چوهڙ جمالي، ضلعو ٺٽو.
موهن امر پاروائي، ڳوٺ پاٻو ويرو: تعلقو ڇاڇرو، ضلعو ٿر.
شفقت شريف سولنگي، پوسٽ آفيس سن، تعلقو ڪوٽڙي.
جميلا، ڪلاس ڇهون، پيراڊائز هاءِ اسڪول، ٽالپر ڪالوني، ٽنڊو
محمد خان.
شعبان اختر سولنگي، معرفت: غفار ڪولڊ ڪارنر، مارڪيٽ روڊ، دادو.
گهمن سينگهه، معرفت: وينجهڙاج ڊرائي ڪلينرز، مٺي ضلعو ٿر.
قاري رحيم بخش خاصخيلي، خاتون جنت مسجد، ميرپور ساڪرو.
آفتاب احمد ٿهيم، معرفت: اي ون بَڪ اسٽور، داد لغاري، تعلقو
ڏهرڪي.
نادر علي دَلُ ڪوارٽر نمبر 2،
R.B.U.T.
اسپتال شڪارپور.
رزاق ڏنو ڪولاچي، معرفت: ڀٽائي، بوڪ اسٽور، ويجهو بس اسٽاپ،
ميرپور ماٿيلو،
حفيظ الرحمٰن، ڪلاس نائون گورنمينٽ هاءِ اسڪول، سانگهڙ.
نتيجو اچو ته مضمون لکون-10
هن ڀيري هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي ٻارن حصو ورتو:
پهريون نمبر آيو.
شڪيل گُل ابڙو، ڪلاس ڏهون بي، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪري،
ضلعو، لاڙڪاڻو.
ٻيو نمبر آئي:
رضيه سومرو، شهباز ڪالوني، گهوٽڪي.
کين رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.
اچو ته مضمون لکون- 12 جو عنوان آهي
(وقت، دنيا جي سڀ کان وڏي دولت آهي)
موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس:
____________________________________________________
___________________________________________________
نالا سڃاڻو- 19
هيٺ ڏنل خانن ۾ سنڌ سونهاريءَ جي پنڌرنهن تاريخي ماڳن جا نالا
ڏنل آهن. اکرن کي ترتيب سان ملائي صحيح نالا لکي
موڪليو، جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا. انهن جا نالا
گل ڦل رسالي جي ايندڙ شماري ۾ شايع ڪيا ويندا.
موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس:____________________________
رنگ ڀريو
|