سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 

باب: --

صفحو :4

 

 

مختيار نصير ڏوگر

”هڪ ڏاهي غريب ڇوڪري“

هڪ ملڪ ۾ هڪ غريب ماڻهو رهندو هو، هو ويچارو ڪاٺيون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ڌيءَ جو پيٽ پاليندو هو ۽ صبر شڪر سان وقت گذاريندو هو.

هِنَ غريب شخص کي هڪ ڌيءَ هوندي هئي. ڇوڪري تمام گهڻي عقلمند هئي. هوءَ هميشہ پنهنجي پيءُ سان عقل ۽ دانشمنديءَ جون ڳالهيون ڪندي هئي. هن جو پيءُ اهي ڳالهيون ٻڌي دنگ رهجي ويندو هو.

هڪ دفعي هن غريب ماڻهو کي خبر پئي ته بادشاهه سلامت غريبن جي مدد ڪندو آهي، سو اهي خيال دل ۾ پچائيندي، غريبيءَ مفلسيءَ کان بچڻ لاءِ بادشاهه سلامت جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ کيس پنهنجي حال کان واقف ڪيائين، بادشاهه سلامت هن جا الفاظ ۽ گفتگو جو انداز ڏسي پُڇيس: ”اهڙيون ڳالهيون تو ڪٿان سکيون آهن.“ غريب شخص جواب ڏنو: ”عالم پناهه، پنهنجي نياڻيءَ کان.“

تنهنجي ڌيءَ جي تربيت ڪٿي ٿي آهي؟“ بادشاهه پڇيس.

”خداتعاليٰ ۽ اسان جي غربت هن کي ڏاهو بڻايو آهي.“ غريب شخص وراڻيو، بادشاهه سلامت اهو ٻڌي هن کي ڪجهه پئسا ۽ ٽيهه بيدا ڏنا ۽ چيو ته: ”پنهنجي ڌيءَ کي چؤ: ته هنن مان ٻچا ڪڍي ڏي، جي تنهنجي ڌيءَ هي ڪم خوش اصلوبيءَ سان ڪيو، ته توکي انعام سان نوازيندس: پر جيڪڏهن ناڪام رهي ته توهان ٻنهين کي سخت سزا ڏني ويند.“

ويچارو غريب، بادشاهه جا اهي لفظ ٻڌي، گهر واپس آيو ۽ پَورن ۾ پئجي ويو. ڌيءَ پڇيس ته سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس، ته ”بادشاهه جو هي حڪم آهي.“ ڇوڪري ڪجهه دير سوچيندي رهي. پوءِ انهن بيدن کي کڻي غرور سان ڏسڻ لڳي. ته بيدن جي وزن مان معلوم ٿيس ته بيدا پاڻي ۾ اُٻريل هئا. هن ڇوڪريءَ، پيءُ کي چيو: ”بابا سڀاڻي جو انتظار ڪر، مان سوچي هن جو ڪو حل ڪڍان ٿي.“ غريب شخص سڀاڻي جي انتظار ۾ سمهي رهيو. ڇوڪري سڄي رات سوچيندي رهي.

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اٿي. هن ڪجهه ڪڻڪ جا داڻا اُٻاريا پوءِ انهن کي خشڪ ڪري ٿيلهي ۾ وجهي پيءُ کي چيائين: ”بابا جنهن سڙڪ تي بادشاهه سلامت جي سواري، درٻار ڏي ويندي آهي، ان جي ڀرسان زمين ۾ وڃي هَرَ ڪاهه جنهن وقت بادشاهه سلامت گذري ته زور زور سان چئجان: ”اي ڀاڳ وارا ڏاندؤ جلد هَرُ ڪاهيو ته جلديءَ ۾ اُٻاريل ڪڻڪ ڦٽي ۽ فصل جلد ۾ تيار ٿئي.“ اهڙي طرح ان غريب شخص، ڌيءَ جي چئي تي عمل ڪيو.

بادشاهه سلامت جڏهن اِهي لفظ ٻڌا ته گاڏيءَ مان منهن ٻاهر ڪڍي چيائين: ”بيوقوف“ اُٻاريل ڪڻڪ ڪا ڦٽندي آهي جو محنت پيو ڪرين.“ غريب شخص کي سندس ڌيءَ سيکاري ڇڏيو هو.

جڏهن بادشاهه اهڙي ڳالهه ڪري ته توکي ڇا چوڻو آهي، غريب جواب ڏنو: ”سائينجن جي بادشاهيءَ جو خير، قصور معاف ٿئي: جيڪڏهن جان جي امان ملي ته عرض ڪريان.“ بادشاهه چيس: ”ٻڌاءِ.“ هن چيو: ”جهڙي طرح اُٻاريل آنن مان چوزا (ٻچا) نڪرندا آهن.“ ساڳيءَ طرح اُٻاريل ڪڻڪ به ڦٽي سگهي ٿي. اهو ٻڌي بادشاهه ڇوڪريءَ جي ڏاهپ تي کلڻ لڳو ته واهه ڇوڪري ته مون کان کٽي ويئي. ٻئي ڏينهن صبح جو بادشاهه جو دربان، غريب کي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ويو.

غريب شخص درٻار ۾ حاضر ٿيو، بادشاهه سلامت کيس بادبان ٺاهڻ لاءِ ٿورو ڪپڙو ۽ سُٽُ ڏئي چيو ته هن سُٽَ مان منهنجي جهاز جو بادبان ٺاهي ڏي: نه ته توکي ڏهن ڏينهن جي اندر ڦاسي ڏني ويندي. غريب ويچارو گهر آيو ۽ روئڻ لڳو. سندس ڌيءَ چيو ته: بابا نه رؤ الله تعاليٰ مسبب الا سباب آهي، اهو ڪونه ڪو حل بڻائيندو. هيئنر توهان سمهي پؤ.“

صبح جو اُن ڇوڪريءَ ڇا ڪيو جو: هڪ ننڍڙو ڪاٺيءَ جو ٽڪرو پيءَ کي ڏنو ۽ چيو ته بادشاهه سلامت کي عرض ڪريوته هن ڪاٺي جي ٽڪري مان ڪپڙي اُڻڻ جا سڀ اوزار ٺهرائي ڏي ته مان ڪپڙو بادبان لاءِ اُڻان. غريب ماڻهوءَ جيئن بادشاهه سلامت کي ڇوڪريءَ جو پيغام پهچايو، بادشاهه ڇوڪريءَ جي جواب کان بيحد متاثر ٿيو: پر هن، غريب شخص کي هڪ گلاس ڏنو ۽ چيو: ”هي گلاس وڃي ڌيءَ کي ڏي ۽ کيس چؤ ته هن گلاس ۾ سارو سمنڊ وجهي ڏي ته مان پنهنجي سلطنت وڌيڪ وسيع ڪريان.“

غريب ماڻهو ڪنڌ جهڪائي خاموشيءَ سان گهر اچي ويٺو: سندس ڌيءَ خاموشيءَ جو سبب پڇيو ته غريب سارو حال ڪري ٻڌايس، ڇوڪريءَ پيءُکي تسلي ڏني، ته غريب ماڻهو الله تي رکي سمهي پيو.

ڇوڪري سڄي رات سوچيندي رهي. صبح ٿيو. هن پنهنجي پيءُ کي چيو ته: ”بابا، بادشاهه سلامت کي عرض ڪجانءِ ته سمورن دريائن ۽ سمونڊن جي چپي چپي تي بند ٻڌرائي ڏي، ته مان اوهان کي ساري سمنڊ جو پاڻي هن گلاس ۾ وجهي سمنڊ خالي ڪري، ڏيان.“ ڇوڪريءَ جي پيءُ بادشاهه سلامت کي وڃي ڇوڪريءَ جو جواب پيش ڪيو، بادشاهه جواب ٻڌي خوش ٿيو.

ٻئي ڏينهن صبح جو ڇوڪريءَ کي درٻار ۾ اچڻ جو حڪم ڏنو ويو. ڇوڪري پيءُ سميت درٻار ۾ حاضر ٿي. بادشاهه سلامت، هن کان پڇيو ته: اها ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا پري کان ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.؟“

ڇوڪريءَ جواب ڏنو ته: ”مينهن وسندي ڪڪرن جي گجگوڙ جو آواز ۽ ڪوڙ. اهي ٻئي شيون پري کان ئي ٻڌڻ ۾ اينديون آهن.“ اهو جواب ٻڌي بادشاهه سلامت حيران ٿي ويو ۽ پنهنجي ڏاڙهي تي هٿ رکي درٻار ۾ ويٺلن ڏانهن ڏسي پڇيو: ”درٻار ۾ جيترا به ماڻهو ويٺا آهيو: اوهان ٻڌاو ته منهنجي ڏاڙهي جي ڪيتري قيمت آهي؟“ هر درٻار قيمت ٻڌائي، هرڪو، هڪ ٻئي کان وڌيڪ ٻڌائڻ لڳو: ته جيئن بادشاهه خوش ٿئي. بادشاهه ڇوڪريءَ کان پڇيو: ”هاڻ تون ٻڌاءِ منهنجي ڏاڙهي جي قيمت ڪيتري هوندي؟“ سڀ ماڻهو حيران پريشان ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لڳا ته ڪهڙو ٿي جواب ڏي. ڇوڪري عرض ڪيو: ”بادشاهه سلامت اوهان جي ڏاڙهي جي قيمت ايتري آهي جيتري ستن سالن جي بارش جي پاڻيءَ جي قيمت“ بادشاهه سلامت هن جي جواب کان خوش ٿيو ته واقعي هيءَ عقلمند ڇوڪريءَ آهي. ڇو نه مان هن سان شادي ڪري هِنَ کي ملڪه بڻايان. بادشاهه سلامت هن کي شاديءَ لاءَ چيو، هن ڇوڪريءَ بادشاهه سلامت کي عرض ڪيو ته: ”منهنجو هڪ شرط آهي، جيڪو منظور ٿئي ته مان شاديءَ لاءِ تيار آهيان.“ بادشاهه سلامت پڇيس ته: ”ڪهڙو شرط آهي؟“ ڇوڪريءَ شرط ٻڌايو ته، ”زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اوهان مون سان ناراض ٿيو ۽ مون کي هتان وڃڻو پوي ته مون کي اجازت هجي، ته هن محلات مان پنهنجي پسند جي ڪا به هڪ شيءِ پاڻ سان گڏ کڻي وڃان.“ بادشاهه سلامت هن جي ذهانت کان متاثر ٿي ڪاغذ قلم گهرائي پنهنجي هٿ سان اجازت نامو لکي ڏنو ته: ”مان توکان اهو نه پڇندس ته اها ڪهڙي شيءِ آهي. توکي جڏهن به جيڪا به شيءِ وڻي اها کڻي وڃي سگهين ٿي.“

پوءِ پنهنجي شاهي مهر هڻي، اهو ڪاغذ ڇوڪريءَ جي حوالي ڪيائين. ان بعد ڇوڪريءَ جي شادي بادشاهه سلامت سان ٿي ويئي. ۽ هوءَ ملڪه بنجي ويئي. ٻئي پيار محبت سان زندگي جا سال گڏ گذارڻ لڳا. ٻئي بيحد خوش هئا. اوچتو هڪ ڏينهن ڪنهن ڳالهه تي بادشاهه سلامت ملڪه کان ناراض ٿيو: ۽ کيس حڪم ڏنائين ته: ”هينئر جو هينئر محل مان نڪري وڃ ۽ وري ڪڏهن به هن محل جو رخ نه ڪجانءِ.“

ملڪه عرض ڪيو ته: ”بادشاهه سلامت اڄ رات رهڻ جي اجازت ڏيو سڀاڻي صبح جو اوهان جي حڪم جي بجا آوري ٿي ويندي.

بادشاهه راضي ٿيو. دستور مطابق سمهڻ مهل راڻي کيس پنهنجي هٿن سان شربت پياريو، پر ان رات ملڪه شربت ۾ ڪجهه جڙي ٻوٽيون ملائي بادشاهه کي شربت پيش ڪيو، بادشاهه شربت پي سمهي پيو. ملڪه عاليه جلدي جلدي بادشاهه کي نوڪرن وسيلي پنهنجي پراڻي گهر کڻائي آئي. بادشاهه سلامت سڄي رات سُتو رهيو. هن کي ڪا خبر ڪانه هئي ته ڪٿي سُتو پيو آهيان. سڄي رات گذري ويئي. صبح جو جڏهن بادشاهه سلامت جي اک کلي ته گهٻرائجي ويو ۽ رڙ ڪيائين. ”مان ڪٿي آهيان؟“

ملڪه بادشاهه جو اهو مهر لڳل اجازت نامو ڏيکاريندي عرض ڪيو: عالم پناهه هي اجازت نامو پڙهو. اوهان پاڻ لکي ڏنو هو، ته جڏهن به مان محل مان نڪرنديس ته پنهنجي پسند جي ڪا به هڪ شيءِ کڻي وڃي سگهندس. مون کي اوهان کان وڌيڪ ڪا به قيمتي شيءِ محل ۾ نظر نه آئي. مون کي هر شيءِ کان وڌيڪ اوهان عزيز آهيو.“

اهو ٻڌي بادشاهه سلامت ملڪه جي ذهانت تي خوشيءَ وچان مرڪڻ لڳو. ۽ ملڪه سان ناراضگي ختم ڪري هميشہ هميشہ لاءِ ساڻس ناراض نه ٿيڻ جو وچن ڪيو. ۽ پوءِ هو ٻئي پيار محبت سان رهڻ لڳا. ۽ گڏجي عقل ۽ دانشمنديءَ سان حڪومت هلائڻ لڳا..

 

سيد مهراڻ سنڌي

 

بهادر شهزادو

ملڪ يمن جو بادشاهه جابر، نيڪدل ۽ رحمدل هو.

بادشاهه کي سڪندر نالي هڪ پٽ هو، جيڪو تمام گهڻو سهڻو ۽ بهادر هو. شهزادي سڪندر کي شڪار ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. اڪثر هو شڪار لاءِ، دوستن سان جهنگ ڏانهن نڪري ويندو هو.

هڪ ڀيري شڪار ڪندي، هن کي هڪ هرڻ نظر آيو. هرڻ شهزادي کي ڏسي وٺي ڀڳو، شهزادي به پنهنجو گهوڙو کڻي پويان ڊوڙايس. ۽ پنهنجن دوستن کان تمام پري نڪري ويو.

گهڻيءَ ڊوڙ کان پوءِ آخر هو هرڻ جو شڪار ڪرڻ کان پوءَ سوچڻ لڳو، ”هاڻي سج به لهڻ وارو آهي، رات کڻي هتي گذارجي، صبح جو دوستن کي ڳولهي لهبو.

هو هڪ هنڌ ڪاٺيون ٻاري هرڻ کي پچائي پيٽ ڀري اتي ئي سمهي پيو.

صبح ٿيڻ تي اٿي دوستن جي ڳولا ۾ نڪري پيو. سڄو ڏينهن جهنگ ۾ ڀٽڪندو رهيو، پر هن کي دوست نظر نه آيا.

ٻيو ڏينهن ٿيو ته جهنگ پار ٿي جبلن ۾ اچي ڦاٿو.

هاڻي گهوڙي به اڳتي نه هلڻ جو پڪو پهه ڪيو. ڇو ته رستو تمام خراب ۽ مٿانهون هو گهوڙي کي اتي ڇڏي. هڪ پهاڙيءَ چوٽي چڙهي، چؤڌاري نظر ڦيرايائين ته کيس هڪ باغ نظر آيو. شهزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان طرف هلڻ لڳو.

باغ ۾ پهچي باغ جا ميوا کائي، چشمي جو پاڻي پي، گهمندو ڦرندو هڪ محل جي سامهون اچي بيٺو. محل تمام خوبصورت ٺهيل هو. شهزادو اندر داخل ٿي، هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳو. پرهن کي ڪي به نظرنه آيو. شهزادو حيرت وچان سوچڻ لڳو: ”ڪمال آهي. هن سرسبز علائقي ۾ ڪوئي به نه آهي، مون کي محل جي چڱيءَ طرح تلاشي وٺڻ گهرجي.“

پوءِ شهزادو محل جي هر هڪ ڪمري کي کولي ڏسڻ لڳو. آخر هڪ ڪمري ۾ هن کي پلنگ تي ڪوئي ستل نظر آيو.

جڏهن هن ويجهو وڃي ڏٺو، ته هن کي پلنگ تي هڪ حسين نوجوان ڇوڪري ستل نظر آئي. شهزادو ڇوڪريءَ کي اٿارڻ لڳو. پر ڇوڪريءَ ته جاڳڻ جو نالو ئي نٿي کنيو. اوچتو شهزادي جي نظر، ڇوڪريءَ جي سيراندي کان ٽيبل تي رکيل گلدان ۾ پيل گلاب جي گل تي پئي، شهزادي گلاب جو گل کڻي ڇوڪريءَ کي سنگهايو، ته ڇوڪري ڄڻ هوش ۾ اچي وئي.

ڇوڪري پنهنجي سامهون هڪ اجنبي کي ڏسي حيران ٿيندي چيو: ”تون ڪير آهين ۽ هتي ڪيئن پهتو آهين.“

شهزادي وراڻيس: ”مان شهزادو سڪندر، ملڪ يمن جي بادشاهه جو پٽ آهيان. دوستن سان گڏ شڪار لاءِ نڪتو هئس. دوستن سان وڇڙي ڀٽڪي اچي هتي پهتو آهيان. پر تون ڪير آهين، هيڏي ساري محل ۾ اڪيلي.... ۽ هن گل ۾ ڪهڙو اسرار آهي....“

ڇوڪري ڏک ڀري آواز ۾ چوڻ لڳي: ”شهزاده مان ملڪ چمن جي بادشاهه جي ڌيءَ آهيان. منهنجو نالو شهزادي زرينه آهي. هڪ ڏينهن مان پنهنجي باغ ۾ پنهنجين سهيلين سان ويٺي هيس، ته اتان هڪ ديو اڏامي وڃي رهيو هو. ان جو مون کي ڏٺو ته منهنجي مٿان موهت ٿي پيو ۽ مون کي اتان کڻي هتي اچي قيد ڪيو اٿس.

ديوءَ جڏهن پاڻ هوندو آهي، ته مون کي هوش ۾ رکندو آهي ۽ جڏهن ويندو آهي، ته ويندي هن گلاب جي گل مان هڪ پتي پٽيندو آهي، ته مان بي هوش ٿي ويندي آهيان، ٻيو جڏهن گلاب جو گل سنگهائيندو آهي، ته مان هوش ۾ اچي ويندي آهيان. تون هتان هليو وڃ. ديو ظالم آهي. هو توکي ڏسندو ته توکي زندهه نه ڇڏيندو.“

شهزادي سڪندر، شهزادي زرينه ڏانهن نهاري چيو: ”شهزادي مان ان ديو کي ماري، توکي ان جي قيد مان ضرور آزاد ڪرائيندس.“

”نه شهزادا ديو کي مارڻ ايترو سولو نه آهي، هن جو ساهه هڪ پکيءَ ۾ آهي. هڪ ڏينهن ڪاوڙ مان چيومانس ته، ”هڪڙو ڏينهن اهڙو به ايندو جو ڪوئي هتي اچي توکي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندو، ان تي ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو: ”منهنجو ساهه ته هڪ پکيءَ ۾ آهي. جنهن تائين پهچڻ خطري کان خالي نه آهي.“

پڇيومانس: ”اهو ڪيئن.“ ان تي ٻڌائڻ لڳو: ”هتان کان ڪجهه پري هڪ غار آهي، غار مان نڪرڻ کان پوءِ هڪ ميدان آهي، ميدان کان پوءِ جهنگ آهي. جهنگ ۾ پنجن اهڙن وڻن جي ڳولا ڪرڻي پوندي: جنهن جا ميوا اڇي رنگ جا هجن. انهن پنجن وڻن مان، جيڪو هڪ هڪ ميوو پٽي کوهه اندر اڇلائيندو: ته هڪ غار ظاهر ٿيندي، ان غار ۾ اهو پکي آهي. جنهن کي مارڻ سان مان مري وينديس.“

”هاڻي تون ئي ٻڌاءِ، ڇا ديو کي مارڻ سولو آهي...؟

شهزادي سڪندر چيو: ”مان ان ديو کي ماري توکي ضرور قيد مان آزاد ڪرائيندس: مان ان پکي جي ڳولا ۾ ويندس ۽ هڪ ڏينهن منزل ضرور ماڻيندس.“

شهزادي زرينه چيو: ”شهزادا سڪندر، منهنجي ڪري، پنهنجي جان جوکي ۾ نه وجهه.“

پر، شهزادو سڪندر پنهنجي فيصلي تي اٽل هو، سو شهزادي زرينه کان موڪلائي گلاب جي گل مان هڪ پتي پٽيائين ته شهزادي زرينه بيهوش ٿي وئي.

گل رکي، شهزادو سڪندر ٻاهر نڪري غار جي ڳولا ڪرڻ لڳو. آخر گهڻي ڳولا کان پوءِ اها غار هن کي نظر آئي.

شهزادو سڪندر غار ۾ داخل ٿي، اڳتي هلڻ لڳو.

غار ۾ اوندهه ئي اوندهه هئي. پهريائين ته شهزادي کي ڏسڻ ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي. پر پوءِ اکيون اوندهه ۾ ڏسڻ جون عادي بڻجي ويس.

شهزادو سڪندر اڳتي هلندو رهيو. هڪ هنڌ هن کي هڪ خوفناڪ ڪارو نانگ نظر آيو، جيڪو هن ڏانهن اچي رهيو هو. شهزادي سڪندر تلوار ڪڍي ۽ نانگ ڏانهن وڌڻ لڳو. ويجهو وڃي تلوار سان وار ڪري نانگ کي ٽڪر ڪري ڇڏيائين. نانگ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو.

شهزادو سڪندر اڳتي هلڻ لڳو. ٿورو اڳتي هلي، ڇا ڏسي، ته هڪ هنڌ ڪني پاڻي جو تلاءُ آهي. جنهن ۾ تمام گهڻا جيت پيا چُرن. اڳتي وڃڻ جي لاءِ، هن مان لنگهڻو هو. جيڪو تمام ڏکيو هو. شهزادو سڪندر هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو. ته شهزادي جي نظر غار جي ڇت تي ٻڌل ٻوٽن جي رسن تي پئي. شهزادو سڪندر، ڪجهه سوچي، انهن رسن کي جهلي پينگهه وانگر جهولي ٻئي طرف ٽپو ڏنو.

ٿورو اڳتي هلڻ کان پوءِ، غار جي ٻئي طرف وڃي نڪتو. سامهون هڪ ميدان هو.

شهزادو سڪندر اڳتي هلڻ لڳو. هڪ هنڌ هن کي هڪ باغ نظر آيو. شهزادو باغ ڏانهن هلڻ لڳو. باغ ۾ پهچي ميوا کائي چشمي جي پاڻيءَ مان غسل ڪري، هڪ وڻ هيٺان سمهي پيو.

جڏهن ننڊ مان جاڳ ٿيس، ته پنهنجي سامهون هڪ اڇي لباس ۾ بزرگ ويٺل نظر آيس. بزرگ شهزادي کي ننڊ مان اٿندي ڏسي چيو: ”پٽ تون ڪير آهين؟ ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين.“

شهزادي سڪندر شروع کان وٺي هتي پهچڻ تائين جي سڄي حقيقت بزرگ کي ٻڌائي.

بزرگ چيو: ”پٽ الله توکي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ڪندو ٻه ٽي ڏينهن هتي آرام ڪري، پوءِ وري پنهنجي منزل ڏانهن وڃجانءِ.“

شهزادو سڪندر، ٻه ٽي ڏينهن رهي بزرگ کان موڪلائي وڃڻ لڳو، ته بزرگ، شهزادي کي تلوار ڏيندي چيو:

”پٽ هيءَ تلوار تنهنجي ڪم ايندي هن تلوار تي جادو اثر نه ڪندو، ڪوئي ڪيڏو به طاقتور ڇو نه هجي، هن تلوار جي اڳيان بيهي نه سگهندو. هن تلوار جو هڪ وار ان ظالم کي تباهه ڪري ڇڏيندو. هاڻي تون وڃ انشاء الله منزل ضرور ماڻيندين.“

شهزادو سڪندر، بزرگ جا ٿورا مڃي، موڪلائي، پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو. جهنگ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ انهن پنجن وڻن جي ڳولا ڪرڻ لڳو. جن جي ميون جو رنگ اڇو هجي.

آخر گهڻي جدوجهد کان پوءِ، اهي وڻ هن کي نظر آيا. شهزادو سڪندر انهن پنجن وڻن جا هڪ هڪ ميوو پٽي ڪجهه پريان نظر ايندڙ کوهه ۾ اندر اڇلايو ته هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ کوهه مان دونهون نڪرڻ لڳو. دونهي جي ڪري آس پاس ڪجهه به نظر نه ٿي آيو.

جڏهن دونهون ختم ٿيو، ته سامهون هڪ غار نظر آئي. شهزادو سڪندر ان غار ۾ داخل ٿي اڳتي هلڻ لڳو. ٿورو اڳتي مس هليو، ته سامهون هڪ ديو نظر آيس. ديو شهزادي سڪندر کي ڏسي ٽهڪ ڏيندو هن ڏانهن وڌڻ لڳو. شهزادو سڪندر بزرگ واري تلوار ڪڍي هوشيار ٿي بيهي رهيو. جيئن ديو ڀرسان پهتو، شهزادي تلوار سان وار ڪيو ته ديو خوفناڪ رڙ ڪري هيٺ ڪريو ۽ مري ويو.

شهزادو سڪندر ديو ماري اڳتي هلڻ لڳو، هڪ هنڌ شهزادي کي اهو ساڳيو پکي هڪ پڃري ۾ بند ٿيل نظر آيو، جنهن ۾ ديو جو ازلي روح قيد هو. شهزادو سڪندر، پکيءَ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.

شهزادو پکيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ اڃا اڳتي وڌيو مس ته هڪ بلا ظاهر ٿي ۽ شهزادي کي مارڻ لاءِ هن ڏانهن وڌڻ لڳي. شهزادو تلوار ڪڍي آهستي آهستي بلا ڏانهن وڌڻ لڳو.

بلا خوفناڪ آواز ڪري رهي هئي، شهزادي جي دل ڌڙڪي رهي هئي، جيئن بلا ويجهو آئي، شهزادي سڪندر تلوار سان وار ڪري بلا کي ختم ڪري ڇڏيو، پوءِ شهزادو پڃري جي ويجهو وڃي پڃري مان پکيءَ کي ڪڍي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.

شهزادو ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳو. ائين ڪندي اوچتو سامهون ديو ظاهر ٿيو، جنهن جون اکيون ڳاڙهيون ۽ خوفائتيون هيون، ۽ خوفناڪ آواز ڪڍي رهيو هو.

شهزادو سڪندر پکيءَ کي مضبوطيءَ سان جهلي چوڻ لڳو: ”توکي غرور هو نه، ته توکي ڪوئي ماري نه سگهندو، اڄ موت تنهنجي سامهون آهي، تون گهڻا ظلم ڪري چڪو آهين.“ ائين چئي شهزادي سڪندر پکيءَ جي سسي مروڙي ڇڏي.“ خوفناڪ ڌماڪو ٿيو ته جادوءَ جي ٺهيل هر شيءِ ختم ٿيڻ لڳي.

شهزادو سڪندر بيهوش ٿي ڪري پيو، جڏهن هوش ۾ آيو ته پاڻ کي هڪ ويراني ۾ پيل ڏٺائين، شهزادو اُٿي لباس ڇنڊي منزلون ڪندو شهزادي زرينه سان اچي مليو: جيڪا هاڻي آزاد هئي،

اتان ٻئي ملڪ چمن هليا ويا، بادشاهه پنهنجي ڌيءَ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻنهي جي شادي ڪرائي ڇڏيائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شهزادي سڪندر، بادشاهه کان اجازت وٺي شهزادي زرينه کي ساڻ ڪري ملڪ يمن آيو، بادشاهه پنهنجي پٽ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بادشاهي پٽ جي حوالي ڪري باقي ڄمار ياد الاهي ۾ گذارڻ لڳو.

 

سنڌيڪار: پروفيسر سليم سهتو

چين جون قديم حڪايتون

ڪُڪِڙ چور

هڪ ماڻهو هر روز پاڙيسرين جي هڪ ڪُڪِڙ چورائيندو هو.

”چوري ڪرڻ خراب ڳالهه آهي.“

ڪنهن هن کي تنبيهه ڪئي.

”مان ڪڪڙيون چورائڻ گهٽ ڪري ڇڏيندس، هاڻي هر مهيني هڪ ڪُڪڙ چوري ڪندس ۽ ايندڙ سال بلڪل توبهه تائب ٿي ويندس

ڪُڪڙ چورائيندڙ واعدو ڪيو.

(ڪُڪَڙ چورائيندڙ کي پنهنجي ڏوهه جو جيڪڏهن احساس هو ته هُن کي هڪدم توبهه ڪرڻ گهرجي ها هڪ سال کان پوءِ توبهه ڪرڻ جو ڪهڙو مطلب؟)

 

شي زي

حڪيم ۽ مريش

حڪيم ’چيئُو‘ رياست چين جو مشهور طبيب هو. هو شهنشاهه شيوان وانگ جي رت ڳڙي ۽ شهنشاهه هوئي وانگ جي بواسير جو علاج ڪري چُڪو هو.

چانگ نامي هڪ شخص جي پُٺيءَ تي هڪ ڳڙ نڪتو، ته هو حڪيم وٽ ويو ۽ چوڻ لڳو: ”منهنجي پُٺيءَ تي توکي پورو اختيار حاصل آهي. جهڙي طرح چاهين علاج ڪر!“

حڪيم کي پورو اختيار مليو، ته هُن ٿورن ئي ڏينهن ۾ ان جي تڪليف ختم ڪري ڇڏي.

(ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته حڪيم پنهنجي فن جو ڄاڻو هو. پر ها حقيقت به چانگ جي جلدي تندرستي ۾ مددگار ثابت ٿي ته هُن حڪيم کي پورو پورو اختيار ڏئي ڇڏيو.)

 

لوي پووئي

سُٺي تيراڪ جو پُٽ!

درياءَ جي ڪناري، هڪ راهگير ڏٺو ته ڪوماڻهو هڪ ٻار کي درياءَ ۾ اڇلائڻ لاءِ وڃي رهيو آهي. ٻار ڊپ مان رڙيون ڪري رهيو هو.

”هن کي درياءَ ۾ ڇو اُڇلائي رهيو آهين؟ راهگير پڇيو.

”هن جو پيءُ سُٺو تيراڪ هو.“ ٻار کي درياءَ ۾ اڇليندي جواب ڏنو.

”پر اهو ضروري ته ناهي، سُٺي تيراڪ جو پُٽ به سٺو تارو هجي.“ سوال پڇندڙ چيو ۽ رمندو رهيو.

 

اختر حفيظ

ٿريو

ڪافي دير کان ڏسان پيو، هڪ ماڻهو بازار ۾ ماڻهن اڳيان هٿ ٽنگي رهيو آهي. ۽ هر ماڻهو کيس چئي رهيو آهي. ”بابا معاف ڪر....“

اهو ماڻهو مون کي ٿريوئي لڳو. مٿي تي ڳاڙهي ٽوپي پاتل هئس. جنهن جون اڌ ٽڪون نڪتل هيون. ٽوپي جو رنگ ڳاڙهي مان هلڪو گلابي ٿي چڪو هو. ڪپڙا به کيس صاف پهريل نه هئا.

سُڪل چپن منجهان ائين ٿي لڳو، ڄڻ پاڻي ڏٺو ئي نه هجيس، ها! ٿر۾ پاڻي مينهن وسڻ کان اڳ ڪٿي ٿو ڏسجي؟ ڦاٽل بوٽ پيرن ۾ هوس. جنهن مان سندس پير جو آڱريون نظر اچي رهيون هيون. هن هڪ ماڻهوءَ جي ٻانهن جهلي چيو: ”آئون صبح کان بکايل آهيان الله جي نالي خيرات ڏي؟“

”معاف ڪر!“ اسين پنهنجو پيٽ پاليون يا اوهان کي خيرات ڏيون.“ اهو چئي، ماڻهو هليو ويو، ٿريي آسمان ڏانهن نهاريو مايوس ٿي رستي جي هڪ پاسي ويهي رهيو، مون سوچيو ته : کيس ڪجهه ڏيان، پر مون نٿي چاهيو ته ڪجهه ڏجي. اهي فقير روز هٿ ٽنگيو بيٺا آهن ۽ ماڻهو ڪنهن کي ڏي. پنڻ ته اسان جي سماج ۾ ڌنڌو ٿي ويو آهي.

ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي، هڪ فقير کي مٺائي وٺندي ڏٺم. جنهن پنهنجي ئي ڦاٽل کيسي مان پنجاهه جو نوٽ ڪڍي حلوائي کي ڏنو، آئون حيران ٿي ويس.

ٿي سگهي ٿو هي فقير به انهيءَ جهڙو هجي، ٿي سگهي ٿو نه هجي... ڏسڻ ۾ ته نماڻو ۽ شريف آهي.... اهي ئي ماڻهو ڏسڻ ۾ نماڻا ۽ شريف هوندا آهن. ٻه روپيا هن وقت منهنجي کيسي ۾ آهن. اهي ٻه روپيا نه کپايان ته ڇا ٿيو، خيرات ڏئي ڪو نيڪ ڪم ڪريان، پر وري مون سوچيو: ”نٿو ڏيان.“

جيڪڏهن آئون انهي جاءِ تي هجان ها ته؟ ته وري ڇا ڪريان ها.... پنان ها؟

ٻيا ماڻهو هن کي خيرات نٿا ڏين، مون تي فرض ته ناهي؟ پر اسين فقيرن کي آخر ڪيترو ڏيون. ڪٿي ڏيندي ڏيندي اسين پاڻ انهيءَ جاءِ تي نه پهچي وڃون جو... پر مون کي وري فقيرن کي ڪهڙا سون جا ڍڳا ڏيڻا آهن! پر آئون به زميندار جو پٽ ته ناهيان؟... منهنجو پيءُ هڪ ڪلارڪ آهي. اسان کان پنهنجو پيٽ مس ٿو پالجي... وري انهن کي به ڏيون. هاڻ مون کي گهر وڃڻ گهرجي.

آئون اُتان تڪڙيون وکون کڻندو روانو ٿيس....“

اوچتو منهنجي ڪلهي تي ڪنهن هٿ رکيو، مون مڙي ڏٺو ته ساڳيواهوئي ماڻهو هو جيڪو پني رهيو هو. منهنجي اڳيان هٿ پکيڙي بيهي رهيو. مون به ساڳيو جواب ڏنو ”معاف ڪر.“

جواب ڏئي تڪڙو هلڻ لڳس، هلندي سوچڻ لڳس روپيو ڏئي ڇڏيانس، پٺيان لوڻو هڻي ڏٺم ته فقير اُتان غائب ٿي چڪو هو... ۽ پنهنجو پاڻ کي گهٽ وڌ چوندو گهر ڏانهن هلڻ لڳس، واقعي اسان لالچي آهي، فقط پنهنجو فائدو ٿو چاهي.

 

 

کل ته سهي

زال مڙس پاڻ ۾ وڙهيا، ڪاوڙ ۾ مڙس ٻاهر هليو ويو. رات جو جڏهن بُک ستايس ته واپس اچي کلي زال کي چيائين:

”ڇا پچايو اٿوَ سائين؟“ زال ڪاوڙ ۾ چيس: ”زهر.“ مڙس چيس: ”ته پوءِ ٺيڪ آ. منهنجي ته دوست وٽ دعوت آهي، تون کائي ڇڏجاءِ،.

نادر اقبال قادري، آرام باغ، ڪراچي

هڪ دفعي ڳوٺ جي ماڻهن هڪ فنڪار کي ڳائڻ لاءِ گهرايو. سڀئي ڳوٺاڻا ان محفل ۾ اچي ويا ته فنڪار ڳائڻ شروع ڪيو، فنڪار هڪ ٻه ڪلام مس ئي چيا ته ڳوٺاڻا بيزار ٿي ويندا رهيا. جڏهن سڀئي اٿي ويا ته باقي هڪڙو ڳوٺاڻو بچيو. فنڪار هڪ مٿان ٻيو ته ٻئي مٿان ٽيون ڪلام ڳائيندو رهيو. فنڪار ڳائي جڏهن ٿڪو ته ڳوٺاڻي کان پڇيائين: ”توکي منهنجا ڪلام پسند اچن ٿا؟“ ان تي ڳوٺاڻي وراڻيو: نه اصل ۾ جنهن رليءَ تي تون ويٺو آهين اها منهنجي آهي.“

 عبدالرحيم ڀٽو، قادر پور

ٻه دوست پاڻ ۾ ڊاڙون هڻندا پئي ويا هڪ دوست چيو: ”ڪالهه منهنجي پيءُ سمنڊ ۾ گهت هنئي ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ نڪتو.“

ٻئي دوست چيو: ”اها ڪهڙي نئين ڳالهه آهي. ڪالهه منهنجي پيءُ جي گهڙي سمنڊ ۾ ڪري پئي ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪڍيائين ته به هلي پئي.“

پهرين دوست چيو: ”اهو وري ڪيئن، چاٻي کان سواءِ ڪيئن ٿي هلي....؟!!!

ٻئي دوست چيو: ”پڻهي جو اندر چاٻي ڦيرائي رهيو هئس.“

ممتاز علي خاصخيلي، ڳوٺ الهڏنو تيوڻو

ڊاڪٽر مريض کي: ”هي دوا لکي ڇڏي اٿم وڃي بازار مان وٺجانءِ ۽ هن جا ٻه چمچا صبح، ٻه چمچا منجهند، ٻه چمچا شام ٻه چمچا رات.... (مريض ڳالهه ڪٽيندي، ”ڊاڪٽر صاحب مون وٽ ايترا چمچا ڪٿان ايندا.“

آزاد غلام اڪبر کوکر

هڪ ڪنجوس ماڻهو ڪنهن ڪم سانگي سفر تي وڃي رهيو هو. رستي ۾ کيس ياد آيو ته هو ڪمري جو پکو بند ڪرڻ وسري آيو آهي. فوراً واپس گهر ڀڳو دروازي تي اچي زال کي آواز ڏنائين: ”بيگم بيگم دروازو ته کول“.

زال به ڪجهه گهٽ ڪنجوس نه هئي، هن اندران ئي جواب ڏنو. ”دروازو کوليندس ته دروازو گسي ويندو . اتي ئي ٻڌاءِ ڇا آهي؟

ڪنجوس همراهه وراڻيو: ”ڪمري جو پکو بند ڪرڻ وسري ويو اٿم. تون بند ڪري ڇڏ.“

زال چوڻ لڳس: بس ايتري ڳالهه جي ڪري سؤ روپين واري نئين چپل گسائي، پکو ته مون اڳ ئي بند ڪري ڇڏيو هو. اهو ٻڌي همراهه تسلي سان فرمايو: ”بيگم چپل جو فڪر نه ڪر، اها ته هٿ ۾ کڻي آيو آهيان.“

ڪيشو لال- ٽي چوهاڻ، مٺي ٿر

پٽ پيءُ کي: ”بابا، امان ڳائڻ وقت اکيون بند ڇو رکندي آهي.

پيءُ: ”پٽ تنهنجي ماءُ رحمدل آهي.“ پٽ: ”اِهو ڪيئن؟“

پيءُ: ”ڇو ته ٻڌڻ وارن جو جيڪو حال هوندو آهي. اِهو هوءَ نٿي ڏسي سگهي.

عبدالحفيظ ملڪاڻي

پيءُ پٽ کي: ”انگلش جو استاد توهان کي ڪيئن پڙهائيندو آهي؟“

پٽ: ”پڙهائيندو ته سٺو آهي، پر جڏهن پڇيوماس ته“ آءِ ڊونٽ نو جي معنيٰ ڇا آهي! ته چوڻ لڳو: ”مون کي معلوم نه آهي.“

عليم رضا هاليپوٽو، هٽڙي

ٽن مختلف ملڪن جا ماڻهو گڏجي هڪ جاءِ تي ويٺا ۽ ڪچهري ڪرڻ لڳا، هڪ روسي، ٻيو آمريڪي ۽ ٽيون پاڪستاني.

روسي چيو: ”اسان جي ملڪ اهڙيون ته آب دوزون ٺاهيون آهن جو سمنڊ جي بلڪل تري سان ملي هلن ٿيون.“

پاڪستاني ۽ آمريڪي چيو:

”ڇا واقعي سمنڊ جي تري سان ملي ٿيون هلن؟!!

ان تي روسي چيو: ”نه نه ٿورو مٿي.“

آمريڪي چيو: ”اسان جي ملڪ اهڙا ته جيٽ جهاز ٺاهيا آهن، جو آسمان سان ٿا گسن.“

ان تي پاڪستانيءَ ۽ روسي پڇيو:

”ڇا واقعي آسمان سان ٿا گسن!!“

آمريڪي چيو: ”نه نه ٿورو هيٺ.“

پاڪستاني سوچيو اسان جي ملڪ ترقي ته ڪئي آهي، پر سائنس جي شعبي ۾ ته گهڻي ترقي نه ڪئي آهي. نيٺ سوچي چيائين ته:

”اسان جي ملڪ جا اماڻهو نڪ سان ماني کائين ٿا.“

ان تي آمريڪي ۽ روسي حيران ٿي پڇيو ته: ”ڇا واقعي نڪ سان ماني کائين ٿا.“

پاڪستاني چيو:

”نه نه ٿورو هيٺ.“

ڪبير احمد نهڙيو، گولاڙچي

هڪ همراهه ڊاڪٽر کي شڪايت ڪندي چيو: ”جڏهن صبح جو جُهڪي پهرين ساڄي ٽنگ زمين تي ۽ کاٻي ٽنگ زمين تان مٿي کڻان ٿو، ته منهنجي چيلهه ۾ سور جي زبردست سٽ اُٿي ٿي.“

ڊاڪٽر چيس: ”ان مان جان ڇڏائڻ ته بنهه سولي آهي. توهان اها ورزش بند ڪري ڇڏيو.

همراهه وراڻيو: ”پوءِ توهان ئي ٻڌايو ته مان پتلون ڪيئن پائيان؟“

وحيد اڪبر خاصخيلي، فريدآباد

 

گل ڦل قلمي دوستي

نالو: قاري رحيم بخش، ڪلاس: فرسٽ ايئر وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 20 سال ائڊريس: خاتون جنت مسجد، ميرپور ساڪرو، ضلعو ٺٽو.

نالو: غلام محمد ڪلهوڙو، ڪلاس: انٽرميڊيڪل وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 17 سال ائڊريس: معرفت: غلام نبي ڪلهوڙو، محله الله آباد، ايئرپورٽ روڊ لاڙڪاڻو.

نالو: اختر علي شيخ، ڪلاس: ڏهون وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 14 سال ائڊريس: غلام حسين ڪريم بخش جنرل اسٽور، شاهي بازار، قمبر علي خان.

نالو: حسن علي سنجراڻي، ڪلاس: انٽر وندر: ڪرڪيٽ کيڏن، عمر: 20 سال، ائڊريس: پوسٽ آفيس گڙنگ بنگلو، سانگهڙ.

نالو: محمد اسلم دل، ڪلاس: ڏهون وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 16 سال ائڊريس: پوسٽ آفيس گهوڙا ٻاري ضلعو ٺٽو.

نالو: ممتاز علي خاصخيلي، ڪلاس انٽرسائينس وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 18 سال ائڊريس: پوسٽ آفيس فريدآباد تعلقو ميهڙ.

نالو: رسول بخش شاهه، ڪلاس: انٽر سائينس وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 14 سال. ائڊريس: معرفت: ڪوثر ميڊيڪل اسٽور، نيشنل بئنڪ، ٽنڊو باگو.

نالو: عبدالحميد سومرو، ڪلاس، اٺون اي وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 12 سال ائڊريس: حاجي رمضان ڪريانا مرچنٽ، قائد اعظم روڊ بدين.

نالو: محمد اسماعيل پنهور، ڪلاس: انٽر پي ايم وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 18 سال ائڊريس: معرفت: بلوچ جنرل اسٽور، ٽنڊو باگو، ضلعو بدين.

نالو: علي عباس بروهي، ڪلاس: فرسٽ ايئر وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 17 سال ائڊريس: مدرسه عربيه محمديه فريدآباد تعلقو، ميهڙ.

نالو: محمد موسيٰ پنهور، ڪلاس: (I) B. Sc وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 18 سال ائڊريس: پوسٽ آفيس جهانپور، ضلعو گهوٽڪي.

نالو: عبدالله لاکو: ڪلاس: ڏهون اي وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 15 سال ائڊريس: پوسٽ آفيس شاهپور جهانيه، دولت پور نواب شاهه.

نالو: غلام ياسين پتافي ڪلاس: نائون وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 15 سال ائڊريس: معرفت: جيوڻ پتافي دُڪاندار، داد لغاري، ڏهرڪي.

نالو: قربان علي سيال، ڪلاس: ڏهون سي وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 15 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، خيرپور ناٿن شاهه.

نالو: اقبال احمد مهر: ڪلاس: ڏهون اي وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 15سال ائڊريس: پوسٽ آفيس مبارڪپور، ضلعو جيڪب آباد.

نالو: محمد عيسيٰ مهر ڪلاس: ڏهون اي وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 15 سال ائڊريس: شداڻي بڪ اسٽور، ظفر بازار، ڏهرڪي.

نالو: ساجد سومرو، ڪلاس: انٽرميڊيٽ وندر: شاعري ڪرڻ، عمر: 18 سال ائڊريس: بنگلو نمبر سي 25 سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، ڄامشورو.

نالو: ڪبير احمد، ڪلاس: ڏهون وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 16 سال. ائڊريس: سنڌ پيٿالاجي ليبارٽري، ڳولاڙچي، ضلعو بدين.

نالو: الهه بخش سومرو، ڪلاس: انٽر وندر: علم سان چاهه، عمر: 18 سال ائڊريس: علي اصغر سومروجنرل اسٽور، کوسڪي روڊ، بدين.

نالو: وحيد اڪبر خاصخيلي، ڪلاس: فرسٽ ايئر وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 17 سال ائڊريس: پوسٽ آفيس، فريدآباد، تعلقو ميهڙ.

نالو: وشنداس ايم، ڪلاس: يارهون وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر 17 سال ائڊريس: بابو ڪريانا مرچنٽ، نزد D.S.P بنگلو سيواڻي پاڙو، عمر ڪوٽ.

نالو: شوڪت علي سولنگي، ڪلاس: ڏهون وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 16 سال. ائڊريس: ڳوٺ فتح ڳڙهه سولنگي، تعلقو اوٻاڙو.

نالو: محرم علي لغاري، ڪلاس: نائون اي وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 15 سال ائڊريس: گهر نمبر C-43 هائوسنگ سوسائٽي دادو.

نالو: عمران احمد ميمڻ، ڪلاس: ڏهون بي وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 14 سال ائڊريس: معرفت: عبداللطيف ميمڻ، دڪاندار ميمڻ بازار، هنڱورجه خيرپور ميرس .

نالو: آصف علي ڀٽو، ڪلاس: فرسٽ ايئر وندر: ڪرڪيٽ کيڏن، عمر: 17 سال ائڊريس: پرويز نيوزپيپر اينجسي، رتوديرو.

نالو: نظير احمد مغيري، ڪلاس: ڏهون وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 15 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ، تعلقو وارهه.

نالو: طارق علي پنهور، ڪلاس: ڏهون وندر: مطالعو ڪرڻ، عمر: 17 سال ائڊريس: مهراڻ ڪتاب گهر پوسٽ آفيس، شادي پلي، عمر ڪوٽ.

نالو: لال بخش سولنگي، ڪلاس: نائون وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 14 سال ائڊريس: ساگر پان هائوس، مين روڊ، سڪرنڊ.

نالو: عبدالجبار سومرو، ڪلاس: نائون وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 15 سال. ائڊريس: ڊاڪٽر تنوير حسين ڪونڌر اسپتال، خانواهڻ تعلقو ڪنڊيارو.

نالو: عطا محمد سومرو، ڪلاس: ڏهون اي وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 14 سال ائڊريس: پوسٽ آفيس مشائخ، قاضي احمد سڪرنڊ.

نالو: سليم اختر لغاري، ڪلاس: ڏهون وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 16 سال ائڊريس: معرفت: تسليم ميڊيڪل اسٽور، شيخ پاڙو ڌڱاڻو بوزدار، تعلقو ٽنڊوالهيار.

نالو: غلام رسول لغاري، ڪلاس: ڏهون وندر: ڪهاڻيون لکڻ، عمر: 15 سال. ائڊريس: الرياض ڪُشن ميڪر، نيو بس اسٽاپ سيوهڻ روڊ، دادو.

نالو: سڪندر علي، ڪلاس: نائون وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 15 سال. ائڊريس: ڳوٺ صوفي فضل ڪريم، پوسٽ داد لغاري، گهوٽڪي.

نالو: احسان علي راهوجو، ڪلاس: انٽر وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 17 سال. ائڊريس: معرفت: بلوچ ڊيڪوريشن عيدگاهه روڊ نئون ديرو.

نالو: جاويد احمد گولو، ڪلاس: فرسٽ ايئر وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 16 سال ائڊريس: امين جنرل اسٽور ٺُل ضلعو جيڪب آباد.

نالو: لياقت علي جتوئي، ڪلاس: ڇهون وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 10 سال ائڊريس: معرفت: حاجي عمر جتوئي پوسٽ آفيس چوهڙجمالي.

نالو: عبدالرشيد سمو، ڪلاس: انٽر وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 20 سال ائڊريس: سنڌ سما ٽيلرز، شيرازي گهٽي، ٺٽو.

نالو: عبدالخالق چاوڙو، ڪلاس: اٺون وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 13 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، چوهڙ جمالي.

نالو: زبير علي مغل، ڪلاس: ڏهون وندر: ڪمپيوٽر سکڻ، عمر: 16 سال ائڊريس: گهر نمبر 880/ G نزد، جامع نور مسجد، پنڃره پور حيدرآباد.

نالو: زوهيب علي مغل، ڪلاس: چوٿون وندر: راند کيڏڻ، عمر: 10 سال ائڊريس: گهر نمبر 880/ G نزد، جامع نور مسجد پنڃره پور حيدرآباد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com