سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :5

 

سميع الله شيخ                                         سائنس

ڪمپيوٽر جي ڪهاڻي

سائنس جي ٻين ڪيترين ئي ايجادن وانگر، آئون به هڪ ايجاد آهيان. مون لاءِ چون ٿا ته منهنجي ڪري، هن صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين انقلاب اچي ويندو. ائين چوڻ ۾ ڪو ايترو وڌاءُ به ڪونه آهي، جو ٻين ڪيترين ئي، ايجادن سبب ارڙهين صدي ۾ صنعتي انقلاب آيو. ڏسندي ئي ڏسندي، دنيا ڪٿان کان ڪٿي پهچي وئي ۽ انسان اهڙا ڪارناما ڪري ڏيکاريا، جن جو تصور انسان اڳ صرف خواب ۾ ئي ڪري پئي سگهيو. اهڙي طرح انهن ايجادن، انسان جي جسماني قوتن ۽ صلاحيتن ۾ بيپناهه واڌارو آندو، جو اڄ جو انسان لکين ميل پري کان ايندڙ آواز ٻڌڻ ۽ لکين ميل پري جون شيون ڏسڻ لڳو. هينئر صرف هڪ اهڙي ايجاد جي ضرورت هئي جيڪا انسان جي ذهني قوت ۽ صلاحيت ۾ واڌارو آڻي. انسان جي انهيءَ جاکوڙ جو جواب منهنجي صورت ۾ سامهون آيو. يعني ڪمپيوٽر، ايجاد ٿيو. ڪمپيوٽر انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي، شمار ڪندڙ. ڪمپيوٽر جو لفظي معنيٰ سان منهنجي صلاحيت جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي، جو اڄ جو ڪمپيوٽر ويهه سال پراڻي ڪمپيوٽر کان ايتروئي مختلف آهي. جيترو اڄ جو انسان پٿر جي دور جي انسان کان.

اڄ کان اٽڪل اڍائي هزار سال اڳ، شين ڳاڻاٽي لاءِ ”ابيڪس“ ايجاد ڪيو ويو. هي هڪ فريم ٽائيپ اوزار هوندو آهي، جنهن ۾ لڳل تارن ۾ ڪاٺي جا ڌاتوءَ جا گولا پيل هوندا آهن ۽ انهن وسيلي جوڙ، ڪٽ يا ضرب وغيره جا حساب ڪيا ويندا آهن. انهيءَ ايجاد کان پوءِ 1614ع ۾ جان نپيئر ”لاگرٿم“ ايجاد ڪيو، ليڪن هي ۽ ٻيا سمورا طريقا مشيني نه هئا، جڏهن ته انسان هڪ مشين ٺاهڻ پئي چاهي، جا سندس ذهني طاقت وڌائي سگهي. اهڙي طرح فرانس جي هڪ رياضيدان انجنيئر (پيسڪل) هڪ مشين تيار ڪري ورتي، جنهن کي وڌيڪ سڌارڻ لاءِ جاکوڙ جاري رهي ۽ آخرڪار هڪ انگريز انجنيئر (چارلس بينج) هڪ اهڙي مشين ٺاهي ورتي جنهن، منهنجي يعني ڪمپيوٽر جي موجوده شڪل ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو 1890ع ۾ آدم، شماريءَ، لاءِ پهريون دفعو مون کي استعمال ڪيو ويو. اهو ڪمپيوٽر ”هالرٿ“ نالي هڪ جرمن سائسندان ايجاد ڪيو هو.

ٻين مشينن وانگر، آئون به مختلف پرزن مان ٺهيل آهيان. وقت گذرڻ سان جڏهن مون کي ڳاڻاٽي کان سواءِ ٻين ڪمن لاءِ به ٺاهيو ويو، ته مون ۾ پرزن جو تعداد به وڌندو ويو، ليڪن ٽرانسسٽر جي ايجاد ڪري منهنجي پرزن ۾ گهٽتائي ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ حيرت انگيز واڌ آئي.

سائنسدانن جي چوڻ موجب انسان جون دماغي لهرون هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ سئو چڪر لڳائين ٿيون، ليڪن هڪ جديد ڪمپيوٽر جون لهرون ساڳي وقت ۾ هڪ ارب چڪر لڳائي سگهن ٿيون. هڪ ننڍڙي جوڙ، ڪٽ يا ضرب ۽ ونڊ جي حساب لاءِ انساني دماغ ڪجهه منٽ وٺندو، ليڪن مون لاءِ ساڳيو ئي حساب ڪرڻ، سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ ممڪن آهي.

مون کان ڪم وٺڻ لاءِ مون کي اڳواٽ ڄاڻڻ ضروري آهي ته ڇا ڪرڻو آهي، جنهن کي ”ڪمپيوٽر پروگرام“ چون ٿا. ڪمپيوٽر پروگرام اهڙي ٻوليءَ ۾ لکيو ويندو آهي جنهن کي آئون سمجهندو هجان. اهڙين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڪوبول (COBOL) فورٽران (FORTRON) ۽ بيسڪ (BASIC) وڌيڪ ڪتب اچن ٿيون. ڪوبول کي ڪمرشل زبان به چئبو آهي. جنهن جو استعمال بينڪاري ۽ اڪائونٽنگ وغيره ۾ ٿئي ٿو. کوجنا يا ريسرچ ۾ فورٽران ڪم اچي ٿي ۽ بيسڪ وري ڪمپيوٽر جي تقريباً سڀني ٻولين جو مڪسچر آهي. جنهن جو استعمال هر شعبي ۾ ڪري سگهجي ٿو، جو شخص انهن ٻولين ۾ مهارت رکي ان کي ”ڪمپيوٽر پروگرامر“ چوندا آهن.

عام طور منهنجا يعني ڪمپيوٽر جا پنج وڏا حصا يا يونٽ ٿين ٿا يعني (1) اِن پُٽ (2) آئوٽ پُٽ (3) اسٽور يونٽ (4) رياضي يونٽ ۽ (5) ڪنٽرول يونٽ.

منهنجي ٻاهرين پرزن کي ”هارڊ ويئر“ ۽ ڪمپيوٽر پروگرام کي ”سافٽ ويئر“ چيو ويندو آهي. سافٽ ويئر يا پروگرام منهنجو نهايت اهم حصو هوندو آهي، جنهن کي انساني دماغ سان ڀيٽي سگهجي ٿو.

منهنجي استعمال ۾ ٽپال جي پهچ ۽ ورهاست، پگهارن جو حساب ڪتاب، ٽريفڪ ڪنٽرول، ڏوهارين جي آڱرين جي نشانن جو جمع ڪرڻ، هوٽلن ۽ هوائي جهازن ۾ ايڊوانس بُڪنگ، جاين جڳهن جا نقشا ٺاهڻ، جنگين ۾ ميدان جنگ جو نقشو ٺاهڻ ۽ جديد هٿيارن جو استعمال ۾ مدد ڪرڻ وغيره شامل آهن.

مطلب ته اڄ زندگيءَ جو ڪو اهڙو شعبو خالي ناهي، جنهن ۾ مون کان مدد نه ورتي ويندي هجي ۽ اهو ڏينهن پَري ڪونهي، جو جيئن شروع ۾ چيم ته منهنجي روز بروز وڌندڙ  استعمال سان هِن صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين دنيا ۾ معاشي ۽ معاشرتي انقلاب اچي وڃي.

 

ننڍڙا اديب

سچ جي سزا

منهنجو نالو مشتاق آهي، پر پيار وچان گڊو چوندا آهن. جنهن ڪري گڊو جي نالي سان مشهور آهيان. گهر وارا سڀئي مٽ مائٽ سمجهندا آهن، ته مان شرارتي آهيان ۽ هر ڳالهه تي ڪوڙ به ڳالهائيندو آهيان. جنهن جي ڪري ڪافي دفعا مون کي مار به ملي آهي. مگر حقيقت ائين نه آهي ته، مان شرارتون ڪندو آهيان نه وري ڪوڙ به ڳالهائيندو آهيان. هاڻي توهان ڏسو ٻن ٽن ڏينهن جي ڳالهه آهي. اسان جي گهر ۾ ڪجهه مهمان اچڻ وارا هئا. منهنجي ماءُ حلوو ٺاهيو ۽ پليٽن ۾ ٺاهي ٺيڪ ڪري پاڻ آرام ڪرڻ لاءِ ڪمري ۾ هلي وئي. مان ڪنهن ڪم سان بورچي خاني ۾ ويس ته ڇا ڏسان ته منهنجو ننڍو ڀاءُ زاهد، جلد جلد حلوو هضم ڪرڻ ۾ مصروف آهي، مان آهستي آهستي واپس مڙيس ته امان کي ٻڌايان. مگر ڪم بخت ڪيلي جي کل، جيڪا منهنجي ڀاءُ اڇلي هئي، منهنجي پيرن جي هيٺيان اچي وئي ۽ مان ترڪي وڃي سڌو حلوي جي پليٽ مٿان ڪريس. ٿورو حلوو منهنجي منهن تي چنبڙي پيو منهنجي ننڍي ڀاءُ زاهد موقعي مان فائدو وٺندي زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو، امان امان، گڊو چوري حلوي کائيندي، ڪري پيو آهي. منهنجي ڀاءُ جون رڙيون ٻڌي، امان ڊوڙندي ڊوڙندي بورچي خاني ۾ آئي ۽ ڪجهه به نه ٻڌائين ۽ نه ڏٺائين، بس ٿڦڙن جو وسڪارو ٿي ويو. مون لک دفعا چيو ته ”امان حلوو مون نه پر زاهد کاڌو آهي، پر اکين ڏٺي ڳالهه، ڪير نه مڃيندو، مون کي افسوس ته ڏاڍو ٿيو، پر ڪري به ڇا ٿي سگهيس. روئيندو روئيندو، پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويس ۽ دير تائين سوچڻ لڳس ته ڳالهائيندو ته سدائين سچ آهيان، پر الاهجي ڇو منهنجو سچ سدائين ڪوڙ ۾ بدلجي ويندو آهي.

مشتاق احمد ڀرڳڙي

 

 

ننڍڙا اديب

 

اعجاز علي سان

ڳالهه ٻولهه

 

اعجاز هڪ ذهين ۽ باصلاحيت ڏهين ڪلاس جو شاگرد آهي. ننڍڙي ڄمار ۾ سٺي ادبي معلومات رکي ٿو. تازو نائين ڪلاس جي امتحان ۾ 400 سئو مارڪن مان 301 مارڪون کنيون اٿس. پنهنجي غير معمولي ذهانت ۽ ڏات جي آڌار تي سٺو مقبول ٿيو آهي. هن ڪافي معياري لکيو آهي ۽ لکي پيو. کانئس اڃا به وڌيڪ توقع رکون پيا ته محنت ۽ جاکوڙ جاري رکي ادب ۾ سٺو مقام ماڻيندو. ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه ڏجي ٿي.

س: توهان لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو؟

ج: مون لکڻ تڏهن شروع ڪيو، جڏهن مون سيڪنڊري اسڪول ۾ قدم رکيو. پهرين مون کي لکڻ ۾ مونجهارو ٿيو پر پوءِ ڪيترائي ادبي ڪتاب پڙهيم جن منهنجي ذهن ۾ لکڻ جو اتساهه پئدا ڪيو. ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون ۽ شعر لکڻ شروع ڪيم.

س: توهان کي لکڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟

ج: جيستائين لکڻ جي شوق جو تعلق آهي، ته منهنجي رهبري هڪ محسن استاد خالد ميمڻ ڪئي ۽ مون کي سٺي رهنمائي هيٺ اُتساهيو سٺن اديبن ۽ شاعرن جي لکڻين کان پڻ متاثر ٿيس.

س: توهان نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ لکيو آهي، اوهان ٻنهي مان ڪنهن کي ترجيح ڏيو ٿا؟

ج: نثر کي وڌيڪ ترجيح ڏيان ٿو.

س: انهي جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟

ج: منهنجي خيال ۾ شاعري جي بنسبت نثر، اظهار  ۾ وڌيڪ مؤثر آهي، ڇو ته نثر ۾ سواءِ حد بندي جي احساسن ۽ جذبن جو وضاحت سان بيان ٿي سگهي ٿو، پر شاعري ۾ بحر وزن ۽ ٻين حد بندين ڪري ائين ممڪن ناهي.

س: توهان اڄوڪي تعليم کان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟

ج: آئون اڄوڪي تعليم کان مطمئن نه آهيان، ڇو ته اڄ ڪلهه جا منفي حالات تعليم تي براهه راست اثر انداز ٿين ٿا.

س: اوهان نائين ڪلاس ۾ سٺا نمبر کنيا آهن، ڪيترو وقت مطالعي کي ڏيندا هئا؟

ج: مان روزانو اڍائي ڪلاڪ اسڪول ٽائيم کان علاوه پڙهندو هوس.

س: اڄ ڪلهه ڪاپي جو رجحان وڌيل آهي، ان ۾ شاگرد ۽ استاد ڪيترو ذميوار آهي؟

ج: سائين! ان سلسلي ۾ گهڻو ذميوار اسان جو معاشرو آهي. پر وڌيڪ ذميواري استاد تي آهي. ٽيوشن جي مرض استاد کي ڪجهه غير ذميوار بڻائي ڇڏيو آهي.

س: اڄوڪي ڇپجندڙ ٻاراڻي ادب لاءِ ڪا راءِ ڏيو ته اوهان جون ڪيتريون ضرورتون پوريون ڪري ٿو؟

ج: پهرين ڳالهه ته سنڌي ادب ۾ ٻاراڻو ادب اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. جنهن خاطر خواهه ترقي نه ڪئي آهي. تنهن هوندي به هاڻوڪو ٻاراڻو ادب ڪجهه نه ڪجهه ذهني ضرورتون پوريون ڪري پيو. گل ڦل رسالو انهي سلسلي ۾ اڳتي آهي.

س: ڪهڙو ادب ٻارڙن جي شعور وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

ج: اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ٻارڙن لاءِ ۽ انهي جي ذهني شعور جي واڌ لاءِ جديد سائنسي تقاضائون پوريون ڪندڙ ادب مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

س: اسان جا سنڌي ڪتاب ۽ رسالا گهٽ ڇو وڪامن ٿا.

ج: وڏو سبب اهو آهي ته اسان وٽ پڙهندڙ گهٽ آهي. پڙهندڙ گهٽ ڇو آهي؟ انهي جو سبب اهو آهي ته نئين نسل جي ان سلسلي ۾ تربيت گهٽ ٿئي ٿي ۽ انهن ۾ اهڙا لاڙا پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ئي نٿي ڪئي وڃي.

س: اوهان ڪهڙن اديبن کان متاثر آهيو؟

ج: سائين! ٻاراڻي ادب ۾ نصيرمرزا، ادل سومرو ۽ عزيز ڪنگراڻي پسند اٿم ۽ وڏن اديبن شاعرن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، امر جليل نورلهدا شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي پسند آهن.

س: اوهان مستقبل ۾ ڪهڙو ارادو رکو ٿا؟

ج: مان مستقبل ۾ هڪ سٺو ڊاڪٽر ٿي قوم جي خدمت ڪندم.

ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: شير محمد جتوئي

 

دوستي

انور هڪ هوشيار ۽ محنتي ڇوڪرو هو. هن جو پيءَ فوج ۾ نوڪري ڪندو هو. انور پنهنجي پيءَ جو اڪيلو پٽ هو ان جي باوجود هو فرمانبدار ۽ ذهين هو. هوئين ته هن جا گهڻا ئي دوست هئا، پر اڪرم هن جو تمام سٺو دوست هو. هو ٻئي هڪ ٻئي سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا. اهڙي طرح ڏينهن گذرندا رهيا. اوچتو قسمت ۾ ڦيرو اچي ويو. انور جو پيءَ هميشه هميشه لاءِ انور کان جدا ٿي ويو ۽ ان جي غم ۾ سندس ماءُ به بيمار رهڻ لڳي. آخر هو انور کي اڪيلو ڇڏي هلي ويئي. هاڻي انور ۾ ڏک سهڻ جي طاقت نه هئي ليڪن هن جو پيارو دوست هن کي هميشه دلاسا ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته خدا کي اهوئي منظور هو. هاڻي انور ٻارن کي ٽيوشن پڙهائڻ شروع ڪئي ۽ تمام گهڻي، محنت ڪندو هو. هن جو دوست اڪرم به هن جي مدد ڪندو هو. آخر انور محنت سان انٽر سائنس ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو. هن جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا، اڄ هن کي پنهنجي پيءَ ۽ ماءُ جي ياد اچي رهي هئي، جن جي خواهش هئي ته هنن جو پٽ ڊاڪٽر ٿئي. ليڪن انور کي پنهنجا خواب اڌورا ڏسڻ ۾ پي آيا. ان وقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ لاءِ خرچ هن وٽ ڪونه هو، ليڪن هن جي همدرد دوست وقت تي پنهنجي دوستي جو ناتو نڀايو ۽ آخر هن جي ڪوشش ڪامياب ويئي. انور کي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي ويئي.

وقت گذرڻ سان گڏ، انور هڪ ڪامياب ڊاڪٽر ٿي ويو. اڄ هن ڊاڪٽر ٿيڻ جي خوشي ۾ پنهنجي دوستن کي پارٽي ڏني. سڀئي دوست هن کي مبارڪون ڏيئي رهيا هئا ۽ انور پنهنجي دوستن کي خوش آمديد چوڻ لاءِ گيٽ تي بيٺو هو. سڀ دوست پهچي ويا هئا ليڪن هن جو محسن اڪرم اڃا نه پهتو هو. انتظار ڪندي ڪندي پارٽي ختم ٿي. انور پنهنجن دوستن کي الوداع چئي رهيو هو. انور پنهنجن دوستن کي الوداع چئي موٽيو ئي هو ته اوچتو شور ٿيڻ جو آواز آيو. انور ڊوڙي رستي تي آيو. هن جو همدرد ۽ پيارو دوست زخمي هو. هن جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو هو. انور جي اکين ۾ اوندهه اچي ويئي، پر هن پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو ۽ اڪرم کي کڻي پنهنجي ڪلينڪ تي پهتو. اڪرم کي رت جي ضرورت هئي. انور پنهنجي هڪ دوست ڊاڪٽر جاويد کي چيو ته ”منهنجو رت اڪرم کي ڏيئي ڇڏ.“ ڊاڪٽر جاويد انور کي گهڻو سمجهايو، پر انور اڄ پنهنجي محسن کي پي بچايو. آخر جاويد انور جو رت ٽيسٽ ڪيو، ٻنهي جو گروپ ملي ويو ۽ رت جي بوتل چاڙهي ڇڏي. جڏهن اڪرم کي هوش آيو ته ڏٺائين ته هن جي پاسي واري بستري تي سندس پيارو دوست، انور ستو پيو آهي اڪرم انور کي سڏ ڏنو. انور اکيون کوليون ۽ پنهنجي دوست کي هوش ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. انور اٿي پنهنجي دوست وٽ آيو. اڪرم کي ائين لڳو ڄڻ انور هن جو صرف دوست نه ڀاءُ آهي.

رائچند مڪواڻو

 

سٺي محنت سان سٺو خزانو ملي ٿو

هڪ شخص وٽ وڏو باغ هو جنهن جي سنڀال هو ۽ ان جا پٽ ڪندا رهندا هئا. جڏهن اهو شخص هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري رهيو هو ته هن پنهنجي پٽن کي گهرايو ۽ ٻڌايو ته هن باغ ۾ وڏو خزانو آهي آئون هن دنيا مان موڪلائي رهيو آهيان، هاڻي توهان ڄاڻو، توهان جو ڪم.

پيءُ جي وفات کان پوءِ ڇوڪرن سڄي باغ کي کوٽيو، ليڪن خزانو نه لڌو، ماٺ ڪري ويهي رهيا، جڏهن باغ جي پيداوار مان، ان سال گهڻي دولت ڪمايائون، ته انهن مان هڪ سياڻي ڇوڪر پنهنجي ڀائرن کي چيو ته ”ادا بابا سائين جيڪو خزاني جو اشارو ڏنو هو سو اصل باغ ۾ محنت سان ڪم ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو“ اسان باغ کي کوٽيو، يعني ان کي کيڙيو ۽ وڌيڪ خزانو حاصل ڪيو، ان ڪري ئي چوندا آهن ته، سٺي محنت ۽ سنڀال سان ئي سٺو خزانو حاصل ٿئي ٿو.

ٻگهيو رسول بخش

 

 

سوير اٿڻ جا طريقا

موجوده تيز رفتار دؤر ۾ ”ننڊ“ هڪ وڏو مسئلو ٿيندي پئي وڃي. ماڻهو پنهنجي مصروفيات، جي ڪري، صحيح نموني سمهي به نٿو سگهي. لنڊن جي ”لاف بِرُوَ“

يونيورسٽي جي سليپ ريسرچ ليبارٽري جي ڊائريڪٽر ۽ ننڊ جي ماهر ڊاڪٽر ”جم هارن“ ننڊ جي مسئلي لاءِ هڪ نهايت خوبصورت مثال، ڏيندي چيو ته ”چٻرو جيڪو پنهنجي قدرتي بناوت جي ڪري، ڏينهن جو سمهڻ ۽ رات جو جاڳڻ تي مجبور آهي. پر چنڊول پنهنجي قدرتي بناوت جي لحاظ جي ڪري، صبح جو سوير اُٿڻ ۽ ڳائڻ لاءِ مجبور آهي. اهڙي طرح گهڻن انسانن ۾ به هن قسم جون خصوصيات موجود آهن. جنهن جي ڪري، هو پنهنجي جسم کي سائنسي هدايتن مطابق هلائي سگهن ٿا.“ هن چيو ته هن وقت دنيا جا ويهه فيصد ماڻهو ننڊ جي نظام خراب هئڻ ڪري ڪامياب زندگي گذارڻ کان مجبور آهن. انهن ماڻهن ۾ گهڻو ڪري صحافي ۽ ڊاڪٽر آهن؛ جيڪي پنهنجي پيشي جي ڪري، مڪمل ننڊ جي مزي کان محروم آهن.

سنڌيڪار: وحيد لاڙڪ ڪشمور

 

 

اچو ته مضمون لکون- 45

مضمون موڪلڻ جي آخري تاريخ- 30 نومبر 1988ع آهي.

اچو ته مضمون لکون سلسلو ٻارن لاءِ انهي ڪري شروع ڪيو ويو آهي، ته جيئن انهن کي مضمون لکڻ جو ڏانءُ اچي، پهريون ۽ ٻيو نمبر مضمون نگارن کي انعام ۾ ڪتاب موڪلبا.

شرط:

هن سلسلي ۾ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ شاگرد حصو وٺي سگهن ٿا.

هن ئي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون- 45 جو ڪوپن ڀرڻ ضروري آهي.

مضمون ٻن وڏن پنن تي هڪ پاسي لکيل هجي، ٻنهي پاسي لکيل مضمون کي مقابلي ۾ شامل نه ڪبو.

مضمون سان گڏ اسڪول جي ائڊريس لکڻ گهرجي، ڇو ته گهڻا وڏا (نوجوان) به حصو وٺن ٿا ان لاءِ ٻي ڪنهن ائڊريس تي ڪتاب نه موڪلبا. انعامي ڪتاب رجسٽر بوڪ پوسٽ ڪري ٿا موڪلجن. نه ملڻ جي صورت ۾ ادارو ٻڌل نه رهندو.

عنوان

(اسلام ڀائپي جو سبق ڏئي ٿو)

مضمون موڪلڻ جو پتو

ايڊيٽر گل ڦل

سنڌي ادبي بورڊ، پوسٽ ڪوڊ نمبر 76070، ڄام شورو سنڌ.

 

نتيجو اچو ته مضمون لکون- 43

 ماهه سيپٽمبر 1988ع جي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون جي عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن ۾ هيٺين ٻارن حصو ورتو.

 

عبدالصمد سومرو ڪنڊيارو 2- محمد حنيف ناز ڪنڌڪوٽ 3- آفتاب علي ڀٽي 4- محمد اسماعيل جوڻيجو ڏوڪري 5- ڀڳوان بي ڏيپلائي 6- عبدالقيوم اوڳاهي ڳوٺ مٺو 7- رشيد احمد جاکرو مڪلي 8- ميوو مل پريماڻي ڪڍڻ 9- پرنس گل راجپال 10- ظهير حسين خيرپور ميرس 11- الطاف احمد قريشي دادو 12- قادر 13- غلام مرتضيٰ پتافي حيدرآباد 14- ممتاز علي خواجه ٽنڊو محمد خان 15- ذوالفقار علي بڙدي پير وسڻ 16- سيد سلام الله شاهه ٺٽو 17- ارشاد علي ناز سومرو سڪرنڊ 18- محفوظ علي مير جت 19- مڪيش ڪمار ڊگهڙي 20- دين محمد ڪلهوڙو قمبر 21- زين العابدين دادو 22- فياض حسين چنڊ ڪليري نواب شاهه 23- سڪندر علي هليو ڏوڪري 24- اشفاق احمد ڪاڪيپوٽو سجاول 25- خالد احمد سومرو شڪارپور 26- اظهر مصطفيٰ سومرو مٺياڻي 27- اعجاز علي ميمڻ عمرڪوٽ 28- احمد زمان خان مهتم پنو عاقل 29- رعايت الله ڪپري جهڏو 30- خادم مهتم لوهي شريف 31- حاجن خان ڏوٻل ڪنڊريارو 32- اين ڪي ڪلوڙ ڪشمور 33- رجب شعبان ڪلوڙ ڪشمور 34- محمد عمر جوکيو جلالجي 35- شاهه محمد پيرزادهه ڪوٽڙي محمد ڪبير 36- داد محمد ڪولاچي راڄو خان ڪولاچي 37- ايم آفتاب احمد ڪنڌڪوٽ 38- عبدالباسط ڀٽو لاڙڪاڻو 39- اشفاق احمد ميمڻ هنڱورجا 40- نجيب الرحمان شاهه بدين 41- اعجاز مهر پراڻو سکر 42- ايم رمضان سليرو شڪارپور 43- ذولفقار ميمڻ راڻيپور 44- برڪت علي شيخ لاڙڪاڻو 45- جميل احمد کٽي بدين 46- اعجاز حسين عباسي نرڇ شريف 47- وفا اعجاز علي گل خاصخيلي لوهي موري 48- اعجاز پنگريو 49- محمد اسلم ابڙو خانواهڻ 50- سعيد احمد سومرو مٺياڻي 51- مبارڪ علي واهرو ڪڍڻ 52- ضمير احمد سوهو ڏوڪري 53- شيام سندر ڊگهڙي 54- سفينه ميمڻ هنڱورجا 55- بشير احمد چنا ڪارياڻي 56- اطهر حسين کوسو پراڻو سکر 57- حميدا حسين سومرو راڌڻ 58- ممتاز علي مغيري جوهي 59- سريش ڪمار چترو مل مٺي 60- ذوالفقار علي ساند ڪاڇيلو فارم 61- حفيظان هڪڙو 62- اظهر علي بدين 63- رجب شعبان ڪلوڙ ڪشمور 64- خادم سعد احمد پنهور گرڪڻ 65- چوئٿ مل ستيجا راڻيپور 66- عنايت مهر ٺل 67- ممتاز علي چنا شهدادڪوٽ 68- افشان ناز ڀنڀرو بڇيري 69- وفا ايم ايوب جوڻيجو ميرپور بٺورو 70- عبدالجبار وڪڙو 71- محمد سومار سٺيو سيد متو شاهه 72- مير احمد نئون ڳوٺ 73- امتياز علي سومرو سڪرنڊ 74- اشفاق احمد ميمڻ ڪراچي 75- سراج الدين پيرزادو ڪنڊيارو 76- مسلم رضا شيخ لاڙڪاڻو 77- شير محمد لغاري ڪي اين شاهه 78- رضوانه قمبر 79- عبدالخالق چانڊيو ميهڙ 80- محمد منگي ڪچا ڦاٽڪ 81- محمد عالم ڪلهوڙو راڌڻ اسٽيشن 82- علي مراد لاشاري ٽنڊوباگو 83- اياز علي ڀٽو شڪارپور 84- سيد حمايت علي شاهه راشدي شهدادپور 85- ڄام الطاف شاهين ابڙو لاڙڪاڻو 86- جميل احمد جتوئي ميرپورخاص 87- عقيل رضا ميمڻ ٽنڊو محمد خان 88- گل محمد ميمڻ سجاول 89- ممتاز علي بوزدار 90- ايس خادم گهنڃو پنو عاقل 91- سيد راشد احمد شاهه اڳڙا 92- آفتاب احمد ميمڻ مانجهند 93- شاهه نواز مير بحر لعل بخش ميربحر 94- راجا منٺار علي چنا ڏوڪري 95- محمد يامين بوزدار کپرو 96- سيد ساجد شاهه گمبٽ 97- خدا بخش جروار ٽنڊوالهيار 98- مير حسن لاشاري ٺل 99- قمر الدين ڀٽي ڄام شورو 100- جان محمد لاشاري ميرپور ٻرڙو 101- سيد حمايت راشدي ملا حرمت 102- توفيق حيدر تنيو پريو تنيا 103- خورشيد احمد ڪلوڙ ڪشمور 104- ديدار علي جلباڻي دريا خان جلباڻي 105- اداس جبار جلباڻي رتوديرو 106- آصف عباس خواجه بدين 107- مختيار احمد تنيو نوشهروفيروز 108- چندر پرڪاش لال واڻي ڏيپلو 109- ريواچند جاني 110- اعجاز علي جاگيراڻي نئون ديرو.

ججن جي فيصلو موجب هيٺين مضمون نگارن جا مضمون پهريون ۽ ٻيو نمبر قرار ڏنا ويا آهن، انهن کي انعام ڪتاب موڪلبا.

عبدالصمد سومرو، ڪلاس ڏهون سي هاءِ اسڪول ڪنڊيارو.

محمد حنيف ناز، ڪلاس نائون هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ.

 

 

ٻه سئو رپين جي شاندار ورڇ

گل ڦل خال ڀريو 9 جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو

هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن. کين حصي آهر انعام موڪلبو.

جواب:

1255 هجري 2- 1893ع 3- 80 کان 90 سيڪڙو 4- قيصر 5- سيام

آفتاب احمد ملڪ ڪلاس نائون اي ڀٽائي هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ.

محمد شريف جروار برانچ مڊل اسڪول صاحب خان جروار پوسٽ بڪيرا ٽنڊوالهيار.

دليپ ڪمار ڪوٺار ڪلاس ڏهون اي هاءِ اسڪول مٺي.

عبدالستار عاجز مڊل اسڪول ڪامارو وليج ٽنڊوالهيار.

ارشاد علي ناز ڪلاس ڏهون بي هاءِ اسڪول سڪرنڊ.

محمد الياس سومرو، شاگرد مدرسا ارشاد العلوم وايا هنڱورجا.

امير افضل کٽي، ڪلاس ڏهون سي هاءِ اسڪول ماتلي.

عبدالاحد سومرو، ڪلاس ستون سي هاءِ اسڪول ڪنڊيارو.

جميل احمد خلجي، ڪلاس ڏهون بي هاءِ اسڪول کهڙا.

محمد خان جروار، پرائمري اسڪول بڪيرا شريف وايا ٽنڊوالهيار.

عبدالصمد ميمڻ، ڪلاس ڏهون اي هاءِ اسڪول پير جو ڳوٺ.

ڪشور ڪمار کيتري، ڪلاس ڏهون اي هاءِ اسڪول پير جو ڳوٺ.

شاهد حسين مهر، ڪلاس نائون بي ڪي، جي اسڪول سوسائٽي نواب شاهه.

عرض محمد سميجو، ڪلاس ڏهون ڀٽائي هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ.

سريش ڪمار، هنراجاني درجو نائون هاءِ اسڪول مٺي.

رشيد احمد پنهيار، ڪلاس اٺون اي هاءِ اسڪول بوزدار وڏا خيرپور ميرس.

 

 

گل ڦل خال ڀريو- 11

ٻه سئو رپين جو انعام

اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 30 نومبر 1988ع آهي.

گل ڦل خال ڀريو جا هيٺان اصول ۽ شرط آهن.

رسالي ۾ شامل گل ڦل خال ڀريو حصو ڪٽي موڪلڻ گهرجي.

ويهن کان مٿي جواب صحيح اچڻ تي صرف ويهن ٻارن کي انعام ڏبو، باقي نالا شايع ڪبا.

گهڻا ”نوجوان“ ٻارن جي سلسلي ۾ حصو وٺن ٿا. ان لاءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪي، ٻار اسڪول جي ائڊريس موڪليندا، انهن کي انعام موڪلبو.

ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو، ان کي ڪير به چيلينج ڪري نٿو سگهي.

 

گل ڦل خال ڀريو-11

سنڌ ٽالپورن جو دؤر، 1783ع کان شروع ٿيو............. سن تائين هليو.

حضرت بي بي رابعا بصري........... شهر جي هئي.

ڪرڪيٽ راند ۾ هڪ وڪٽ کان ٻي وڪٽ تائين جو مفاصلو................ ميٽر هوندو آهي.

انڊونيشيا جو پراڻو نالو............... آهي.

دنيا ۾ پهرين ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ميلبورن ۾........... سن ۾ کيڏي وئي.

موڪليندڙ جو نالو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com