مائي سوڍي
اڄ اسان جيئن ڪاليج کان گهر پهتاسين ته گهر ۾، مائي سوڍي کي
ويٺل ڏٺوسين. ان کي ڏسي ڏاڍو عجب لڳو ته مائي سوڍي
وري ڪٿان اچي ويئي. ڇو ته هوءَ پنجن سالن کان گم
هئي، اها خبر ڪنهن کي به نه هئي ته هوءَ ڪيڏانهن
ويئي هئي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي گهر ايندي هئي ۽ ڪجهه
وقت انهن جي گهر ۾ پنهنجو وقت گذاريندي هئي. ماني
ٽڪر کائي الائي ڪيڏانهن ويندي هئي. مائي سوڍي جي
صورت ايڏي ته بگڙيل هئي جو مان، هن کي ڏسي پنهنجي
اکين تي هٿ رکي ڇڏيندي هيس. ڇو ته مون کي هن کان
ڏاڍو خوف ٿيندو هو، پر جيئن مان وڏي ٿيندي ويس،
تيئن مون کي هن جي ڳالهين ۾ مزو اچڻ لڳو، هن جا چپ
۽ نڪ ۽ اکيون بگڙيل ڏسي حق تي ٻار ڊڄندا هئا.
پر مائي سوڍيءَ جي صورت، جيتري خراب، ايترو سندس ڳالهائڻ ۾
پيار هوندو هو. هن جي ڳالهائڻ ۾ هر وقت ۽ هر ڳالهه
تي شاهه صاحب جا شعر پڙهڻ ۽ اهي شعر خاص ڪري
چوندي، جن ۾ مارن جي حب سڪ هجي مون کي ته ان ڳالهه
تي ڏاڍو عجب لڳندو هو، ته اسان پڙهيل لکيل به شاهه
صاحب جو هڪ اڌ شعر به ڪيتري ڪوشش کان پوءِ ياد ڪري
يا سمجهي به نه ٿا سگهون، پر مائي سوڍي شاهه صاحب
جا شعر ايترو آسانيءَ ۽ رواني سان چوندي هئي، ڄڻڪ
هن کي شاهه جو رسالو سڄي جو سڄو ياد هجي.
اسان جي گهر ايندي هئي، امان هن کي ماني کارائيندي هئي، جڏهن هي
ويندي هئي ته امان چوندي هيس ته مائي سوڍي ويهه،
پر هي چوندي هئي ته، نه امڙ، هاڻي مان وڃان ٿي.
الله خوش رکي توهان کي ”مارئي کي وري پنهنجا مارو
ياد پيا اچن“ ائين چئي هلي ويندي هئي، مائي سوڍي
مارئي ته پاڻ کي چوندي هئي پر مارو الائي ڪنهن کي
چوندي هئي.
هن ڪڏهن به ڪنهن کان ڪجهه نه گهريو. هن جا هن دنيا ۾ ڪي به مائٽ
ڪونهي، اها ڪنهن کي به خبر نه آهي ته هوءَ ڪٿي آهي
ڪيڏهون آئي، بس هو هڪ درويش عورت پنهنجي رب سان
بيپناهه محبت ڪرڻ واري آهي. مائي سوڍي اڪثر
ڳالهيون، پنهنجي سفر جون ڪندي هئي، ته ماڻهو هن
سان ڪيئن پيش آيا ۽ هن جي ڪهڙي مدد ڪيائون، مائي
چوندي هئي ته منهنجو پيءَ رڳو شاهه صاحب جا بيت
چوندو هو ۽ مان ننڍي هيس جو گهر ۾ بابا کي ڏٺم.
ٻيو ڪو مائٽ ڪونه هو. بابا جي عادت هوندي هئي جو
هو هر وقت شاهه صاحب جا بيت چوندو هو. ۽ ائين مون
کي به اهي ياد ٿي ويا. ان جي مرڻ کان پوءِ مان
بلڪل اڪيلي رهجي ويس.“ مائي سوڍي کي شاهه صاحب سان
ڏاڍي محبت هئي. وقت بوقت ڀٽ تي ويندي هئي. محبت ۽
سڪ هن جي من ۾ سمايل هئي. تڏهن هر وقت اهي شعر
پڙهندي هئي. جن ۾ حب ۽ سڪ سمايل هجي.
اڄ مان جڏهن ڪاليج کان گهر پهتس ته مون سان گڏ ٻيون به ڇوڪريون
هيون، انهن ڇوڪرين جو مائي سوڍيءَ کي ڏٺو سو هڪ
ٻئي کي ڏسي هن تي ڏاڍو کلڻ لڳيون ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ
لڳيون ته هن جي صورت ته ڏسو ڪهڙي آ مائي سوڍيءَ جا
هنن جون ٺٺوليون ٻڌي رهي هئي، هنن کي چوڻ لڳي ته
”اڙي امڙيون، مون تي ڇو ٿيون کلو ”کلو ته ان
ڪاريگر تي، جنهن مون کي ٺاهيو آ“ جنهن توهان کي به
ٺاهيو آ. اهو ٻڌي ڇوڪريون ڪجهه لڄي ٿيون ۽ مائي
سوڍي اٿڻ لڳي ۽ مان چيومانس ”مائي سوڍي ويهه ٻڌاءِ
ته تون پنج سال ڪاڏي ويئي هئين“ چيائين ”امڙ بس
سير سفر تي ويئي هيس، هاڻي وڃان ٿي. مارئي کي وري
پنهنجا مارو ياد پيا پون ائين چئي ويندي رهي.
شيدا ڪاشميري
منير سولنگي
بيوقوفن جو شهر
قديم زماني ۾ ڪوهه ڪاف جبل جي ويجهو، بيوقوفن جو هڪ ڳوٺ هيو.
مگر هاڻي ان ڳوٺ جو ڪوبه نالو نشان ڪونهي. ان ڳوٺ
جا رهاڪو، بيوقوفي جي ڪري سڄي تر ۾ مشهور رهيا.
خاص ڳالهه، اها هئي ته هنن ڪڏهن ٻلي ڪانه ڏٺي هئي.
اهي ٻلي جي نالي کان به واقف نه هئا. ٻلي نه هجڻ
ڪري هنن جي ڳوٺ ۾ ڪئا تمام گهڻا هئا. جيڪي ڳوٺ
وارن جا اناج ۽ ڪپڙو وغيره کائي چٽ ڪري ڇڏيندا
هئا. ڳوٺ جا ماڻهو، ڏاڍا ششدر هئا. هو ڪنهن به
قيمت تي، ڪئن کان جند ڇڏائڻ لاءِ آتا هئا. ان باري
۾ ڳوٺ جي ماڻهن پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو، پر کين ڪابه
ترڪيب سمجهه ۾ نه آئي. هڪ ڏينهن شام جو هڪ مسافر
انهن جي راڄوڻي اوطاق تي اچي ٽڪيو. مسافر سان هڪ
ٿلهي متاري ٻلي به ساڻ هئي. اها ٻلي ڪوئن جي شڪار
ڪرڻ ۾ ڏاڍي ڀڙ هئي. جنهن اوطاق ۾ مسافر اچي ٽڪيو
هيو، ان ۾ ڪئا بي ڊپا ٿيا ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيا هيا،
ٻلي پهريائين ته ڪئن کي هيڏي هوڏي بي ڊپو گهمندي
ڏسندي رهي.ڱ آخر هن خوشي وچان هڪ ٽپ ڏنو، نشانو
پورو لڳو. ڪجهه ڪئا مارجي ويا. ڪجهه زخمي ٿي پيا ۽
ڪجهه ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اوطاق ۾ جيترا به
ماڻهو هيا. انهن جو ڪئن جي ڀاڄ ڏٺي ته اهي عجب ۾
پئجي ويا. اهي ڳوٺ جي ٻين ماڻهن کي به سڏي آيا ۽
ٻلي ڏيکارڻ لڳا. ٻلي وري ڪئن کائڻ ۾ رڌل هئي.
ڳوٺاڻن مان هڪڙي ماڻهو چيو جيڪڏهن هي جانور اسان
کي ملي وڃي ته ڪئن کان سڄي ڳوٺ جي جند ڇٽي پوندي،
پوءِ سڀني صلاح ڪري مسافر کي هڪ هزار رپيا ڏنا ۽
ان کان ٻلي خريد ڪيائون. مسافر کي جو ٻلي جا ڏهه
سو مليا ته هو خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي. ساڳي وقت هن
دل ۾ سوچيو ته هن ڳوٺ جا ماڻهو بيوقوف آهن. متان
سودي تان ڦري نه وڃن، تنهنڪري هن رات بي آرامي ۾
گذاري ۽ هو صبح جو ساجهر ئي بيوقوفن جي ڳوٺ مان
وٺي ڀڳو. مسافر جڏهين ڳوٺ کان ٻاهر نڪري، چڪو ته
پوئتان ڳوٺ وارن کي خيال آيو ته اسان مسافر کان
اهو ته ڪونه پڇيوسون، ته هي جانور ڇا کائيندو آهي.
انهن هڪ ماڻهو مسافر جي پٺيان ڊوڙايو. مسافر جڏهين
ڏٺو ته ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان ڊوڙندو اچي ته سندس
دل زور سان دهڪڻ لڳي، تنهن ڪري هن به کڙين تي زور
ڏنو. پويان ايندڙ ماڻهوءَ مسافر کي رڙ ڪري چيو، ته
او ڀائو! او ادا اسان کي جانور جو کاڌو ته ٻڌائي
وڃ! مسافر ڊڪندي ئي اتان جواب ڏنو ته ”اهو جانور
ٿلهي متاري مينهن جو گوشت کائيندو آهي“ بيوقوف
ماڻهوءَ دل ۾ سوچيو، ته هي جانور ٿلهي متاري مينهن
کائيندو آهي، هاڻي ڇا ٿيندو؟ اسان کير مکڻ ڪٿان
حاصل ڪنداسون، اسان جا ٻچا کير مکڻ کان سواءِ ڪيئن
زندهه رهندا؟
انهيءَ پريشانيءَ ۾ ڳوٺ وارن وٽ اچي پهتو ۽ کين سموري ڳالهه ڪري
ٻڌايائين. پوءِ ته ڳوٺ جا سڀ بيوقوف اچي مڙيا. اهي
هڪ ٻئي سان صلاح مشورو ڪرڻ لڳا ته ”اسان جو ٿلهيون
متاريون مينهون ٿورن ڏينهن ۾ ئي ختم ٿي وينديون ۽
پوءِ ڏٻريون مينهون به هي جانور کائي ويندو. جڏهن
سڀ مينهون به کپي وينديون ته هي جانور ڇيلا ٻڪريون
به کائي ويندو. جڏهن ٻڪريون ختم ٿي وينديون ته
پوءِ اهو جانور ڪڪڙيون کائڻ شروع ڪندو، جڏهين اهي
به خلاص ٿي وينديون، ته پوءِ شايد اسان کي ۽ اسان
جي ٻارن کي به کائڻ شروع ڪندو. اهي ڳالهيون ٻڌي
عورتون روئڻ لڳيون. عورتن کي ڏسي ٻار به روئڻ لڳا.
عورتن ۽ ٻارن کي روئيندو ڏسي مرد به دڙهيون هڻي
روئڻ لڳا. ايتري ۾ روڄ راڙ ٿي ويو، جو پري پري
تائين ڪن ئي نه پيو ڏاري. جڏهن سڀ ماڻهو روئي روئي
ٿڪجي پيا تڏهين انهن مان هڪ ڪراڙي ماڻهوءَ ڳوڙها
اگهي، انهن کي چيو: ”هاڻي روئڻ مان ڪوبه فائدو
حاصل نه ٿيندو، اسان سڀ سياڻا ماڻهو آهيون، اسان
کي هن جانور کان بچڻ لاءِ ڪا اٽڪل سوچڻ گهرجي“
پوءِ ته سڀ مؤرک ويهي رهيا ۽ مٿن کي هٿ ڏيئي ڪا رٿ
سوچڻ لڳا. نيٺ انهن مان هڪ وڏي عقلمند چيو ته ”هن
کي زهر ڏنو وڃي“ ماڻهن ۾ واهه واهه ٿي ويئي. ايتري
۾ ميڙ مان هڪ ماڻهو اٿي بيٺو. هن هڪ ڊگهو ساهه کڻي
چيو ”توهان سڀ ماڻهو بيوقوف آهيو توهان شايد اهو
وساري ويٺا آهيو، ته جيڪو جانور هڪ ٿلهي متاري
مينهن کائيندو آهي. اهو زهر ڪيئن کائيندو؟“ سڄي
ميڙ ۾ چپ ڇانئجي ويئي. وري ٻيهر سارو ڳوٺ روئڻ ۾
شروع ٿي ويو. نيٺ هڪ ٻيو عقلمند اٿيو، تنهن چيو ته
”عورتون روئن ٿيون ته ٻار روئن ٿا انهن سڀني جو
روئڻ اسان کان ڏٺو نٿو ٿئي، تنهن ڪري، لاچار اسان
به روئي ويهون ٿا.
ان ڪري عورتن ۽ ٻارن کي گهرن ڏانهن روانو ڪجي، ته اسان سڀ ماڻهو
هڪ منا ٿي ڪا اٽڪل سوچيون. هي ماڻهو ٻليءَ کان
ايترو ته ڊنل هئا، جو انهن مان هڪ ماڻهوءَ چئي ڏنو
ته ”اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جو اسان پنهنجي عورتن ۽
ٻارن کي هيکل گهرن ڏانهن موڪليون. انهيءَ تي
خوفناڪ جانور جيڪڏهن مينهن جي بدران اسان جي عورتن
۽ ٻارن کي کائڻ شروع ڪيو ته اسان ان کي ڇا ڪري
سگهنداسون، افسوس! اسان کي ڪهڙيءَ بلا کاڌو جو
مسافر کان هيءُ جانور خريد ڪيو سون. انهيءَ کان ته
ڪئا، هزار دفعا بهتر هئا. آخر فيصلو ٿيو ته
جيستائين انهيءَ جانور کي مارڻ جي ڪا تجويز سمجهه
۾ اچي تيستائين عورتن ۽ ٻارن کي ڪيڏانهن وڃڻ نه
ڏبو. آخر هنن کي هڪ ترڪيب ذهن ۾ آئي. ترڪيب هيءَ
هئي ته جنهن گهر ۾ اهو جانور هن وقت موجود آهي ته
ان گهر کي يڪدم باهه ڏني وڃي. انهيءَ ترڪيب سان
سڀني اتفاق ڪيو ۽ خوشيءَ وچان نچڻ ڪڏڻ لڳا. هنن ان
گهر کي باهه ڏني، جنهن ۾ ٻلي هئي. باهه گهر کي
چوڌاري وڪوڙي ويئي، ٻليءَ کي جڏهين خطرو محسوس ٿيو
ته تڏهين هوءَ نهايت آرام سان دريءَ مان ٽپ ڏيئي،
ٻئي گهر ۾ هلي ويئي. جڏهن بيوقوف ٻليءَ کي
سلامتيءَ سان ٻئي گهر ۾ ويندي ڏٺو ته، تڏهن اهي سڀ
خوف وچان ڏڪڻ لڳا. انهن جلدئي ٻئي گهر کي به باهه
ڏني ته ٻلي وري ٽئين گهر ۾ هلي ويئي. بيوقوف ڏاڍا
پريشان ٿي ويا مطلب ته گهرن ساڙڻ جو سلسلو ان وقت
تائين هليو، جيستائين سارو ڳوٺ سڙي رک نه ٿي ويو.
ماڻهن جو ڏٺو ته ٻلي انهيءَ رستي سان ڀڄندي پيئي
وڃي. جنهن رستي سان سندس مالڪ صبح جو ساجهر روانو
ٿي چڪو هو. ٻليءَ کي ويندي ڏسي، هي سڀ ماڻهو ڏاڍا
خوش ٿيا. انهيءَ خوشيءَ ۾ گهڻو وقت دير تائين هڪ
ٻئي کي گهرن جي رک مکيندا رهيا.
غلام مرتضيٰ سولنگي اسان جا
اديب
امداد حسيني
سنڌي ادبي کيتر ۾ امداد حسيني هڪ وڏو نالو آهي. جديد سنڌي
شاعريءَ ۾ اعليٰ درجي جي حيثيت رکندڙ شاعر امداد
حسيني جو اصل نالو، امداد علي شاهه آهي. سندن والد
محترم جو نالو سيد فضل محمد شاهه آهي. سندن جنم
1941ع تي علم و ادب جي گهر واري شهر ٽکڙ (ضلع
حيدرآباد) ۾ ٿيو. پڙهائيءَ جي سانگي سان حيدرآباد
کي مستقبل ديرو بنايائين.
موسيقي جي به سٺي ڄاڻ اٿس. ڪمپيئرنگ ڪرڻ ۾ به سندس مٽ ڪو ورلي
ٿيندو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪيترائي
پروگرام ڪيا اٿس. جن ۾ خاص طرح پروگرام ”جهڙا گل
گلاب جا“ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. پاڻ نه
صرف شاعر آهي، پر هڪ اعليٰ درجي جو نقاد پڻ آهي.
هو نوان تجربا ڪرڻ، نوان خيال پيدا ڪرڻۡ ۽ ادب ۾
انقلاب آڻڻ جو حامي رهيو آهي. ڪجهه عرصو سنڌي ادبي
بورڊ جي ٽه ماهي علمي ۽ ادبي رسالي ”مهراڻ“ ۾
ايڊيٽر رهي چڪو آهي. هن وقت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ
(ڄام شورو/ حيدرآباد) ۾ سبجيڪٽ (سنڌي) اسپيشلسٽ
آهي. اچو ته سندس ڪيل ڳالهه ٻولهه پڙهون.
مصطفيٰ سولنگي: سائين! توهان جي ننڍپڻ جا ڏينهنڙا ڪيئن گذريا؟ ۽
تعليم ڪهڙي نموني حاصل ڪئي؟
امداد حسيني: دود ڦُلا، گرگُالون ۽ گولاڙا پٽيندي، ست رنگا
پيرون پٽيندي، کنڀيون ڳوليندي؛ ڪُمن ۽ ڪوڻين لاءِ
ڍنڍن ۾ تڙڳندي، جوئر جا ڳنا چوسيندي، ٻاجهر جا
کيرا آڀون کائيندي، ڊوڙن پائيندي، رانديون: (ونجهه
وٽي، لاٽمن (لاٽونءَ) ڦرڦر سونٽي، لڪ لڪوٽي، اٽي
ڏڪر، ٺٻ ٺٻاڻي، ڏاڪ چماڻي، اگهه ٻگهه، بلورن (چڌن)
گراڙن، ڪندرو (پاڻي جي راند)... کيڏندي ڏاڏي جي
جوٽ تي ڪنڌ لاڙي آکاڻيون ٻڌندي.... ننڍپڻ پر ڪري
الائجي ڪيڏانهن اڏري هليو ويو.
باقي رهيو تعليم وارو سوال ته مان پرائمري تعليم ڳوٺ جي کٿاب
(مڪتب) ۾ ورتي مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد
مان ڪيم، پوءِ سچل سرمست ڪاليج ۾ داخل ٿيس ۽ ايم
اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي مان ڪيم.
مصطفيٰ سولنگي: ادبي کيتر ۾ پير پائڻ جو مکيه ڪارڻ؟
امداد حسيني: مون پاڻ کي ظاهر ڪرڻ ٿي گهريو. چوڻ ٿي چاهيم ڪجهه.
جذبي ۽ احساس کي اظهارڻ ٿي گهريم لفظن جي روپ ۾،
سنڌي ٻوليءَ ساهت ۽ سڀيتا کي جيڪي خطرا آڏو هئا،
انهن کي ٽارڻ به ان جو هڪ ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. ماحول،
وقت ۽ حالتون به ان لاءِ تلاهي آهن.
مصطفيٰ سولنگي: ننڍپڻ ۾ اوهان جون ڪهڙيون مشغوليون هونديون
هيون؟
امداد حسيني: رلڻ، رانديون کيڏڻ ۽ ڏاڏي کان روز رات جو آکاڻيون
ٻڌڻ. آکاڻي کان سواءِ مون کي ننڊ نه ايندي هئي،
پوءِ ڪتابن پڙهڻ جو چسڪو لڳو.
مصطفيٰ سولنگي: ننڍپڻ جي ڪا شوخ شرارت؟
امداد حسيني: ڪيتريون ئي آهن. جنب هڻڻ، هائو ڪرڻ، ڪرسي سوري
وٺڻ، جتيون لڪائي ڇڏڻ. پٺيان ڦري اکين تي هٿ رکڻ
جي هير اڄ به نه وئي آهي، مون مان... هڪ ڀيري ڳوٺ
جي مڻن واري گهٽيءَ جي ڇيڙي تي، استي محمد ڪنڀار
جي ڪنهن مهمان جا لوڙهي تي ڪپڙا پئي سڪيا، سٿڻ،
پهراڻ ۽ پٽڪو. اسين اهي ڪپڙا لاهي ڳنڀيرن جي پاڙي
۾ وياسين ۽ حاجي لکاني (هي به هڪ ڪردار هو جنهن تي
گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو) کي سڏي، کيس ڪپڙا ڏئي
چيوسين، ته ”فلاڻي ماڻهو هي ڪپڙا خدا ڪارڻ ڏنا
آهن“ کيس اهو به چيوسين ته، ”اهو ماڻهو بازار ۾
ويٺو آهي ۽ تون ڪپڙا پهري هلي ڏيکار! هن خوش ٿي
اسان کان ڪپڙا ورتا. اسين بازار پهتاسين، ته گولي
جي هوٽل ۾ استو محمد ۽ سندس مهمان (گوڏ ٻڌل) اڳي
ئي ويٺا هئا، هنن کي پڪ هئي ته ڪپڙا اسان ئي کنيا
آهن. پر اسين اتي ويا سين. هاڻي اسان کي انتظار
هو، حاجي لکاني جو، ته هو ڪپڙا پائي اچي، ته ٿئي
ملاکڙو! پر هن کي به ڪو شڪ پئجي ويو هو ۽ هو ڪپڙن
جي هڙ جي هڙ کڻي آيو ۽ چيائين ته ”توهان وڏا ٺڳ
آهيو آئون ڪپڙآ ڪونه پهريندس،“ ائين ڪپڙا موٽي
مالڪن کي مليا.
مصطفيٰ سولنگي: اڄڪلهه ٻارڙن لاءِ جيڪو ادب تخليق ٿئي پيو، ڇا
اهو ٻارڙن جي ذهني معيار تي پوريءَ طرح لهي ٿو؟
امداد حسيني: نه! اسان اڃا ٻارن جا ”ايڇ گروپ“ ئي نه ٺاهيا آهن.
سنڌي ادبي بورڊ جا لوڪ ادب سلسلي هيٺ ڇپايل ڪتاب،
خاص ڪري پکين جانورن، جنن، ديون، پرين، راڻين ۽
بادشاهن جون آکاڻيون ٻارن جي ذهني معيار وٽان آهن.
اهي ضرور پڙهڻ گهرجن، پر انهن جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ
به ٻارن جي معيار وٽان هئڻ گهرجي. مهم جوئي،
جاسوسي، سائنس فڪشن ۽ معلوماتي ڪتاب به اچڻ گهرجن.
ڪومڪسس به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجن ”گلي ورجو
سير“ جهڙن ڪتابن کي باتصوير ۽ وڏي سائيز ۾ آڻڻ
گهرجي.، سنڌباد، حآتم طائي، الف ليليٰ وغيره با
تصوير ڪري ڇپايا وڃن. ٻارن لاءِ ۽ ٻارن جي لکيل
ادب جون چٽا ڀيٽيون ڪرايون وڃن ۽ انعام کٽندڙ ڪتاب
ڇپايا وڃن. لوڪ ٻاراڻا ٻول جهڙوڪ: ارچڪ مرچڪ،
ٽنڊڻي ڙي ٽنڊڙي، جو ڊيمبو؛... لوڪ ادب رٿا هيٺ
ڇپايا وڃن ورهاڱي کان اڳ ڇپيل ڪتابن کي ٻيهر ڇپايو
وڃي.
مصطفيٰ سولنگي: اوهان ڪهڙن ادبي ادارن ۽ اديبن جي ڪارڪردگيءَ
مان خوش آهيو، جن ٻاراڻي ادب کي ترقي وٺائڻ لاءِ
پاڻ پتوڙيو آهي؟
امداد حسيني: ان ڏس ۾ في الحال ته سنڌي ادبي بورڊ جو ئي نالو
وٺي سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ مرتضيٰ ڀٽي جو نالو ضرور
وٺندس، جيڪو ”گلستان“ رسالو ڪڍندو هو. منهنجي لکڻ
جي شروعات به ان رسالي کان ٿي. اياز پاتوليءَ به
ان ڏس ۾ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. انفرادي طور تي،
جن اديبن ٻارڙن لاءِ لکيو آهي، انهن ۾ استاد بخاري
۽ الطاف عباسيءَ جا نالا خاص طور تي وٺندس. نصير
مرزا، ادل سومري ۽ نياز پنهور به ٻارڙن لاءِ شاعري
ڪئي آهي. اڪبر جسڪاڻي نثر ۾ ”بتين واري ناني“ لکيو
آهي. اسان جي وڏن وڏن اديبن کي به ٻارن لاءِ لکڻ
گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ننڍپڻ بابت ته ضرور لکڻ
گهرجي. اهو مواد ڇپيو ڪٿي، ته اهو هڪ ڌار مسئلو
آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ الاجي کي ٻاراڻي ادب
لاءِ ڌار سيل مقرر ڪرڻ گهرجي.
مصطفيٰ سولنگي: سائين اوهان جي ذهن ۾ اڄوڪي سنڌ جي ٻار جو ڪهڙو
تصور آهي؟
امداد حسيني: سنڌي ٻار ڏاڍو ذهين ۽ بهادر آهي. ان کي هرڪا سهولت
هڪي ڪري ڏيڻ گهرجي، تعليم، توڙي هم نصابي تعليم ۽
راندين جي ڏس ۾ سونهپ ۽ واهر ڪرڻ گهرجي ته جيئن
اڳتي هلي دنيا جي سطح تي هو پاڻ کي مڃرائي.
مصطفيٰ سولنگي: سنڌي ٻارڙن جي تعليم و تربيت، سيرت ۽ ڪردار ۽
صحت و مسرت لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
امداد حسيني: ان ڏس ۾ مائٽن ۽ استادن کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ
گهرجي. ٻارڙن جي وندر ۽ دلچسپي لاءِ اپاءُ وٺڻ
گهرجن. مائٽن کي اسڪول وزٽ ڪري پڙهائي جو معيار
پرکڻ گهرجي. ذهني توڙي جسماني صحت لاءِ ٻارن کي
رٿابندي سان سکيا ڏيڻ گهرجي. اسان جي ٻار ۾ هر گُڻ
موجود آهي، نه رڳو ان گُڻ کي بچائڻو آهي، پر ان کي
وڌائڻو به آهي. گهر، اسڪول، ڪاليج، ويندي
يونيورسٽيءَ تائين باقاعدي رٿابنديءَ سان ٻار کي
تيار ڪرڻ گهرجي. ان ڏس ۾ ”پاڻ ارپڻ“ وارو جذبو
ضروري آهي، استادن جي ان ڏس ۾ بنيادي ذميواري آهي.
هر اسڪول ۽ ڳوٺ ”ٻارڙن جي ٻاري“ ٺاهڻ گهرجي.
اسڪائوٽ گرل گائيڊ جون تنظيمون قائم ڪجن.
مصطفيٰ سولنگي: آخر ۾ ٻارڙن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندو؟
امداد حسيني: ٻارڙن لاءِ منهنجو پيغام ”سنڌي پنجون ڪتاب“ ۾ ڇپيل
منهنجو سڄو نظم ”قدم وڌائي اڳتي هل“ آهي. هتي ان
جو آخري شعر ٻڌايان ٿو.
وقت وڃائين مفت متان
قيمت لهڻي هرڪو پل! |