سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 

باب: --

صفحو :4

 

ڊاڪٽر عبدالرشيد لاکو

 

سر آئزڪ نيوٽن

 

 

توهان باغ ۾ کيڏندي ڏٺو هوندو، ته انب وڻ مان سڌو زمين تي ڪرندو آهي، جيڪڏهن، توهان جي هٿ مان پينسل ڪري پوي، ته اها به هيٺ زمين تي ڪري ٿي. ڪڏهن اوهان سوچيو آهي، ته شيون زمين تي ڇو ڪرنديون آهن؟ اڄ کان ساڍا ٽي سو سال اڳ هڪ انگريز پنهنجو پاڻ کان اهو سوال ڪيو هو. هو باغ ۾ چهل قدمي ڪري رهيو هو، ته هڪ صوف وڻ مان هيٺ زمين تي ڪريو ته هن سوچيو، ته ”ائين ڇو ٿو ٿئي، شيون زمين تي ڇو ڪرنديون آهن.“ هن معلوم ڪيو ته زمين ۾ هڪ اهڙي قوت آهي. جيڪا، هر شيءِ کي پنهنجي طرف ڇڪي ٿي. اها ڳالهه ڪرڻ تي انهيءَ شخص سائنس جي دنيا ۾ وڏي شهرت ماڻي ورتي. اهو شخص ”سر آئزڪ نيوٽن“ هو.

سر آئيزڪ نيوٽن سن 1642ع ۾ انگلستان جي هڪ ڳوٺ ”ولز ٿروپ“ ۾ پيدا ٿيو. نيوٽن، جو پيءُ هڪ غريب هاري هو، نيوٽن جي ڄمڻ کان ٽي سال بعد سندس پيءُ گذاري ويو. نيوٽن جي ماءُ، ٻي شادي ڪري ڇڏي ۽ نيوٽن کي سندس ڏاڏيءَ وٽ موڪليو ويو. ڏاڏيءَ يتيم پوٽي کي لاڏ. ڪوڏ سان پاليو، پر هن جي تعليم ۽ تربيت طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو، انهيءَ ڪري نيوٽن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيو، هن کي لکڻ پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي ڪانه هئي، هو ڪلاس ۾ سڀني شاگردن کان ذهني توڙي جسماني طور تمام ڪمزور هوندو هو. انهيءَ ڪري شرارتي ڇوڪرا ساڻس مذاق ڪندا هئا، انهيءَ ڪري هو ڏاڍو پريشان رهندو هو، ۽ هر وقت سوچ ويچار ۾ رهندو هو. نيٺ بيزار ٿي، هڪ ڏينهن هن کي خيال آيو، ته ”طاقت ۾ ته هنن ڇوڪرن جو مقابلو نٿو ڪري سگهان، ڇو نه هنن کي پڙهائيءَ ۾ شڪست ڏيان، اهو خيال ڪري، نيوٽن ڏينهن رات هڪ ڪري پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ننڍڙو ۽ ڪمزور نيوٽن پنهنجي ڪلاس جو هوشيار ترين شاگرد ٿي ويو.

ٻن سالن کانپوءِ، نيوٽن جو ويڳو پيءُ به فوت ٿي ويو. نيوٽن جي ماءُ اڪيلي ٿي پئي، انهيءَ ڪري ٻنيءَ جي سار سنڀال لاءِ پٽ پاڻ وٽ گهرايائين، نيوٽن پنهنجي ماءُ جو حڪم ٻڌي؛ اسڪول ڇڏي هليو آيو، پر، هن جي خواهش هئي، ته ٻنيءَ جو ڪم ڇڏي وري اسڪول ۾ داخلا وٺي، نيوٽن جو هڪ مامون، ڪيمبرج جي هڪ ڪاليج جو ميمبر هو. جڏهن هن کي خبر پئي ته نيوٽن پڙهڻ ٿو چاهي، ته هن پنهنجي ڀيڻ کي سمجهايو ۽ نيوٽن کي وري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو.

نيوٽن، ٿوري وقت ۾ غير معمولي قابليت حاصل ڪري ورتي، چئن سالن کان پوءِ، هو تعليم کان واندو ٿيو ته هن جي قابليت جو ڏاڍو چرچو هلي رهيو هو، ڪاليج جي زماني ۾ ئي، هن رياضيءَ جا ٻه نوان اصول ڳولي ڪڍيا هئا، انهيءَ زماني ۾ نيوٽن ڌرتيءَ جي ڪشش ثقل جو اصل ڳولي لڌو، انهيءَ اصول جي ڪري. هن کي سائنس جي دنيا ۾ اهم جڳهه نصيب ٿي، چيو وڃي ٿو ته نيوٽن هڪ ڏينهن باغ ۾ چهل قدمي ڪري رهيو هو، ته هن جي سامهون هڪ صوف ٽاريءَ مان ڪري هيٺ زمين تي ڪري پيو، نيوٽن انهيءَ ڳالهه تي سوچيو ته ”زمين جي اندر اهڙي قوت آهي، انهيءَ اصول تي نيوٽن هڪ دوربيني ايجاد ڪئي، جنهن جي چمڪندڙ شيشن تي گرهن جي روشني پوندي هئي، جنهن جي مدد سان ننڍا ۽ گهڻي مفاصلي وارا سيارا به ڏسڻ ۾ اچي سگهيا پئي؛ جيڪي عام دوربيني سان ڏسڻ ۾ ڪونه پئي اچي سگهيا.

اڄ ڪلهه سيارن کي ڏسڻ لاءِ، جيڪا دوربيني استعمال ڪئي پئي وڃي، اها نيوٽن جي ٺاهيل دوربيني واري اصول تي ڪم ڪري ٿي. انهيءَ دوربيني جي ايجاد ڪري، نيوٽن جي شهرت کي اڃا به چار چنڊ لڳي ويا ۽ ٻيا سائنسدان به هن تحقيق ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا، نيوٽن جي سائنسي تحقيق ۽ خدمتن جي مڃتا طور کيس 1675ع ۾ برطانيه جي رائل سوسائيٽي جو فيلو (Fellow) چونڊيو ويو.

نيوٽن جو شمار ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سائنسدانن ۾ ٿيڻ لڳو، هن جي شهرت ۽ مقبوليت سڄي يورپ ۾ ٿيڻ لڳي، پر هن جي مالي حالت اڃا به ڪجهه بهتر ڪانه ٿي هئي. هن پنهنجي سائنسي تحقيق بابت هڪ ڪتاب لکيو، پر هن وٽ ايترو پئسو به نه هو جو هو، ان کي ڇپرائي سگهي! نيوٽن جي ڪجهه دوستن هن جي مدد ڪئي 1685ع ۾، هو اهو ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

1692ع ۾ نيوٽن سخت بيمار ٿي پيو ۽ مسلسل ٻه سال بيمار رهيو، نيوٽن جي دوستن اهو خيال ڪيو، ته کيس اهڙي نوڪري ڏيارجي، جنهن سان هو باقي زندگي آرام سان گذاري سگهي. جڏهن نيوٽن نوبنو ٿي ويو، ته هن کي 1695ع ۾ انگلستان جي شاهي مسافرخاني جو وارڊن مقرر ڪيو ويو. نيوٽن اتي محبت ۽ جفاڪشيءَ سان پنهنجا فرض ادا ڪيا، چئن سالن کانپوءِ هن کي ترقي ڏيئي ماسٽر ڪيو ويو. جيڪو شاهي مسافرخاني جو وڏو ۾ وڏو عهدو هو.

برطانوي قوم، نيوٽن جي خدمتن تي هن کي وڏن وڏن اعزازن سان نوازيو، 1689ع ۾ هن کي يونيورسٽي جي طرفان پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1695ع ۾، ملڪ برطانيه به جڏهن ڪيمبرج (برطانيه جيڪا هر شيءِ کي پنهنجي طرف ڇڪي ٿي، ان(Force of Gravity)  قوت کي ”زمين جي ڪشش ثقل (Force of Gravity) سڏجي ٿو.

نيوٽن، ڪيترا سال انهيءَ نظريي تي تحقيق ڪندو رهيو، هن معلوم ڪيو ته زمين، سج ۽ چنڊ ۽ سڀني ٻين گرهن ۾ اها طاقت موجود آهي، انهيءَ طاقت جي ڪري ئي ننڍا گرهه وڏن گرهن جي چوگرد گهمن ٿا، ۽ سڀئي گرهه، هڪ ٻئي جي ڪشش جي ڪري پنهنجي پنهنجي محور تي رهن ٿا. جيڪڏهن سيارن ۾ اها قوت نه هجي ها، ته هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي تباهه ٿي وڃن ها!

نيوٽن 1665ع ۾ جنهن ڪاليج مان بي.اي. جي ڊگري حاصل ڪئي، چئن سالن کان پوءِ، انهيءَ ڪاليج ۾ رياضيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿي ويو، انهيءَ زماني ۾، هن روشني جي متعلق تحقيقات ڪئي، نيوٽن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ته روشني ڪهڙي شيءِ آهي ۽ ڪهڙي ريت پيدا ٿيندي آهي، انهيءَ وقت اهو خيال ڪيو ويندو هو، ته روشني هڪ طرح جو رنگ آهي، جيڪو ڪجهه گرهن ۽ ڪجهه شين جي چمڪ سان پيدا ٿئي ٿو. نيوٽن ثابت ڪيو ته روشني ڪوبه رنگ وغيره ڪونهي پر هي ننڍڙا ذرڙا آهن، جيڪي چمڪندڙ شين ۽ سيارن مان خارج ٿي فضا ۾ ڦهلجندا رهندا آهن، نيوٽن جي راءِ هئي ته روشني هڪ سيڪنڊ ۾ نوي هزار ميل سفر طئي ڪندي آهي، پر پوءِ خبر پئي ته روشنيءَ جي رفتار هڪ لک ڇهاسي هزار ميل في سيڪنڊ ۾ آهي.

روشنيءَ متعلق انهيءَ کوجنا ۾ نيوٽن دوربينيءَ کان ڪم ورتو هو، انهيءَ وقت دوربينيءَ انهيءَ ساڳئي طريقي سان ٺاهي ويندي هئي، جنهن سان گليلو ٺاهي هئي. نيوٽن روشنيءَ جي متعلق پنهنجي تحقيق ذريعي اهو معلوم ڪيو، ته ڪافي سيارا جيڪي گهڻي مفاصلي تي آهن، اهي عام دوربيني (انهيءَ وقت جي) سان ڏسڻ ۾ نٿا اچن، انهن کي ڏسڻ لاءِ اهڙي اوزار جي ضرورت آهي، جيڪو هلڪي کان به هلڪي روشنيءَ کي تيز ڪري ڇڏي. انهيءَ روشنيءَ جي مدد سان اهي سيارا نظر اچي ويندا. جو هڪ شهر) جو دورو ڪيو ۽ نيوٽن کي سر جو لقب ڏنو، انهيءَ زماني ۾ نيوٽن کي رائل سوسائٽي جو صدر چونڊيو ويو، اهو اعزاز هن کي زندگي جي آخري گهڙين تائين مليل رهيو، شاهي مسافر خاني جو ماسٽر ۽ پارليامينٽ جو ميمبر مقرر ٿيڻ کان پوءِ نيوٽن سائنسي تحقيق جاري رکي نه سگهيو، ليڪن رائل سوسائٽي جي صدر جي حيثيت ۾ هو سائنسي معاملن ۾ دلچسپي وٺندو رهيو.

20- مارچ 1727ع ۾ نيوٽن گردي جي بيماريءَ سبب وفات ڪري ويو. هن کي انگلستان جي شاهي قبرستان، ويسٽ منسٽرم ۾ وڏن اعزازن ۽ عقيدن سان دفنايو ويو، هي ان غريب هاري جي ٻار جي ڪهاڻي آهي، جيڪو ڄمڻ وقت ڪچن مهينن جو هو، تمام ڪمزور ۽ گهٽ وزن وارو ٻار جنهن کي ٻارنهن سالن تائين اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو نه ملي سگهيو هو، هن پنهنجي محنت ۽ علمي قابليت جي مدد سان شهرت ۽ عزت حاصل ڪئي ۽ پنهنجي تحقيق سان پنهنجي قوم ۽ سڄي دنيا کي اهڙا فائدا رسايا جن کي انسان قيامت تائين ياد رکندا ايندا.

زندهه قومون، پنهنجن محسنن ۽ عظيم انسانن کي ڪڏهن به نه وسارينديون آهن، برطانوي قوم نيوٽن کي سندس زندگيءَ ۾ نه فقط اعزازن سان نوازيو. پر، اڄ تائين سندس ٿورائتي آهي ۽ ڳڻ ڳائي رهي آهي، اسان جي قوم کي به اهڙو زندهه دل ٿيڻ گهرجي، اسان کي گهرجي ته پنهنجي هيرن جهڙن ماڻهن جو قدر ڪيون، ۽ انهن جي نقش قدم تي هلون.


 

غلام محمد غازي

تارا

ڪاري رات ۾ نڪري تارا،

ڪيڏا لڳندا آهن پيارا.

 

ڪهڙي ڳالهه ٻڌايان ٻارو،

گرم جسم هي آهن سارا.

 

اُنهن کي آ پنهنجي گرمي،

نور جي تن ۾ وهي ٿي ڌارا.

 

دور اسان کان آهن ان لئه،

ڏِسجن روشن ٽٻڪا سارا.

 

سورج کان ڪي وڏا ٿين ٿا،

سورج جهڙا ڪيئي تارا.

 

ڪي ڪي چمڪي چانديءَ وانگر،

عرش ۾ ڏيندا هن لامارا.

 

چمڪي ڪي ٺاهن چو پائي،

ٽيڙو، ڪتي ۾ ڪي ٻارا.

 

ڏينهن هجي يا رات اي ”غازي“،

هوندا آهن چنڊ ستارا.

 

ضمير کرل

 

غزل

پٽ ڏي مون کي عينڪ آڻي،

ناني چيو ڏي چانهه به ڇاڻي.

 

پهريان ڏي اَٺَ آنا مون کي،

نانيءَ کي چيم سينو تاڻي.

 

کار مان مامي ڏٺو چتائي،

گهر آڳر تي کٽ پيو واڻي.

 

کنيو لڪڻ نانيءَ ته ڀڳس مان،

ساهه پٽيم اچي گهر رب ڄاڻي.

 

اڳتي گُسائي، مان اسڪول کان،

ڪين ڪڏهن ويندس ناناڻي.

 

نانيءَ کي پرچائڻ ويندس،

ٿي اسڪول کان پوءِ صبحاڻي.

 

سنڌيڪار: عطاءَ الله ”عاجز“ ڀٽو                   سائنسي ڄاڻ

 

توانائي (ENERGY) ڇا آهي؟

اسين پنهنجي چئو طرف نظر ڊوڙائينداسين، ته اسانکي تمام گهڻيون شيون حرڪت ڪندي نظر اينديون. ٻاهر هوا ٿي گهلي، روڊن تي ٽرانسپورٽ ٿي هلي ۽ اسين گهمي ڦري رهيا آهيون، ۽ اسان جي اندر به اهڙي قسم جي حرڪت جاري آهي. اسان جي پڙهڻ مهل اسان جون اکيون ٿيون حرڪت ڪن، سيني ۽ دل ٿي ڌڙڪي ۽ نسن (رڳن) ۾ خون ٿو ڊوڙي.

سڀئي شيون توانائي (Energy) سان حرڪت ٿيون ڪن. توانائي اسان جي دنيا ۾ ۽ پوري ڪائنات ۾ هر جڳهه تي موجود آهي ۽ توانائي سان ئي شين ۾ حرڪت ٿي پيدا ٿئي، توانائي سان ڪمپيوٽر، ڪارون، ريلون هوائي جهاز، ريڊيو، ٽيلي ويزن، ۽ سڀئي حيرت انگيز مشينون هلن ٿيون.

توانائي زنده شين کي زنده رکي ٿي، پوءِ چاهي اهو ننڍڙو جيت هجي يا پهاڙ جيڏو هاٿي، توانائي کانسواءِ، ڪابه شيءِ نه ئي حرڪت ڪري ٿي سگهي ۽ نه ئي زنده رهي سگهي ٿي.

توانائي ڇا آهي؟ توانائي اها قوت آهي، جيڪا اسان جي جسم ۾ پهچي جسم ۾ حرڪت پيدا ڪري ٿي ۽ اسين ان حرڪت سهاري ڪوبه ڪم ڪري ٿا سگهون. اسان جي جسم ۾ توانائي، ان خوراڪ سان پيدا ٿئي ٿي، جيڪا اسين کائيندا آهيون، اهوئي سبب آهي، جو اسان کي ڪو به سخت ڪم ڪرڻ کانپوءِ بک ٿي محسوس ٿئي، ڇاڪاڻ ته ڪم جي دوران، اها توانائي، جيڪا اسين خوراڪ ذريعي حاصل ڪئي ، اها ختم ٿي ويندي آهي ۽ وڌيڪ توانائي لاءِ اسان کي وڌيڪ خوراڪ جي ضرورت ٿيندي آهي.

مشينن کي به ڪم ڪرڻ لاءِ، توانائي جي ضرورت پوي ٿي، ڪار کي هلڻ لاءِ پئٽرول گهرجي، پئٽرول ڪار جي انجڻ ۾ سڙي توانائي پيدا ڪندو آهي، ۽ اهڙيءَ طرح ٽيلي ويزن کي به بجلي توانائي مهيا ڪندي آهي.

توانائي جا ٻيا به ڪيترائي قسم آهن، خوراڪ ۽ پئٽرول مان، جيڪا توانائي حاصل ٿئي ٿي، ان کي ڪيميائي توانائي (ڪيميڪل انرجي) چئبو آهي.

بجلي، جيڪا توانائي پيدا ڪري ٿي، ان کي برقي توانائي (اليڪٽريڪل انرجي) چئجي ٿو.

حرارت روشني ۽ آواز مان به توانائي پيدا ٿئي ٿي، جڏهن اسين ڪوبه ڪم ڪندا آهيون، يا گهمندا ڦرندا آهيون، ته اسان جي جسم جي توانائي خرچ ٿيندي آهي، اهڙي طرح ڪابه مشين ڪم ڪندي آهي، ته ان جي به توانائي خرچ ٿيندي آهي، پر مشين يا ماڻهو جي ڪم ڪرڻ سان توانائي پيدا به ٿيندي آهي. جڏهن ڪابه شيءِ ڪم ڪندي آهي، ته اها هڪ قسم جي حرڪت توانائي يعني حرڪت جي توانائي (Kinetic Energy) حاصل ڪندي آهي، ۽ جڏهن اها شيءِ ڪنهن ٻئي شيءِ کي حرڪت ڏيندي آهي، ته حاصل ڪيل توانائي ان شيءِ ڏانهن منتقل ڪندي آهي.

اسين، جڏهن بال کي بيٽ هڻون ٿا، بيٽ، بال کي حرڪي توانائي مهيا ٿي ڪري، اهڙي طرح ڪار جي انجڻ ۾ پئٽرول سڙندو آهي، ته پئٽرول جي ڪيميائي توانائي حرارت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. ٽيلي ويزن ۾ برقي توانائي تصوير جي روشني ۽ موسيقي ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.

توانائي ڪٿان ٿي اچي؟ اهو هڪ ڊگهو سلسلو آهي.

بهرحال ان سلسلي جي پهرئين ڪڙي سج آهي، نيوڪليائي (ايٽمي) توانائي جا سڀ قسم پهريائين سج جي حرارت، روشني جي صورت ۾ اسان تائين پهچن ٿا.

اسين گهڻو ڪري سبزي ۽ ميوا کائيندا آهيون. انهن مان اسان کي ڪيميائي توانائي حاصل ٿئي ٿي، گوشت به اسان کي توانائي مهيا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان جن جانورن جو گوشت کائون ٿا، اهي به سبزيون، گاهه ۽ ميوا وغيره کائين ٿا.

جڏهن ڪنهن به سائيڪل هلائڻ واري جون ٽنگون سائيڪل جي ڦيٿن کي حرڪت ڏين ٿيون، ته خوراڪ جي ڪيميائي توانائي حرڪي توانائي تبديل ٿئي ٿي.

ڪن سائيڪل جي ڦيٿن سان گڏ ڊائنامور لڳل هوندو آهي، جيڪو بجلي پيدا ڪندو آهي، اهڙي طرح سائيڪل جي حرڪي توانائي برقي توانائي ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، بجلي سائيڪل جي بتي ڏانهن ويندي آهي ۽ بتي کي ٻاريندي آهي، اهڙي طرح برقي توانائي روشني جي توانائي ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.

توانائي جي تبديلين جو اهو سلسلو جيڪو، سج جي روشني کان شروع ٿيندو آهي، سائيڪل جي بتي جي روشني تي ختم ٿيندو آهي.

 

تحرير: شير محمد ڪولاچي

 

ڀنڀور جي قديم مسجد

سنڌ جي قديم ۽ اجڙيل شهر، ڀنڀور ۾1958ع ۾ آثار قديمه وارن کوٽائي ڪرائي، کوٽائي وقت هڪ مسجد لڌي. اها مسجد اسلام جي سنڌ ۾ پهرين مسجد آهي.

ڀنڀور، شهر گهاري جي اتر ۾ ڪراچي کان 40 ڪلوميٽر پري ڌاٻيجي شهر کان 8 ڪلوميٽر ڏکڻ، اولهه طرف آهي، اها مسجد هم چورس آهي، جنهن جو هر پاسو، هڪ ڪليون کوٽائي وقت مليون آهن. دلچسپ ڳالهه، اها آهي، ته هن مسجد ۾ محراب موجود نه آهي، مسجدن ۾ محراب پهريون دفعو خليفي وليد بن عبدالملڪل جي زماني ۾ تعمير ٿيڻ شروع ٿيا، سن 707 کان 709 ۾ محراب تعمير ڪيا ويا. ڀنڀور جي جامع مسجد جي نقشي مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هي اسلام جي سڀ کان پهرين مسجد آهي، جيڪا هندوستان ۽ پاڪستان جي پهرين سو ويهه (120) کان هڪ سو ٻاويهه (122) فٽ آهي. مسجد جو اڱڻ ڊگهين سرن سان 75 فٽ ڊگهو 58 فٽ ويڪرو آهي؛ اولهه طرف ويڪرو ميدان اٿس، مسجد جي ڇت 33 ٿنڀن تي بيٺل هئي، مسجد جي اوڀر وارو دروازو ننڍو آهي. مسجد جي تعمير، چن ۽ پٿرن سان ٿيل آهي. مسجد ۾ وضوع ڪرڻ جو چبوترو، اتر ۽ اوڀر جي ڪنڊ تي هو. مسجد اندر دالان ۽ هجرو پڻ هئا، مسجد جي وضوع ڪرڻ جي چبوتري وٽان، مٽي جي ڏياءُ پڻ مليا آهن، وضوع جي پاڻي ۽ برسات جي پاڻي جي نيڪال لاءِ پڪي نالي موجود آهي. ۽ اتان لوٽن ۽ ٺڪرن جا ٽڪر پڻ مليا آهن، مسجد جو اوڀر وارو دروازو ساڍا پنج فٽ آهي. ۽ ٻه دروازا هڪ اتر ۽ هڪ اولهه طرف ننڍو دروازو آهي، ۽ سڀني دروازن وٽ ڏاڪڻيون ٺهيل هيون. اتر جي دروازي جو ڪاٺ سڙيل ۽ لوهه جون مسجد آهي. جتي باجماعت نماز ۽ آذان شروع ٿي. ڀنڀور مسجد کانسواءِ مسجد ڪوفه ۽ مسجد واسط، جيڪي عربستان ۾ سن 670 ۽ 702 ۾ تعمير ٿيون، ۽ انهن ۾ محراب نه تعمير ڪيا ويا هئا. هن مسجد مان 14 پٿرن تي لکيل ڪتبا مليا آهن،جيڪي ڪوفي خط ۾ لکيل آهن، جنهن منجهان 109 هجري 727ع ۾ ٻئي تي 204 هجري ۽ 907ع لکيل آهي، کوٽائي جي آڌار تي ماهرن راءِ ڏني آهي، ته ڀنڀور مسجد 8 صدي عيسوي ۾ تعمير ڪئي ويئي ۽ 13 صدي تائين آباد رهي، 7 سو سال ٿيا آهن. جو، هي مسجد ويران ۽ نماز جي جماعت کان محروم آهي. هڪ ڪوفي ڪتبي تي لکيل آهي.

بِسَمِ الله الرحَمٰنِ الرحيم

لا الله الا الله (وحده) وان محمد رسولہ و عبده

ترجمو: ”صرف، اهو الله تعاليٰ جي مسجد آباد ڪري ٿو، ۽ جيڪو الله تعاليٰ تي ايمان آڻي ٿو ۽ نماز پڙهي ٿو ۽ زڪوات ڏئي ٿو، ۽ الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان نٿو ڊڄي، اهوئي انسان سڌي رستي تي هلي سگهن ٿا.

هي لکت امير محمد بن عبدالله جي حڪم سان ذوالعقد 294 هجري 906ع ۾ نصب ٿي. ٻئي ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته مسجد جي تعمير جو حڪم اميرالمومنين ۽ علي بن عيسيٰ اميرالمونين اڪرم الله 239 هجري مطابق 853 کان 854ع ۾ تعمير ٿيڻ جو حڪم ڏنو، مسجد جي اتر ۾ هڪ مدرسو به هو، هن وقت ڀنڀور جي مسجد ڀنڀور وانگر ويران آهي.

آئون جڏهن 7- فيبروري 97 ۾ ڀنڀور مسجد ڏسڻ ويس ته سواءِ بنياد ۽ صحن جي ٻي ڪا تعمير موجود نه هئي، ياد رهي ته جيئن ڀنڀور مسجد ڏکڻ ايشيا جي پهرين مسجد آهي، تيئن قرآن شريف جو ترجمون به سڀ کان پهرين سنڌي زبان ۾ ٿيو، ۽ اهو شرف به سنڌ کي حاصل آهي.

 

عبدالڪبير اختر بروهي

 

مسلمان سائنسدان

قرآن، حديث، فقه جي علم ۾ مسلمان عالمن جو ڪردار ۽ خصوصاً صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين، جيڪو حديث کي ٻڌو، گڏ ڪيو، عام مسلمانن وٽ پهچايو. ان کان پوءِ امام ابوحنيفه رضه، امام احمد بن حنبل ۽ شافعي جو ڪردار ڪنهن کان به لڪل نه آهي، پر ان کان سواءِ، مسلمان عالمن جو سائنسي علم ۾ به اهم ڪردار آهي. راجربيڪن، نيوٽن، گليلو کي سائنس جو اعليٰ دماغ سمجهيو وڃي ٿو. اصل ۾ سائنس جا باني مسلمان آهن.

علم فلڪيات ۾ مسلمانن جو ڪردار سڀ کان اهم آهي، ان مقصد لاءِ سلطنت اسلاميه بغداد، قاهره، قرطبه ۾ رسدگاهون ۽ تحقيقاتي ادارا قائم ڪيا، سيد سلمان ندوي 23 رسدگاهن جو ذڪر ڪيو آهي. بطليموس جو مشهور ڪتاب ”المجسطي“ وڏو مقام رکي ٿو. بغداد جي ماهرين فلڪيات ۽ زمين جي نظام بابت تحقيق ڪئي، جنهن کي بعد ۾ ڪو پرنيڪس ۽ ڪپلر پنهنجو ڪيو، ٻي مسلمان سائنسدان (تصديق ٿيل جدول)، ابوالوفا، علم فلڪيات جا بنيادي اصول ٺاهيا. زمين جي چوڌاري چنڊ جي گردش ۾ سج جي ڪشش سبب فرق اچي ٿو. ان باري ۾ صحيح نظريو پيش ڪيو، ۽ يورپ وارن ان نظريي جو باني ٽيڪو کي پيش ڪيو.

طب ۽ ميڊيڪل جي باري ۾ مسلمان سائنسدانن جون خدمتون ۽ ڪارناما اڻ ڳڻيا آهن. ان ۾ طبري، ابن سينا ۽ رازي جا وڏا ڪارناما آهن.

ان کان سواءِ، ابوبڪر ذڪريا رازي ماتا ۽ لاکڙي بابت .الجدري و الحسبه“ نالي ڪتاب لکيو.

هڪ ٻي مسلمان ماهر طب علي بن عباس دواسازي ۽ مختلف علاجن جي باري ۾ هڪ ڪتاب ”الڪامل الضاع الطيبة“ لکيو، ابن سينا علم طب تي ”القانون في الطب“ ڪتاب لکيو. جنهن کي علم العلاج جو انسائيڪلو پيڊيا چيو وڃي ٿو. امام زهراوي علم جراحت مثلاً: اک جو آپريشن، پٿري ۽ پيٽ جي پورو آپريشن بابت ڄاڻ آهي.

علم رياضي (Mathamatics) ۾ مسلمان عالمن جو ڪردار به اهم آهي، رياضي ۾ جاميٽري، آلجبرا جا قائدا ۽ اصول دريافت ڪيا. اڄ به طريقه شماريات، ارٿميٽڪ، ۽ خوردبيني به مسلمان سائنسدانن جا ڪم آهن. ٽرگناميٽري جي علم کي به مسلمانن متعارف ڪيو. جابر بن فلاح نالي هڪ عالم ونڊ، ضرب، جوڙ ۽ ڪٽ جون نشانيون ۽ ٻي هڪ عالم محمد بن احمد ”0“ ٻڙي علم رياضي ۾ متعارف ڪرائي.

مسلمان عالمن، علم طبعيات (Physics) جي شعبي ۾ جيڪي نظريا پيش ڪيا. عرب عالمن کي فزڪس جو باني چيو وڃي ٿو. فزڪس ۾ ابن الهيشم روشني بابت صحيح نظريو پيش ڪيو. البيروني مختلف ڌاتوئن، سون، چاندي، ٽامي جو وزن دريافت ڪيو، ابن سينا روشني، حرڪت، قوت، حرارت ۽ آواز بابت جامع تحقيقات ڪئي.

علم ڪيميا (Chemistry) ۾ مسلمانن علم ڪيميا جي بنيادي جزن جي ڳولا ڪيائون، پوٽاشيم، ايمونيا سلفيٽ، سلورنائيٽ جي تياري کي متعارف ڪيو. جابر بن حيان علم ڪيميا ۾ تجربا ڪيا.

بهرحال، جيڪڏهن مسلمانن کي سائنس جو باني چيو وڃي، ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي. پر افسوس جو اولهه وارن غلط اثر ويهاري، مسلمانن کي سائنس جو مخالف چيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com