سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

پيارا ٻارو،

مئي مهيني ۾ محرم الحرام جو مهينو به شروع ٿي چڪو آهي. محرم الحرام مهيني کي جيڪا حيثيت حاصل آهي، جو هن مهيني ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ٻاهتر (72) ساٿين سان گڏ، يزيد جي لشڪر سان جنگ ڪئي هئي، ڇو ته يزيد، حڪومت جي بانور ۾ اچي اسلام جي اصولن تان ڦري ويو هو، ۽ هو هڪ جابر حڪمران ٿي پيو هو. ڪوفي جي عوام، امام حسين کي خط لکيا ته دين اسلام کي بچائڻو اٿو ته اچو، اسين اوهان جي هٿ تي بعيت ڪنداسين.

امام حسين، اهو پيغام ٻڌي، عراق طرف روانو ٿيو. اها خبر جڏهن، يزيد کي پئي ته ماڻهن کي هيسائي ڇڏيائين ۽ ڪربلا جي ميدان تي امام حسين جو سوين فوجي لشڪر سان گهيرو ڪرايائين.

امام حسين، سان 40 ماڻهن ۾ ڪي ٻار ۽ عورتون به هيون. پر امام حسين يزيد تي بعيت ڪرڻ بدران مقابلو ڪيو ۽ ساٿين سميت شهيد ٿي ويا.

اڄ محرم مهيني ۾ سندس قرباني کي سنهري لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو آهي. ۽ يزيد تي ملامت ڪئي ويندي آهي.

ٻارؤ، مئي مهيني کي به اهميت آهي، ڇو ته پهرين مئي تي آمريڪا (شڪاگو) جي مزدورن پنهنجن جائز حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي مزدور شهيد ٿيا. پر انهن مڙسي ڪري پنهنجا حق حاصل ڪري ورتا. انهيءَ ڪري پهرين مئي تي پورهيت، شڪاگو جي پورهيتن جي ياد ۾ جلسا ۽ جلوس ڪڍندا آهن.

ٻارؤ، ٻاراڻو مواد اهو نه آهي، جنهن ۾ رڳو ڪهاڻيون ۽ مدي خارج مضمون هجن، هي رسالو نڪري ئي انهيءَ لاءِ ٿو ته اوهان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪجي. اسين ڪوشش ڪري، توهان لاءِ اهڙو مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪريون پيا. جنهن ۾ توهين ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪري سگھو. توهين پڙهو ۽ پروڙيو توهين ان سان مستقبل جا سٺا اديب، سائنسدان، انجنيئر، ڊاڪٽر ٿي سگھو ٿا. جي ڪنهن ٻار جو مضمون نه ٿو ڇپجي ته ان کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، وڌيڪ مطالعو ڪرڻ گهرجيس، اميد ته هن پرچي ۾ اوهان کي تبديلي محسوس ٿيندي. رسالو پڙهي پنهنجن خيالن کان آگاهه ڪندا.

اوهان جو چاچا:

اڪبر جسڪاڻي

 

 

لطيفي لات

 

جھيڙو لاهه يزيد، علي جي اولاد سين،

سا نه پسندين عيد، جا هوندي مير حسين سين.

هي بيت شاهه ڀٽائيءَ جي رسالي مان آهي. هي بيت سُر ڪيڏاري جي داستان چوٿين جو، ٻيو بيت آهي.

سمجهاڻي:لطيف سائين يزيد کي مخاطب ٿي چوي تو ته: ”اي يزيد، علي سائين جي اولاد سان جنگ ۾ تون حقيقي خوشي حاصل ڪري نه سگهندين، جا خوشي ابد تائين امام حسين کي حاصل ٿيندي.“

واقعي، اڄ به ماڻهو حسين ۽ سندس ساٿين جي جنگ کي حق جي جنگ چون ٿا ۽ يزيد تي ڦٽڪار وجهن ٿا، ۽ امام حسين ۽ ساٿين کي ساراهين ٿا. جن (اسلام) سچ خاطر قرباني ڏني، سندن نالو اڄ به هر زبان تي آهي-

(ڪلياڻ آڏواڻي)


 

ارشاد علي اوٺو

صوفي شاهه عنايت شهيد

سنڌ سوين سورهيه ۽درويش پيدا ڪيا آهن. جن مان صوفي شاهه عنايت به هڪ آهي. صوفي شاهه عنايت 1065هه مطابق 1655ع ۾ ملتان ۾ پيدا ٿيو. صوفي صاحب مخدوم فضل الله جو پٽ ۽ مشهور درويش مخدوم صدو لانگاهه جي اولاد مان هو.

صوفي شاهه عنايت، ملتان ۾ هڪ ڪامل درويش ۽ ڄاڻو شمس شاهه وٽ ڪجهه وقت رهيو. ان جي صحبت ۾ علم پرايائين.ان ئي درويش جي معرفت پاڻ وڌيڪ جستجو لاءِ ٻاهر سفر جو سانڀاهو ڪيائين. صوفي صاحب ڪجھ ساٿين سان گڏجي پهريائين ايران ويا.  ڪجھ وقت اتي رهي، پوءِ عراق پهتا. ان کان پوءِ هندستان پهتا، جتي عبدالملڪ برهانپوري کان علم ادب سکيا ۽ ان کان متاثر ٿي، سندس مريد ٿيا. ڪجھ وقت اتي رهي پوءِ مرشد کان اجازت وٺي، سنڌ پهتا.

پهريائين ٺٽي ۾ رهيا. ان کان پوءِ جھوڪ ميران پور اچي رهيا.

صوفي شاهه عنايت، انسانيت جو قائل هو. هو غريبن، مسڪينن سان محبت ڪندو هو. ان ڪري ڪيترائي ماڻهو، سندس مريد ٿيا. جن ۾ مسلمان به هئا، ۽ غير مسلمان به هئا. صوفي صاحب مذهبي ڪٽر پڻي جي خلاف هو. جنهن ڪري اتي جا وڏيرا ۽ پير، جن کي صوفي صاحب جي اچڻ ڪري نقصان پهتو هو، ۽ هو مذهب جي آڙ ۾ انسانيت جو رت پي نه ٿي سگھيا، اهي صوفي صاحب جا دشمن ٿي بيٺا، جن ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو سجاده نشين پير عبدالواسع، حمل جت، نور محمد پليجو ۽ ٻيا شامل هئا.

اهي وڏيرا ۽ پير گڏجي وفد ٺاهي، سنڌ جي گورنر مير لطف علي خان سان مليا ۽ گورنر کي ڪوڙ بدوڙ ٻڌائي؛ اجازت وٺي جھوڪ ميرانپور تي حملو ڪيو، جنهن ۾ صوفي شاهه عنايت جا ٽيهه پنجٽيهه فقير شهيد ٿي ويا. اهو ظلم ڏسي عوام ۾ وڏيرن ۽ پيرن خلاف نفرت وڌي وئي ۽ صوفي صاحب جي مريدي ۾ اضافو ٿيندو رهيو.

صوفي صاحب فقيرن جو هڪ وفد ٺاهي، گورنر ڏي انصاف لاءِ موڪليو، پر گورنر وٽان ڪو به کڙتيل ڪونه نڪتو، پوءِ اهو وفد، دهلي مغل شهنشاهه فرخ سيد ڏي ويو، جتي وفد شهنشاهه سان ملي سڄي ڳالهه بيان ڪئي، شهنشاهه سنڌ جي گورنر ڏي لکيو ته عبدالواسع، حمل جت، ۽ نور محمد پليجي وارن جي زمين جا ٽڪرا مقتولن جي وارثن کي خون بها طور ڏنا وڃن، جڏهن اهي زمينون مقتولن جي وارثن کي مليون، ته حمل جت، عبدالواسع ۽ نور محمد پليجو گڏجي يار محمد ڪلهوڙي وٽ ويا، سنڌ جو گورنر اعظم خان ٿيو آهي. اسان سان ان وٽ گڏجي هل، يار محمد ڪلهوڙو هنن سان گڏ گورنر اعظم خان وٽ دانهين ويو.

گورنر اعظم خان، يار محمد ڪلهوڙي جو دوست هو، هن مغل شهنشاهه فرخ سير کان اجازت وٺي 18- ذوالقعد 1129هه 13- آڪٽوبر 1717ع تي ميران پور جھوڪ تي حملو ڪري ڏنو. جنهن ۾ مغل فوج کان سواءِ وڏيرن ۽ پيرن جا پنهنجا ماڻهو به شامل هئا. هي جنگ چار مهينا جاري رهي. پر صوفي شاهه عنايت ۽ ان جي فقيرن کي شڪست ڪان آئي.

مجبور ٿي مير شهداد خان ٽالپر وڏي چالاڪيءَ سان هڪ منصوبو رٿيو، جنهن ۾ وڏيرا، پير ۽ گورنر به شامل ٿيا، هن منصوبي تحت مير شهداد خان ٽالپر ۽ محمد خان ڪلهوڙو صوفي شاهه عنايت ڏانهن قرآن شريف ميڙ ڪري، امن جا اڇا جھنڊا کڻي صلح لاءِ پهتا ۽ صوفي صاحب کي منٿ ميڙ سان گورنر وٽ وٺي آيا، ۽ اتي هلي ٺاهه ڪريون ٿا. جڏهن صوفي صاحب ڪجھ فقيرن سان گڏجي گڏ گورنر وٽ پهتو، ته صوفي صاحب کي قيد ڪيو ويو ۽ ٻين فقيرن کي شهيد ڪيو ويو ۽ جھوڪ ميرانپور تي حملو ڪيو ويو. صوفي صاحب تي تشدد ڪيو ويو، ته هو فقيرن کي جنگ بند ڪرڻ لاءِ چوي. پر صوفي صاحب صاف انڪار ڪيو، آخرڪار هن مرد مجاهد غريبن جي هڏڏوکي کي 16- صفر 1130هه، 8- جنوري 1718ع تي شهيد ڪيو ويو. صوفي صاحب شهادت وقت به مرڪي رهيو هو.

صوفي صاحب جو هي قول هو ته: ”جو کيڙي سو کائي، زمين خدا جي امانت آهي.“ صوفي صاحب جي زيارت گاهه به جھوڪ شريف ضلع ٺٽي ۾ آهي. جتي هر سال صوفي صاحب تي ميلو لڳندو آهي ۽ هزارين ماڻهو صوفي صاحب کي خراج تحسين پيش ڪندا آهن.

 

مقصود گل

پسو پکيئڙن...!

پکين جي حوالي سان شاهه جي شاعريءَ ۾ ٻارن لاءِ پيغام!

لطيف سائين اسان جي ٻوليءَ جو ٻاجھارو شاعر آهي. جنهن پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي، پاڻ ۾ پيار ۽ پاٻوهه سان رهڻ، ۽ نفرت جي ندوري باهه کان بچڻ جو پيغام ڏنو آهي.

ڀٽائيءَ اسان کي گرمي، توڙي سرديءَ ۾ محنت ڪرڻ  منزل ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جو ڏس پڻ ڏنو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اسان کي سمجھايو آهي ته، جيڪڏهن توهان سستي ۽ ڪوتاهي ڪري، ويهي رهندؤ ته پوءِ توهان ڪڏهن به ڪاميابيءَ جي زندگي گذاري نه سگهندو.

ڀٽائي صاحب جي شاعريءَ مان، اسان کي ڏاڍا سٺا سٺا سبق ملن ٿا. سندس هر بيت ڄڻ ته هڪ روشن ڏيئو آهي. جيڪو اسان کي ڪامياب زندگي سان گڏ هميشه واري عزت ۽ عظمت ماڻڻ لاءِ راهه ڏيکاري ٿو.

لطيف سائين جي شاعري جي ڪتاب کي ”شاهه جو رسالو“ ڪوٺيندا آهن. انهيءَ کي پڙهڻ سان ڏاڍو مزو به ايندو آهي ته ڄاڻ جا خزانا به ملندا آهن.

شاهه سائين اسان جو قومي شاعر آهي. جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي، انهي جي هرهڪ سونهري منظر جي تصوير پنهنجي شاعريءَ ۾ چئي آهي.

ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ثقافت، رهڻي ڪهڻيءَ کانسواءِ سنڌ جي پکين، سنڌ جي وڻن ٽڻن، گلن، ٻوٽن، جبلن، جانورن، ڍنڍن،واهن ماڳن مڪانن، سڀني جو احوال ڏنل آهي.پر احوال به اهڙي نموني سان جو انهيءَ مثال مان، اسان کي ڪونه ڪو سبق ضرور ملي ٿو.

ڀٽائي صاحب جڏهن پکين کي پاڻ ۾ ولر ڪري اڏامندي ڏٺو، تڏهن انهن جي پريت مان ڏاڍو متاثر ٿيو. وري جو اڃا ڏٺائين ته چڳڻ مهل به پکي پاڻ ۾ ڏاڍي پيار سان گڏجي انُ چُڳن ٿا، گڏجي پاڻي پيئن ٿا، گڏجي هڪڙي وڻ ۾ آکيرا ٺاهي رهن ٿا.

تڏهن کيس ڏاڍي خوشي ٿي، وري جو ڌرتي تي رهندڙ اسان انسانن تي نهارَ ڪيائين ته اسان جون هڪٻئي سان نفرتون، جنگ ۽ جھيڙا ڏسي، خون ۽ ڌاڙا ڏسي، کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. ڏٺائين ته هي انسان جيڪو وڏي شان شرف وارو آهي. اڄ پنهنجي ڀاءُ جو، پنهنجي قوم جو دشمن ٿي ڇو بيٺو آهي. انسان کي وحشيءَ جي روپ ۾ ڏسي. شاهه سائين جي دل ڏاڍي ڏکاري ٿي.ڀٽائي صاحب جڏهن اهو سڀ ڪجھ ڏٺو، تڏهن پکين کي مثال بڻائي اسان کي پيار ۽ پاٻوهه جو، گڏجي رهڻ جو، ميٺ ۽ محبت جو پيغام ڏيندي چيائين.

”وڳر ڪيو وتن، پريت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن ماڻها، ميٺ گهڻو.“

”هنج“ ۽ ”ٻگهه“ ٻئي پاڻيءَ جا پکي آهن. مگر ٻنهي پکين جي عادتن ۽ خصلتن ۾ تمام وڏو فرق آهي، ”هنج“ هڪڙو صاف سٿرو ۽ سٺين عادتن وارو پکي آهي. ۽ اهو به مشهور آهي، ته هي سمنڊ جي تري ۾ وڃي موتي چڻي ايندو آهي، هنج صاف ۽ گهري پاڻي ۾ رهندو ۽ ترندو آهي ۽ صاف نرم کاڌو، پاڻي جي ٻوٽن جا نرم نرم گونچ وغيره کائيندو آهي.پر ٻگهه، ڪني ۽ ننڍي پاڻيءَ جو پکي آهي ۽ بيٺل پاڻيءَ جي دٻن مان گند، ڪيڙا، ننڍڙي مڇي ۽ مئل جيت کائيندو آهي ۽ هي گدلو ۽ گدلي پاڻيءَ جو پکي آهي.

لطيف سائينءَ ٻنهي پکين جي عادت کي نظر ۾ رکي ”هنج“ جي سٺين خصلتن ۾ ”ٻگهه“ جي گندين عادتن کي ظاهر ڪندي، اسان ۽ توهان کي اهو پيغام ڏنو ته توهان به هميشه سٺن دوستن سان دوستي رکو جن ۾ ”هنج“ پکي جهڙيون سٺيون عادتون هجن ۽ ”ٻگھ“ واريون بدعادتون نه هجن، انهن کان پري ڀڄو.

هوش ڪري ڏس هنجڙا يار،

ٻڌج نه ٻيلهه ٻگھن سان.

اڇو پاڻي لُڙُ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،

ايندي لڄ مرن، تنهن سَرُ مٿي هنجڙا.

ڪانءُ، اسان جي سنڌ جو پکي آهي ۽ هتي گھڻو ڏٺو ويندو آهي، پر ”ڪانءُ“ کي استحصالي پکي ۽ جھيڙي ۽ لڙ جي علامت ڪوٺيو ويو آهي. هي ٻارن جي هٿن مان لولا کسڻ جي ڪري به مشهور آهي. انکان سواءِ هي ننڍن پکين کي ماريندو آهي ۽ ٻين پکين جا آنا ڀڃي ڇڏيندو آهي. انهيءَ ڪري ڪانءُ کي سخت، ظالم، بدنيت ۽ مڪار پکي ڪوٺيو ويندو آهي.

شاهه سائين نيڪ خصلت پکيءَ ”هنج“ ۽ بد مزاج پکيءَ ڪانءُ جي ڀيٽ ڪندي، اسان سڀني کي منافق ماڻهوءَ جي تصوير چٽي ڏيکاري آهي.

 

ٻاهر ٻولي هنج جي- اندر ڪارو ڪانءُ،

اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀڃي ڇو نه ڀورا ڪرين.

مور ڏاڍو سهڻو پکي آهي، اوهان به ضرور ڏٺو هوندو، مور جي من موهڻن رنگين ۽ خوبصورت کنڀن ۽ پيارن پرن جي ڪري، هن پکي کي قدرتي حسن ۽ خوبصورت کنڀن جي علامت سمجھيو وڃي ٿو. شاهه سائين به ”مور“ کي هڪ مڪمل انسان سان تشبيهه ڏيندي، جڏهن اسان مان سچن ماڻهن جي ڪمي محسوس ڪيو ته هي پيغام ڏنائين:

ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،

وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئيرن جو.

”ڪونج“ جبل جو پکي آهي. هي پکي ولر ڪري رهندو ۽ اڏامندو آهي. ڪونج کي سٻاجھڙو ۽ سُڀ وارو پکي چيو آهي. ڪونج کي امن، پيار ۽ ٻڌي جي علامت ڪوٺيو ويو آهي. لطيف سائينءَ هڪ ولر کان وڇڙيل ڪونج کي پنهنجي ساٿين سان وڃي ملڻ جي صلاح ڏئي ٿو ۽ اسان کي سمجھائي ٿو ته سدائين پنهنجي ساٿ سان گڏجي رهو ۽ اتحاد ۽ ٻڌي ڪريو، ڇاڪاڻ ته اڪيلو يا ڇڙوڇڙ ٿي رهڻ سان ماڻهوءَ جي قومي حيثيت ئي مٿاهين آهي.

وڳر ويا وهي، ڪالهه تنهنجا ڪونجڙي!

ڪندينءَ ڪوه رهي، سر ۾ سپرين ري؟

ڀٽائي ءَ سائينءَ جي رسالي ۾ اڪيچار، پرندن ۽ پکين جو احوال ڏنل آهي، جيئن ته سڀني تي هڪ وقت لکڻ سان مضمون تمام وڏو ٿي ويندو، ان ڪري مون صرف چند پکين جو احوال لکيو آهي، جن کي علامت بڻائي ڀٽائي صاحب اسان کي روشن روشن پيغام ڏنا آهن.

 

ارشاد الله ڇٽو

مختصر حديثون

ڪنهن سنت کي جيئرو ڪرڻ:- حضور ﷺ جن فرمايو، ته جنهن وقت منهنجي امت ۾ بگاڙ اچي ويندو، ان وقت جيڪو شخص منهنجي طريقن تي هلندو ته ان کي سئو شهيدن جي برابر ثواب ملندو. (بهشتي ذيور).

سجدي ۾ دعا گهرڻ:- نبي ڪريﷺ جن جو ارشاد آهي، ته سجدي جي حالت ۾ ٻانهو پنهنجي رب کي وڌيڪ ويجهو هوندو آهي، پوءِ توهان انهيءَ حالت ۾ خوب دعا گهرندا ڪريو.

حلال زوريءَ جي تلاش:- حضور ﷺ جن فرمايو، ته الله تعاليٰ، اها ڳالهه پسند ڪري ٿو، ته پنهنجي ٻانهي کي حلال زوريءَ ۾ محنت ۽ تڪليف برداشت ڪندو ڏسي. (ترمذي)

تلاش رزق جو وقت:- نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، ته رزق جي تلاش ۽ حلال ڪمائيءَ لاءِ صبح سوير ئي هليا ويندا ڪريو، ڇو ته صبح جي وقت ڪمن ۾ برڪت ۽ ڪشادگي ٿيندي آهي. (طبراني)

قرض ڏيڻ جو ثواب:- رسول الله ﷺ جن فرمايو، ته مون معراج واري رات، بهشت جي دروازي تي لکيل ڏٺو ته خيرات جو ثواب ڏهه حصا ملندو آهي ۽ قرض ڏيڻ جو ثواب ارڙهن حصا ملندو آهي. (بهشتي ذيور)

بيمار جي غذا:- حضور ﷺ جن فرمايو، ته بيمارن کي کائڻ پيئڻ تي مجبور نه ڪريو، ڇو ته الله تعاليٰ انهن کي کارائيندو آهي. (جامع ترمذي)

ماکيءَ جو اثر:- رسول الله ﷺ جن فرمايو، ته جيڪو شخص، هر مهيني ۾ ٽي دفعا صبح جو ماکي چٽي ته اهو ڪنهن وڏي تڪليف ۽ بيماريءَ ۾ مبتلا نه ٿيندو. (مشڪوات)

موت کي ياد ڪرڻ:- رسول اللهﷺ جن فرمايو، ته موت کي ياد ڪريو ۽ ان شيءِ کي ياد ڪريو، جيڪا دنيا جي لذتن کي ختم ڪندڙ آهي. (جامع ترمذي)

ڪوڙ ڳالهائڻ: حضور ﷺ جن فرمايو، ته جڏهن ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، ته رحمت جو فرشتو سندس ڪوڙ جي بدبوءِ کان هڪ ميل پري هليو ويندو آهي. (جامع ترمذي)

خاموشي اختيار ڪرڻ:- رسول اڪرم ﷺ جن فرمايو، ته انسان کي جيڪو درجو خاموش رهڻ سببان حاصل ٿئي ٿو. اهو سٺ سال جي نفلي عبادت ۾ به حاصل نٿو ٿئي. (مسڪوات)

 

جوهر بروهي

جوهي

سدا سونهن واسيل سڄڻ سنڌ آ،

اسان لاءِ ماکي مکڻ سنڌ آ.

وڻي روح کي دادو وارو ضلعو، سدورو سٻاجهو آ سارو ضلعو.

آ ضلعي ۾ جوهي وڏو تعلقو، ڪيان ڳالهه ان جي ٻڌو ٻالڪو.

اول ”جوهي“ وڏو هڪڙو شهر آ، هتي سانجهه ويلو ڀلو پهر آ.

اڳيان کير ٿر جو جبل سلسلو، جوهي ڪاڇي کي بخشي پيو ولولو.

هيو تعلقو هي ڪراچيءَ سان هڪ، وري لاڙڪاڻي جي ورتائين ڀڪ.

جڏهن سنڌ ۾ دادو ضلعو جڙيو، ته جوهي جواُن ساڻ رشتو جڙيو.

ته اولهه ۾ خضدار واريون حدون اتر منجهه ڪي اين شاهه سرحدون.

۽ اوڀر ۾ دادو جو جادو منتل، ڏکڻ ڏانهن سيوهڻ جبل آ تتل.

آ جوهي ۽ دادو جو رستو وڏو، ته ڇنڊڻ اچي وچ ۾ اي دوستو.

ٻيو رستو آ ڀان جوهي سندو، حسڻ شاهه منڇر ۾ ناهي سنڌو.

وڏي شرف سان ٿرڙي جادو شهيد، سڄو منهنجو ساڻيهه آهي سعيد.

وڃي رستو ڪاڇي ڏي هر پار کان، لنگهياسين اسان ايف. پي بند تان.

ڏسون واهي پانڌي جي نيشان ڏي، هلون ٽوڙ، ٽنڊو رحيم خان ڏي.

هتان رستو گذري ٿو گورڪ جبل، ٻيو رستو ويندو آ ڪچرڪ جبل.

پڪو شهر جو هي جو ٽائون آ، هتي عام راڄوڻو قانون آ.

ته يونين ڪائونسلون ٿو ڳڻيان، سڄي لوڪ ۾ آ محبت مڻيان.

”ڇني“، ”ٽوڙ“، ”ڊرگ بالا“، ۽ ”ساوڙو“، ”رحيم خان ٽنڊي“ ڏي هيڪر لڙو.

آ ”پٽ گل محمد“ ۽ ”ڦلجي وليج“، ”بهاولپور“؛ ”ڪمال خان“ سان دل جي هيج.

وڏو واهه هٿ جوهي بيراج آ، امن ساڻ آباد هي راڄ آ.

جڏهن مند ۾ هت نيون ٿيون اچن، نيون يادگريون پيون ٿيون اچن.

تُڪي، سول ۽ گاج يا انگئي، نُکي ۽ مياڻي نيون هي سڀئي.

وهن واهه هر مند ۾ گاج کان، سي اٺ واهه آهن نه نالا لکان.

چڱو آهه تعليم وارو نظام، آ ”سائنس ڪاليج“ جو اهتمام.

تعليم ۾ ڇهه هاءِ اسڪول هن، جتي ڇوڪرا ٿا ختابي ٿين.

نياڻين جو هڪ هاءِ اسڪول آ، ته تعليم سڀ جو متو مول آ.

تعلقي ۾ اسڪول آهن هزار، ٻه ٽائيپ سينٽر، مدرسا به چار.

پراڻي سڀيتا هتي عام جام، سوين شخص سڏجن پيا نيڪ نام.

ڪلوئي، ڪوٽيرو، ماڙي کڙ دڙو، ميرن ڪوٽ، ڪارو ڪوٽ، گول ٺل، گهڙو.

هيرو خان آٺل جو نشان، ماڻڪ ڪوٽ، ميرڻ ”ڏئي جيئدان.

رکي انگريزن به ”حُر ڪيمپ“ هت، ڏسون گوربنديون وري تيرڀت.

ٽٽي تير ڀت ڪاڇو سارو ٻڏو“ وڇايو وزيرن طمع جو تڏو.

ٿيون تربتون گواهه اتهاس لئه، مڙهيون مقبرا سونهن هن ڊاس لئه،

گاجي شاهه تي ميلو هر سال جو، الهداد، بهليل، ميرڻ لال جو،

آندل شاهه سان گڏ مشائخ جو پير، مڙئي ڪاڇي واسي وفا جا اسير.

وڏي علمي تاريخ جو ڏيهه آ، ”ابونصر“ حاذق“ سندو ڇيهه آ.

ڀلو آهه ”مدهوش“ شاعر ڀلو، ۽ ”طالب لغاري“ آ دلبر ڀلو.

سڃاڻو ٿا ”جسڪاڻي اڪبر“ ادا، مرتب آ ”گل ڦل“ جو اي دلربا.

آ ”غمگين يامين“؛ ”ميهر فقير“، ۽ ”نقاد“، ”عارف“، ”لياقت“،”همير“.

”سڪندر به سرواڻ“ سڏجي پيو، صحافت سان ”عاجز“ سنورجي پيو.

”درياهه خان“، ”هارون پنهور“ ادا. پڙهون ڏات ٿا جن جي اڪثر ادا.

ڏني ڏيهه جوهي جي مون کي تميز، سدا ياد آ ”ڪنگراڻي عزيز“.

هتان جي صحافت سڄي سنڌ ۾، رکي مان عزت سٺي سنڌ ۾.

اچي ياد ”راهي چنا“ واهه جو، ادب ۾ وڏو نالو همراهه جو.

مٺا ماڻهو آهن هتي ڪيترا، سي ڪاڇي جي واري ذرن جيترا.

لکون گيت ڌرتي جي خاطر اسان،

وساريو هي ”جوهر بروهي“ متان.

ادارو

 

دنيا جون مکيه عمارتون ۽ اڏاوتون

تاج محل:

تاج محل جي تعمير 1632ع ۾ شروع ٿي. سن 1647ع ۾ پوري ٿي. ان کي ٺاهي پورو ڪرڻ ۾ 22 ورهيه لڳا. ويهه هزارن مزدورن روز ڪم ڪيو. مٿس، انهيءَ زماني ۾ چاليهه لک رپيا خرچ آيو.

تاج محل 634 وال ڊگهي ۽ 334 وال موڪري هڪ مستطيل پلاٽ تي ٺهيل آهي. سڄو سفيد سنگمرمر جو ٺهيل آهي. ٽن سون ورهين کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کان پوءِ به دنيا جي سڀ کان سهڻي عمارت آهي.

تاج محل، مغل بادشاهه، شاهجهان پنهنجي راڻيءَ ممتاز محل جي سڪ ۾ سندس تربت جي مٿان اڏايو هو. جمنا نديءَ جي ڪناري تي بيٺل آهي. شاهجهان  بادشاهه جي مرضي هئي، ته ان جو آمهون سامهون جمنا نديءَ جي ٻئي ڪپ تي ڪاري سنگمرمر مان اهڙي ئي عمارت پنهنجي مقبري لاءِ پڻ ٺهرائيندو. پر سندس اها خواهش پوري ڪانه ٿي، جو پُٽس، اونگزيب، کيس قيد ڪري، پاڻ بادشاهه بنجي ويٺو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين پيءُ کي قيد ۾ رکيائين. البت، مٿس اها مهرباني ڪيائين، جو مُئي کان پوءِ، کيس ممتاز محل جي پاسي ۾ دفن ڪرايائين.

چين جي ڀت:

چين جي ڀت، جنهن کي اردو اخبارن ۾ ”ديوار چين“ ڪوٺيندا آهن، حضرت عيسيٰ کان پنج سو ورهيه اڳ، چين جي بادشاهن ٺهرائي هئي. اها ڀت چار هزار ميل ڊگهي آهي ۽ ايتري موڪري آهي، جو ان مٿان چار گهوڙيسوار قطار ۾ پهرو ڏيئي سگهن ٿا. زمين کان ان جي اوچائي سورنهن وال آهي. سڄي پٿر مان ٺهيل آهي. چين جي اُتر ۾ اڏيل آهي. ڪٿي ڪنهن ميدان مان وڃي ٿي، ڪٿي جبلن مان وڃي ٿي، ڪٿي ماٿرين مان، ڪٿي وري جهنگلن ۽ ٻيلن مان وڃي ٿي.

چين جي ڀت انسان جي هٿن جي هڪڙي ئي اهڙي اڏاوت آهي، جيڪا خلابازن کي چنڊ تان ڌرتيءَ تي نظر آئي هئي.

چين جي ڀت، چين ۾ بادشاهن منچوريا ۽ منگوليا جي خاندبدوش ڦورو قبيلن جي حملن کي روڪڻ لاءِ ٺهرائي هئي. ان جا اڏاوت ۾ هزارين مزور پورهيو ڪندي مري ويا. هينئر چين جي ڀت، تاج محل ۽ مصر جي اهرامن وانگر دنيا جي ستن عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي.

مصر جا اهرام:

مصر جا اهرام، دنيا جي عجائبات ۾ ستين نمبر تي شمار ڪيا وڃن ٿا. انساني اڏاوت جو عجب مثال آهن، بنيادي طور مصر جي بادشاهن جي مقبري طور تعمير ڪيا ويا هئا. انهن بادشاهن کي فرعون ڪوٺيو ويندو هو. اهرامن جي اڏاوت فرعونن جي چوٿين نسل کان پوءِ شروع ٿي اهرامن ۾ وڏي ۾ وڏي جو نالو ”عوفو، آهي، اهي اهرام هڪ وارياسي ميدان ۾ آهن. دنيا مان هزارين ماڻهو انهن کي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن. سڀني ۾ دلچسپ اهرام هڪ اهڙيءَ شڪل جو اڏيل آهي، جو منهن ماڻهوءَ جو اٿس ۽ بدن شينهن جو. سڀ اهرام پٿر مان ٺهيل آهن، ۽ جاميٽريءَ ۾ انساني ڪاريگريءَ جو ڪمال آهن.

روم جو اسٽيڊيم:

پراڻي زماني ۾، جيڪي وڏيون وڏيون شهنشاهتون قائم ٿيون، تن مان هڪڙي روم جي هئي. قرآن ڪريم ۾ انهيءَ جو ذڪر آهي روم جي بادشاهن کي ”سيزر“ ڪوٺيو ويندو هو. انهن مان ڪي سخت ظالم هوندا هئا. جيئن، اڄ ڪلهه سنڌ ۾ ڪي وڏيرا رڇن ۽ سوئرن تي ڪُتن جي بڇ ڪرائيندا آهن، تيئن اهي هڪ ننڍي ٿيئيٽر ۾، قيدين کي پڙ ۾ ڇڏي، کين هٿن ۾ ڏڦا ڏيئي، مٿن ٻن ٽن ڏينهن کان بکايل شينهن ڇڏيندا هئا. پوءِ انهن جي ويڙهه جو ويهي تماشو ڏسندا هئا.

روم جي بادشاهن کي راندين لاءِ سهڻا اسٽيڊيم ٺهرائڻ جو شوق هوندو هو اهڙو وڏي ۾ وڏو اسٽيڊيم شهنشاهه ويسپاسين ٺهرايو هو، جيڪو ڇهن ايڪڙن ۾ آهي ۽ منجهس پنجاهه هزار ماڻهو ويهي رانديون ڏسي سگهن ٿا.

ايفل- ٽاور:

فرانس جي سڀ کان سهڻي شهر پئرس ۾ اڏيل آهي. هي مُنارو 1889ع ۾ ٺهيو. سڄوئي لوهه مان ٺهيل آهي. ان جو معمار ايفل نالي انجنيئر هو. ايفل ٽاور 984 فوٽ آهي. 1930ع تائين دنيا جي اوچي ۾ اوچي اڏاوت هو.

پسا جو منارو:

هي منارو اٽليءَ ۾ پسا نالي شهر ۾ آهي. 54 ميٽر ڊگهو آهي. 1174ع ۾ ان جي اڏاوت شروع ٿي. 1375ع ۾ ٺهي پورو ٿيو. اٺ-ماڙ منارو آهي. جڏهن پهريون ئي ماڙيون ٺهي پوريون ٿيون، ته بار جي ڪري منارو زمين جي هڪ پاسي جهُڪي پيو، باقي ماڙيون پوءِ اڏيون ويون. پر ٽي سو سال گذرڻ جي باوجود، منارو پنهنجيءَ جاءِ تي، اڃا صحيح سالم صورت ۾ بيٺو آهي، ۽ دنيا جي عجب عمارتن مان سڏجي ٿو.

قطب منارو:

قطب الدين ايبڪ نالي غلام گهراڻي جي هڪ بادشاهه دهليءَ جي ٻاهران ٺهرايو هو 72 ميٽر ڊگهو آهي. منارو ۽ ان جي پاسي واري مسجد جي اڏاوت سن 1196ع ۾ پوري ٿي.

قطب منارو سڄي هندستان پاڪستان ۾ مشهور آهي، ان جي اڏاوت کان متاثر ٿي، اڪبر بادشاهه جي هڪ امير، مير معصوم، جيڪو سنڌ جو هو، پنهنجي اباڻي شهر سکر ۾ هڪ منارو ٺهرايو. اهو هاڻي مير معصوم جو منارو سڏجي ٿو. منجهس 84 ڏاڪا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com