سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر، ڊسمبر  1998ع

باب: --

صفحو :3

حسين جي ٻي هڪ نرالي خصوصيت اها آهي ته هُو پنهنجي گفتگوءَ ۾ قرآني آيتن جو صحيح صحيح استعمال ڪندو آهي. پنهنجن ساٿين سان کيڏڻ مهل کين آيتن جا دليل به ڏيندو آهي جيتوڻيڪ اهي يقين ڪونه سمجهندا آهن.

مثال طور هڪ دفعي سندس ڀاءُ هن کي مار ڏيڻ لاءِ ڊوڙندو ٿي آيو. حسين پيءُ کي چنبڙي پيو ۽ هي آيت پڙهيائين.

”اسان بچايوسين (موسيٰ) کي فرعون ۽ سندس ٽولي جي ظالماڻن ڪرتوتن کان.“

۽ اشارو ڪري چيائينس ته مون کي پنهنجي ڀاءُ ۽ هن جي ظلم کان بچاءِ،

ننڍڙي محمد حسين جي ملاقات ايران جي اڳوڻي صدر رفسنجاني سان ٿي جنهن هن لاءِ هڪ سوکڙي تيار ڪرائي هئي. حسين جيئن ئي ان کي ڏٺو ته چيائين ته:

”....مان انهن ڏي هڪڙي سوکڙي موڪليان ٿي، جيئن ئي اها وٺن ته انهن جي رد عمل کي غور سان ڏسجو...“

هيءَ آيت سَبَا جي راڻيءَ بلقيس جي متعلق آهي، جتي سج جي پوڄا ڪئي ويندي هئي ۽ جنهن پنهنجن قاصدن کي صلاح ڏني هئي، ته مشاهدو ڪجو، جڏهن حضرت سليمان اها سوکڙي وٺي.

صدر کِلي ڏنو. زور ڏيئي چيائين ته ”محمد حسين! تنهنجو عقل نرالو آهي ۽ تنهنجي پڙهائڻ جي طريقي تي ضرور تحقيق ٿيڻ گهرجي.“

گذريل رمضان ۾ محمد حسين جي ملاقات ايران جي روحاني رهبر آيت الله خامنه اي سان ٿي. جنهن سندس پيءُ کي چيو ته:”تنهنجو پٽ تمام لائق ٻار آهي ۽ هي اسلامي انقلاب جو هڪ ثمر آهي.“

هڪ دفعي ڪجهه اخباري نمائندن محمد حسين کي فرمائش ڪئي ته هو کين ڪو نصيحت جو نقطو ٻڌائي، جواب ۾ محمد حسين هيءُ آيت تلاوت ڪئي:

....اي ايمان وارو! توهان وٽ بدڪردار ماڻهو ڪو نياپو کڻي اچي، ته پهريائين ان جي صحيح هجڻ جي تصديق ڪريو، ائين نه ٿئي ته اٻهرائيءَ ۾ ماڻهن کي نقصان پهچائي ڇڏيو. ۽ ٻئي ڏينهن توهان افسوس ڪيو ته اسان ائين ڇو ڪيو....“

16- فيبروريءَ تي برطانيه ۾ حجاز ڪاليج ۾ امتحاني ڊاڪٽورل بورڊ جي نگرانيءَ ۾ قرآن جي پنجن علمن جي متعلق امتحان منعقد ڪيو، جيڪو برطانوي يونيورسٽين جي معيار مطابق هو. محمد حسين 93 سيڪڙو مارڪون کنيون، جيڪي سڀني کان گهڻيون هيون. 19 فيبروريءَ تي ناميارن پروفيسرن ۽ مهمانن جي موجودگيءَ ۾ کيس ڊاڪٽريٽ (Ph. D. ) جي ڊگري ڏني ويئي.

محمد حُسين کي جرمنيءَ، فرانس ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي مذهبي ۽ علمي مرڪزن وٽان دعوت ناما مليا آهن ته هو سندن مُلڪن ۾ اچي، قرآن شريف بابت پنهنجن علمي لياقتن جو اظهار ڪري.

شفيع محمد

باهه ۽ ماچس جي تاريخ

باهه جو انسان سان پراڻو ۽ گهرو لاڳاپو رهيو آهي. انسان سج، چنڊ، تارن، کڙندڙ تارن، ٻرندڙ جبلن جي روشيءَ کي خوف، حيرت ۽ تجسس سان ڏسندو هو، جڏهن ڄاڻ ۽ تجربو (ڏسڻ ۽ مشاهدو ڪرڻ جو) وڌيو. باهه جي خاصيتن ۽ فائدي جي پروڙپيس ته باهه کي پاڪ هجڻ جو درجو ڏنائين. ان جو ثبوت هندومت ۾ ”اگني ديوي“ مجوسي، پارسي يا باهه جي پوڄارين ”مقدس باهه“، حضرت موسيٰؐ حضرت عيسيٰ عليه اسلام ۽ حضور ﷺ جن جي ٻڌايل مذهبن ۾ ”نور“ ”سهائي“، ”جلوو“، ۽ ”روشني“ جهڙن نالن سان سڏيو ويو. جيئن ته باهه انسان جو پراڻو ساٿي رهي آهي، تنهن ڪري انسان باهه کي سرديءَ توڙي جهنگلي جانورن جي حملي ۽ اونداهي کان بچڻ لاءِ هڪ سگهاري ۽ ڀروسي جوڳي هٿيار طور ڪم به آندو. ان کانسواءِ خوراڪ کي کائڻ جهڙو بنائڻ، لذيذ بنائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جهڙا ڪم به قديم زماني کان باهه کان ورتا وڃن ٿا. هن وقت به باهه جو روزمره جي گهريلو توڙي صنعتي ماحول ۾ تمام گهڻو واهپو ۽ ضرورت آهي. باهه، روشني ۽ گرميءَ جهڙين ٻن توانائين (طاقتن) تي ٻڌل آهي شايد سڀ کان پهريون طاقت جو ذريعو باهه هئي.

جڏهن انسان باهه جي خوبين ۽ فائدن کان چڱيءَ ريت واقف ٿيو ته انهيءَ ڪوشش ۾ لڳل رهيو ته باهه کي ڪنهن اهڙي آسان نموني حاصل ڪجي ۽ ان کي هر وقت محفوظ به رکجي. ان ڏس ۾ مختلف طريقا ۽ اٽڪلون ڪم آڻيندو رهيو آهي. چقمق جي پٿر کي لوهه سان ٽڪرائي، چڻنگ پيدا ڪري باهه ٻارڻ، ڪاٺين کي پاڻ ۾ گسائي شعلو ٻارڻ، آتشي شيشي (اپٽيل بلور) جي مدد سان ۽ سج جي روشنيءَ مان باهه ٻارڻ جهڙا طريقا ته ڪجهه ورهيه اڳ تائين به اسان وٽ سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي رائج هئا. باهه کي گهڻي وقت تائين محفوظ رکڻ لاءِ باهه کي لاڳيتو ٻرندو رکيو ويندو هو. يا وري ڇيڻن ۽ ڪاٺين کي ٻاري مٿان ڦلهيار (رک، ڇار) وجهي ڍڪي محفوظ ڪيو ويندو هو. اهو طريقو به ڪو ڀروسي جوڳو نه هو. ڪڏهن ڪڏهن ٿوري لاپرواهيءَ، سستيءَ يا مينهن ڪري باهه وسامي ويندي هئي ته وري باهه کي نئين سر ٻارڻ جو ڏکيو مسئلو سامهون ايندو هو.

انسان انهيءَ وقت کان ئي ڪنهن سولي، سستي ۽ محفوظ طريقي جي ڳولا ۾ رهيو. سندس اهائي خواهش ماچيس ۽ لائٽر ٺاهڻ جو سبب بڻي.

ماچيس جي شروعات:

سڀ کان پهريائين ۽ قديم طريقي مطا بق سخت قسم جي ڪاٺيءَ کي نرم ڪاٺيءَ سان گسائي باهه ٻاري ويندي هئي. اسان وٽ ته اڪ، کپ، ڪرڙ ۽ وونڻن جي سڪل ڪاٺين کي ڪم آندو ويندو هو. اهو طريقو ته اڃا به اڻ سڌريل ۽ پوئتي پيل قبيلن ۾ رائج آهي. ان کان پوءِ لوهه کي چقمق پٿر سان ٽڪرائي چڻنگ پيدا ڪئي ويندي هئي. اها چڻنگ ڪجهه، سڪل پنن ۽ سڪل ڇيڻي کي دکائيندي هئي. اهڙي دکيل ڇيڻي، پن ۽ ڪجهه منجهان سنها ڪک پن ۽ گاهه ٻاريا ويندا هئا. وقت گذرڻ سان گڏ ان ۾ ڪجهه سڌارو آندو ويو. چڻنگ مان دکيل ڪپهه جي مدد سان گاهه ۽ ڪاٺ جي سڪل تيلين کي سولائي سان ٻاريو ويندو هو، جن تي گندرف لڳل هوندو هو.

سڀ کان اڳ سن 1905ع ۾ پئرس شهر جي پروفيسر ٿينارڊ جي نائب ايم چانسيل، گندرف لڳل تيليءَ کي پوٽاشيم ڪلوريٽ ۽ کنڊ جي ملاوٽ لڳائي ٺاهيو اهڙيون مصالحي لڳل تيليون گندرف جي گهاٽي تيزاب جي شيشيءَ ۾ ٻوڙي ڪيميائي طريقي سان باهه ٻاري ويندي هئي.

سن 1809ع کان 1823ع تائين فاسفورس کي به مصالحي ۾ ڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي. سن 1823ع ۾ پلاٽينم جي مدد سان هئڊروجن ۽ آڪسيجن گئس کي ٻارڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي ويندي جيڪا اڳتي نه هلي سگهي.

سن 1827ع ۾ جان والٽر نالي انگلينڊ جي هڪ پساريءَ ڪاٺ ۽ پاٺي مان ٺاهيل گندرف ۾ ٻوڙيل تيلين کي ڇيڙي تي پوٽاشيم ڪلوريٽ، اينٽيمني سلفائيڊ (سرمون) ۽ کنئور جو مصالحو لڳائي ڪم آندو. اهڙي قسم جي باڪس ۾ 84 تيليون هونديون هيون. ان وقت هڪ شلنگ ۾ وڪاميو ٿي. اهڙين تيلين سان گڏ هڪ پاٺي جو ٻيڻو ٿيل ٽڪر پڻ ڏنو ويندو هو. جنهن تي شيشي جي سنهي پائوڊر جو تهه چڙهيل هو.

سن 1833ع ۾ فاسفورس (ڪم آندل) جا ماچيس ٺهڻ لڳا. اهڙن ماچيسن جي تيلين کي ڪنهن به کهري ۽ خشڪ (سڪل) شئي تي گهڻ (گسائڻ يا رڳڙڻ) سان سولائيءَ سان باهه ٻاري سگهبي هئي. ان وقت اهڙن ماچيسن ۾ اڇو فاسفورس ڪتب ايندو هو. انهن ماچيسن ۾ هيٺ ڄاڻايل خرابيون پڻ هيون.

1- ٿوري گرميءَ ۽ رڳڙ (گاٽ) سان باهه ٻاريندا هئا ۽ حادثن جو سبب بنبا هئا، ان ڪري محفوظ نه هئا.

2- اڇو فاسفورس ماچيس ٺاهيندڙ ڪاريگرن ۾ هڪ مرض جو سبب پڻ بڻيوهو.

سن 1843ع ۾ بوٽجر نالي ماڻهوءَ هاڻوڪو محفوظ ماچيس ٺاهيو، جنهن ۾ اڇي فاسفورس بدران ڳاڙهو فاسفورس ڪم آندو جنهن قسم جا ماچيس وڌيڪ محفوظ هئا. اهڙن ماچيسن جي تيلين ٺاهڻ لاءِ هيٺ ڄاڻايل مصالحو ڪم آندو.

1- پوٽاشيم ڪلوريٽ 2- اينٽيمني سلفائيڊ، 3- ڳاڙهو فاسفورس، 4- ريڊليڊ، 5- پوٽاشيم ڊاءِ ڪروميٽ گِلو (کنئور جهڙو مصالحو) ۽ رنگ.

دٻي يا باڪس جي پاسي تي پڻ خاص قسم جو مصالحو لڳايو ويندو آهي. اهڙي مصالحي لڳل پاسي تي تيلي گسائڻ سان باهه ٻاري سگهبي آهي.

ماچيس جا قسم:

1- لوسيفر ماچيس

2- محفوظ پر ڪنهن به خشڪ ۽ کُهِري سطح تي گسائڻ سان ٻرڻ وارا.

3- محفوظ ماچيس (هاڻوڪا عام) پهريان ٻئي قسم ڪنهن به سڪل ۽ کهري مٿاڇري تي گسائڻ سان ٻري پوندا.

ٽيون قسم بلڪل محفوظ آهي. هن قسم جي ماچيس ۾ تيلين کي اهڙو مصالحو لڳائبو آهي، جيڪو صرف خاص مصالحو لڳل سڪل ۽ کهري سطح تي گسائڻ سان ٻاري سگهبو.

هاڻي ته ڊگهين تيلين وارا ۽ وڌيڪ خاص مصالحا لڳل ماچيس پڻ اچن ٿا، جن جي تيلي چڻنگ نٿي ڪيرائي تمام جلدي وسامي به نٿي، رک (ڦلهيار) به نٿي ٺاهي. اهڙين تيلين لاءِ بنيادي مصالحو ته عام محفوظ ماچيسن وارو هوندو آهي، پر ان کان سواءِ ميڻ ۽ تيل به استعمال ڪيا ويندا آهن.

تيلين جي تياري:

تيليون ڪاغذ، پاٺي ۽ ڪاٺي مان ٺاهيون وينديون آهن. سمبل جي وڻ (بمباڪس) ۽ انب جي وڻ جي ڪاٺي استعمال ٿئي ٿي. اهڙي ڪاٺ مان ننڍيون ۽ هڪ جهڙيون تيليون ٺاهڻ لاءِ آٽو ميٽڪ مشينون استعمال ٿين ٿيون. جيڪي تمام تيزيءَ سان ٿوري وقت ۾ گهڻيون ٺاهي سگهجن ٿيون. فاسفورس جي خريد، وڪري، ماچيس ۽ اهڙي قسم جي باهه لڳائڻ (ٻارڻ) وارين شين ٺاهڻ لاءِ سرڪار کان اڳواٽ منظوري وٺي نهايت ضروري آهي.

هڪ عام محفوظ رواجي ماچيس جي تيلين ۽ باڪس لاءِ هيٺ ڄاڻايل ترڪيب وارو مصالحو ڪم ايندو آهي.

دٻي (باڪس) جي پاسي تي لڳائڻ وارا مصالحو:

1- ڳاڙهو فاسفورس 9 حصا

2- لوهه جو سلفائيڊ (پائوڊر) 7 حصا

3- شيشي جو ٻورو (پائونڊر) 3 حصا

4- گِلو (چنبڙائيندڙ) مصالحو 1 حصا

تيلين جي ڇيڙي (چوٽيءَ) تي لڳڻ وارو مصالحو ۽ ان جي ترڪيب:

1- جلد باهه پڪڙڻ واريون شيون: مثلن اينٽيمني ٽراءِ سلفائيڊ.

2- آڪسيجن ڏيندڙ شيون:

پوٽاشيم ڪلوريٽ

3- ڳاٺ پئدا ڪندڙ ۽ باهه کي روڪڻ واريون شيون:

چاڪ ۽ شيشي جو پائوڊر.

4- چنبڙائيندڙ: کنئور يا گِلو.

وڪرو ٿيندڙ ماچيس.

ڪاروباري مقصد لاءِ ماچيس.

(چونڊ: اياز حسين چانڊيو)

محمد اسماعيل عرساڻي

ڪِيولِيون يا ماڪُوڙيون

ڪِيوليون ڪنهن نه ڏٺيون هونديون؟ گهٽين ۾ گهرن ۾ جتي ڪٿي سندن واسو آهي، ڌرتيءَ ۾ سنها سنها ٻِر ٺاهي انهن ۾ هزارن لکن جي ڳاڻيٽي ۾ رهن. ماڪوڙيون آهن ته هڪ ننڍڙو جِيوُپر ڪم وڏا ٿيون ڪن. سندن پاڙا به ٽي آهن: هڪڙيون تمام ننڍيون سنهيون ڳاڙهيون ڄَئِين وانگر، ٻيون وڏيون پيٽ پُٺي ڪاريون ٿئين ۽ ٽيون اڇيون. انهن اڇين کي اڏوهي به ڪوٺين، انگريزيءَ ۾ کين ”وائيٽ ائنٽس، چون. پهريون ۽ ٻيو پاڙو هرڪا اها شئي، جا ماڻهو کائين، سي سڀ شيون کائين. باقي اڇيون ماڪوڙيون يا اڏوهي ڪاٺ ۽ ڪاڳر جي دستين سان هاڃا ڪريو ڇڏين. درن دروازن جي ستياناس ڪريو ڇڏين ۽ ڪتاب ٽُڪي ڇيهون ڇيهون ڪريو ڇڏين. ان ڪري انهن جي بچاءُ لاءِ ڪتابن ۾ نم جا پن ۽ تماڪ جا پن وجهبا آهن، درن درين کي ڏامر لڳائبو آهي ۽ دفتر جي ڪاٺ جي گهوڙن جي پيرن هيٺان پاڻيءَ جون ڪونڊيون ڀري رکبيون آهن ته ڌرتيءَ تان مٿي چڙهن ته پاڻيءَ جي ڪونڊين ۾ ٻڏي وڃن.

سنهيون ڳاڙهيون ماڪوڙيون ته جنهن شئي تي چڙهيون، ان جا ڀاڱا ڪڍيو ڇڏين. کنڊ ۽ ٻين مٺين شين جهڙوڪ ماکيءَ جون ته ويري آهن، ڪنهن جي ڪپڙي يا هند تي ڪا مٺي شئي ڪري ته اتي به چڙهي وينديون ۽ ماڻهوءَ کي چڪن سان سُڃائي ڊٻڙ ڊٻڙ ڪريو ڇڏين. وري جڏهن اهي هند يا ڪپڙا اُس ۾ سڪائجن، تڏهن وڃي ڀرم ڀري ٿئي. وڏيون ڪيوليون وري اناج لاءِ ڪال آهن، سندن ٻِر کوٽي ڏسبا ته اندر ڍڳ ان جا گڏ ڪري رکنديون آهن. اهوسڀ اَن ڍوئي اچي پنهنجي ٻرن ۾ ڏکئي ٽاڻي لاءِ گڏ ڪري رکنديون آهن. جڏهن مينهن جي موسم ۾ يا سياري جي ڏاڍن سيئن ۾ ٻاهر نه نڪرن ته پوءِ پنهنجو گڏ ڪيل اَن ويهي چس سان کائين هي ڪوڙيون اورچ به هڪڙيون ئي آهن. اورچائي ته اسان ماڻهن کي به انهن کان سکڻ گهرجي . ڪم ڪرڻ کان بنهه ٿڪجن ئي ڪين. سارو ڏهاڙو توڻي رات پيون اَن ڍوئينديون آهن.

اسان پنهنجي سنڌي ڪتاب ۾ هنن ماڪوڙين بابت هڪ بيت پڙهيو آهي، جو هت لکان ٿو:

گُڻ عجب آهي اورچائيءَ سندو،

آدمي جيڪو اورچائي ڪندو.

من گهُريا مطلب انهيءَ ٿيندا نصيب،

هن اورچائيءَ جو ڦل آهي عجيب.

ٿوري ٿوري ڪم منجهان ٿيندو گهڻو، جيئن ٿو بڻجي ڍڳ، رکي هڪ هڪ ڪڻو. جيتڙن ۾ پڻ اورچائي ڏسو، ٿا ذري مان ڪيو وجهن ڪيڏو قصو. ڏس اورچائيءَ ۾ ماڪوڙين جو حال، هڪڙي ماڪوڙي سندو ٻُڌ جو مثال: هڪڙو واريءَ جو دڙو ڪٿ هو پيو، تنهن کي ننڍڙي ڪئليءَ پئي ڍوئيو. ڪنهن ماڻهوءَ چيس اي ڪئلي غريب! ڇو پئي ڪرين تون هي پورهيو عجيب؟ چيائين مون کي دل گهرئي سنگتيءَ چيو، ان چوڻ تي هي اٿم پورهيو ڪيو. تنهن تي ماڻهوءَ کي لڳو ڏاڍو عجب، چيائين اي ڪئلي، سُڻج تون هي سبب: وات ۾ تون ٿي کڻي ٿورو ذرو، ڪيئن کُٽائيندينءَ ڀلا ايڏو دڙو؟ تنهن تي ڪئليءَ چيس هيءَ ڳالهه سُڻ، مون ۾ ته آهي اوچائيءَ جو گُڻ . ڪم ڪرڻ کان ٿينديس ڪڪ مُور ڪين، جي مُيس ته به چوندم آفرين! آفرين! تائين بيت جي صورت ۾ لکڻو آهي. هي ماڪوڙيون وري وير – وٺُو به ڏاڍيون ٿينديون آهن. اوهان ٻي هڪ آکاڻي به پڙهي هوندي. جا آهي ”نانگ ۽ ماڪوڙيون“ هڪ نانگ ڏهاڙي ماڪوڙين جي ٻِرن وٽ اچي ماڪوڙيون کائيندو هو. هڪ گهمري اهو نانگ در مان ٿي لنگهيو ته رهڙجي پيو، کل ڇلجي پيس ۽ رت وهڻ لڳس. ماڪوڙين کي به سُڌُ پئجي وئي هنن کي به هئا ساڙ سي چڙهي ويس ۽ چڪي چڪي ساهه ڪڍي ڇڏيائونس. چوندا آهن ته ”ڪنهن به ساهه واري کي نه ڏکوئجي.“ ڪڏهن انهن جي بُل ۾ اچي وڃبو ته اڳيون پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندا، تنهنڪري ڪنهن کي به نه ڏکوئجي.ڏسو ته ماڪوڙيون ويچاريون ڪيڏيون نه ننڍڙيون آهن ۽ اسان جي پيرن ۾ پيون لتاڙجن. اسان جا ٻار به چچي ٽنڊڻ يا ڏينڀوءَ کان ڊڄندا ، پر ويچاري هيڻي ماڪوڙيءَ کي مارڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. سچ ته هيڻن تي سڀڪو ايندو ٿو رهي، پر پاڻ کان ڏاڍي سان هٿ ئي نه اٽڪائيندو!

ويچارين ماڪوڙين کي اکيون ٿين ئي ڪونه. سندن سُنگهڻ واري اندري ڏاڍي تکي هوندي آهي. هلنديون وينديون ۽ گهر جي ڇت تي به جيڪڏهن ڪا شئي سنگهيائون ته هڪ ٻئي پٺيان ڊهاڙا ڪري ناسون هڻنديون وينديون ۽ اتي وڃي پهچنديون. سنگهر ڪري هلڻ ماڪوڙين کان ته ڪو سکي، ڏسڻ جي سگهه نه اٿن ته سنگهڻ جي سگهه خدا ڏاڍي ڏني اٿن. چوندا آهن ته ”نانگ جو پير، ڪيوليءَ جي اک ۽ ملان جو دان پُڃ ڪنهن به نه ڏٺو آهي!

اسان کي هر هڪ ننڍڙي شئي مان ڏاهپ سکڻ کپي. الله سائين ڪا به وٿ بنا ڪم جي پيدا نه ڪئي آهي. ڪيوليءَ جي ڪمن تي ڌيان ڏبو ته اسان کي ڪيتريون ئي ڳالهيون ڏسڻ ۾ اينديون.

آزاد مير محمد ڪليري

اسان جو ڍانچو

پيارا ٻارؤ! جهڙي طرح گهر جي ڀِتين ۾ سِرن سان گڏوگڏ يا سيمينٽ ۽ ڇت تي پڙڇ يا لوهي شيخون ۽ مسالو نه هجي ته گهر بيهي نٿو سگهي نه ئي اهو زمين تي پنهنجو توازن قائم رکي ٿو سگهي. اهڙيءَ طرح: جيڪڏهن اسان جي جسم ۾ ”هڏائون پنڃرو“ نه هجي ها ته اسان به زمين تي بيهڻ ۽ هلڻ چلڻ جي لائق نه هجون ها.

هڏن کان سواءِ اسان جي جسم ۾ مُشڪون، سَنڌ ۽ سڻڀ (چرٻي) وارا گهرڙا (Tissues) اسان جي ڍانچي کي مڪمل ڪن ٿا. مٿي کان و‎ٺي کُڙي تائين اسان جي جسم ۾ ڪُل ٻه سؤ ڇهه (206) هڏا آهن. اهي هڏا شڪل ۽ بناوت جي اعتبار کان مختلف ٿين ٿا. اسان جي ٻانهن ۽ ٽنگن جا هڏا ڊگها ٿيندا آهن. هٿن ۽ پيرن جي آڱرين جون هڏيون ننڍيون، پر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هونديون آهن، اهڙيءَ طرح مٿي ۽ ڪُلهن جون هڏيون هڪ ٻئي سان جُڙيل هونديون آهن. هڏا ٻاهر ان سخت سفيد ۽ چمڪدار نظر اچن ٿا، پر انهن جي اندر هڪ نرم گودي سان (نرِيءَ جي اندر واري شيءِ) ڀريل هوندي آهي، جنهن کي مِک به چئبو آهي.

رت جا ڳاڙها جُزا، جيڪي ڳاڙهي رنگ جي مِکُ مان ٺهن ٿا. ڊگهن گول هڏن (جنهن کي نَري به چئون ٿا) جي وچ واري حصي ۾ پيلي رنگ (Yellow) جي مِکُ هوندي آهي. جنهن کي اسان جسم يا هڏن جي اندر سڻڀ يا وَههُ جو محفوظ ٿيل ذخيرو به چئي سگهون ٿا.

هڪ ڀَڳل هڏو پنهنجو پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پر بهتر ائين ٿيندو: ته جڏهن هڏو ڀڄي پوي ته علاج لاءِ ڪنهن قابل ڊاڪٽر يا هڏين جي ماهر سان مشورو ڪيو وڃي، جيڪو ڀَڳل هڏي جي چوڌاري ڪاٺ جون پٽيون ڏيئي پٽو چاڙهي ٿو. ۽ ڊاڪٽر وري، آپريشن ڪري اسٽيل جون پٽيون هڻي، سَنڌَ ملائي ڇڏيندا آهن، ۽ انهن جي مٿان پٽو چاڙهي ڇڏيندا آهن. انهيءَ عمل سان هڏي کي سهارو ملي ٿو، ۽ اهو ٽٽل هڏو جلد ٺيڪ ٿي وڃي ٿو. اوهان جون هڏيون پاڻ ۾ مختلف طريقن سان ڳنڍيل ۽ جڙيل هونديون آهن. جتي ٻه هڏيون هڪ ٻئي سان گڏجن ٿيون، ان جڳهه کي اسان ”سنڌُ“ چئون ٿا.

اسان جي هڏن ۽ سَنڌن کي به مشين جي پُرزن يا اوزارن وانگر سڻڀ جي ضرورت پوي ٿي، پر اسان جو جسم پنهنجن هڏن لاءِ پاڻ سڻڀ پئدا ڪري ٿو، جنهن سان اسان جي جسم جا هڏا آساني سان چُرپُر ڪري سگهن ٿا. اسان جا سنڌَ ۽ رڳون جسم جي مختلف قسمن جي حرڪت ڪرڻ م يعني اسان کي جُهڪڻ، شين کڻڻ، ڪهيون ٻڌڻ ۾ فوري طور تي حرڪت يا مدد ڪن ٿيون.

اسان جي جسم جا هڏا رڳن سان ڍڪيل هوندا آهن. رڳون جسم جي ٻين حصن وانگر پڻ گهرڙن مان ٺهن ٿيون، جسم جي اندر مختلف شڪلين ۽ بناوت وارا هڏا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪن ٿا، رڳن جا سڀ گهرڙا هڪ ئي قسم جو ڪم ڪن ٿا. جڏهن رڳون پاڻ ۾ ملي هڪ ٻئي کي ڇڪين ٿيون ته اُهي ڇڪجي سخت ٿي هڏن کي ڇڪين ٿيون. جنهن جي ڪري انهن هڏن ۾ حرڪت پئدا ٿئي ٿي. جيڪي رڳون جسم جي ڪنهن عضوي يا هڏي کي ڇڪن ٿيون، اُهي ان کي ڌڪي نٿيون سگهن، پوءِ اهي مشڪون جسم کي حرڪت ڏيڻ لاءِ ٻين رڳن سان ملي ڪري ڪم ڪن ٿيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com