راشدي صاحب اڳتي وڌيڪ لکيو آهي:”اڳي تعليم ٻن قسمن
جي هئي، هڪ محفلي مجلسي ۽ ڪتابي، جيڪا بزرگ ويهي
پاڻ حافظ ۽ مثنوي جا شعر وغيره پڙهي ۽ ڪچهريون ڪري
ڪندا هئا. ٻي تعليم هئي نوڪريءَ جي سلسلي ۾، نوڪري
واريءَ تعليم لاءِ مشهور اهو ٿيو ته ”بابا، ٻارن
کي
اسڪول ۾ پڙهايو، ته نوڪري ملي.“ اسان کي ڇاڪاڻ ته
نوڪريءَ جي ضرورت ڪانه هئي، تنهنڪري به اسڪول ۾
ڪونه وياسين ۽ اسڪول ۾ انڪري به نه وياسين جو ڳوٺ
جي پسگردائيءَ ۾ ڪو اسڪول نه هو، اسان لاءِ ڏاڏي
مرحوم مسجد ۾ مدرسو تيار ڪرايو هو، جنهن ۾ ئي
پڙهياسين. پرپڳ ٻڌڻ جي نوبت نه آئي. اسان ٻنهي
ڀائرن جي رسمي تعليم ان ڳوٺاڻي مدرسي تائين محدود
آهي، اڳتي جيڪي علم حاصل ڪيوسين. سو پنهنجي شوق ۽
جفاڪشيءَ سان.“
راشدي صاحب جي وڏيءَ ڀاءُ، پير علي محمد راشدي
پنهنجي ابتدائي تعليم وارن ڏينهن کي ياد ڪندي لکيو
آهي ته: ”اسان جي والده مرحومه جي زور ڀرڻ تي حسام
الدين ۽ آءٌ وري ريلوي اسٽيشن جي بابوءَ کان ٿوري
”گٽ مٽ“ سکڻ جي ڪوشش ڪندا رهياسون. اها ريلوي
اسٽيشن اسان جي ڳوٺ کان ڏيڍ ٻه ميل پري هئي. اسان
جي سواريءَ لاءَ بجلي نالي هڪ ننڍي گهوڙي خريد ڪئي
ويئي. جنهن تي چڙهي اسين اسٽيشن وڃڻ لڳاسون. اڳيان
آءٌ ۽ منهنجي پٺيان حسام الدين، جيئن اڄڪلهه
اسڪوٽر تي سواريون ويهنديون آهن. اها گهوڙي فقط ٻه
ڳالهيون ڄاڻندي هئي. مُنهن ۾ لغام پوڻ کان پوءِ
پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجيءَ رفتاري سان ڀڄڻ، يا وري
ڀڄندي ڀڄندي ساوڪ کي ڏسي بيهي رهڻ (۽ اسان جو
سنديس
پٺيءَ تان زمين تي ڪرڻ). ڪچي رستي
تي هر روز مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيڻ ته ڪا ڳالهه نه هئي،
پر ڊپ لڳو ته متان ڪنهن پڪي رستي تي ڪري پنهنجا
هَڏ گُڏ نه ڀڃائي ويهون. ان اسڪيم جي ناڪاميءَ جو
ٻيو سبب هيءُ هو ته انهيءَ بابو صاحب جي علمي ڄاڻ
تمام ننڍڙي هئي، جنهنڪري ٿورن ئي ڏينهن ۾ انگريزي
لفظن جو اسٽاڪ ختم ٿي ويو هو. تنهنڪري فيصلو ٿيو
ته علم جي ڳولا ۾ ٻاهر نڪرڻ بند. ٿي سگهي ته گهر ۾
ئي ويهي ٿورو پڙهجي نه ته الله بس باقي
هوس.“
هُو وڌيڪ لکي ٿو ته : ”هڪڙي ڏينهن حسام الدين راند ڪندي ڪندي منهنجي ڪمر ي ۾ اچي انهن ڪتابن سان کڙاند ڪرڻ
لڳو. مون کيس دَڙڪو ڏنو. ”اڙي ڄَٽ، تون منهنجن
ڪتابن کي هٿ نه لاءِ.“ هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ هيئن
چوندو هليو ويو، ”آءٌ
ڄَٽ
آهيان؟ چڱوادا.“
ان واقعي کان پوءِ، هن جي طبيعت ۾ وڏو انقلاب آيو.
هن رانديون رهڻ ۽ ڳوٺ جي ٻارن سان رلڻ هڪدم ڇڏي
ڏنو. اڳي کان وڌيڪ منهنجي ويجهو آيو ۽ هر ان شيءِ
۾ دلچسپي وٺڻ لڳو: جنهن ۾ مون کي دلچسپي هئي. ماٺ
ميٺ ۾ هرڪا ڇپيل شيءِ پڙهڻ لڳو. جيڪو پڙهيل لکيل
ماڻهو مليس، تنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري ڪانه ڪا ڪم
جي شيءِ حاصل ڪرڻ لڳو. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ
لالٽين رکي ڪي نه ڪي پيو پڙهندو هو ۽ دير تائين
پڙهندو رهندو هو.“ (ٻارؤ: ان عظيم انسان جي
زندگيءَ جي مختصر احوال مان اسان کي اهو سبق ملي
ٿو، ته مسلسل محنت ۽ پنهنجي ڪم جي سڃاڻپ، انسان کي
ڪيڏو بلند درجو عطا ڪري ٿي!)
عرفان علي انصاري
عظيم مصور- صادقين!
فن جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو پنهنجو
حُليو بگاڙي، وار وکيري، اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندا آهن ته اُهي جينيس آهن يا وري ڪنهن اهڙي
تخيلاتي دنيا ۾ محو آهن.
جو کين سندن بگڙيل حالت جي ڪا به پرواهه ڪانه آهي.
اهڙوئي هڪ شخص، جنهن جا وار وکريل هئا ۽ جيڪو
پنهنجي ٺاهه ٺوهه کان بي
نياز هو. سو ملڪ جو مشهور چترڪار صادقين هو.
هرڏيکاءُ کان مٿاهون، هر وقت فن جي دنيا ۾ گم، هن
پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن ڏاهو يا فهم و فراست جو مالڪ
قرار نه ڏنو. جيتوڻيڪ هو اهو سڀ ڪجهه هو ۽ پاڻ
پنهنجي فن ۾ پڻ ڪمال مهارت رکندو هو.
صادقين يوپي (اُتر پرديش، انڊيا) جي شهر امروها ۾ 1930ع ۾ ڄائو،
سندس وڏا قرآڪ پاڪ جي ناميارا ڪاتب ۽ خوش نويس
هئا، کيس به ساڳيو ئي پيشو ورثي ۾ مليو. صادقين
مذهبي ماڻهو نه هو، پر هميشہ قرآني آيتن جي ڪتابت
ڪندو هو. سندس، گهڻائي ۾ ڪاوشون ڪتابت ۾ ٿيل آهن،
جيڪي بيحد مقبول ٿيون. 1974ع ۾ اسلامي سربراهي
ڪانفرنس ۾ سندس ٺاهيل تغرن ۾ مسلمانن کي متحد ٿي
رهڻ جو پيغام ڏنل هو. سندس تصويرن ۾ خدا جو نُور
بکندي نظر ايندو آهي، صادقين، چمڙي، ڪاٺ،
ڪپڙي ۽ سنگمرمر جي ٽڪرن تي ڪتابت ڪئي آهي.
هڪ ڀيري ان فن جي باري ۾ هن چيو هو: ”هي فن منهنجي
رڳن ۾ ستن پيڙهين کان شامل آهي. اها آرٽ جي خدمت
آهي، مان مذهبي ماڻهو نه آهيان، پر منهنجي ڪتابت
۾ فلاسافي آهي. آئون فقط ڪاتب ناهيان، پر منهنجي
ڪيل ڪتابت ۾ ڪيترويون ئي شيون لڪل هونديون آهن.
صادقين جي لاءِ اهو ڪٿي به ڄاڻايل ڪونهي، ته هن
ڪنهن ڪاليج يا اسڪول ۾ تعليم ورتي هئي. ڪن ماڻهن
جو خيال آهي ته هن 1948ع ۾ آگره يونيورسٽي مان
ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته ٻين جو چوڻ آهي، ته هن وٽ
ڪنهن به قسم جي ڪابه ڊگري نه هئي. هو پيدائشي ڏات
ڌڻي هو. جڏهن هو جوان ٿيو، ته هن پنهنجي فن جي
شروعات آل انڊيا ريڊيو تان خوش نويس يا ڪاتب جي
حيثيت سان ڪئي. واندڪائي جي وقت ۾ هو برطانيه جي
خلاف ۽ پاڪستان جي فائدي ۾ دهلي جي گهٽين ۽ ديوارن
تي نعرا لکندو هو ۽ پاڪستان جو نقشو ٺاهيندو هو،
جنهن جو هن کي معاوضو ڏنو ويندو هو. جڏهن هو
پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان آيو، ته هتي کيس ڪير
به ڪونه سڃاڻيندو هو. 1950ع کان 1960ع واري ڏهاڪي
۾ صادقين پنهنجين تصويرن جي نمائش ڪرائي. تنهن کان
پوءِ هن گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ عمارتن جي ڀتين تي
چٽسالي ڪئي ۽ تصويرون پڻ ٺاهيون. 1958ع ۾ هو گهر
جي ويجهو بيٺل ٿوهر جي گلن جي محبت ۾ گرفتار ٿي
ويو. صادقين جي لاءِ ٿوهر جا گُلَ ”زندگي جي فتح“
جي علامت طور هوندا هئا. ۽ پوءِ هن ٿوهر جي زندگي
وانگر ٻين جي زندگي جي رهبري ڪئي. جنهن جي ڪري
سوَن جي تعداد ۾ ٿوهر جي مختلف رخن تي سندس ٺاهيل
تصويرون ملنديون.
1960ع ۾ صادقين هڪ وڏو نالو بڻجي چڪو هو، اخبارن
هن جي
باري
۾ لکيو. 1961ع ۾ فرانس طرفان هن کي
Laurate Winner
ڏنو ويو. اهو ايوارڊ انهن فنڪارن کي ڏنو ويندو
آهي. جيڪي ننڍي عمر ۾ وڏو ڪم ڪندا آهن. جهڙي طرح
صادقين 35 سالن جي عمر ۾ پاڻ ملهايو.
سندس چترڪاري جي نمائش آمريڪا، سوئيٽزرلينڊ، فرانس
۾ پڻ ٿي، جنهن جي ڪري عالمي سطح تي صادقين جي گهرج
وڌي وئي.
هن ڪراچي جي اسٽيٽ بئنڪ- پي. آءِ. اي. (فرانس ۾)
لائوسين (سُس نيئر) ۽ لاهور ميوزيم ۾ حيرت ۾
وجهندڙ پينٽنگس ٺاهيون آهن. جن کي ڏسندي صادقين تي رشڪ ٿيندو آهي ته هُو، ايڏو ڏکيو
ڪم، سڄي رات بنا ٿڪ ڀڃڻ جي ڪيئن ڪري سگهندو هو.
سندس اهڙو ڪم ڏسي، اٽلي جو مائيڪل اينجلوضرور ياد
اچي وڃي ٿو. صادقين جي بهترين ڪم کي
“The Saga of Labour” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جنهن جو بنياد
علامه اقبال جي انهن شعرن سان آهي، جن ۾ هن
داستانن ۽ ڪهاڻين جي بهادر ۽ شجاعت وارن ماڻهن کي
پنهنجي شعرن ۾ چِٽيو آهي. سندس اِهو ڪم اڄ به
’منگلا ڊيم جي پاور اسٽيشن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. انهيءَ
ڪم لاءِ، هن پنهنجون 71 راتيون ۽ 70 ڏينهن ڏنا، ۽
انهيءَ تخليقي ڪم هلندي هو مشڪل سان ئي ستو هوندو.
صادقين شاعري به ڪئي، هڪ ڀيري هن چيو:”منهنجون
سڀئي تصويرون ۽ منهنجي سڄي شاعري، منافقت جي
مخالفت ۾ آهن.
هن عظيم چترڪار جي طبعيت وزير هال ۾
Mural
ٺاهيندي اوچتوئي اوچتو خراب ٿي وئي، ان ڪم جي
گهڻائي دؤران ۽ صحت جو خيال نه رکڻ جي ڪري، صادقين
1987ع ۾ لاڏاڻو ڪر ي ويو. صادقين کي سندس بي مثل
ڪم بابت چترڪاري جي دنيا ۾ هميشہ ياد رکيو ويندو.
بدنصيبي سان اهڙي عظيم انسان جي باري ۾ اسان وٽ ڪو
به مڪمل ڪتاب شايع ٿيل نه آهي.
افسوس!... افسوس... افسوس!
رياض آگرو
حسين طباطبائي
1992ع ۾ ايران جي قُم شهر ۾ هڪ ٻارڙو ڄائو، جيڪو
هن وقت دنيا ۾ قرآن شريف جو ”ننڍي
۾
ننڍو حافظ“ آهي. جنهن نه فقط 5 سالن جي ننڍڙيءَ
عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو، پر ان جي آيتن جي معنيٰ
۽ مطلب تي عجب ۾ وجهندڙ عبور حاصل ڪيو آهي.
انهيءَ کان علاوه محمد حسين ٻيا ڪيترائي ڪتاب برزبان ياد ڪيا آهن، جهڙوڪ سعديءَ ۽ ڪاشانيءَ جي
شاعري، روايتي ڪتاب مثلاً اصولي ڪافي ۽ ”نهج
البلاغ.“
گذريل سال حج جي موقعي تي قرآن شريف جي قرات جي
مختلف قسمن جي مقابلن ۾، خاص طرح، هڪ رات جيڪو مڪي
۾ منعقد ٿيو، انهيءَ ٻارڙي جي انهتائي حيرت انگيز
ڪارڪردگي حاجين ۽ قارين کي، جيڪي سڄيءَ دنيا مان
اچي گڏ ٿيا هئا، حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.
حسين طباطبائيءَ جو پيءُ 30 سالن جي عمر جو آهي،
ٻڌائي ٿو ته ”اسان جي گهر جو ماحول، جتي هن جي
پرورش ٿي، اتي سندس قرآن سان واسطو ڄمڻ سان ئي
پيو. سندس والده پڻ قرآن جي حافظ آهي. حسين جي
پالنا وقت هوءَ هروقت تلاوت ڪندي
رهي
آهي
پينگهي ۾ لوريءَ وقت به تلاوت ڪندي هئي. هڪ دفعي
مان 30 سيپاري جي تلاوت ڪري رهيو هوس ته مون کي
پنهنجي پٽ کي ٻڌي عجب وٺي ويو، جيڪو اڍائي سالن
جو معصوم ٻار هو. هُو مون سان گڏ ساڳيون آيتون
پڙهي رهيو هو. زال کان پڇيم ته تو سيکاريو اٿس ڇا.
پر انهيءَ انڪار ڪيو. اسان اهو محسوس ڪيو ته جڏهن
به هن جي اڳيان تلاوت ڪجي ٿي ته هُو فورن ان کي
ياد ڪري ٿو ڇڏي.“
سعودي حڪومت جي وزير داخلا ۽ وزير نشريات محمد
حسين کان ڪيترائي سوال ڪيا ۽ ڄاڻايو ته هن جا جواب
۽ آيتن جو استعمال پوريءَ طرح درست آهن. هن جي ٻئي
نشست اعليٰ آفيسرن ۽ انهن جي گهر ڀاتين سان ٿي جن
قرآن تي سندس معجزاتي عبور جو مشاهدو ڪيو. سعودي
عرب جا ڪي ناميارا عالم ۽ قاري مسلسل ٻه ڪلاڪ حسين
کان سوال ڪندا رهيا ۽کيس پرکيندا رهيا. آخر ۾ هڪ
وڏي عالم، جيڪو حافظن ۽ قارين کي سکيا ڏيندو آهي
۽100 ڪتابن جو مصنف آهي، تنهن راءِ ڏني ته ”محمد
حسين قرآني علم جو معجزو آهي. اسلام جي تاريخ اڳي
ڪڏهن به اهڙو عجوبو نه ڏٺو آهي.“ وڌيڪ چيائين ته
جيڪڏهن مان سندس سڀئي صلاحيتون بيان ڪيان. مان
ڊڄان ٿو ته جن حافظن کيس نه ڏٺو آهي. اُهي الزام
هڻندا ته مان وڌاءُ ۽ رياڪاري ٿو ڪيان. پر مان کيس
ڏوهه نه ڏيندس، ڇاڪاڻ ته جيستائين توهان کيس نه
ڏسندؤ، يقين نه ڪندؤ.“
بقول محمد حسين جي والد،
جيڪو پڻ حافظ قرآن آهي، ته محمد حسين قرآن شريف دل
سان سکيو آهي. آيتن جي معنيٰ ۽ عبارت تي کيس ڪامل
عبور حاصل آهي.
محمد حسين چئن سالن جي عمر ۾ پڙهڻ
شروع ڪيو. هو آسانيءَ سان عربي ۽ فارسي ڪتاب پڙهي
وڃي ٿو،.
قُم ۾ فقہ جي مرڪز ۾ هي ”ننڍي ۾ ننڍو .“ شاگرد
آهي، جنهن عربي گرامر جو شروعاتي
ڪورس (صرف) اڳئي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. |