سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل نومبر 1988ع

باب: --

صفحو :2

نانگ گهڻي دير تائين ويٺو رهيو ۽ سيهڙ اندر ئي اندر لڙڪ ڳاڙيندو رهيو، پر ڪڏهن به نانگ اڳيان فرياد نه ڪيائين وقت پاڻي جيان وهندو رهيو ۽ نانگ جي واڪڙ به وڌندي وئي، نانگ وري پلٽو کاڌو ۽ سيهڙ جي گهر اندر گهڙي ويو ۽ سيهڙ کي پنهنجي چيلهه ۾ وڪوڙي چوڻ لڳس....

تو قانون جي پابندي ڇو نه ڪئي؟

تون مون کي ڪهڙي قانون جي پابندي ٿو سيکارين، آخر مون کي فرياد ڪرڻ جي همت ڇو نه ٿو ڏين؟

سائين توهان ئي ٻڌايو ته ڪهڙي مجرم کي پڪڙيان؟ ڪنهن کان انصاف گهران؟ شي شي... نانگ ڪاوڙ ۾ ڦٿڪڻ لڳو ۽ آپي کان ٻاهر نڪري ويو ۽ سيهڙ کي وات ۾ رکي هڪ ئي ڳيت ڏئي ڇڏيائين.

سيهڙ کي کائڻ کان پوءِ نانگ هڪ عام اعلان ڪيو. هن دفعي جنهن نموني سان مون سيهڙ کي ماريو آهي. اڳي کان مختلف آهي. ڇو ته هن دفعي هن جو موت ٺيڪ قانون جي سوجهري ۾ ٿيو آهي جيئن ته گرفتاري کان ويندي سزا ڀوڳڻ تائين پورو عمل قانون جي سوجهري ۾ ڪيو ويو آهي.

اوونيس تومانيان

مترجم: سليم سهتو

ڪهاڙو ڀاءُ

 

هڪ دفعي هڪ شخص روزگار جي تلاش ۾ ڏاڍو پري، هڪ علائقي ۾ ويو. هو هڪ ڳوٺ ۾ پهتو، ته هن ماڻهن کي پنهنجي هٿن سان ڪاٺيون ڀڃندي ڏٺو. ”اڙي ڀائرو“ هن چيو ”توهان آخر هيءَ ڪم پنهنجي هٿن سان ڇو ڪري رهيا آهيو؟ توهان وٽ ڪا ڪهاڙي ڪونهي ڇا؟

”اها ڪهڙي شيءَ ٿيندي آهي؟ ڳوٺ وارن هن کان پڇيو. ان شخص پنهنجي ڪهاڙي ڪڍي، ان سان ڪاٺيون ڪپي، سليقي سان ڍير لڳائي ڇڏيون. اهو ڏسي هاري ڳوٺ ۾ ڊوڙي ڊوڙي هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا.

”اڙي ٻڌو، اچو ڏسو ڪهاڙي ڀاءُ ڇا ڪري ڇڏيو آهي! ڳوٺ جا ماڻهو ڪهاڙي جي مالڪ جي چوڌاري گڏ ٿي ويا، هن جي خوشامد ڪرڻ لڳا، هن کي قيمتي شيون ڏنائون ۽ ان جي بدلي ۾ ڪهاڙي هن کان ورتائون.

انهن ماڻهن ان کي واري واري سان استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پهرئين ڏينهن ڳوٺ جي چڱي مڙس جو وارو هو. هن ڪهاڙي کي کڻي پهريون دفعو گهمايو ته اها اچي هن جي پيرن ۾ ڪري ۽ ان کي ڪٽي ڇڏيائين. هو سور جي ڪري رڙيون ڪندو، سڄي ڳوٺ ۾ ڀڄندو رهيو.

”اڙي ٻڌو ڳوٺ واروءَ! ڪهاڙي ڀاءُ چريو ٿي پيو آهي، هن منهنجي پير ۾ چڪ هنيو آهي. هاري گڏ ٿي ويا ۽ لٺين سان ڪهاڙي کي مارڻ لڳا، پر جڏهن انهن ڏٺو ته، ايتري زبردست مار جو ڪهاڙي تي ڪوبه اثر نه ٿيو ته انهن مارڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ ان جي مٿان ڪاٺين جو ڍير ڪري ان کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي ڪري باهه جا بڀڙ بلند ٿيڻ لڳا. باهه وسامي وئي ته اهي ماڻهو ان جي ويجهو آيا. خاڪ ڦولاري، انهن ڏٺو ته ڪهاڙي ڳاڙهي ٿي وئي آهي. ”صد افسوس! اهي رڙي اٿيا ”ڪهاڙي ڀاءُ کي ڪاوڙ اچي وئي آهي، ڏسو ڪيڏو ڳاڙهو ٿي رهيو آهي! ضرور اسان جي مٿان ڪا تباهي آڻيندو، هاڻي اسان آخر ڇا ڪريون، انهن ماڻهن ڏاڍو سوچ ويچار ڪري، آخر ۾ ڪهاڙي کي قيد خاني ۾ وجهي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. تنهن ڪري انهن ڪهاڙي کڻي وڃي وڏيري جي، اَن جي گدام ۾ اڇلائي ڇڏي. اَن ۾ بُهه ڀريل هو. جيئن ئي تتل ڪهاڙي بُهه جي مٿان ڪري ته، بُهه ۾ باهه لڳي وئي ۽ بڀڙ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا.

ڊڄي ڪري ڳوٺ جا ماڻهو ڪهاڙي جي مالڪ جي پٺيان ڀڳا، هن وٽ پهچي، کيس چوڻ لڳا، خدا جي واسطي واپس هلي، ڪهاڙي ڀاءُ کي سمجهاءِ!


 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

مصري جون تڙون

1.      ماڻهوءَ جي نيت پرکڻي هجي ته ان سان راند ڪجي.

2.     ڪنهن جي طبيعت پرکڻي هجي ته ان سان گڏ شڪار ڪجي.

3.     ڪنهن جي فطرت معلوم ڪرڻي هجي ته ان سان گستاخ ٿجي.

4.     ڪنهن جي ايمانداري ڄاڻڻي هجي ته گڏجي واپار ڪجي.

5.     ڪنهن دوست جو نڀاءُ ڏسڻو هجي ته وٽس پئسا امانت رکجن.

6.     ڪنهن دوست جو اعتماد پرکڻو هجي ته ان کان اڌار پئسا وٺجن.

7.     ٻارن کي رڳو سنڌي ڳالهائڻ نه پر، سنڌي لکڻ پڙهڻ به سيکاريو.

8.     ٻارن جي نفسيات ۾، سنڌي پڻ پيدا ڪريو، ڇو ته هو سنڌي آهن.

9.     ٻارن جي سوالن مان ڪڪ نه ٿيو ۽ هر سوال جو صحيح جواب ڏيو.

10. ٻارن سان ضد نه ڪريو، بلڪ کين ريجهائي سولي ڳالهه تي آڻيو.

11.  ٻار برابر مڇ جا وار، پر انهن کي پيار ۽ عزت سان اخلاقي لفظن ۾ چنڱائي ڏي ورايو.

12. ٻارن جي عزت ڪريو ته، هو به وڏائي ٿي اوهان جي عزت ڪن.

13. ٻارن سان حد کان وڌيڪ گستاخ نه ٿيو.

جرمني ڪهاڻي                        سنڌيڪار: امام راشدي

وفادارو گهوڙو

هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪ پورهيت رهندو هو. جنهن وٽ هڪ گهوڙو هوندو هو. گهوڙي تي چڙهي، هُو واپار ڪندو هو. پر گهوڙو هاڻي پوڙهو، ٿي چُڪو هو. سندس مالڪ به، اچي هاڻي ڪَڪِ ٿيو هو. ڇو ته گهوڙي ۾ اُهي جوانيءَ وارا جوهر ۽ طاقت نه رهي هئي، تنهن ڪري، مالڪ هاڻي ڪراڙي گهوڙي مان بلڪل بيزار ٿي پيو هو. هڪ ڏينهن، مالڪ پنهنجي گهوڙي کي چيو ته، ”ٻيلي هينئر تون پوڙهو ٿي ويو آهين، مان به تو مان ڦاٿو آهيان، ان ڪري تون مون وٽان نڪري وڃ، مان توکي آزاد ٿو ڪريان. جيڏانهن وڻئي اوڏانهن وڃ.“ گهوڙو مالڪ جي ڳالهه ٻڌي مايوس ٿي ويو. سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. هن مالڪ کي نهايت عاجزيءَ سان چيو، ”مالڪ! مان توهان سان ڪيترا سال رهيو آهيان، توهان جو نيمڪ کاڌو اٿم، توهان جي خدمت ڪئي اٿم. مان هاڻي پوڙهو ٿيو آهيان ته، گهر مان ڪڍو ٿا!“ ان تي مالڪ چيس ته، ”نه بابا...... تومان هاڻي مون کي فائدو ڪونهي. رهندو گهر جو گهاٽو آهي. تنهنڪري منهنجي جان ڇڏ ۽ هتان هليو وڃ.“ گهوڙو مالڪ جو رُکو جواب ٻڌي روئڻهارڪو ٿي ويو ۽ مالڪ کي منٿون ڪرڻ لڳو. مالڪ چيس ته ”آئون توکي هڪڙي شرط تي پاڻ وٽ رکي سگهان ٿو. جيڪڏهن تو ۾ جواني واري طاقت، شينهن کان به وڌيڪ موٽي اچي ته پوءِ مان توکي پاڻ وٽ رکندس.“ گهوڙو مالڪ جا اهي لفظ ٻڌي عجب ۾ پئجي ويو. وري به روئيندي، مالڪ کي چيائين، مالڪ! هاڻي مون ۾ اهڙي شينهن کان وڌ طاقت ڪيئن ايندي. مان ته هينئر بلڪل ڪراڙو ٿي ويو آهيان.“ ته پوءِ مون وٽ به تنهنجي رهڻ لاءِ جڳهه ڪونهي.“ مالڪ جو اهڙو رکو ۽ بيوفائي وارو جواب ٻڌي ويچارو گهوڙو مايوس ٿي ويو ۽ روئڻ لڳو ۽ وري مالڪ کي ستائڻ لڳو. پر مالڪ سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيائين.

ويچارو گهوڙو، روئندو روئندو، جهنگ ۾ آيو ۽ ڪي ڏينهن جهنگ ۾ پئي ڀٽڪيو. کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته هو ڇا ڪري. هڪ ڏينهن هڪ لُومڙي گهوڙي سان مِلي. گهوڙي کي پريشان ڏسي، کانئس پُڇڻ لڳي ته، ”ادا! گهوڙا! تون ايترو پريشان ڇو آهين؟ ڪوئي وڙهيو اٿئي ڇا؟؟” گهوڙي ڪنڌ سان نهڪر ڪئي. ”ته پوءِ ادا تون ايترو مُنجهيل ڇو آهين؟“ لومڙي وري کائنس پڇيو. ”بس ادي پنهنجي قسمت تي پريشان آهيان.“ گهوڙي ڳوڙها وهائيندي چيو، ”ادا آهي ته خير. آخر ڇا ٿيو آهي؟ ٻڌاءِ ته سهي؟ ٿي سگهي ٿو مان تنهنجي پريشاني دور ڪريان.“ لومڙي کيس زور ڀريندي چيو. گهوڙي لومڙيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي ڪجهه سرهو ٿيو،پوءِ ٿورو سوچي، گهوڙي، لومڙيءَ کي مالڪ جي بيوفائي جو سمورو داستان ٻڌايو.

لومڙي گهوڙي جو سمورو قصو ٻڌي، گهري سوچ ۾ پئجي وئي. کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته، هوءَ گهوڙي جي ڪهڙي مدد ڪري؟ ٿوري دير سوچڻ کان پوءِ، لومڙي کي هڪ اٽڪل سمجهه ۾ آئي. هن گهوڙي کي چيو، ”ادا گهوڙا! مون کي هڪ اٽڪل ذهن ۾ آئي آهي. جيڪڏهن ان تي عمل ڪرين ته تنهنجي اُجڙيل زندگي ۾ بهار موٽي ايندي. جيڪڏهن اها اٽڪل ناڪام وئي ته ٻنهي جي جان خطري ۾ پوندي.“ گهوڙي لومڙيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي. سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي. هن لومڙيءَ کي چيو، ”ادي جلدي ٻڌاءِ، ڪهڙي اٽڪل آهي اها؟“

”ٻڌايائين ٿي، پر ڳالهه ٻيلي مَڃڻي پوندءِ. جي نه ته، پوءِ تنهنجي مرضيءَ. لومڙي کيس تنبيهه ڪندي چيو.

”ادي تون خاطري ڪر. رڳو ٻڌاءِ ته سهي نه؟“ گهوڙي بيتاب ٿيندي چيو. ”پوءِ ٻڌ! تون هت، بلڪل اهڙي طرح سمهي رهه، ڄڻ ته مري ويو آهين. صفا چُرڻ پُرڻ بند ڪجانءِ جي چُرندين ته ناحق ٻئي ڦاسنداسين.“ لومڙيءَ گهوڙي کي تاڪيد ڪندي چيو.

پر ائين ڪرڻ سان ٿيندو ڇا؟“ گهوڙي، لومڙيءَ کان وضاحت گهري. ”سڀ ڪجهه ٿيندو. تون رڳو ماٺ ڪري سمهي رهه ۽ چُرڻ پرڻ بند ڪر“ لومڙيءَ کيس اطمينان ڏياريندي چيو. ويچارو گهوڙو به لومڙي جي ڳالهه تي عمل ڪري ائين سمهي پيو، ڄڻ ته مري ويو هجي.

لومڙي گهوڙي کي سمهاري، پاڻ جهنگ ۾ وئي ۽ وڃي جهنگ جي بادشاهه شينهن وٽ پهتي. شينهن شير خدا جو غار ۾ آرامي هو. لومڙيءَ کيس سڏڻ لڳي. شينهن گَهري ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيو. کيس لڳي ته ڏاڍي ڪاوڙ، پر پوءِ لومڙيءَ کي ڏسي ڪاوڙ ڍري ٿي ويس. شينهن وڏي اوٻاسي ڏيندي، لومڙي کان پڇيو، ”ڪر خبر مائي! هن وقت ڇو اچي نازل ٿي آهين؟“

”بادشاهه سلامت! آئون اوهان لاءِ شڪار تاڙي آئي آهيان. هلو هلي تڪڙ ۾ شڪار کائو.“ لومڙي هٻڪندي، ڳيت ڏيندي، پنهنجي ڳالهه بيان ڪئي. شينهن چَپ چَٽيندي چيو، ”ڪٿي آهي شڪار؟ ڪٿي مون کي مارائينديءَ ته نه؟“ ”خير گهرو سائين! آئون ڪهڙي حيثِت رکان جو، اوهان کي مارايان.“ لومڙي پنهنجي صفائي ۾ چيو.

”چڱو چڱو، آهي ڪٿي شڪار؟ شينهن لومڙي کي رعب مان چيو. لومڙي چيو، بادشاهه سلامت جهنگ ۾ آهي، ٿورو پريان.“ شينهن به لالچ ۾ انڌو ٿي، لومڙيءَ جي پويان هلڻ لڳو. لومڙيءَ کيس سڌو آڻي، گهوڙي جي مٿان بيهاريو. شينهن مئل گهوڙي کي ڏسي مشڪڻ لڳو ۽ چپ چٽڻ لڳو.

لومڙي اٽڪل ڪندي، شينهن کي چوڻ لڳي، ”سائين لڳي ٿو ته هي شڪار شڪاري رکي ويا آهن. تنهن ڪري ٿورو ترسو. اچو هيڏانهن وڻن جي اوٽ ۾ ٿي ويهو. سرڪار! شايد هي گهوڙو به شڪاري، انهيءَ بهاني ماري رکي ويا هجن، ته جيئن اوهان کائو، ته هو توهان کي ڦاسائي وجهن.“

پوءِ هئڙو ڍوء ڇڏي ڪيڏانهن هلون.“ شينهن بيتابيءَ مان چيو سرڪار هيڏانهن وڻن جي پاسي کان اوهان هلي جهٽ کن سمهي پئو جيسن شڪاري هليا نه وڃن“ لومڙيءَ شينهن کي مشورو ڏيندي چيو.

شينهن کي لومڙي جي ڳالهه وڻي ۽ وڃي وڻن جي اوٽ ۾ اکيون بند ڪري سمهي پيو. بلڪل اهڙي طرح جيئن صفا اگهور ننڊ ۾ هجي. لومڙي وجهه وٺي، وڏو رسو کڻي آئي ۽ اچي آهستي آهستي، نهايت خبرداريءَ سان شينهن جي چئني پيرن کي اهڙي طرح ٻڌائين، جو ڄٽ شينهن، محسوس ڪندي به بلڪل نه چريو. لومڙي شينهن کي اهڙو ته مضبوطيءَ سان ٻڌو جو، شينهن ڪيترا به زور ڏئي پر جند آزاد نه ڪرائي سگهي. بيوقوف شينهن لالچ ۾ اهڙو ته ستو پيو هو جو اها خبر به نه پيس ته، هو هاڻي رسن ۾ جڪڙجي ويو آهي.

لومڙي، شينهن کي ٻڌي وڃي گهوڙي کي اٿاريو ۽ کيس سموري ڳالهه سمجهايائين، گهوڙو ڏاڍو خوش ٿيو. پر سمجهه ۾ نه ٿي آيس ته هاڻي هو ڇا ڪري؟ آخر لومڙي کيس سمجهايو ۽ گهوڙو به سمجهي ويو پوءِ گهوڙي ۽ لومڙي، شينهن کي گهلڻ لڳا. ڇڪڻ تي شينهن اکيون کوليون ۽ اٿڻ لڳو، پر اٿي نه سگهيو. جڏهن ڏٺائين ته وٺي رڙيون ڪرڻ لڳو چي. ”اڙي بد بختو، مون کي آزاد ڪريو، نه ته ٻنهي کي جيئرو نه ڇڏيندس.“ شينهن ڏاڍيون دانهون ۽ کيکڙاٽ ڪيا پر، لومڙي ۽ گهوڙي هڪ به نه ٻڌس. شينهن ويچاري کي گهليندا اچي، گهوڙي جي مالڪ وٽ پهتا، لومڙي گهر جي ٻاهران لڪي بيهي رهي ۽ گهوڙو شينهن کي گهليندو اچي گهر ۾ داخل ٿيو. شينهن کي گهلڻ ڪري ڏاڍيون رهڙون ۽ زخم ٿيا هئا ۽ سور سبب ويچارو شينهن ڪنجهي ڪڻڪي رهيو هو.

گهوڙي جي مالڪ جڏهن ڏٺو ته، گهوڙو شينهن کي گهليندو ٿو اچي ته، ڪجهه وائڙو ٿي ويو. پر ساڳي وقت خوش به ٿيو. گهوڙي اکين مان ڳوڙها وهائيندي، مالڪ کي چيو، ”مالڪ! ڏس توهان چيو هو، نه ته جڏهن تو ۾ جوانيءَ واري طاقت شينهن کان به وڌيڪ اچي ته پوءِ مان توکي پاڻ وٽ رهائيندس. اڄ ڏس توهان جو چوڻ پورو ڪري شينهن کي گهلي آيو آهيان. هاڻي ته مون کي پاڻ وٽ رهائيندا نه!

مالڪ اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اچي گهوڙي کي ڀاڪر پائي پيار ڪرڻ لڳو ۽ گهوڙو خوشيءَ جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو.

هوڏانهن لومڙي، جيڪا در جي ٻاهران بيٺي سڀ ڪجهه ٻڌي رهي هئي، تنهن اندر اچي گهوڙي کي چيو، چڱو دوست حياتي رهي ته ٻيهر ملنداسين.

باهه لڳائيندڙ ٻار

روس ۾، هڪ 13 سالن جي ٻار، سائنسدانن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڇو ته ان جي ڏسڻ سان آس پاس جي شين کي باهه لڳي ٿي وڃي ۽ اها باهه ڀڙڪو کائي وڌي ٿي. روس جي ماهر طبيعات ڊاڪٽر، وي.جي ڊريانڪن، ان ٻار کي چڱي طرح سان تپاسي ٻڌايو ته هي ٻار ذهني طور تي تمام گهڻي قوت رکي ٿو.

هن 13 سالن جي ڇوڪري جو نالو ساشا آهي. هن کي جڏهن تپاسڻ لاءِ اسپتال جي هڪ ڪمري ۾ آندو ويو ته اتي جنهن شيءِ کي ڏٺائين ٿي، ان کي باهه لڳي ٿي وئي، اسپتال ۾ افراتفري مچي وئي ۽ پوءِ ان کي هڪ خاص ڪمري ۾ داخل ڪيو ويو.

روس جي اخبار، اوروستيا جي خبر موجب، ساشا يوڪرائن جي هڪ ڳوٺ، يانا ڪيفو جو رهندڙ آهي ۽ هن جي ڏسڻ ڪري هڪ سو دفعا باهه لڳي چڪي آهي.

هن جي ڏسڻ سان نه صرف باهه لڳي ٿي، پر وزني شيون به اڏرڻ لڳن ٿيون. بجلي جا بلب ڦاٽي ٿا پون ۽ وزني فرنيچر اونڌو ٿي ٿو پوي.

ان جي امڙ ٻڌايو ته هوءَ هڪ ڀيري، بورچي خاني ۾ آيو ته فرج پهرين لڏڻ لڳو ۽ پوءِ اونڌو ٿي پيو. هن جي انهي غير معمولي قوت والدين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

روس جي رهنما گورباچوف کي، جڏهن اها خبر پئي ته ان روس جي وزارت داخلا کي حڪم ڏنو ته، ان ٻار جو علاج ڪرايو وڃي ۽ ڀل اها خبر اخبار ۾ شايع ڪئي وڃي.، اڄڪلهه ان ٻار جو ڪنهن خاص اسپتال ۾، ماهر ڊاڪٽر علاج ڪري رهيا آهن.

(سکي گهر جي ٿورن سان)

مقصود گل

الله سائين جي ڳولا

”پٽ! تون وڃي هاڻي ٻاهر گهٽيءَ ۾ پنهنجي سنگتين ساٿين سان کيڏ، ته مان وڃي سيٺين جي گهر جو ڪم ڪار لاهي اچان.“ حرمت پنهنجي پٽ کي پيار ۽ پاٻوهه مان مٿي تي هٿ گهمائيندي چيو، ”نه نه...... امان گهٽيءَ ۾ کيڏڻ نه ويندس... سڀ ڇوڪرا مون تي کلون ٿا ڪن... چون ٿا تون گندو ڇوڪرو آهين... تنهنجا ڪپڙا ڦاٽل آهن... مان کيڏڻ نه ويندس... مان توسان هلندس.“ سانول ماءُ جي ڄنگهن ۾ ڀاڪر وجهندي چيو.

حرمت ڪجهه سوچيندي چيو. نه پٽ تون وڃي کيڏ، مان جهٽ ۾ ڪم پورو ڪري موٽي ٿي اچان... اجائي سيٺياڻي رنج ٿيندي پٽ.

نه امان، نه مان توسان هلندس.... الا مان ڪجهه به نه ڪندس... ماٺ ڪري تنهنجي ڀرسان ويهي رهندس... الا! امان سيٺياڻي ڪونه ڪاوڙبي.

حرمت کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. هن سانول کي ٻانهن کان ورتو پنهنجي پراڻي گهرڙي جو در ٻيڪڙي، ڪڙو ڏيئي، ڪنڍي ۾ کوٽو ڪلف وجهي سيٺ جي گهر ڏي روانو ٿي.

سيٺياڻيءَ حرمت کي سانول سان گڏ ايندي ڏٺو ته سندس منهن تي ڪِوِ ليون گهمي ويون ۽ ڪاوڙ مان حرمت کي چيائين.

”اڙي حرمت! هيءَ به ڪا مهل آهي ڪم تي اچڻ جي“

”سائڻ ٿوري دير ٿي وئي آهي، پر منٽ ٿي ڪري وٺان ڪم کي توهان ناراض نه ٿيو.“

”هي ٻلهر وري ڇو ڪڍ لايون آئي آهين“ سيٺياڻيءَ شوخيءَ سان چيو ”جيجان! ٻارڙو آهي، پٺيان لڳي پيو، ڇا ڪيانس... مڙئي تنهن جا ٻچا آهيون... رنج نه ڪر.“ حرمت نيزاري ڪندي چيو.

سانول نماڻا نيڻ کڻي، هر سيٺياڻيءَ جي منهن ڏي هر ماءُ جي منهن ڏي نهاري ڪجهه ڳولهڻ لڳو، کيس سيٺياڻي جي منهن اونهاريجي ٽاڪ منجهند جهڙي تپش ۽ ماءُ جي منهن ۾ ڏڪاريل ٿرين جهڙي مجبوري نظر آئي.

حرمت ڪم ڪار کي لڳي وئي ۽ سانول گهمندو گهمندو بنگلي جي باغ ۾ آيو.... باغيچي ۾ سيٺياڻيءَ جو پٽ نويد، پنهنجي ڀيڻ شازيه سان کيڏي رهيو هو. شازيه ٻاراڻي سائيڪل تي چڪر ڏئي رهي هئي ۽ نويد سيلن وارو جهاز هوا ۾ اڏائي رهيو هو. جهاز  هوا ۾ چڪر پئي ڏنا ۽ نويد شازيه خوش ٿي تاڙيون وڄائي رهيا هئا.

سانول هوريان سرندو اچي باغيچي جي ڪنڊ ۾ وڻ هيٺيان اچي بيهي رهيو ۽ حسرت مان ڪڏهن ٻارڙن ڏي ته ڪڏهن سندس رانديڪن ڏي نهارڻ لڳو. سندس ننڍڙي دل ۾ ننڍڙي تمنا جاڳي اٿي ته جيڪر انهي نويد جي جهاز کي پنهنجي ننڍڙن هٿڙن ۾ کڻي ويجهڙائي سان ڏسي.

ٿوري دير کان پوءِ نويد پنهنجي هٿ ۾ جهليل هڪ ڪاري دٻي ۾ لڳل بٽڻ دٻايو ۽ جهاز هوا ۾ ڦيرا ڏيندو، هوريان هوريان اچي ڇپر تي لٿو ۽ ٻئي ڀاءُ ڀيڻ ٽهڪ ڏئي تاڙيون وڄائڻ لڳا. سانول هوريان سرندو اچي نويد ۽ شازيه جي ڀرسان بيٺو، ادا مون کي جهاز ڏسڻ لاءِ ڏيندؤ.

نويد ڪنڌ مٿي ڪري سانول ڏي نهاريو ۽ ڪاوڙ مان چيو: ”هل ڙي هل... جهاز ٿو ڏسي... هٿ ڏٺا ٿي پنهنجا.“

سانول جي ننڍڙي دل ٿوري دير لاءِ زور سان ڌڙڪي ۽ کيس ماءُ جا چيل لفظ ياد پيا” نه پٽ، تون نه هل.... سيٺياڻي ناراض ٿيندي“ ۽ هو پوئتي موٽي وڃي ساڳي جاءِ تي بيٺو تيستائين سيٺياڻي جي ٻارن کي رانديڪن سان کيڏيندي پري کان حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسندو رهيو.

ڪم پورو ڪري حرمت سانول کي ساڻ ڪري پنهنجي جهڳي ڏي واپس وري، سيٺياڻيءَ کيس بچو سچو، ماني ۽ ٻوڙ ڏنو هو، اهو پٽ سان گڏ اچي کائڻ ويٺي- ماني کائيندي سانول ماءُ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو.

”امڙ! نويد جو جهاز ڪيڏو نه سٺو هو... امان! اهو ته جائي پچائي جهازن وانگر هوا ۾ اڏامي به پيو.“

هائو پٽ! اهو وڏي سيٺ ڪاراچيءَ (ڪراچيءَ) مان پنهنجي ٻارڙن لاءِ آندو آهي.“

”امڙ اهڙو... جهاز مون کي به وٺي ڏي ني...“ سانول دل جي ڳالهه هٻڪندي هٻڪندي ظاهر ڪئي.

پٽ! اسان غريب آهيون... اهي مهانگا رانديڪا وڏن ماڻهن جي ٻارن لاءِ هوندا آهن...“ حرمت پنهنجي اداسي لڪائيندي چيو.

”امڙ ڀلا اسان غريب ڇو آهيون؟“ سانول ماءُ کان سوال پڇيو.

”پٽ! اها الله سائينءَ جي مرضي آهي، جنهن کي غريب ڪري، جنهن کي امير.“

امڙ ڀلا تو الله سائينءَ کان پڇيو آهي؟ ”ته الله سائين تو اسان کي ڇو غريب ڪيو آهي؟“

چريا پٽ! ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين؟ الله سائين کان ڪير پڇندو

هو ته مالڪ آهي نه... انهيءَ جي مرضي.“ حرمت پٽ کي ڳراٽڙي وجهندي چيو.

”نه امان نه! مان ته الله سائين کان ضرور پڇندس.“ سانول ماءُ جي ٻانهن مان پاڻ کي ڇڏائيندي چيو.

”چريا پٽ! هاڻي هلي سمهه، اهڙيون ڳالهيون نه ڪبيون آهن.“

پر امڙ الله سائين رهندو ڪاٿي آ، مون کي ڏس ته مان الله سائين کان پڇي اچان.“ سانول ضد ڪندي چيو.

حرمت کي سانول جي سوالن منجهائي رکيو. کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هوءَ پٽ کي ڪيئن سمجهائي.

پٽ کي نرڙ تي چمي ڏيندي چيائين. ”پٽ! الله سائين هرهنڌ حاضر آهي، پر توکي اهي ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون، اٿ اٿي هلي ننڊ ڪر ڏينهن تپي ويو آهي.“

حرمت پٽ کي ٻانهن کان وٺي اچي ڇنوڙيءَ تي سمهاريو ۽ پاڻ به سندس ڀر ۾ سمهي کيس پکو هڻڻ لڳي.

سانول اکيون ٻوٽيو، ماءُ جي ڀر ۾ ستو رهيو، پر کيس ننڊ ڪانه هئي هو پنهنجي ننڍڙي ذهن ۾ سوچيندو رهيو ته مان هڪ دفعو ضرور الله سائين کي ڳولي لهندس ۽ کيس چوندس ته ”الله سائين! اسان کي ڀلا ڇو غريب ڪيو ٿي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com