ڳالهه ٻولهه
پيارا ٻارؤ!
توهان کي اها خبر آهي، ته هن مهيني کي وڏي اهميت
حاصل آهي. هن مهيني يعني 12 ربيع الاول تي حضرت
محمّد مصطفيٰ ﷺ جن ڄاوا (تولي ٿيا) هئا.
پاڻ انهي دؤر ۾ پيدا ٿيا هئا، جڏهن عربستان جي
ڌرتي تي ماڻهو، هڪ ٻئي جي خون جا پياسا هئا ۽
پنهنجي نياڻين کي جيئري دفن ڪندا هئا.
حضور ﷺ جن انهن ماڻهن کي سئين راهه تي آندو ۽ اهي
وحشي انسان، پاڻ ۾ ميٺ محبت سان رهڻ لڳا.
اسان، سڀ مسلمان آهيون، پوءِ هي خون جي راند ڇو ٿي
رهي آهي. اهو سڀ ڪجهه ڪير پيو ڪرائي؟ اچو ته ان تي
سوچون ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان نفرت ڪرڻ بدران، محبت
ڪريون، ۽ هي مهينو اسان کي محبت ۽ ڀائيچاري جو سبق
ڏئي ٿو.
ٻارؤ توهان جي گهرج کي آڏو رکندي، اسان جنوري
مهيني کان رسالي ۾ ڪافي تبديليون ڪرڻ چاهيون ٿا ۽
رسالي جي سائز، اها توهان کي پسند آهي يا ڪجهه
ننڍي ڪجي، ان لاءِ پنهنجا ويچار موڪليو.
چڱو ساٿ سلامت
اوهان جو ڀاءُ
اڪبر جسڪاڻي.
ڪلياڻ آڏواڻي
لطيفي لات
اڻ چوندن م چؤ، چوندن چيو وسار،
اٽئي پهر ادب سين، پراهائي پار،
پايو مُنهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار،
مفتي منجهه وهار، ته قاضي ڪا نيارو نه ٿئين.
مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي.
هي بيت سريمن ڪلياڻ جي داستان اٺين جو 12 نمبر بيت
آهي.
سمجهاڻي:
نه چوندڙ کي ڪجهه نه چئو، ۽ چوندڙن جو چيو وساري
ڇڏ. اٺ ئي پهر (هر وقت) نياز سان، اها روش (پر)
وٺندو اچ. گوڏن ۾ ڪنڌ وجهي، مسڪيني سان گهار. اندر
م فتويٰ ڏيندڙ (ضمير) کي بيدار رک. ته پوءِ قاضي
جو محتاج نه ٿين.
معنيٰ:
پر
=
روش. مونن ۾
=
گوڏن ۾. مفتي
=
فتوا ڏيندڙ.
قاضي منظر حيات
دعا
منهنجا مولا سگهه ڏي مونکي.
سڀ ڪم ڪريان سمجهي سوچي.
هر هڪ حال کي تون ڄاڻين ٿو،
پل پل ٻاڏايان ٿو توکي.
ساههُ ڏنو ٿي ساڃِههَ ڀي ڏي،
سونهن سچائي جيڪا پرکي.
علم سان جُڳُ جُڳُ جوت وڌايان،
ڏات، ڏيا ۽ ڏاهپ ڀي ڏي.
مونکي اهڙي سمجھ عطا ڪر،
جيڪا سوڀ لئه رستا کولي.
آهي ويري جيڪو سنڌ جو،
ان کي ڇڏ تون مالڪ رولي.
امن ۽ الفت انسانن لئه،
خوب کپي ٿي هن ڌرتيءَ تي.
سبز ڪرين شل منظر سارا،
ڪوئل، بلبل جنهن منجھ ٻولي.
بدر قريشي
بجلي
مان بجلي؛ مان زندگي
اوندهه ۾ مان روشني
مان بجلي، مان زندگي.
تارن رستي مان هلان
ڪنهن کي نظر نه مان اچان
ڀُلَ ۾ ڪنهن کي جي ڇُهان
ان کي ڏاڍو شاڪ ڏيان
مان بجلي، مان زندگي.
بلبن ۾ مان ٿي ٻران
ٽيوبن ۾ چمڪي پوان
ريڊئي کي آواز ڏيان
ٽي- ويءَ ۾ تصوير ٿيان
مان بجلي، مان زندگي
فِرج ۾ هر شي ٿڌي رکان
هيٽر سان گرمي ڏيان
جيڏانهن ڀي مان ٿي هلان
اک ڇنڀ ۾ پهچي وڃان
مان بجلي، مان زندگي
جوهر بروهي
گيت
ڇنڇر ڇم ڇم جهمريون پائي
هر ڪو پنهنجو پاڻ ڪمائي
آخر اڻ تڻ اولي سولي
وڻندي ناهه پرائي ٻولي
سومر سرهو؛ ساٿ سچائي
منهنجو مرشد پاڪ ڀٽائي
اربعا اوکيون سوکيون گهڙيون
مون پڻ سنڌي پٽيون پڙهيون
خير خميس گهران ٿو جيڏا
جيڏا اٺ ته لوڏا تيڏا
جمعو جام محبت آڻي
هر ڪو ماڻهون خوشيون ماڻي
گيت پريت جا ڳائي جوهر
چاهت چنگ وڄائي جوهر
منور ابڙو
سنڌي ٻالڪ
تنهنجو شان آ ٽوپي اجرڪ
تون آن سهڻو سنڌي ٻالڪ
ساري جڳ جي سونهن ۽ سوڀيا،
دنيا جي آن ٻارن جو نڪ
علم جي لاٽ جلائي جڳ ۾
اوندهه کي هڻ دودا تون ڌڪ
ماٺيڻو تون مکڻ چاڻو
ڪين وجهين ٿو گهر ۾ ٻڙڌڪ
وک وڌائي ڊوڙي هلجان
ڏور نه آهي منزل جو ٽڪ
ڀاڳ جو ديپ منور ٿيندو
لهندءِ مڙني ڏکڙن جو ٿڪ
نياز حسين “نياز“ هيسباڻي.
نظم
اچو ته ٻارؤ هلون اسڪول
وڃايون ڀلا ڇو وقت فضول
وقت گهڻو هي قيمتي آهي
ڳالهه اهائي پختي آهي،
علم حاصل ڪريون قبول
اچو ته ٻارو هلون اسڪول
علم ادب هڪ خزانو آهي،
علم پرائڻ جو زمانو آهي
رهي اسان جو هي معمول
اچو ته ٻار هلون اسڪول
اسير ملاح
گيت
ننڍڙن ڳورن ڪارن تان
ٻلهار وڃان مان ٻارن تان
جن ۾ رنگ چمن جي خوشبوءِ
جن ۾ نيل گگن جي خوشبوءِ
جن ۾ گيت گلن جي خوشبوءِ
ڇو نه ٽڙن گلزار لڳن
ٻلهار وڃان مان ٻارن تان
نور اکين جو جڳ جيارا
ديس دلين جا راج دلارا
ست سڱيڻا ساهه سهارا
ڇو نه وڻن سينگار سڀن
ٻلهار وڃان مان ٻارن تان
هيرون هينئڙي هار پيارا
نرمل نيڻ ٺار پيارا
جنم جنم جنسار پيارا
ڇو نه ٺهن جيءَ دار جيئن
ٻلهار وڃان مان ٻارڙن تان.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
حضرت محمدﷺ جن جي
حاضر جوابي
هڪ دفعي هڪ پوڙهي مائي حضرت ﷺ جن وٽ حاضر ٿي عرض
ڪيائين: ”يا رسول الله! دعا ڪريو، ته مون کي خدا
تعاليٰ جنت ۾ جاءِ ڏي“ پاڻ ڪريم جن پوڙهيءَ جو
سوال ٻُڌي فرمايائون: ”پوڙهيون جنت ۾ نه وينديون“
اهو ٻڌي پوڙهي جو منهن ڪومائجي ويو، اهو حال ڏسي
مشڪندي فرمايائون، جنت ۾ سڀ جوان ٿي داخل ٿيندا.“
انهن لفظن ٻڌڻ سان پوڙهي عورت ڏاڍي خوش ٿي.
سندن ترت جوابي جو هڪ ٻيو مثال هن ريت بيان ڪيو
وڃي ٿو هڪ شخص وٽن عرض کڻي آيو ته يا رسول الله
مان بلڪل مسڪين آهيان مون کي هڪ اُٺ خدا واسطي
ڏياريو، پاڻ فرمايائون ته توکي اُٺ جو ٻچو ٿا
ڏيون، ان تي ان سوالي وراڻيو ته يا حبيب خدا مان
اٺ جو ٻچو وٺي ڇا ڪندس، اهو ٻڌي پاڻ ٺهه پهه
فرمايائون ته هر اٺ جو ٻچو ئي ته هوندو آهي اهو
ٻڌي سوالي مشڪندو رهيو.
آنحضرت ﷺ جن هميشہ اعتماد سان ڳالهائيندا هئا،
بهادري سان بيباڪ رهڻ، ٽهه پهه جواب ڏيڻ سچائي ۽
صفائي سان زبان هلائي ۽ رک رکا نه ڪرڻ سندن حيات
بخش پهلو هئا ۽ روزمره جي زندگي جو معمول بڻجي چڪا
هئا، پاڻ ٻارن وڏن توڙي ٻڍن سان به اڪثر ڪري
اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا جنهن مان سندن برابري حسن
اخلاق سخاوت هدايت ۽ همدردي جا سوين مثال ملن ٿا.
پنهنجي جاءِ تي علحده صفتون آهن. مگر منهن ۾ تازگي
(خوش مزاجي) ۽ شادابي هجڻ، ماڻهو کي زنده جاويد
بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون حقيقت ۾ اهي سموريون
خاصيتون انسان جي شخصيت کي نکيڙڻ ۾ مؤثر ڪردار ادا
ڪن ٿيون. اسان جي نبي سڳوري ﷺ جن ۾ اهي تمام
خوبيون موجود هيون ڇاڪاڻ ته پاڻ سڄي ڪائنات جا
رهبر ۽ هادي هئا، اهوئي سبب آهي جو سموريون سٺيون
عادتون منجهن موجود هيون.
هونئن به اهوئي انسان ڀلو ڀانيون وڃي ٿو، جنهن ۾
ٻئي لاءِ ادب احترام ۽ عزت دل ۾ سمايل آهي حضرت
محمد ﷺ جن جي حيات پاڪ، اسان لاءِ هڪ بهترين نمونو
آهي. سندن سچائي جي گفتگو جو اثر اهو ٿيو جو، کين
هر شخص پنهنجو حبيب، محبوب مڃڻ لڳو، اصحاب سڳورا
جنهن، نموني ۾ سندن ادب احترام ۽ دل جي گهراين سان
پيار ڪندا هئا، ان جو نظير، دنيا جي تاريخ ۾ ٻيو
ملي نه ٿو سگهي.
اصحاب سڳورا، ساڻن بي حد محبت رکندا هئا ۽ سندن هر
حڪم جي تعميل ڪندا هئا. ايتري قدر جو، پنهنجي شفيق
هادي تان جان به قربان ڪرڻ ۾ فخر سمجهندا هئا. هو
سندن حڪم جي بجاآوري کي الله جي فرمانبرداري
سڏيندا هئا. جان نثار اصحابي سڳورا هميشہ سندن
زبان مبارڪ ڏانهن نهاريندا هئا ۽ جيڪو به آواز
سندن زبان مبارڪ مان نڪرندو هو ان کي چٽائي ۽
صفائي جو سنيهو سمجهي عمل ڪندا هئا. جڏهن به ڪنهن
مجموعي ۾ ڳالهائيندا هئا ته سمورا حاضرين خاموش ٿي
فقط ٻڌندا رهندا هئا.
هڪ دفعي سندن وعظ دوران، هڪ ڪافر به اچي ويٺو
واپسي تي پنهنجي قوم وارن کي وڏي واڪي سڏي
ٻڌايائين ته ”خدا جو قسم مان ايران ۽ روم جي وڏن
وڏن بادشاهن جي ڪچهري ۾ ويٺو آهيان مگر، انهن جو
ڪڏهن به ايترو رعب ۽ وقار نه ڏٺم، جيترو حضرت محمد
مصطفيٰ جن جي ذات ۾ سمايل آهي. سندن جهڙو شفقت ۽
محبت رکندڙ انسان مون اڳ نه ڏٺو آهي. جڏهن هو
مسلمانن کي حڪم ڏئي ٿو، ته ان جي ادائيگي لاءِ سر
ڌڙ جي بازي لڳائين ٿا. جڏهن هو ڳالهائي ٿو ته
سمورا سندس مان ۾ حاضر ڏسجن ٿا. ڪڏهن به ڪنهن
مسلمان کي اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائيندي نه ڏٺم.
هو حاضر جواب، خوش مزاج ۽ کلمک به حد درجي جو هو ۽
کلندي کلندي مشڪل مسئلا ۽ مونجهارا حل ڪري پئي
ويو.“ ان ڏينهن کان پوءِ اهو ڪافر مسلمان ٿيو.
مڪي جي فتح (8هه) بعد هڪ عورت وٽن آئي، سندن حشمت
۽ دٻدٻي سببان، ڪوبه لفظ زبان مان ڪڍي نه سگهي،
جنهن کي پاڻ نهايت نماڻائي ۽ نوڙت سان فرمايائون
ته مان ڪو بادشاهه نه آهيان، بلڪ تو وانگي قريشن
قبيلي جي هڪ غريب عورت جو فرزند آهيان جا سڪل گوشت
کائيندي هئي، انهن لفظن عورت کي بلند اخلاقي ترت
جوابي ۽ خوش مزاجي جون بيشمار ڳالهيون اسان جي نبي
سردار ۾ موجود هيون جن عام ماڻهن کي به ڏانهن موهي
وڌو ۽ هرهڪ جي دل جا محبوب بڻجي ويا.
اسلام خوش مزاجي کي نيڪي جو درجو ڏنو آهي. قرآن
پاڪ ۾ به انهي لاءِ تاڪيد فرمايل آهي ”وقولو للناس
حسنا“ يعني ۽ ماڻهن سان سهڻي نموني ۾ ڳالهايو
آنحضرت ﷺ جن خوش اخلاقي کي صدقو سڏيو آهي. مطلب ته
جڏهن به ڳالهائجي ته منهن ۾ تازگي برقرار رکجي ۽
اخلاقي دائري ۾ رهي خوش مزاجي جو سهارو وٺڻ گهرجي
ائين ڪرڻ سان ”جيءَ خوش جهان خوش“ نظر ايندو.
حاضر جوابي معنيٰ ٺهه پهه ٺهڪندڙ جواب ڏيڻ
چين جو جديد ادب ”ڦينگ شيوئي ڦنگ“
انعام عباسي
نانگ
ننڍڙن، جانورن جي آزاديءَ ۾ ٽنگ اٽڪائڻ ۽ هروبرو
تن کي هيسائڻ جانورن جي چڱي مڙس نانگ کي اها ڳالهه
ڪجهه غلط لڳي.
هڪ ڏينهن جهنگل ۾ پاڻ کان ڪجهه گهٽ طاقت ۽ حرفت
رکندڙ جانور ۽ ڪيڙن مڪوڙن کي سڏائي، پنهنجي آڳند
تي گڏ ڪيائين، ۽ سڀني جانورن ۽ ڪيڙن ماڪوڙن کي
چيائين ”اڄ مان هڪ نئون قانون پاس ڪري رهيو آهيان
جيڪو توهان سڀني کي مڃڻو پوندو. نانگ جي آڳند تي
سڏايل مڙني ئي جانورن ۽ ڪيڙن ماڪوڙن هڪ نظر هڪ ٻئي
ڏانهن ڪجهه ڊپ منجهان نهاريو ۽ پوءِ خاموش ٽهڪ ٻڌي
پنهنجي چڱي مڙس نانگ کي نهارڻ ۾ مهو ٿي ويا. نانگ
ڪر کڻي مڙوئي جانورن ۽ ڪيڙن ماڪوڙن تي هڪ نظر وڌي
۽ سيهڙ کي نه ڏسي ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ پڇيائين: ”سيهڙ
ڇو نه پهتو آهي؟“ مڙني کي خاموش ڏسي ڪوئي پڇ
لوڏيندي چيس: ”سيهڙ جو پٽ بيمار آهي. سو ڊاڪٽر
ڀولڙي چيو اٿس ته جبل جي چوٽي تان گدڙ جون سڪل
ڦولڙيون هٿ ڪري آءَ ۽ سڪل ڦولڙن کي چار پهر پاڻي ۾
پسائي پيارينس ته چڱو ڀلو ٿي ويندو. سو سيهڙ
اوڏانهن ويل آهي. سائين ڪاوڙ معاف ڪن ته ڪوئو سک
جو ساهه کڻي ڪنهن پاسي اوسي ۾ پلٽي هڻي ويهي،“
نانگ ڏاڍو رنج ٿيو ۽ ڦوڪٽ ڪڍڻ لڳو.
آهه! ويچاري سيهڙ جي زندگيءَ به زهر ٿي وئي آهي.
مهربانو اڄ مان توهان کي ان ڪري تڪليف ڏني آهي، ته
جيئن توهان نام نهاد جانورن مان نڪري اصلوڪا جانور
بڻجي پئو، سو توهان کي اڄ مان پنهنجي پروگرام جو
پهريون اصول سيکاري رهيو آهيان ۽ توهان سڀئي واعدو
ڪيو ته ان تي پورو پورو عمل ڪندا جنهن به ٿوري به
هٿ چراند ڪئي تنهن کي سخت سان سزا ڏني ويندي.
ساٿيو منهنجو هي پروگرام ڏهن نقطن تي پٿاريل آهي،
جي نقطا توهان جهڙن بي افالن جانورن کي سيکاربا ته
ڏهه ته رهيا پنهنجي جاءِ تي، پر پوءِ هڪ جو حيلو
هلائڻ به مشڪل ٿي پوندو. سو هن وقت توهان کي ان جو
پهريون نقطو سيکارجي ٿو.
سيکڙاٺ کي ته هونءَ به ججهي محنت ئي ڪرڻي پوي. پر
توهان ڪوئي ٻالڪ ٿوري آهيو ماشاءَ الله توهان ته
ٻارن ٻچن جا وارث ٿي چڪا آهيو، تڪليف ته نه ٿيڻ
گهرجي توهان کي اصلوڪو جانورن بنائڻ لاءِ جيڪو
پروگرام ڏنو اٿم، تنهنجو پهريون نقطو هي آهي.
ڪوئي به جانورن ڪنهن ٻئي جي گهر در کڙڪائڻ بنا نه
ٿو لنگهي سگهي ۽ جنهن جانور ان قانون جي ڀنڃڪڙي
ڪئي ته تنهن کي هڪ ئي ڳيت ڏيندس، نانگ وري زوردار
ڦوڪٽ ڀريو ۽ پوءِ انهن سڀني جانورن کي پنهنجي
گهرڙن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ملي. سڀني جانورن ۽ ڪيڙن
ماڪوڙن جهڪي پنهنجي چڱي مڙس کي سلام ڪيو ۽ پنهنجي
گهرن ڏانهن رمندا اٿيا....
رات گذري، پرهه پاسا ورائڻ لڳي، نانگ ننڊ مان سجاڳ
ٿيو ۽ ٻر کان ٻاهر نڪتو، تڏهن سج ڪني ڪڍي چڪو هو،
نانگ سڌو سيهڙ جي گهر اچي سلام ماليڪم ڪيو. سيهڙ
پنهنجي جهنگ جي چڱي مڙس کي ائين تڪڙو ايندو ڏسي،
سو اڳتي وڌي ڏاڍي گرم جوشي سان سندس آجيان ڪئي ۽
وٺي اچي پنهنجي گهر جي مٿانهين هنڌ تي ويهاريائينس
۽ طرح طرح جون مهربانيون مڇڻ لڳو. نانگ ڳالهين ئي
ڳالهين ۾ سيهڙ کان سندس پٽ جي طبيعت به پڇي ورتي ۽
اهو به ٻڌايائينس ته ڪالهه مون سڄي جهنگل جي ڪيڙن
ماڪوڙن ۽ جانورن کي ڪٺو ڪري، اهو قانون پاس ڪيو
اٿم ته ڪوئي به جانور ڪنهن ٻئي جانور جي گهر در
کڙڪائڻ بنا نه ٿو وڃي سگهي. سيهڙ کي پنهنجي چڱي
مڙس جي ڪيل ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ سري هن پنهنجي چڱي
مڙس جي چيلهه کي زور ڏيڻ لڳو. چي... پڳدار مان
توهان جو ٿورائتو آهيان. جو توهان منهنجي دل وٽان
ڳالهه ڪئي نانگ چپ چاپ اٿيو ۽ پنهنجي ٻرڙ ڏانهن
هليو ويو.
ٻئي پل نانگ وري واپس آيو ۽ سيهڙ کي چيائين ”سيهڙ
ٻڌ هن دفعي مان تنهنجي گهر بنا پڇا لنگهي آيو
آهيان، پر جي ائين ٻيهر بنا پڇڻ لنگي اچان ته پوءِ
توکي پورو پورو حق ملندو ته تون مون کان پڇا ڳاڇا
ڪري سگهين ٿو....
نانگ اهو قانون ته پاس ڪرايو، پر کيس سيهڙ تي شق
ٿي پيو ته سيهڙ شايد ئي ان مان فائدو حاصل ڪري، ان
کي اهو به خيال ٿيو ته سيهڙ کي ان تي جيڪا بي
اعتمادي آهي، سا به شايد ختم ٿي ويندي. جي سيهڙ جي
آزمائش ڪئي وڃي....
سو نانگ ڄاڻي واڻي، سيهڙ جي گهر در کڙڪائڻ بنا
لنگهي ويو ۽ جهڙپ ڏيئي سيهڙ جي پٽ کي ڏنگ هڻي
ورتائين ۽ پوءِ جلدي واپس ٿي در تي سيهڙ جو
اوسيئڙو ڪرڻ لڳو ته ڪڏهن ٿو اٿي فرياد ڪري.... |