ننڍڙي شهزادي وراڻيو: ”توهان ٺيڪ ٿا چئو، مگر
توهان کي پنهنجي پکيءَ کي اجازت ڏيڻ نه گهرجي ها
ته هو اچي اسان جي باغ جا سونهري صوف چورائي.
توهان کي خبر آهي ته ان ڪري منهنجي پيءُ کائڻ پيئڻ
به ڇڏي ڏنو آهي.“
آفرن چيو: ”جيڪڏهن تون مون وٽ اچي مون کي مناسب
طريقي سان ان بابت ٻڌائين ها ته هوند آءٌ اهو پکي
توکي سوکڙيءَ طور ڏئي ڇڏيان ها، ڇو ته مان تنهنجي
پيءُ جي وڌ ۾ وڌ عزت ڪندو آهيان، پر هاڻي آءٌ توکي
۽ تنهنجي سڄي خاندان کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪندس.
جيڪڏهن تون چاهين ته ائين نه ٿئي ته منهنجو هڪ شرط
آهي، جيڪڏهن تو اهو پورو ڪيو ته پوءِ مان توکي ۽
تنهنجي خاندان کي بدنام نه ڪنديس ۽ پکي ۽ پڃرو
توکي تحفي طور ڏيندس.“
آئي ون چيو ”ڪهڙو شرط آهي“
آفرن چيو: ڪسمان نالي هڪ بادشاهه آهي. ان وٽ هڪ
گهوڙو آهي جنهن جا وار سونهري آهن. اهو مون کي آڻي
ڏي.“
آئي ون اهو ٻڌي ڏاڍو پريشان ٿيو. نيٺ هن بادشاهه
سان واعدو ڪيو ڀلا ان وٽ واعدي کان سواءِ ٻيو رستو
هيوئي ڪهڙو جنهن جي ذريعي هو آزاد ٿي سگهي. ان ڪري
بادشاهه سان واعدو ڪري قلعي کان ٻاهر ٻاهر نڪتو ۽
بگهڙ وٽ وڃي ان سان سموري حقيقت ڪيائين، بگهڙ اهو
ٻڌي چيو: ”مان توکي پهريائين منع ڪئي تو منهنجي
ڳالهه ياد ڇو نه رکي؟“
آئي ون جواب ڏنو: پيارا دوست مان تمام شرمنده
آهيان، مونکي هي ڀيرو معاف ڪر.
بگهر چيو: جيئن ته توکي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي
ويو آهي، ان ڪري آءٌ توکي هي ڀيرو معاف ٿو ڪريان.
جيئ.ن ته مون توسان مدد جو واعدو ڪيو آهي، مان
پنهنجي واعدي قائم آهيان، تون به ياد رکجانءِ جيڪو
واعدو ڪيو وڃي ان کي پورو ڪرڻ گهرجي.“ ”چڱو اچ وري
منهنجي پٺيءَ تي ويهه.“ ان کان پوءِ بگهڙ تمام
تيزيءَ سان روانو ٿيو ۽ ڪيئي ڏينهن رات پنڌ ڪرڻ
کان پوءِ هو ٻئي ڪسمان بادشاهه جي قلعي وٽ پهتا.
بگهڙ آئي ون کي چيو: آئي ون تون هاڻي ڀت ٿي چڙهي
وڃ ۽ ڪڙهه مان وڃي گهوڙو ڪاهي اچ پر اهو خيال
رکجانءِ ته تنهنجو هٿ لغام کي نه لڳي. متان منهنجي
اها ڳالهه وساري ڇڏين. چڱو هاڻي وڃ. اللہ تنهنجي
مدد ڪندو.“
ان کان پوءِ ننڍڙو شهزادو آئي ون ڀت تي چڙهي ويو ۽
لڪي لڪي ڪڙهه ۾ پهتو ۽ سونهري وارن واري گهوڙي کي
پڪڙي ورتو، پر جڏهن آئي ون جي نظر ان جي سوني لغام
تي پيئي ته هو وري لالچ ۾ اچڻ لڳو ته هي گهڙو ته
ان لغام کان سواءِ بيڪار آهي. انڪري آئي ون جيئن
ان لغام کي هٿ لاتو ته چوڌاري شور مچي ويو ۽ سڀ
چوڪيدار اٿي پيا جن آئي ون کي پڪڙي پنهنجي بادشاهه
ڪسمان وٽ آندو. ڪسمان آئي ون کان پڇيو: ”نون ڪير
آهين؟“
آئي ون جواب ڏنو: آءٌ شهزادو آئي ون آهيان:“ اهو
ٻڌي بادشاهه چيو: ”هڪ بادشاهه جو پٽ ۽ گهوڙا ٿو
چورائي. ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي. اسان جي ملڪ جو
ته هڪ معمولي هاري به چوريءَ سوچي نٿو سگهي.“
آئي ون ٻي ڪا چار نه ڏسي معافي گهرڻ لڳو.
ڪسمان چيو: ”مان توکي صرف هڪ شرط تي معاف ڪري
سگهان ٿو اهو هي ته هڪ بادشاهه ”ڊالميٽ“ کي هڪ
خوبصورت ڌيءَ ”يلينا“ آهي اها مون کي آڻي ڏي، مان
توکي معاف به ڪندس ۽ پنهنجو سونهري گهوڙي قيمتي
لغام سان تحفي ۾ ڏئي ڇڌيندس.“
”ائي ون اها هڪ نئين خواهش ڏاڍو پريشان ٿيو ۽
بادشاهه سان وعدو ڪري ٻاهر نڪتو بگهڙ سان اچي مليو
۽ ان سان سموري ڳالهه ڪيائين. بگهڙ چيو: ”شهزادا
مان توکي اڳ ۾ ڀي لغام ڇهڻ کان منع ڪئي هئي تو
منهنجي هدايت تي عمل ڇو نه ڪيو؟“
آئي ون چيو: مان ان لاءِ شرمندو آهيان. صرف هڪ
ڀيرو معافي ڏي.“ بگهڙ چيو: ”پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ
تمام سٺي ڳالهه آهي. چڱو اچ پٺيءَ تي ويهه.“
ان کان پوءِ بگهڙ، شهزادي آئي ون کي کڻي ڊالميٽ
جي سلطن ۾ پهتا. ان وقت اتفاق سان خوبصورت يلينا
پنهنجي سهيلين ۽ خادمن سان گڏ با؛غ جو سير ڪري رهي
هئي.
بگهيڙ آئي ون کي چيو: ”اهو ڪم هن ڀيري مان پاڻ
ڪندس، تون ائين ڪر جو جنهن رستي سا اسان آياسين
اهو رستو وٺي وپوسا وڄ. مان توکي رستي ۾ ملي
ويندس.“
آئيون پهريائين ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيو ان لاءِ
بگهيڙ ناراض ٿي ويو هجي. جيئن ته آئي ون نيوس هو،
ان ڪري جو اهو رستو وٺي روانو ٿي ويو، جنهن سان
بگهيڙ ان کي وٺي آيو هو.
شهزادي جي وڃڻ کان پوءِ بگهيڙ ڀت تان ٽپو ڏئي باغ
جي هڪ وڏي ٻوٽي ۾ لڪي ويهي رهوي ۽ يلينا پنهنجي
سهيلين ۽ خادمن سان گڏ باغ ۾ سير ڪري رهي هئي.
ڀوري بگهڙ اوچتو جهڙپ ڏئي يلينا کي کڻي پنهنجي
پٺيءَ تي ويهاريو ۽ ٽپو ڏئي ڀت ٽپي هوا وانگر
هلندو اچي آئي ون سان اچي مليو ۽ ان کي ويجهو اچي
چيائين: تون منهنجي پٺيءَ تي اچي ويهه ۽ مون کي
مضبوطيءَ سان پڪڙ، جلدي ڪر نه ته ڊالميٽ جا سپاهي
اسان کي پڪڙي وٺندا.“
آئي ون ان جي پٺيءَ تي اچي ويٺو ۽ وري بگهيڙ
بجليءَ وانگر تيز هلڻ لڳو ۽ جلدئي ڪسمان بادشاهه
جي سلطنت ۾ اچي پهتا. جڏهن يلينا کي چڱيءَ طرح ڏٺو
ته اهو ائتي اڪن ڇڪن ٿي پيو! هن پنهنجي بگهيڙ کي
چيو: ”مان خوبصورت يلينا کي گهوڙي جي بدلي ۾ ڏيڻ
نٿو گهران تون مون کي ۽ يلينا کي گهر پهچاءِ بس ان
کان سوءِ ٻيو ڪجهه به نٿو چاهيان.“
بگهڙ وراڻيو: تون پريشان نه ٿيءُ . مان پاڻ کي
جادوءَ جي زور تي يلينا جي شڪل ۾ تبديل ڪري ٿو
ڇڏيان، تون مون کي ڪسمان بادشاهه وٽ وٺي هلجائين.
رهي اصلي يلينا ان کي اسان ڪنهن مضبوط جاءِ تي
لڪائي ٿا ڇڏيون.“ آئي ون اهو ٻڌي بي حد خوش ٿيو.
انهن يلينا کي هڪ جهنگل ۾ هڪ جهوپڙيءَ ۾ لڪائي
ڇڏيو ۽ ڀوري بگهڙ پان کي جادوءَ جي زور سان يلينا
جي شڪل ۾ تبديل ڪيو.
آئي ون ان کي وٺي ڪسمان وٽ آيو. هو يلينا (نقلي)
کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هو هَرَ هَرَ آئي ون جو
شڪريو ادا ڪندو رهيو.
ڪسمان بادشاهه چيو: ”آئي تون تنهنجي وڏي ۾ وڏي
مهرباني جو تو مو لاءِ هڪ خوبصورت ڪنوار آندي آهي
هاڻي سونهري وارن وارو گهوڙو لغام سان گڏ تنهنجو
آهي.“ آئي ون ان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ گهوڙو وٺي سڌو
اعليٰ يلينا وٽ آيو. ان کي گهوڙي تي ويهاري پنهنجي
منزل طرف روانو ٿيو.
بادشاهه ڪسمان بگهڙ (جيڪو جادوءَ جي زور تي يلينا
وٽ پهتو هو) کي اصلي يلينا سمجهي رهيو هو. يلينا
سان شادي ڪئي.ڪسمان تمام وڏي پيماني تي دعوت ڪئي.
اهو سلسلو، ڪجهه ڏينهن لاڳيتو هلندو رهيو پر ڪسمان
بادشاهه خوشيءَ ۾ ڪنوار جي ڪير ۾ اندر ويو ته اتي
پنهنجي خوبصورت ڪنوار جي بجاءِ هڪ بگهڙ ڏسي خوف
وچان هيٺ ڪري پيو ۽ بگهڙ ٽپو ڏئي ڪمري کان ٻاهر
نڪتو ۽ تمام تکو ڊوڙڻ لڳو ۽ جلدئي اچي آئي ون سان
سان مليو. آئي ون کي غمگين ڏسي بگهڙ ان کان پڇيو:
”تو غمگين ڇو آهين؟ توکي ته خوش ٿيڻ کپي.“
آئي ون وراڻيو: ”تو ئي ٻڌاءِ ته صرف هڪ سپاهيءَ جي
عيوض ۾ هي خوبصورت گهوڙي ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي مان ته
انهيءَ سودي لاهه سوچي به نٿو سگهان.
آئي ون وراڻيو ”تون ئي ٻڌاءِ ته صرف هڪ پکيءِ جي
عيوض ۾ هي خوبصورت سونهري وارن وارو گهوڙ ڪيئن ٿو
ڏئي سگهجي. مان ته انهيءَ سودي لاءِ سوچي به نٿو
سگهان.“
بگهيڙ وراڻيو: تون پريشان ڇو ٿو ٿين مان تو سان
واعدو ڪيو آهي ته تنهنجي مدد ڪندس.
اهو ٻڌي آئي ون تمام خوش ٿيو ۽ پوءِ سڀ بادشاهه جي
ملڪ ڏانهن روانا ٿيا. نيٺ اچي ان جي ملڪ ۾ پهتا.
اتي پهچي بگهيڙ آئي ون کي چيو: ”اسان هن گهوڙي ۽
شهزادي يلينا کي ڪٿي لڪائي ٿا ڇڏيون. مان پاڻ کي
جادوءَ جي زور تي سونهري وارن واري گهوڙي ۾ ٿبديل
ڪيان ٿو ۽ پوءِ تون مون کي آفرن وٽ وٺي هلجانءِ“
ان کان پوءِ انهن يلينا ۽ گهوڙي کي جهنگل ۾ لڪائي
ڇڏيو. ان کان پوءِ بگهيڙ پاڻ کي سونهري اقال واري
گهوڙي ۾ تبديل ڪيو ۽ آئي ون ان کي وٺي بادساهه
آفرن وٽ آيو. ان آئي ون کي واعدي مطابق ٻرندڙ پکي
۽ پڃرو تحفه طور ڏنو. آئي ون ٻرندڙ پکي ۽ پڃرو وٺي
سڌو يلينا وٽ آيو. يلينا کي سونهري وارن واري
گهوڙي تي ويهاري ۽ ٻرندڙي پکي ۽ پڃرو گهوڙي تي رکي
پنهنجي گهر روانو ٿيو.
هو ڏانهن جڏهن آفرن بادشاهه گهوڙي وٽ آيو ۽ گهوڙي
تي اڃان ويهڻ ئي ٿي چاهيو ته گهوڙو هڪدم هڪ خوفناڪ
بگهيڙ جي شڪل ۾ بدلجي ويو. بادشاهه ڊپ وچان هيٺ
ڪري پيو ۽ بگهيڙ ٽپو ڏيئي ڪڙهه کان ٻاهر نڪري آيو
۽ جلدي اچي آئي ون سان مليو. بگهيڙ آئي ون کي چيو:
”هاڻي تنهنجا سمورا ڪم پورا ٿي ويا. انڪري آءٌ
هاڻي رخصت ٿيڻ ٿو گهران ۽ تون به پنهنجي پيءُ وٽ
وڃ.“
شهزادو اهو ٻڌي پنهنجي گهوڙي تان نٿو ۽ بگهڙ کي ٽي
دفعا جهڪي سلام ڪيو ۽ ان جو شڪريو ادا بگهيڙ چيو:
”مون کي ان طرح سان خدا حافظ نه چئه توکي جلدئي
منهنجي ضرورت پوندي.“
اهو چئي بگهڙ تيزي سان هڪ طرف روانو ئي ويو.
هلندي هلندي آئي ون ۽ شهزادي يلينا، سونهري وارن
واري گهوڙي ۾ ٻرندڙ پکي ۽ پڃرو گهوڙي تي رکي
پنهنجي گهري روانو ٿيو.
هوڏانهن جڏهن آفرن بادشاهه گهوڙي وٽ آيو ۽ گهوڙي
هڪدم هڪ خوفناڪ بگهيڙ جي شڪل ۾ بدلجي ويو. بادشاهه
ڊپ وچان هيٺ ڪري پيو ۽ بگهيڙ ٽپو ڏيئي ڪڙهه کان
ٻاهر نڪري آيو ۽ جلدي اچي آئي ڳون سان مليو. بگهيڙ
آئي ون کي چيو: ”هاڻي تنهنجا سمورا ڪم پورا ٿي
ويا. انڪري آ5 هاڻي زخصت ٿيڻ ٿو گهران ۽ تون به
پنهنجي پيءُ وٽ وڃ.“
شهزادو اهو ٻڌي پنهنجي گهوڙي تان لٿو ۽ بگهڙ کي ٽي
دفعا جهڪي سلام ڪيو ۽ ان جو شڪريو ادا ڪيو.
بگهڙ چيو: ”مون کي ان طرح سان خدا حافظ نه چئه
توکي جلدئي منهنجي ضرورت پوندي.“
اهو چئي بگهڙ تيز سان هڪ طرف روانو ٿي ويو.
هلندي هلندي آئي ون ۽ شهزادي يلينا، سونهري وارن
واري گهوڙي ۾ ٻرندڙ پکي ۽ پڃري سميت اچي پنهنجي
ملڪ پهتا. آئي ون سوچيو ته ان کي ڪجهه وقت شهر جي
ٻاهران ترسي آرام ڪرڻ گهرجي ته جين تازو توانو ٿي
پنهنجي محلات ۾ داخل ٿئي. انڪري هو شهر ٻاهران
ڪجهه وقت آرام لاءِ ترسي پيو. آئي ون وت ڪجهه کاڌو
ان وقت موجود هو جيڪو هن پاڻ به کاڌو ۽ يلينا کي
به کارايو. ان کان بعد آرام ڪرڻ لڳا. ٿڪاوٽ جي ڪري
آئي ون ۽ يلينا کي جلدئي ننڊ اچي وئي اتفاق سان ان
وقت آئي ون جا ٻئي ڀائر ٻرندڙ پکيءَ جي ڳولا ۾
ناڪام ٿي واپس اچي رهيا هئا ته جڏهن انهن ڏٺو ته
آئي ون وٽ نه صرف ٻرندڙ پکي آهي پر ان وٽ هڪ نهايت
خوبصورت شهزادي (يلينا) آهي۽ هڪ سونهري وارن وارو
گهڙو پڻ آهي. تڏهن ٻنهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته جيڪڏهن
آهي آئي ون کي ننڊ ۾ ماري ڇڏين ته نه صرف يلينا ۽
گهوڙو انهن جو ٿي ويندو پر هو پنهنجي پيءُ کي
سونهري صوف جو چور به تحفي طور پيش ڪري سگهندا نيٺ
انهن پنهنجي سڳي ڀاءُ (آئي ون) کي قتل ڪري وڌو. هڪ
ڀاءُ سونهري وارن واري گهوڙي جي پٺيءَ تي ٻرندڙ
پکي ۽ پڃرو رکيو ۽ ٻئي خوبصورت يلينا کي پنهنجي
گهوڙي ٿي ويهاري روانا ٿي ويا. انهن ٻنهي يلينا کي
سخت منع ڪئي ته هوءَ گهر ڪابه ڳالهه ظاهرنه ڪري.
جيڪڏهن ان ڪابه ڳالهه ظاهر ڪئي ته پوءِ اهي ٻئي
ان کي قتل ڪري ڇڏيندا.
هوڏانهن جڏهن آئي ون جي دوست بگهڙ (جيڪو دراصل هڪ
جادوگر به هيو) کي جادوءَ جي زور تي اها خبر پئي
تهن ڊوڙندو آيو. ان ڏٺو ته لاشن جي مٿان ڪافي
سرڻيون ۽ ڪاٺو ڦيرا ڏيئي رهيا آهن. بگهڙ هڪ سرڻ ۽
ان جيٻچي کي پڪڙي چيو: ”اي سرڻ تون مون کي جادوءَ
جو پاڻي آڻي ڏي نه ته مان تنهنجي ٻچي کي کائي
ويندس.“
سرڻ اهو ٻڌندي ئي اُڏامي ويئي. ان کان پوءِ بگهڙ
سرڻ جي ٻچي کي بهلائيندو رهيو. گهڻي دير ڪانه گذري
ته سرڻ جادوءَ جو پاڻ کڻي واپس آئي. بگهڙ جيئن ئي
آئي ون تي پاڻ ڇڻڪايو ته آئي ون بلڪل صحيح ۽
تندرست حالت ۾ ائين اٿي ويهي رهيو جيئن هو ننڊ ڪري
اٿيو هجي.
بگهڙ چيو: ”مان توکي چيو هيو نه، توکي منهنجي
جلدئي ضرورت پوندي، تون ئي سوچ جيڪڏهن مان نه اچان
ها ته توکي هوندا اهي سرڻيو ۽ ڪانو کائي وڃن ها.
مون کي خبر آهي ته توکي پنهنجي ڀائرن قتل ڪيو هو ۽
تنهنجون سموريون شيون کڻي ويا آهن. هاڻي ٿو جلدي
منهنجي پٺيءَ ويهه ته توکي گهر پهچايان.“ |