حال احوال
پيارو ٻارٶ،
مارچ جو گل ڦل اوهان جن هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ اسان
اوهان جي چاهه ۽ گهرج جو پورو پورو خيال رکڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي، سچ ته اوهان جي پسند ۽ مبارڪن جي
خطن اسان ۾ همت افزائي جو جذبو پيدا ڪيو آهي،
اوهان بي ڌڙڪ پنهنجا رايا ۽ تجويزون اسان ڏانهن
موڪليندا رهو جنهن جي آڌار تي اسان اڳتي وک
وڌائيندا هلنداسين.
فيبروري 15- کان بسنت جي رت اسان جي ڌرتيءَ مٿان
رنگ برنگي گلن جي ورکا خوشبوئن جي مهڪار ۽ مهڪا ۽
ساواڻ جي تحفا کڻي آئي آهي ۽ اسان جي ڌرتي جا ٻار
انهن ئي گلن جيان سهڻا ۽ سڳنڌ ڀريا آهن اسان جا
ٻار پڙهڻ لکڻ ۾ ڪنهن به ملڪ جي ٻارن کان گهٽ نه
آهن، اهي پنهنجي محنت سان ملڪ جو نالو روشن ڪندا
ٿا اچن.
هن ئي مهيني ۾ سڄي سنڌ ۾ پرائمري کان هاءِ اسڪولن
تائين ٻارن جا امتحان ٿيڻ وارا آهن، اوهان ٻارن
سڄو سال ڪتابن۽ ڪاپين کي سيني سان لائي محنت ۽
محبت سان پڙهيو هوندو ۽ اها محنت اوهان جي ضرور
اجائي نه ويندي. اسان کي اميد آهي ته اوهان سٺن
نمبرن ۾ پاس ٿيندا ۽ پنهنجن استادن ۽ مائٽن جو مان
وڌائيندا.
وڏن اديبن جي لکڻ لاءِ اسان وٽ ٻارن جي ڪيترائي خط
اچن ٿا. ان لاءِ اسان اهو واضع ٿا ڪيون ته اسان
ڪيترن ئي وڏن اديبن کي ٻارن جي لکڻ لاءِ گذارش ڪئي
آهي، ڪن ها ۾ ها ملائي آهي، ڪي چون ٿا ته اسان
ٻارن لاءِ نٿا لکي سگهون حالانڪه سڌريل ملڪن ۾
جيسين ڪو اديب ٻارن لاءِ نٿو لکي تيسين ڄڻ ته هن
کي اديب مڃيو ئي نٿو وڃي. اسان وري به وڏن اديبن
کي گذارش ٿا ڪريون ته ٻارن لاءِ لکو. گل ڦل جا
صفحا توهان جي لاءِ حاضر آهن ۽ اسان اوهان جي
لکڻين کي ڇپيندي خوشي محسوس ڪنداسين اميد ته اديب
اها جوابداري محسوس ڪري ٻارن لاءِ لکڻ شروع ڪندا.
اوها جو ڀاءُ
اڪبر جسڪاڻي
انور هالائي
لطيفي لات
جيَهرَ لوڪ جهَپ ڪَري اوهِير اُڏامَن،
پِٿوُ نجي پاتار جا، جيتارِيو چُڻن،
ڪوههُ ڪندا کي تِن، پاڙ هيڙي پَههُ ڪري،
(شاهه)
هي بيت حضرت شاهه عبداللطيف عليه اولرحمت جي رسالي
۾ سر ڪاريل جي داستان پهرئين جو يارهون بيت آهي.
سمجهاڻي: جنهن وقت ماڻهو ننڊ ڪن ٿا تنهن وقت هنج
پکي اُڏامن ٿا ۽ سمنڊ جي تري مان چتائي، چُڻن ٿا.
پوءِ شڪاري ڪيڏيون به حرفتون هلائين انهن کي ڇا
ڪندا. شاهه صاحب هن بيت ۾ انهن عابد انسانن جو ذڪر
ڪري ٿو، جيڪي جڏهين ماڻهو سمهي رهن ٿا ته هو
پنهنجي مٺي ننڊ ڦٽائي خدا جي عبادت ڪن ٿا ۽ اهڙن
عبادت گذار شخصن کي نه شيطان کاري سگهندو ۽ دنيا
جون لالچون سندن آڏو اچي سگهنديون. نيٺ اهي ئي
اللہ وٽ سرخرو ٿيندا.
معنيٰ: جيهر=
جيڏي مهل. جهپ=
ننڊ، آرام. اوهير
=
اوڏي مهل. پٿون=
موتي. پاتار=
سمنڊ جو ترو. چيتاريو=
چتائي. ڪوهه
=
ڇا پاڙهيڙي
=
شڪاري. پهه=
اردو.
تاجل بيوس
کير پياريان
اَءُ ته مٺڙا توکي کير پياريان،
آءُ ته پٽڙا توکي کير پياريان.
کير پياريان تو سان دل ونداريان.
پير اگهاڙا چڪ ٿيو چولو،
صبح پڇايم تنهنجو لولو،
تنهنجو لولو ٻئي کي ڪيئن کارايان.
سُٽ جون واڳيو پٽ جو ڏورو،
لوڏيان ويٺي لال هندورو،
ڪانءِ به آيا ال اتاري،
هرڪو ٻچن جا گيت جهونگاري،
گيت جهونگاري آءٌ پئي روز اوساريان.
ڪالهه ڪتايم سٽ جو ڦورو،
تنهن مان جوڙايم تنهنجو جورو،
تنهنجو جورو ٻئي کي ڪيئن پارايان!
گرهه ڀريندي، هڏڪي آئي،
وڻ تي ڪويل سڏڪي آئي،
سڏڪي ڪويل، آءٌ ڪيئن اڱڻ اجاريان.
جڳ جا ٻالڪ جهمريون پائن،
تنهنجي ويٺا ياد ڏيارن،
ياد ڏيارن، آءٌ ڪيئن توکي وساريان.
انب جي لامن ٻور جهليو آ،
هاڻي ته بيوس يار هليو آ،
يار هليو آ، ٿوکي هنج ۾ ويهاريان.
امداد حسيني
ٻهراڙيءَ جو ٻار چار آنا
سنڌ راڻي او سائين
ڏي تو پاڻي او سائين
ٻيجو پوکيان
سَلو تاتيان مون کي نه مار
سنگ ٿين ته هڪليان جهار مونه مار
آئون ٻهڙايءَ جو ٻار! مان سڀاڻي
چار آنا
سنڌو راڻي کڻي ايندس
ڏي تو پاڻي کڻي ايندس
باغ لڳايان
رنگ رچايان
انب لهن توکي کارايان
پنهنجي هٿ هٿ سان هڪ هڪ ڦار
آئون ٻهراڙيءَ جو ٻار!
شرجيل
چار آنا
او سائين
او سائين
مون کي نه مار
مون کي نه مار
مان سڀاڻي
چار آنا
کڻي ايندس
کڻي ايندس.
نياز پنهور
نڀاڳو ڪير
اچو مان اوهان کي ٻڌايان ڪهاڻي،
ته هڪڙو هو راجا ۽ هڪڙي هئي راڻي.
اچي هڪ ڏينهن راجا کي ماڻهن ٻڌايو،
اسان کي آ هڪ شخص ڏاڍو ستايو.
اگر ڪو به هن جو صبح منهن ڏسي ٿو،
اهو ڏينهن سڄو مانيءَ لاءِ سڪي ٿو.
اي راجا اهو ماڻهو آهي نڀاڳو،
اي سائين اسان جا ڪا ان کي سزا ڏيو.
ٻڌي جا اها ڳالهه راجا کلي پيو،
۽ پنهنجي وزير کي چوڻ لڳو.
اها ڳالهه ڏاڍي عجب ٿي لڳي،
ڀلا ٿون ٻڌاءِ اِئين ٿي ٿو سگهي.
وراڻيو وزير سائين اَئين ٿا ڪيون،
ان کي ٿا محلات آڏو رکون.
اوهان جيئن سويلو ڀلو ئي ان کي ڏسو،
اها ڳلاهه سهي ٿي ته پوءِ ڪجهه ڪيو.
ان ڏينهن عجب حال اهڙو ٿيو،
راجا کي کاڌوئي وسري ويو.
وزير ٿي شام ٻڌايو اچي،
اها ڳالهه نڪتي برابر سچي،
اوهان پاڻ ان جو صبح منهن ڏٺو،
تڏهن ته اوهان کي نه کاڌو مليو.
ڪيو حڪم راجا هي ماڻهو ٻڌو،
هن کي وٺي وڃي ڦاسي ڏيو.
ٻڌي جا اها ڳالهه ماڻهوءَ چيو،
اي راجا پهرئين اهو فيصلو ڪريو.
اسان ٻهيءَ ما نڀاڳو آ ڪيرُ،
اوهان پاڻ يا مان، ڪيو ڪيم ويرُ.
اوهان جو صبح جو منهنجو منهن ڏٺو،
اوهان کي سڄو ڏينهن نه کاڌو مليو.
مگر مون اوهان جو ڏٺو منهن جڏهن،
مون کي ملي ٿي هي ڦاهي تڏهن.
ٻڌايو اسان مان ڪير آهي نڀاڳو،
جو ڀي آ تنهن کي جوڳي سزا ڏيو.
۽ انهي ڳالهه ٿي راجا حيران ٿي ويو،
۽ ڪئي ٿي پشيمان ٿي ويو.
پوءِ راجا کلي کيس ڏٺو انعام،
اِئين ئي هي ڪهاڻي ٿئي ٿي تمام.
مير سنڌي
علم
عمر سُکيو رهندو سو ٻار!
پڙهڻ سان جو رکندو پيارو!
عِلم بنان انسان اڌورو!
عِلم آهه جيون جو جنسار!
شوق ڪتابن سان رک خوب!
ٻئي ڪنهن پاسي ڪين نهار!
محنت سان جي پڙهندين تون!
سڏبين دنيا ۾ هوشيار!
جي ٿو علم پرائڻ چاهين!
رانديون رونديون سڀ وسار!
علم سدا آهه دائم قائم!
منجهه رهي ٿو هن سنسار!
بخت جو ٿا پڻ عام چون!
آهه علم تي دارمدار!
آٿ ڪر دير نه مير پڙهڻ ۾!
وقت نه ڪر ناحق بيڪار!
نفيس احمد شيخ
سنڌ جو سپوت
سائين حسام الدين راشدي
پهرين اپريل 1982ع ٿي سنڌ جي سپوت سائين پير حسام
الدين راشدي، 71 سالن جي عمر ۾، جناح اسپتال
ڪراچيءَ جي دل جي بيمارين جي شعبي ۾، پنهنجي جان،
جان آفرين جي سپرد ڪئي.
اِنا اللہ و اِنا اِليہ راجعون
سنڌ پير صاحب جي پايي جا علم ۽ فاضل ٿورڙا پيدا
ڪيا آهن. سندن شخصيت ۽ علمي ڪارناما سنڌ جي ته
الاءِ يقيناً عزت ۽ آبرو جو سبب بنيا آهن، پر بين
الاقوامي علمي مرڪزن ۾ پاڪستان لاءِ شهريت ۽
ناموريءَ جو باعث بنيا آهن. بيشڪ سنڌ پنهنجي هن
عظيم فرزند تي جيترو به فخر ڪري، اوترو گهٽ آهي.
پير صاحب جي علمي ۽ ادبي ڪاوشن جي تفصيلي ذڪر لاءِ
ڪيئي ڪتاب گهرجن. سندس بلند و بالا شخصيت ڪنهن به
رسمي ۽ مختصر تعارف جي محتاج ناهي. مرحوم علامه
سيد سليمان نزويءَ پير صاحب کي سنڌ جو ”قابل فخر
مورخ“ سڏيو هو. ايران جو هاڪارو علام (مرحوم) آقي
سعيد نفيسي ۽ افغانستان مان آقي عبدالحي حبيبي پير
صاحب سان پيار ڪندا هئا. جرمنيءَ جي عالم خاتون،
پروفيسر ڊاڪٽر انيميري شمل پير صاحب جي مداح هئي.
روس هو. برطانيه جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو
آنرري سيڪريٽري سر سائين ڊگبي پير صاحب جو قدردان
هو، هندستان مان مالڪ رام ۾ مولانا صباح الدين
عبدالرحمان جهڙيون معزز شخصيتون پير صاحب سان سڪ
رکنديون هيون. ان کان عللوہ، برصغير جي تاريخدانن
۽ دنيا جي اڪثر و بيشتر عالمن سان سندس ذاتي
لاڳاپا هئا. پر حقيقت ۾ پير صاحب جو علمي ۽ ادبي
ڪم ئي سندس عظمت جو وڏي ۾ وڏو دليل آهي. اهو ئي
سبب آهي جو پير صاحب جي وفات تي نه فقط پاڪستان،
پر دنيا جي ڪيترن ئي ادبي مرڪزن ۾ غم جي لهر ڊوڙي
ويئي. سندس وفات کي هڪ ”بين الاقوامي شهرت يافته
عالم“ جي وفات قزار ڏنو ويو. بي. بي. سي. مغزبي
جرمني ايران، هندستان ۽ روس جي ريڊين غم جو اظهار
ڪندي پير صاحب جي شخصيت ۽ علمي ڪم بابت خصوصي
پروگرام نشر ڪيا.
سنڌي ادبي بورڊ کي ان ڳالهه تي بجا طور فخر آهي ته
مرحوم پير صاحب تاريخ، تذڪري ۽ شعر وادب جي موضوع
تي جيڪي نادر نسخا ايڊيت ڪيا، تن مان سواءِ ڪن
ٿورڙن جي، باقي سمورا بورڊ ئي شايع ڪيا آهن. في
الحفيقت، قومي ۽ بين القوامي علمي مرڪزن ۾، پير
صاحب سنڌي ادبي بورد جي اسڪالر طور ئي معروف هئا.
ڪجهه عرصو پاڻ سنڌ جي نامور شخصيتن مرحوم علامه
آءِ آءِ قاضي ۽ مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر عمربن
محمد دائود پوٽي وانگر بورڊ جا باقاعدہ ۽ با ضابطه
اسڪالر به مقرر ٿيا.
پر صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن (جن جو تعداد لڳ ڀڳ
چاليهه آهي) سان گڏ سندن ڇپيل مضمونن ۽ مقالن جو
تعداد سنڌيءَ ٽي سو، اردوءَ ۾ ويهه ۽ فارسيءَ ۾
پنج سؤ چيو وڃي ٿو. انهن ما چنڊ چونڊ مضمون سنڌ
سرڪار جي شعبه ثقافت طرفان ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جو“
نالي سان هڪ ئي ضخيم جلد ۾ شايع ٿيل آهن. خوشقسمتي
سان پير صاحب جن ويهارو کن سال اڳ پنهنجي زندگيءَ
جو احوال لکيو هو، جيڪو ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ جي
نالي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آهي. سندن
تصنيف تاليف جو سلسلو سندن زندگيءَ جي پوين ڏينهن
تائين جاري رهيو.
پير صاحب هڪ ممتاز ۽ بلندپايه عالم ۽ محقق هجڻ سان
گڏ اداره ساز شخصيت پڻ هئا. سنڌ ۾ پاڪستان جا مکيه
علمي ادارا سندن توجهه ۽ تدبر، دلچسپي ۽ اڻٿڪ
محنتن سا ترقيءَ جون منزلون ماڻيندا رهيا. سنڌي
ادبي بورد جي ته پاڻ بنيادي معمارن مان هئا، ۽ انم
جي نيڪنامي ۽ شهريت لاءِ جيڪي بي لوث ڪوششون
ورتائون، سي بورڊ جي تاريخ ۾ سوٺن لفظن ۾ موجود
رهنديون، پر سنڌ جي هڪ ٻئي نيڪنام اداري انسٽيٽوٽ
آف سنڌالاجي جو بنياد پڻ پير صاحب ئي وڌو هو. ان
سان گڏ، انجمن ترقي اردو ڪراچي، ترقي اردو لاهور،
ڪراچي، مرڪزي اردو بورد لاهور، اقبال اڪيڊمي ڪراچي
۽ لاهور، قومي عجائب گهر ڪراچي، انسٽيٽوٽ آف
سينٽرل ائنڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز ڪراچي خاص طرح قابل
ذڪر آهن. سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي
سينيٽ ۽ سئنڊيڪٽ تي پڻ ڪافي عرصي تائين ميمبتر جي
حيثيت ۾ سنڌ لاءِ تعليمي خدومتون بجا اندائون. |