سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون 1979ع

باب: --

صفحو :5

بدلو

افلاطون کان ڪنهن ماڻهو پڇيو ته آئون پنهنجي حسد ڪندڙ دشمن کان ڪيئن بدلو وٺان؟

تنهن تي ان جواب ڏنو ته پنهنجين نيڪين ۾ واڌارو ڪن اهوئي دشمن کان بدلي وٺڻ جو آسان طريقو آهي.

موڪليندڙ: غلام مرتضيٰ سيال، هالاڻي.

ٻارن جي ڪتابن جي سونهن ۽ سينگار

۽ بيهڪ جو انعامي مقابلو

سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي هڪ پريس رليز ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيسيڪو پاران ٻارن جي صحتمند ذهني ۽ مادي ترقيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ 1979ع کي ٻارن جو عالمي سال قرار ڏنو ويو آهي. ٻين ملڪن وانگر پاڪستان به هي سال وڏي ٺاٺ سان ملهائي رهيو آهي. نئشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان، ان سلسلي ۾ ٻارن جي ڪتابن جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ پاڪستان جي مکيه شهرن ۾ جدا جدا تقريبون  منعقد ڪرڻ جي رٿا جوڙي آهي. انهن ۾ ٻارن جي ڪتابن جا ميلا، جداجدا انعامي مقابلا، پڙهڻ جر عادتن جو جائزو، مصنفن استادن ۽ چترڪارن لاءِ تربيتي ڪورسن جو اهتمام ۽ ٻيا پروگرام شامل آهن.

هن سلسلي ۾ ٻارن جي ڪتابن جي سونهن ۽ سينگار جي  همت افزائيءَ لاءِ نئشنل بوڪ ڪائونسل چترڪارن کي ٽي انعام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پهريون پنڌرهن سؤ روپيه، ٻيو هڪ هزار ۽ ٽيون پنج سؤ روپيه آهي.

انعامي مقابلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڪستان جي سڀني مصورن، نقاشن ۽ چترڪارن کي عام دعوت ڏني ويئي آهي ۽ هن مقابلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ کين ڪتاب جي سرورق لاءِ هڪ ڊزائين ۽ اندورني مواد مطابق ٻه تصويرون ٺاهڻيون پونديون. اهي ٽيئي 1977ع، 1978ع ۽ آڪٽوبر 1979ع جي وچ ۾ ٻارن لاءِ شايع ٿيل ڪتابن مان سندن پسند جي ڪنهن ڪتاب کي آڏو رکي نئي انداز ۽ نئي تخيل سان ٺاهڻيون پونديون.

ٽنهي تصويرن جو سيٽ ۽ اهو ڪتاب (جنهن کي آڏو رکي تصويرون ٺاهيون ويون هونديون) ڪائونسل جي دفتر ٿياسافيڪل هال ايم اي جناح روڊ ڪراچي -1 تي 15 نومبر 1979ع کان اڳ پهچي وڃڻ گهرجن.

نئشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان

ٿيا سافيڪل هال ايم اي جناح روڊ

ڪراچي- 1

 

نوان ڪتاب

ڀيڄ ڀٽائي: سنڌي ٻالڪ ادبي سنگت سنڌ طرفان هڪ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جنهن موجب صدائي وطن پبليڪيشن جي پهرين ڪڙي ”ڀيڄ ڀٽائي“ شايع ڪئي ويئي آهي. هن ڪتاب کي عبدالڪريم ميمڻ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ڀٽائي تي مضمونن کان سواءِ ڪهاڻيون شعر، ٻالڪ ادبي سنگت جو پڌرنامو ۽ پروگرام ڏنل آهن. ڪهاڻين ۾ ڪي ڪهاڻيون ٻارن لاءِ موزون ڪونه آهن. شاعريءَ  جو  حصو پاڻ وڌيڪ سٺو آهي. ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ اگرچ چاليهه صفحا آهن پر مواد جي لحاظ کان اڳرو آهي. ٽائيٽل تي لطيف سائين جي روضي جي چئن رنگن واري تصوير، آخري ڪورتي هڪ معصوم ٻارڙيءَ جي رنگين تصوير ڏني ويئي آهي. قيمت في پرچو ٽي روپيا ۽ سالياني قيمت 25 روپيا آهي. هي ڪتاب سنڌ جي هر بوڪ اسٽال تان يا صدائي وطن پبليڪيشن پوسٽ باڪس 1040 لطيف آباد، حيدرآباد کان گهرائي سگهجي ٿو.

جوڌو: ٻارن جي محفل پبليڪيشن جو ٻيو ڪتاب جوڌو شايع ٿي ويو آهي. هن ڪتاب جو مرتب زوار نقوي آهي. جنهن هن ڪتاب کي سٺيءَ طرح سهيڙيو آهي. مضمون، ڪهاڻيون، ۽ شعر تمام سٺا ڏنا ويا آهن. سائنس، سوال جواب، قلمي دوستي ۽ عام معلومات کان سواءِ انعامي مقابلي جو ڪالم به رکيو ويو آهي جنهن ۾ پنجن سوالن جي جواب تي 50 ۽ 25 رپين جا انعام رکيا ويا آهن. سنڌيءَ ۾ ٻارن پاران پاڻ ڪتاب شايع ڪرڻ سنڌ جي وڏن اديبن ۽ پبلشرن لاءِ هڪ چئلينج آهي. ٻن رنگن جي ٽائيٽل سان جوڌو، ڏيڍ روپئي ۽ زوار نقوي ٽنڊو جهانيان، حيدرآباد وٽان گهرائي سگهجي ٿو.

تاج الملوڪ

صدائي وطن پبليڪيشن جي ٻي ڪڙي

پتنگن پهه ڪيو

شايع ٿي رهي آهي. قيمت ڏيڍ رپيو.

هڪ سؤ رپين جي شاندار ورڇ

ڪنهن به ٻار جو صحيح جواب نه آيو

چئن ڄڻن جا جواب هڪ غلطيءَ ۾ آيا.

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت نمبر 4 جو نتيجو ظاهر

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت نمبر 4 جو نتيجو 24 مئي صبح جو ڏهين وڳي حصو وٺندڙ ٻارن (جيڪي ان وقت موجود هوا) جي روبرو مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، چيرمئن سنڌي ادبي بورڊ ظاهر ڪيو. نتيجو هن ريت آهي:

ساڄي کان کاٻي.

2- بڪ 4- اولو 5- ڪي 6- گل 8- ميلن 9- مت.

مٿان کان هيٺ.:

1- دلي 3- ڪڙيون 4- گرامي 7- عيش.

ڪنهن به ٻار جو صحيح جواب ڪونه آيو. انڪري اعلان موجب هڪ غلطيءَ ۾ آيل هيٺين چئن ٻارن کي انعام موڪليو پيو وڃي.

1- محمد نواز جکرو، پڙهندڙ درجو ڏهون بي گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرو ضلع لاڙڪاڻو ، 2- عبدالرشيد منگي، پڙهندڙ درجو ڏهون گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرو ضلع لاڙڪاڻو. 3- سلميٰ بلوچ معرفت محمد دائود بلوچ قاضي عبدالقيوم گورنمينٽ اسڪول، حيدرآباد . 4- حسن علي ابڙو ڳوٺ پيرو فقير شورو وايا ٽنڊو آدم ضلع سانگهڙ.

انعام جي رقم هڪ سؤ روپين جا ڪتاب مٿين چئن ڄڻن کي هيٺين موجب موڪليا پيا وڃن. 1- جامع لغات سنڌي 2- بلو کوکر. 3- خوش خصلت خاتون 4- سيرريگستان. هر انعام کٽندڙ کي مٿيان چار چار ڪتاب موڪليا پيا وڃن.

هن چٽاڀيٽيءَ ۾ ڪل 811 ٻارن حصو ورتو جن مان 28 ٻارن جا خاڪا شرطن ۽ هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪري رد ڪيا ويا باقي 783 ٻارن جا خاڪا چٽاڀيٽيءَ ۾ آيا.

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت – 6

هڪ سؤ رپين جو انعام

اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 16 جولاءِ 1979ع

نتيجو ظاهر ڪرڻ جي تاريخ 17 جولاءِ 1979ع

سامهون صفحي تي ڏنل خاڪي ۾، خالي خانن ۾ اکر اهڙيءَ طرح ڀريو جو هيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ با مطلب ٿي وڃن. جملن ۾ جيئن ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ نمبر ڏنا ويا آهن، ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن. خاڪو ۽ ڪوپن ڀري، هن رسالي مان ڦاڙي اسان ڏانهن مقرر تاريخ کان اڳ ڏياري موڪليو. لفاني تي گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت -6 لکڻ ضروري آهي.

جيڪي خانا ڀريل آهن انهن کي هٿ نه لايو. جيڪڏهن انهن ڀريل خانن وارا جملا اچن ته به دل ۾ سوچي ڇڏيو. رڳو خالي خانا ڀرڻا آهن.

صحيح جواب تي هڪ سؤ رپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا، جي گهڻن حصو وٺندڙن جا جواب صحيح هوندا ته انهن ۾ هڪ جيترن رپين جا ڪتاب ورهايا ويندا، جي صحيح ۾ ڪوبه نه آيو ته اهو انعام هڪ غلطيءَ وارن ۾ ورهايو ويندو، جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪو به نه هوندو ته اهو انعام ٻي مهيني سان گڏي ورهايو ويندو.

هن رسالي ۾ صفحي 54 تي ڏنل شرط ۽هدايتون ضرور پڙهو ۽ انهن تي عمل ڪري خاڪو ڀري موڪليو.

ساڄي کان کاٻي

1- ڪنهن به معاملي ۾ ------ ڪرڻ اخلاقي اصولن جي خلاف آهي.

2- جيڪڏهين ڪنهن ۾ اها ----- نه آهي ته نيڪي ۽ بديءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي ته اهو انسان ڪيئن چئبو؟

5- ڪوڙي ڳالهه ڪرڻ------- ضرور آهي پر ان جو نتيجو ڏاڍو اگرو آهي.

6- روس ملڪ جو سڪو------ جنهن جا اکر اڳتي پوئتي لکجي ويل آهن.

7- شاهه لطيف، شاهه عنايت شهيد يا سچل سرمست جي درگاهن تي ٻارهوئي ميڙو متو پيو آهي. اهي سچ جا اهڙا آدرشي اهڃاڻ آهن جو سندن ---- تي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو ڪهي اچن ٿا.

8- جنين ڏاند نه----- تنين به تنهنجو آسرو. (شاهه)

مٿان کان هيٺ

2- ڏکڻ ڪوريا جي گاديءَ واري جاءِ -------.

3- بيٺل کي ورسائڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، انسان دوست اهو آهي، جيڪو -------- کي کڻي ڏيکاري.

4- ڪنهن رانديڪي تان جيڪڏهن ٻار پاڻ ۾ وڙهي پون ته وچ ۾ پئي، انهن جو --- ءُ ڪرائي ڇڏڻ گهرجي.

5- ----- سان سوڀ هرگز حاصل نه ٿي سگهندي.

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت _ 6

ڪوپن _ 6

 

آئون سڀني شرطن ۽ هدايتن کي مڃي خاڪو ڀري موڪليان ٿو / ٿي.

نالو:

پوريس ائڊريس:

هدايتون ۽ شرط

1- پنهنجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجهارت واري خاڪي ۾ خال ڀري، کٽل اکر لکي، ان سان لاڳيتو ڪوپن ڀري، رسالي مان ڦاڙي موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي پني يا ليڪيل خاڪي تي جواب قبول نه ڪيا ويندا.

2- مقرر تاريخ کان پوءِ پهتل جواب مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا.

3- ڳجهارتن جي جوابن موڪلڻ واري لفافي ۾ رڳو ڳجهارت جو جواب هجي، ٻيو جيڪو به مواد هوندو اهو رد ڪيو ويندو.

4- هڪ ئي نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا،پر هر خاڪي سان ڪوپن گڏ هجڻ ضروري آهي. اهي خاڪا گل ڦل مان ڪٽيل هجن. جدا جدا نالن سان هڪ لفافي ۾ خاڪا موڪلي نٿا سگهن.

5- لفافي جي مٿان گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لکڻ ضروري آهي. ۽ پوسٽ باڪس 12 – حيدرآباد جي ائڊريس: تي موڪلڻ کپي.

6- صحيح نتيجو، لکڻ واري تاريخ جي ٻي ڏينهن روز نامه عبرت، سنڌنيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.

7- صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو ويو آهي، جيڪو مقرر تاريخ تي ڪڍي کوليو ويندو.

8- صحيح جواب تي هڪ سؤ رپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جي هڪ کان وڌيڪ ٻارن جا جواب صحيح هوندا ته انهن سڀني ۾ هڪ جيترو انعام ورهايو ويندو. جي صحيح جواب نه هوندو ته اهو انعام هڪ غلطيءَ وارن ۾ ورهايو ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪوبه نه آيو ته اهو انعام ايندڙ مهيني جي ڳجهارت ۾ ڏائي ڏنو ويندو.

9- ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪا مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا.

10- هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن کي مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا ۽ ان کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو.

سنيها

گل ڦل جي پڙهندڙ هڪ ڀيڻ پنهنجي خط ۾ سنڌي ادبي بورڊ کان گهر ڪئي آهي ته سنڌ ۾ عورتن جو رسالو، بورڊ طرفان جاري ڪيو وڃي. هن اديءَ عورتن جي رسالي جي اهميت ۽ ضرورت جي باري ۾ وڏو شاهي خط لکي جواب گهريو آهي. جيئن ته ڀيڻ پنهنجي ائڊريس: نه لکي آهي ان ڪري اسين هن صفحي ۾ سندس خد جي جواب ۾ گذارش ٿا ڪيون ته اها واقعي صحيح ڳالهه آهي ته سنڌي ادبي بورڊ پاران عورتن جو رسالو ضرور نڪرڻ کپي. ان احساس جي روشنيءَ ۾ بورڊ طرفان عورتن جي رسالي جي اسڪيم پڻ جوڙي ويئي آهي.جيئن ئي سنڌ سرڪار کان وڌيڪ فند ملندا ته ان اسڪيم تي عمل ڪيو ويندو. اسان اوهان جي جذبي جو قدر ڪيو ٿا ۽ اوهان جي رٿ جي آجيان ڪيون ٿا. ايڊيٽر

گل ڦل شروع کان ئي پڙهندو اچان. آهستي آهستي هي رسالو وکون وڌائيندو رهي ٿو. هن ۾ جيڪي ڦيريون گهيريون آڻيون پيا اهي سڀ ساراهڻ جوڳيون آهن. هن رسالي ۾ اوهان ٻارن لاءِ ڪا باتصوير قسطوار ڪهاڻي شروع ڪريو ته بهتر ٿيندو. فتاح هاليپوٽي جا ڪور ڏاڍا سٺا آهن. چڪن تي خاص ڌيان ڏيو ته تمام سٺو ٿيندو.

ابوبڪر شيخ بدينوي، بدين

گل ڦل لاءِ اوهان جي محنت ساراهڻ جوڳي آهي. خدا ڪري اڃا وڌيڪ جذبن سان پاڻ ملهايو.

واجد، لاڙڪاڻو.

مون کي تمام گهڻي خوشي آهي جو اسان جي پياري سنڌ جا ٻار گل ڦل ۾ زورشور سان حصو وٺي رهيا آهن جيتوڻيڪ هي ننڍڙو رسالو آهي پر ننڍن توڙي وڏن، پوڙهن توڙي نوجوانن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي. منهنجي صلاح آهي ته رسالي ۾ اڃا ڪجهه صفحا وڌايا وڃن.

ديالي ٻائي لهاڻو، دادو.

گل ڦل تمام بهتر رسالو آهي. گل ڦل پاڻ سان جيڪي انفرادي روايتون کڻي آيو آهي، انهيءَ ڪري سندس مقام سڀني پرچن کان مٿاهون پيو نظر اچي. گل ڦل جي خاص خوبي اها آهي ته منجهس نج ٻاراڻو ادب آهي اميد ته اها روايت برقرار رکندا.

ڊاڪٽر غلام سرور حاذق، نم شريف

گل ڦل ئي سنڌ ۾ هڪ رسالو آهي جيڪو اسان جي صحيح رهنمائي ڪري ٿو . انعامن جو سلسلو جاري ڪري اوهان ٻارڙن جي حوصلي افزائي ڪئي آهي. سائنسدانن جي سوانح عمري بابت ڪو ڪالم شروع ڪرو. لطيفا وري شروع ڪريو. ٿي سگهي ته اوهان هر ماهه ڪنهن ڊاڪٽر جو مضمون شايع ڪريو جيڪو ٻارن کي سندن صحت بابت ڪجهه هدايتون ڏي.

اعجاز احمد سومرو، ڪشمور

آڏ اکري سٺو سلسلو آهي. انعام جي رقم وڌائڻ کپي. تصويرون چٽيون نٿيون اچن. بهترين ليکڪن کي نه رڳو انعام ڏيو پر معياري لکڻين جو معاوضو ڏيڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح وڏا ليکڪ به ٻاراڻي ادب لکڻ ۾ چاهه وٺندا.

- امتياز حسين ملڪ

گل ڦل رسالي جنهن حد تائين  ٻارن جي ذهنن کي اجاگر ڪيو آهي، اهو واقعو تعريف جي لائق آهي. اوهان جيڪڏهن هر مهيني سلسليوار ناٽڪ ڏيو ته ڏاڍو سٺو. ٻارن جي آلبم لاءِ ٻه صفحا ڏيو ته بهتر. رسالي جا صفحا وڌائي اسي ڪريو ۽ قيمت اڃا وڌايوس. ”اوهان جي صحت ڪالم“ پڻ رسالي لاءِ ضروري آهي.

-         گنگارام، درساڻو ڇنو ڪراچي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com