ساڃهه
فاطمه اسڪول مان ايندي شرط ضد ڪرڻ لڳي ته باقي ٻه
ڏينهن اسڪول جي تقريب ۾ آهن انڪري مون کي ڪپڙا
ٺهرائي ڏي جيئن آئون به ٻين جهڙي نظر اچان.
ماڻس پهرين ته کيس پيار سان سمجهايو ته ڌيءَ! تون
پاڻ گهر جا حال ڏسيو ويٺي آهين. هڪ ڪمائڻ وارو پنج
کائڻ وارا، ٻئي ڀائر اڃا ڪمائڻ جي لائق نه آهن.
پڙهي نوڪري ڪن ته تنهنجي هر ڳالهه اکين سان
مڃينديس منهنجي سڪيلڌي! هينئر ساڍن پنجن سون مان
گهر جو پورت ئي مس ٿي ٿئي. تنهن سان به تون هڪڙي
ڌيءَ آهين ان لاءِ ڪا ڪالهه تنهنجي مڃيندي آهيان،
پر هينئر ته مهني جي پڇاڙي آهي. پئسا خرچ لاءِ به
مهيني جي پڇاڙي آهي. پئسا خرچ لاءِ به مس آهن سو
توکي ڪپڙا ڪيئن وٺي ڏيان. ڏاهي ٿي. هن ڀيري رکيل
ڪپڙن مان ڪو سٺو وڳو چونڊي پائي وڃ. پوءِ پيسو ٿيو
ته توکي ڪپڙن جو وڳو ضرور وٺي ڏينديس“
پر فاطمه ڪٿي هئي مڃڻ واري. هن ته اسڪول جي ڇوڪرين
کي اڳواٽ ٻڌايو هو ته هن ڀيري مان ڌوتل ڪپڙا نه
پائينديس، پر نوان پائي اينديس. سو اچڻ سان ضد ڪرڻ
لڳي.
نيٺ تنگ ٿي ماڻس دڙڪا ڏيڻ لڳيس. ۽ هيءَ روئي روئي
رسي ويهي رهي. هن جا سڀ منصوبا خاڪ ٿي ويا. هاڻي
سڀ ڇوڪريون نوان ڪپڙا پائي اينديون ۽ مان اهو
ڌوتل. سڀ چونديون ته تو چيو ته مان نوان ڪپڙا پائي
اينديس، پوءِ ڌوتل ڇو؟ هن جي ڪيتري نه بي عزتي
ٿيندي. آئون تقريب ۾ ڪانه وينديس. پر نه جي مون
تقريب ۾ حصو ورتو هي نه وينديس، ته به هتڪ ٿيندي
هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪري.
هوڏانهن ماڻس منجهي پئي هئي ته ڌيءَ چوي ٺيڪ ٿي ته
سڀ نوان ڪپڙا پائي اينديون ۽ فاطمه ڌوتل پائي وڃي.
پر هن جي به وس ۾ ڪونه هو مهيني جي پڇاڙي ۽ پئسا
به پورا....!
نيٺ هن هڪ ترڪيب سوچي ڪم ڪار لاهي، سڌو اسڪول جي
هيڊماسترياڻي نسرين وٽ وئي. جنهن کي هيءَ سڃاڻندي
به هئي ۽ قربائتي به ڏاڍي هئي. هن کي سڄي ماجرا
ٻڌايئين، هيڊماسترياڻيءَ هن کي تسلي ڏيندي چيو ته:
تون ڪوشش ڪري فاطمه کي ڌوتل ڪپڙا پارائي اسڪول
موڪل. مان سڀ ٺيڪ ڪنديس.
ٻي ڏينهن فاطمه اسڪول نه آئي. هيڊماسترياڻي سڀني
ڇوڪرين کي سڏي هڪ ننڍي تقرير ”سادگي“ تي ڪئي ۽
ڇوڪرين کي هدايت ڪيائين ته تقريب ۾ سڀ ڇوڪريون
ڌوتل ڪپڙا پائي اچجو. تقريب جي ڏينهن ماڻس فاطمه
کي جيئن تيئن ڪري اسڪول موڪليو. فاطمه اسڪول ۾ گهڙندي ئي حيران ٿي وئي، ڪابه
ڇوڪري نوان ڪپڙا نه پائي آئي هئي. خوشيءَ
سان گڏ حيرت به ٿيس. هيڊماسترياڻي هن کي گهرائي
سمجهايو ته تنهنجي ماءُ کي تون پياري آهين پر هن
جون به ڪجهه مجبوريون آهن. مون کي اميد آهي ته تون
هاڻي ماءُ جو چيو وٺندينءَ. ان ڏينهن کان پوءِ
فاطمه ضد ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ ماءُ جو چيو مڃڻ لڳي ۽
پنهنجي پڙهڻ کي لڳي رهي.
-
سراج الدين شيخ مٽياري
سرهاڻ
صبح جو جيستائين ماڻس ماني پچائي، تيستائين رلندو
پيو هو، ڪڏهن ته ماڻس ننڊ مان جاڳائيندي هيس، پر
مڙيو ئي پڙهڻ کان پيو لهرائيندو هو. اسڪول ۾ ته
ڪڏهن به وقت تي نه پهچندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته واٽ تي
ويهي ويهي ٻين ڇوڪرن کي جڏهن موڪل ملندي هئي، هي
به انهن سان گڏ موٽندو هو.
اسڪول ۽ گهر ۾ گڏهه وانگر پيو ڪٽبو هو، سبق سدائين
ڪچو، پڙهڻ ڏانهن ته شوق بنهه ڪونه هوس، پر پيءُ ۽
استاد جي مار جي خوف کان گسائيندو نه هو.
اڄ سليم سوير اُٿيو، ڏندڻ پاڻي ڪري ڪتابن کي
سنڀالي ڳوٿريءَ ۾ وڌائين، هن جي طبعيت بدليل هئي،
آئيني تي وارن کي ڦڻي پي ڏنائين، هن دل ۾ سوچيو ته
مان ايترو ته گندو نه آهيان جو سڀئي مون کي مارين
ٿا. بابو، امان ۽ سائين! اهي نالا هن جي ذهن ۾ ڦرڻ
لڳا. هو اڃا آئيني ۾ پاڻ کي ڏسي رهيو هو، ماڻس رڙ
ڪئي، ”اڃا بيٺو آهين؟“ دير ٿي وئي اٿئي، ڪيڏي مهل
ماني کائيندين اسڪول ويندين.“ هن کان ڇرڪ نڪري
ويو.
سليم ماني کائڻ سواءِ ڪتابن جو ڳوٿرو کڻي اسڪول
ڏانهن ويو، سڄي واٽ ۽ اسڪول ۾ اُهو ئي هڪڙو ئي
سوال ذهن ۾ پي ڦريو.
نجم، جيڪو هن جو ڪلاسي هو، سڄي ڪلاس ۾ هوشيار هو.
سڀئي استاد توڙي شاگرد کيس پيار ڪندا هئا، عزت به
ڏيندا هئا. نجم به ته مون جهڙو آهي هن دل ۾ سوچيو،
پوءِ ائين ڇو آهي؟ هن جي ذهن ۾ هيڪاندا سوال پيدا
ٿيندا رهيا، اڄ هو ڪلاس ۾ ماٺيڪو هو، ڪنهن سان به
نٿي ڳالهايائين، نه وري حرڪت ٿي ڪيائين، سڀئي
ڇوڪرا عجب ۾ هئا، سليم ڇو ماٺ ۾ آهي، ضرور اڄ پيءُ
ڇنڊ ڪڍي اٿس، جڏهن به ڪنهن ڇوڪري پڇيس، سليم ڇا
ڳالهه آهي؟ انهن کي جواب ۾ چوندو رهيو، ’ڪجهه به
نه آهي‘.
هن دل ۾ سوچيو ته اهي ڳالهيون نجم کي ٻڌايان، وري
ٿي خيال آيس، هو مون تي ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندو.
اسڪول مان موڪل ملي، هو ڪاڏي به نه ويو، سڌو گهر
هليو ويو. هن دل ۾ خيال ڪيو ته امان کان پڇان ٿو،
ائين ڇو آهي؟ ڳوٿرو جاري ۾ رکي سڌو ماءُ وٽ آيو،
جنهن مشن تي لٽا پي سبيا.
”امان! هڪڙي ڳالهه پڇانءِ، ڪاوڙ نه ڪجانءِ ۽ بابي
سان به ڳالهه نه ڪجانءِ.
”چؤ پٽ! ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ ماڻس مشين روڪيندي تعجب
مان پڇيو.
”امان ڏس نه، مان نجم جهڙو ئي آهيان، هو مون کان
به هوشيار آهي. مان ايترو ته گندو نه آهيان. مان
صبح پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو آهي، پوءِ ڇو نجم مون کان
وڌيڪ هوشيار آهي. بابو به مون کي ماري ۽ سائين به
ٻيا ٻار به مون سان گڏجي راند نه ٿا ڪن.“
يڪساهي سڀڪجهه ماءُ کي ٻڌائي ويو. ۽ خاموشيءَ سان
پنهنجن سوالن جا جواب پنهنجي ماءُ جي منهن ۾ ڳولڻ
لڳو.
”پٽ! ڳالهه ٻڌ. نجم تو جهڙو ضرور آهي، پر هو محنتي
آهي، هو رات ڏينهن پڙهندو آهي، رلندو نه آهي،
پراون ٻارن سان وڙهندو نه آهي، تون سڀني سان
وڙهين، وڏن جو ادب نٿو ڪرين، پوءِ توکي ڪيئن پيار
ملندو، ڪير تنهنجي عزت ڪندو! ڏس نه، تون منهنجو
چيو نه مڃيندو آهين، مان تنهنجي ماءُ آهيان!“
سليم ماءُ جون اهي ڳالهيون ٻڌي چپ رهيو. سندس ماءُ
وري مشين هلائڻ لڳي، هو ڪڇڻ کان سواءِ خاموش رهيو،
پوءِ چوڻ لڳو:
”امان! مان هاڻي پڙهندس، ڪنهن سان ڪونه وڙهندس،
سڀني جو چيو مڃيندس! پوءِ ته مون کي ڪير به ڪونه
ماريندو؟“
”نه پٽ! ڏاهو ٿيندين ته هر هنڌ عزت ملندوءِ!“
ماڻس جواب ڏنس. هن جي منهن تان مايوسي لهي وئي،
سرهاڻ اچي وئي، ڄڻ ته وڃايل شيءِ هٿ اچي ويس.
فياض بلوچ
وطن جا ويري
اصغر ۽ صادق پاڻ ۾ گهاٽا دوست هوندا هئا. هو پهرين
درجي کان وٺي گڏ پڙهندا هئا. صادق مئٽرڪ پاس ڪري،
پنهنجي پوڙهي پيءُ جو هٿ ونڊائڻ لاءِ رڪشا هلائڻ
لڳو. ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ تمام غريب هو ۽ کيس اڳتي
پڙهائي نٿي سگهيو. هوڏانهن اصغر جيڪو ڪم ڪندو هو
تنهن جي صادق کي ڪابه خبر نه هئي. پر هو هڪ ٻي کي
ڀائرن وانگر سمجهندا هوا.
هڪ ڏينهن صادق رات جو اٽڪل ٻارهين بجي ڌاري سواري
ڇڏي گهرموٽي رهيو هو. هڪ اونداهي گهڻي هئي ٻيو سڄو
رستو خالي ۽ دهشتناڪ لڳي رهيو هو. اوچتو سندس رڪشا
جي لائيٽ درياءَ جي پل تي بيٺل ٽن ماڻهن تي پيئي،
جيڪي هٿ هلائي، هن کي روڪڻ جو اشارو ڪري رهيا هئا.
صادق جڏهن انهن جي ويجهو پهتو ته انهن سان گڏ اصغر
کي ڏسي حيران ٿي ويو. اصغر به صادق کي ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيو. ۽ پنهنجي ساٿين کي چوڻ لڳو ته هي منهنجو
دوست آهي هينئر اسان جو ڪم ٿي ويو. صادق، اصغر کان
پڇيو ته تون هن مهل هتي ڪيئن بيٺو آهين. اصغر جلدي
رڪشا ۾ ويهندي چيو ته ادا، اڳتي هل ته سهي توکي
رستي ۾ ٻڌائيندس. ان سان گڏ سندس ٻئي ساٿي هٿن ۾
هڪ وڏي هڙ کڻي رڪشا ۾ ويٺا. رستي ۾ صادق اصغر کان
پڇيو ته هن هڙ ۾ ڇا آهي؟
اصغر وڏي فخر سان چيو ته اسان کي جنهن شيءِ جي
ضرورت پوندي آهي. سا اسان کي ملي ويندي آهي. رات
جي اونداهيءَ ۾ حاصل ڪرڻ اسان جو ڪم آهي. ٻيو ته
تون منهنجو دوست آهين توکان مان ڪجهه به نه
لڪائيندس، هن هڙ ۾ پئسا، سون، ۽ ٽيليفون جون تارون
آهن. اهو ٻڌندي ئي ذري گهٽ صادق کان رڪشا جو هئنڊل
ڇڏائجي ويو. پر هن جلد ئي رڪشا کي قابو ڪيو ۽ سوچڻ
لڳو ته ڇا اهو اصغر ايترو ڪريل ٿي سگهي ٿو. جنهن
سان منهنجي دوستي ننڍي هوندي کان هلندي اچي ٿي ۽
پنهنجو پاڻ کي ڪيترو پاڪ ۽ ايماندار سمجهندو هو.
خبر نه آهي هن اسان جي قوم ۽ ملڪ جو ڪيترو نقصان
ڪيو هوندو. انهيءَ وقت ئي اصغر لاءِ صادق جي دل ۾
نفرت پيدا ٿي وئي.
جنهن رستي تي اصغر جو گهر هو، ان رستي تي سڀ کان
پهريائين هڪ پوليس جو ٿاڻو هو ۽ جڏهن صادق پوليس
جي ٿاڻي ويجهو پهتو ته ان وقت دوست نما دشمن جي
لاءِ نفرت سندس دل ۾ اڃا به وڌي ويئي. صادق يڪدم
رڪشا کي ٿاڻي اندر ڪاهي ويو. رڪشا کي ڏسندي ئي ٻه
سپاهي ڀڄندا آيا. انهيءَ وقت اصغر چيو، ”صادق! تون
هي ڇاٿو ڪرين.“
صادق جواب ڏنس ته، ”جيڪو ڪجهه هڪ محب وطن کي تو
جهڙي غدار لاءِ ڪرڻ گهرجي.“ ايستائين سپاهي به
رڪشا جي ويجهو پهچي چڪا هئا.
صادق انهن ٽنهي کي هڙ سوڌو پوليس جي حوالي ڪيو.
سپاهي صادق کي به صوبيدار وٽ وٺي ويا. صادق
صوبيدار کي سڄي حقيقت ٻڌائي. صوبيدار اهو ٻڌي کيس
شابس ڏني ۽ اهي وطن دشمن چالان ٿي پنهنجي انجام کي
پهتا. پيارا ٻارؤ، اسان کي عهد ڪرڻ گهرجي ته انشاء
الله اسان به وڏا ٿي صادق وانگر وطن جي دشمن جي
پاڙ پٽائينداسون. آمين
ذاڪر حسين ڪيريو، ڀرياروڊ.
نتيجو بنا عنوان -7
ماهه اپريل 1979ع ۾ الطاف سومري جي ڪهاڻي ڏني ويئي
هئي، جنهن جو عنوان ٻارن کي مقرر ڪرڻو هو. پهتل
عنوانن مان ججن جي فيصلي مطابق هيٺين عنوان کي
پهريون نمبر مليو.
عنوان: غربت جو گهاءُ.
موڪليندڙ: 1- آزاد اسلم شاهه، قمبر. 2- عبدالغني
ڪنڀر جيمس آباد. جڏهن ته ڪهاڻيڪار جو عنوان غريب
جي عيد هو. انعام کٽندڙن مان هر هڪ کي ڏهن رپين جا
ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. کين گهرجي ته پوري
ائڊريس موڪلي انعامي ڪتاب گهرائي وٺن. ايڊيٽر
هنن سان ملو
(نوٽ: هن ڪالم ۾ رڳو انهن ٻارن جا نالا شايع
ٿيندا جيڪي پنهنجي اسڪول جي هيڊماستر جي صحيح ۽
مهر لڳرائي موڪليندا. ايڊيٽر]
- 1662 نالو: عبدالله ٿهيم، پڙهندڙ: پنجون. عمر:
10 سال. وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ. ائڊريس: ڪامريڊ
پنهور پان هائوس ٽنڊو آدم.
- 1663 نالو: علي اڪبر سينهڙو. پڙهندڙ: ٽيون. عمر:
8 سال. وندر: گل ڦل ۽ ديني ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس: حسن
علي ابڙو. نزد ريڪس سئنيما ٽنڊو آدم.
- 1664 نالو: قربان علي ٿهيم. پڙهندڙ: چوٿون. عمر:
10 سال وندر: گل ڦل ۽ اخلاقي ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس:
ڪامريڊ پنهور پان هائوس ٽنڊو آدم.
- 1665 نالو: محبوب علي ابڙو پڙهندڙ: پهريون.
وندر: الف. ب ياد ڪرڻ. ائڊريس: حسن علي ابڙو. نزد
ريڪس سئنيما ٽنڊو آدم.
- 1666 نالو: امير علي ابڙو. پڙهندڙ: چوٿون. عمر 8
سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ پرائمري اسڪول پيرو فقير شورو وايا ٽنڊو
آدم.
1667 نالو: نوراحمد بلوچ. پڙهندڙ: ٻيو. عمر: 7
سال. ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو الهيار.
- 1668 نالو: علي اصغر خاصخيلي پڙهندڙ: مئٽرڪ.
عمر: 15 سال. وندر: قلمي دوستي. ائڊريس: پوسٽ آفيس
فريدآباد تعلقو ميهڙ.
- 1669 نالو: اقبال حسين چنو پڙهندڙ: اٺون. عمر:
15 سال. وندر فوٽ بال کيڏڻ. ائڊريس: معرفت منظور
حسين چنه دڪاندار شاهي بازار لقمان ضلع خيرپور
ميرس.
- 1670 نالو: عبدالحفيظ ميمڻ. پڙهندڙ: اٺون. عمر:
16 سال. وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ ائڊريس: معرفت
نظيراحمد ميمڻ دڪاندار شاهد بازار لقمان ضلع
خيرپور ميرس.
- 1671 نالو: عبدالفتاح شيخ پڙهندڙ: اٺون. وندر:
بيڊمنٽن ائڊريس: دڪاندار چوڙيگر بازار خيرپور
ميرس.
- 1672 نالو: سراج بيوس پڙهندڙ: ڏهون عمر: 15 سال.
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ دوستي رکڻ. ائڊريس: ممتاز احمد
دڪان نمبر 3، لڳ اقبال ميموريل لئبرري ڪنڌ ڪوٽ.
- 1673 نالو: اعجاز احمد مجيداڻو. پڙهندڙ: ٻيو.
عمر: 8 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: محمد
ابراهيم ڪيبن هائوس ٽنڊو الهيار.
- 1674 نالو: امام بخش مجيداڻو. پڙهندڙ: چوٿون.
عمر: 12 سال. وندر: خطن جا جواب ڏيڻ. ائڊريس:
معرفت محمدابراهيم ڪئبن هائوس ٽنڊوالهيار.
- 1675 نالو: آفتاب احمد سولنگي. پڙهندڙ: ڏهون.
عمر: 16 سال. وندر: گل ڦل ۽ انگريزي ڪتاب پڙهڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول اوٻاڙو.
- 1676 نالو: محمد طالب علياڻي. پڙهندڙ: ستون
ائڊريس: معرفت: محب الله علياڻي پوسٽ روشن آباد
ضلع ٿرپارڪر.
- 1677 نالو: شهبيگ خان علياڻي. پڙهندڙ: ٽون. عمر:
7 سال. وندر: گهڻو کلڻ. ائڊريس: معرفت محب الله
علياڻي. پوسٽ روشن آباد ٿرپارڪر.
- 1678 نالو: منور داس. پڙهندڙ: ٽيون عمر: 8 سال.
وندر: رئڪيٽ راند، اسڪول جا ڪم ۽ ٽڪاڻي جي شيوا،
ائڊريس: معرفت گيڙي مل شاپ ڪيپر مارڪيٽ خانپور مهر
وايا گهوٽڪي.
- 1679 نالو: محمد اسحاق شيخ. پڙهندڙ: ڏهون. عمر:
15 سال. وندر: رسالا پڙهڻ: ائڊريس: معرفت محمد
ابراهيم جنرل اسٽور ميهڙ.
- 1680 نالو: سعيد احمد سومرو. پڙهندڙ: ڇهون. عمر:
15 سال. وندر: خطن جا جواب ڏيڻ. ائڊريس: معرفت
المنير اسٽور داد لغاري وايا ڏهرڪي ضلع سکر.
- 1681 نالو: عبدالصمد سومرو. پڙهندڙ: اٺون. عمر:
12 سال. وندر: دوستي رکڻ ۽ راند ڪرڻ. ائڊريس:
معرفت المنير اسٽور داد لغاري وايا ڏهرڪي ضلع سکر.
روشن تارا
هي ڪالم گذريل مهيني کان شايع ڪونه ٿو ٿئي. انڪري
ڪن ٻارن کي اهو گمان پيدا ٿي پيو آهي ته شايد هي
ڪالم بند ڪيو ويو آهي. حقيقت ڪري هن ڪالم لاءِ اڄ
ڪلهه اهڙا انٽرويو اچن ٿا جن کي شايع ڪرڻ، ورجائڻ
جي برابر آهي. ڪيترائي ٻار گل ڦل جا ساڳيا سوال
جواب کڻي لکي. موڪلين ٿا جنهنڪري هاڻي هي ڪالم ٻسو
پيو لڳي ۽ ان ۾ ڪا دلچسپي ڪانه رهي آهي. ائين پيو
ڀانئجي ته ذهين، ڄاڻو ۽ فني ٻارن جا انٽرويو شايع
ٿي چڪا آهن. انڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي هن
ڪالم ۾ اهڙن ٻارن جا انٽرويو شايع ڪيا ويندا جيڪي
غربت جي ڪري يا سماجي بيوسيءَ ڪري پڙهي نٿا سگهن
پر ڪونه ڪو پورهيو ڪري پاڻ يا پنهنجي مائٽن جي مدد
ڪن ٿا. اهڙا ٻار سنڌ ۾ تمام گهڻا آهن جيڪي جدا جدا
ڌنڌن ۾ لڳل آهن. مثال طور واڍو لوهار- موچي- ڪنڀر-
کٽي، مهاڻو وغيره ڌنڌن ۾ به ٻار ڪم ڪن ٿا. ريڙهو
يا ٿالهه کڻي مٿيون وڪڻندڙ ٻار، بسن ۾ ڪلينر طور
ڪم ڪندڙ ٻار، شهرن ۾ گئريجن ۾ ڪم ڪندڙ ٻار، موٽرون
صفا ڪندڙ ٻار، پيٽرول پمپن جا ملازم ۽ اخبارن جا
هاڪر وغيره. |