سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جولاءِ 1984ع

باب: --

صفحو :4

ٽن ڏينهن کان پوءِ هن جي ڳوٺ جو هڪ ماڻهو جنهن کي انور چاچو الهڏنو ڪري سڏيندو هو. سو ان هوٽل ۾ ماني کائڻ آيو ماني کائي جڏهن هو وڃي رهيو هو ته انور کي اتي ٿانون مليندي ڏسي هن کي سڏ ڪيائين هن جو چاچي الهڏني کي ڏنو سو ڊوڙي اچي ڀاڪر وڌائينس. تنهن تي الهڏني چيس تون هت ڪيئن. انور ڪنڌ هيٺ ڪري چيس ته چاچا بابا کي چيم ته سليم جهڙي سائيڪل وٺي ڏي سو بابا وٽ ايترا پيسا ڪونه هئا انڪري سائيڪل وٺي ڏيڻ کان انڪار ڪيائين ۽ مان ڪاوڙجي بنا ٻڌائڻ جي هيڏانهن هليو آيس ۽ پوءِ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائين.

الهڏني هوٽل جي مئنيجر کي هن جي کاڌي جا پيسا ڏئي هن کي سڌو ڳوٺ وٺي آيو.

ڳوٺ جي ٻاهران هن کي پنهنجو دوست هاشم مليو جنهن چيس ته تنهنجي ماءُ تنهنجي وڃڻ کان پوءِ سخت بيمار ٿي پئي آهي اهو ٻڌي انور ڊڪندو سڌو گهر اچي ٿو، ڏسي ٿو ڊاڪٽر سندس ماءُ جي ڀرسان بيٺو آهي ۽ سندس پيءُ جي هٿ ۾ ڊاڪٽر واري پيتي آهي اهو ڏسي هو اچي ماءُ جي هنج ۾ ڪري ٿو ۽ چوي ٿو امان تون جلدي چاڪ ٿي. اڳتي مان ڪڏهن به توکي ڇڏي نه ويندس ۽ انور جي اکين مان مندائتي مينهن وانگر ڳوڙها ڳڙي پون ٿا.

ڏهين جو نوٽ

بر صغير جي مشهور اردو ترقي پسند شاعر ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون، سنڌ جي مشهور اديب محمد دائود بلوچ ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايون آهن جنهن جي قيمت ڏهه روپيا آهن.

ڪتاب هر ننڍي وڏي بوڪ اسٽال تان ملي سگهندو.

بدرالنساءِ ڀٽي                          ڪهاڻي-2 سلسلو- 22

لاڏ ۽ پيار

ڪنهن ڳوٺ ۾ سانول نالي هڪ هاري رهندو هو. ان کي هڪ پٽ هو جنهن جو نالو ”انور“ هو. انور پيءُ، ماءُ جو اڪيلو ۽ دادلو پٽ هو. سندس پيءُ، ماءُ داد ڏئي ڪري کيس خراب ڪري ڇڏيو هو.

انور ستين ڪلاس جو شاگرد هو. پڙهڻ سان چاهه نه هوندو هوس- پيو آواره ڇوڪرن سان آواره گردي ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته سگريٽ به پيئندو هو. هن کي ستين ڪلاس ۾ ٽيون سال هو. بار بار فيل ٿيندو هو. تڏهن به پيءُ جو ڪو به فڪر نه ڪندو هو ته ڪي هو مون تي ايڏو خرچ ڪري رهيو آهي.

سندس پيءُ هن جي لاءِ ڪافي پئسا جمع ڪري رکيا هئا ته جيئن پٽڙو پڙهي ڊاڪٽر ٿئي. جڏهن انور کي خبر پئي ته پڻس پئسا جمع ڪري رکيا آهن ته روز ڪوڙ ڳالهائي ته (اڄ هي بڪ وٺڻو آهي. سڀاڻي هو ڪتاب وٺڻو آهي.) پئسا وٺي ويندو هو ۽ هوڏانهن بڪ وٺڻ بدران غنڊا گردي ڪندو هو ۽ رولو ڇوڪرن سان جوا کيڏي پئسا کپائي ڇڏيندو هو. وري ٻئي ڏينهن پيءُ وٽ هٿ ٽنگيندو هو.

هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو انور جو پيءُ پئسا ڏئي ڏئي تنگ ٿي پيو. جيڪي پئسا جمع ڪيا هئائين سي به ختم ٿي ويا هئا ۽ هي پريشانيءَ ۾ ويٺو هو ته پٽ پئسا گهرندو ته ڪٿان ڏيندس، جي نه ڏيندس ته پٽڙو ڊاڪٽر ڪٿان ٿيندو. منهنجو آسون ڪڏهن پوريون ٿينديون.

سانول اڃا انهي سوچ ۾ هو ته انور به اچي ويو ۽ پئسن جي گهر ڪيائين. پڻس جواب ڏنس. چيائينس ته پئسا ڪونه آهن. مظلوم پيءُ ٻيو ڇا پئي ڪري سگهيو. انور وري پارٽيءَ جو بهانو ڪندي پئسا گهريس ته دوست جي گهر پارٽي آهي. پڻس وري جواب ڏنو.

انور کي پيءُ جي ٻه دفعا جواب ڏيڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ پيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو گهر کان ٻاهر نڪري ويو ۽ اهو به چيائين ته ”آئنده هن گهر ۾ ڪڏهن به قدم نه رکندس.“

ماڻس اهو نظارو ڏسي روئندي پٽ کي ڏاڍو جهليائين پر نافرمان پٽ پنهنجي ممتا جي پيار کي ٺڪرائي مرضيءَ سان هليو ويو.

رستي تي هلندي هلندي هن جي نظر ڪنهن فقير تي پئي جيڪو فٽ پاٿ تي ليٽيو پيو هو. شايد هن جو ڪو به گهر نه هو.

انور سوچيو ته هاڻي پاڻ کي به فٽ پاٿ تي سمهڻو پوندو. سو گهر وڃڻ گهرجي. پر هن ته پڪو پهه ڪيو هو ته هي گهر نه ويندو ۽ ٻيو ته هن گهر کي منحوس چيو هو. هن کي پنهنجي دوستن جا گهر ياد آيا. هي اوڏانهن روانو ٿيو.

انور جا دوست پئس جا لالچي هئا. سو انور وٽ ته پئسا هئا ئي ڪونه سو هر دوست گهر ۾ رهڻ ڪونه ٿي ڏنو. در در جون ٺوڪرون کائيندين هڪ ڏينهن گذري ويس. ٻي ڪا واهه نه ڏسي ماڻهن جي اڳيان هٿ ڊگهيڙڻ شروع ڪيائين. جنهن مان رکي سکي مانيءَ سان پيٽ ڀرڻ لڳو ۽ رات جو فٽ پاٿ تي سمهڻ لڳو. تان جو ٻه ڏينهن گذري ويا.

انور جنهن کي سدائين لاڏ پيار مليو هو. سو اهڙن فاقين مان تنگ اچي ويو. هن کي هاڻ خبر پئي ته هي جيڪي ماڻهو رستن تي سمهن ٿا. صرف انهيءَ ڪري جو هنن جو ڪو به گهر نه آهي ۽ نه ڪي مائٽ آهن. پر انور کي ته ماءُ پيءُ هئا گهر هو ٻيو ته هن کي پنهنجي پيءُ ماءُ لاڏ ۽ پيار ڏنو هو پر هن انهن جي لاڏ ۽ پيار کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي. هن کي گهر وڃڻ گهرجي. الاجي ماءُ ۽ پيءُ ڪهڙي حالت ۾ هجنس.

انور اهو سوچي گهر ويو. ڏٺائين ته ماڻس پٽ جي جدائيءَ ۾ پاڻ کي کٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ پڻس ڳڻتيءَ ۾ ويٺو آهي.

انور اڳتي وڌيو، جڏهن ماءُ جي نظر وڃي انور تي پيئي ته انور کي چنبڙي پئي ۽ روئڻ لڳي. انور کي پنهنجي ماءُ جي اها حالت ڏسي روئڻ اچي ويو ۽ پنهنجي ماءُ کان رسڻ جي معافي گهريائين.

انور پيءُ سان به ڀاڪر پائي مليو ۽ ان کان به معافي گهريائين ۽ اهو به عهد ڪيائين ته آئينده ڪڏهن به پيءُ کان هروڀرو پئسا نه گهرندو، گهران به نه رسندو ۽ محنت ڪري پڙهندو.

نيڪ ماڻهو

اوهان مان ڪجهه ماڻهو ته اهڙا ضرور هئڻ گهرجن جيڪي نيڪي ڏانهن سڏين. ڀلائي جو حڪم ڪن ۽ براين کان روڪيندا رهن.

(القرآن آل عمران)

استاد

امام ابو حنيفه فرمائي ٿو ته ”جيستائين منهنجو استاد حمادر حمته الله جيئرو رهيو مان ان جي جاءِ ڏي پير ڪري نه سمهيس.“

ننڍڙا اديب

نظم

اسان جي وطن جا ننڍڙا ٻار پيار،

ٿيا ساري جڳ جي اکين جا هي تار.

 

نماڻا نماڻا سياڻا سياڻا،

وڏا ٿي ٿين شل سدائين سوڀارا.

 

هي عزت ۽ شهر سندي آسمان تي،

سدا چمڪندا رهندا روشن ستارا.

 

پگهر رت ڏيئي ديس جي لاءِ پنهنجو،

سموري جهان ۾ ٿيندا ناميارا.

 

ڌڻيءَ در دعا گل جي آهي ته ٿيندا،

اسان جي وطن جا به وارا نيارا.

عبدالرشيد گل ٽکڙائي

ڪڏهن ايندي

هن کي وئي ڪافي دير ٿي ويئي هئي، خبر ناهي هو ڪيڏانهن هلي وئي آهي، شايد گهڻو پري نڪري وئي آهي. سڀ ڪنهن کي هن جو انتظار هو.

سڀ ڏاڍي ڏک سان هن کي ياد ڪري رهيا هئا. سڀ ڪنهن کي پريشاني جي حالت ۾ اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا.

ڪنهن چيو: هاڻي ته هن کي اچي وڃڻ گهرجي. گهڻي دير ٿي وئي آهي.

ايتري دير ۾ ته ماءُ کي پنهنجو گم ٿيل ٻار به ملي ويندو آهي. پوءِ هو خبر نه آهي ڇو نه آئي آهي.

سڀ ننڍا وڏا پوڙها، هن کي ياد ڪري رهيا هئا.

اڙي سڀني جا چهرا خوشي سان چمڪي پيا آهن، سڀ خوشي مان نچي ڳائي رهيا هئا.

خوشي جي انتظار نه هئي پر ڇو نه هجي ڪافي دير کان پوءِ ته ”بجلي“ آئي آهي.

شيرين مڱريو حيدرآباد

 

ناني اوٻاريل بيدو

ناني سفوران اوٻاريل بيدن جي ڏاڍي شوقين هئي. روز جيڪي پئسا بچندا هئس ته ٻئي ڏينهن تي سليم کي ننڊ مان اٿاريندي ئي ڏيندي هئي ته ابا وڃي اوٻاريل بيدا وٺي اچ.

سليم به ڏاڍو تنگ ٿيندو هئو. پر کيس ناني سفوران جي ڪاوڙ جي به خبر هئي سو ويچارو مجبوراً ويندو هئو. سليم هڪ ڏينهن سوچيو ته آءُ جو روزانو نانيءَ لاءِ بيدا وٺي ٿو اچان سو اڄ کڻي ٿو هڪ بيدو گهرانس.

سليم ڏڪندي ڏڪندي نانيءَ کي چيو ته ناني مون کي هڪ بيدو ڏيندين.

اها فرمائش ٻڌي ئي نانيءَ جي دل آتش فشان وانگر ڦاٽڻ لڳي ۽ گرجندي جواب ڏنائين ته تنهنجي اها همت کڻندي ئي چلم جي نڙ اچي جو سليم کي ورتائين ته هڻي پٺيءَ تي تلڪ چاڙهي بنائي ڇڏيائين.

سليم ويچارو مار کائي سمهي پيو ٻئي ڏينهن سليم کي به هڪ شرارت دماغ ۾ سجهي آئي. سو جيئن ئي نانيءَ پيسا ڏنس سو بيدا وٺڻ بجاءِ لڪس صابڻ جون ٻه ٽڪيون وٺي ويو ۽ ڪٽي انهن مان ٻه بيدي جهڙا ٽڪرا ٺاهيائين پليٽ تي رکي کڻي آيو ناني لاءِ ناني ويچاري جي نظر ڪمزور هئي. سو بيدو سمجهي هڪ وات ۾ کڻي وڌائين. پوءِ سائين ناني سفوران اَلٽيون اڇلائيندي اڇلائيندي بيهوش ٿي ويو.

ان وچ ۾ سليم ٻاهر ڀڄي ويو پر ان ڏينهن کان پوءِ ناني سفوران اوٻاريل بيدن کائڻ کان توبهه ڪئي.

نصير احمد ميمڻ پاٽ شريف

ابو معشر سنڌي

هي اصل ۾ سنڌ جو هو. سندس نالو (نجيح) ۽ رڪنيت ’ابو معشر‘ هيس، سنڌ سان لاڳاپو هئڻ ڪري پنهنجي نالي جي پويان ’سنڌي‘ لکندو هو.

ٻين صدي هجريءَ ۾ هن کي غلام بنائي، مديني نيو ويو.

مديني مقدس ۾ جڏهن قبيلن، مختلف گهرن ۽ ڪيترن ئي اُميرن جي غلاميءَ دوران اتان جي عالمن کان علم حاصل ڪندو رهيو، جنهن جو هن کي تمام گهڻو شوق هو. هن اسلامي علمن خاص طور تي حديث فقه علم مغازي ۾ عبور حاصل ڪيو.

علم مغازيءَ تي هن هڪ بهترين ڪتاب ڪتاب المغازي لکيو. جنهن پاڻ ته شهرت حاصل ڪئي، پر ابو معشر جي شهرت ۽ عظمت کي چار چنڊ لائي ڇڏيا.

هن ڪيترن ئي قابل ۽ لائق شاگردن کي پيدا ڪيو، جن پاڻ کان سواءِ پنهنجي استاد جي عزت جو سبب بڻيا. انهن مان امام سفيان ثُري، ڳڻ جوڳو آهي.

جيئن ابو معشر جي شهرت ۽ عزت وڌندي وئي، تيئن سندس قيمت ۾ به واڌارو ايندو ويو.

خليفو مهدي عباسي جڏهن حج ڪرڻ آيو، تڏهن ابو معشر جي صلاحيتن ۽ قابليتن کان متاثر ٿي، کيس سن 777ع ۾ پاڻ سان بغداد گڏ وٺي آيو. اتي هن کي آزاد ڪري هڪ مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ رکيو ويو.

پاڻ زندگيءَ جا ڏهه سال بغداد ۾ رهي درس ڏيندو رهيو، ان عرصي ۾ هن ڪيترائي وڏا شاگرد پيدا ڪيا جيڪي بعد ۾ سٺا عالم بڻيا.

هن بغداد ئي ۾ سن 170 هه مطابق 786ع ۾ وفات ڪئي.

سندس نماز جنازه خليفي هارون الرشيد پڙهائي، جيڪو هن جي عقيدتمندن مان هڪ هو ۽ ڪيترن وڏن عالمن ان ۾ شرڪت ڪئي.

کيس بغداد جي ”مقبره ڪبير“ ۾ دفن ڪيو ويو.

ابن تراب جيلاني

لالچ

 

هڪڙو بادشاهه هوندو هيو. بادشاهه هڪ ڏينهن جهنگ ۾ شڪار ڪندي هڪ جهوپڙي ڏٺائين بادشاهه ان جهوپڙي وٽ پهچي ٻاهر بيهي رهيو. اها جهوپڙي هڪ ٻڪرار جي هئي جيڪو سڄو ڏينهن ٻڪري چاري واپس گهر آيو هيو تنهن جو بادشاهه کي ڏٺو. سو بادشاهه کي اندر وٺي آيو ۽ بادشاهه جي خدمت وغير ڪيائين.

بادشاهه جيڪو کٽ تي ويٺو هئو ۽ ٻڪرار پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو بادشاهه جي اوچتي نظر وڃي ٻڪرار جي ڪتي تي پئي.

ڪتي جي ڳچيءَ ۾ هڪ سونو قيمتي لال ٻڌل هيو جيڪو چمڪي رهيو هيو.

بادشاهه دل ۾ خيال ڪيو ته جيڪر اهو سونو لال ٻڪرار کان وٺان اهو سوچي آخر ٻڪرار اهو جيڪو ڪتي جي ڳچيءَ ۾ سونو لال ٻڌل آهي اهو مون کي ڏي جيڪو چئين اهو مان ڏيانءَ پر اهو لال مون کي ڏي ٻڪرار جيڪو سمجهي ويو ته پڪ بادشاهه لالچي آهي سو بادشاهه کي چيائين ته حاضر سائين مان اهو لال توهان کي ڏيندس پر هڪ شرط آهي جيڪڏهن قبول پوي ته مان لال ڏيندس نه ته بس.

بادشاهه هڪدم چيو ته ٻڌاءِ مان هر شرط قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ٻڪرار چيو ته سائين منهنجو ڪتو جنهن ٿانو ۾ کير پيئندو آهي ان ٿانو ۾ توهان به ڪتي وانگر اونڌو ٿي کير لڪيو ته مان توهان کي اهو سونو لال ڏيندس.

بادشاهه اهو ٻڌي پهريائين ته ڪجه نٽايائين پر آخر لال به ڏسي چيائين ته مون کي قبول آهي.

ٻڪرار ڪتي واري ٿانو ۾ کير وجهي بادشاهه کي چيو ته اچو سائين ۽ بادشاهه به آيو ۽ اونڌو ٿي ٿانو جي ڀرسان منهن آڻي اڃا زبان ڪڍڻ تي هيو ته هن کي خيال آيو ته مان بادشاهه ٿي ڪري هڪ لال جي ڪري ڪتي جي ٿانو ۾ ٿو کير پيئان اهو سوچي اٿي بيٺو ۽ وڃي الله جي سجدي ۾ ڪريو الله کان معافي ورتائين ۽ هميشه لاءِ توبهه ڪيائين ته ڪنهن به لالچ نه ڪجي.

پير امام المتقين راشدي نئون ديرو

سهي جي چالاڪي

پيارا ٻارو اڳ زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو. ايتري قدر جو جهنگلي جانور به انهي ملڪ جو جهنگل ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا. انهن مان هڪ جوڙو سهو ۽ سهڻ پنهنجا ننڍا ٻچا وٺي وڃي ٻي جهنگل ۾ پيٽ گذارڻ لڳا.

مگر اهو جهنگل هڪ شير پنهنجي حوالي ڪيو ويٺو هوندو هو. جيڪو به مسافر وغيره يا نئون جانور هٿ ايندو هو ته انهيءَ کي پنهنجو کاڄ بنائيندو هو.

سهي ۽ سهڻ ٻنهي پاڻ صلاح ڪئي ته اهڙو نمونو اختيار ڪجي جو جهنگل جي بادشاهه شير کان به بچجي.. سو ڇا ڪيائين جو پنهنجا پاڻ تي نالا نوان رکيائون.

سهڻ تي چندني مندني ۽ سهي تي چندرو. صلاح ته اڳ ۾ ٿيل هئي ته جنهن مهل شينهن اچي ته قصو شروع ٿئي هڪ ڏينهن شينهن کي ايندو ڏسي سهي چيو اي منهنج چندني مندني ٻڌاءِ ته ٻچا ڇا لاءِ ٿا روئن ته سهڻ زور سان جواب ڏنو ته ٻچا ٻن ڏينهن کان بکيا آهن سي شينهن جي گوشت لاءِ ٿا روئن.

شينهن جڏهن اها ڳالهه ٻڌي جڏهن سڄو ڏڪي ويو ۽ دل ۾ سوچڻ لڳو ته مار. ايڏيون بلائون آهن جنهن جا ٻچا به منهنجي گوشت لاءِ روئي رهيا آهن. سو پڪو پهه ڪيائين ته اهو جهنگل ڇڏڻو پيو. سو اتان واپس ٿيو، رستي تي هڪ گدڙ مليس، جنهن چيو ته اي شينهن جهنگل جا بادشاه ٻيا ٿي ويا آهن ۽ اسان کي حڪومت ڇڏڻي پئي. گدڙ چيو ته سائين ٻڌاءِ اهي ڪهڙيون آفتون آهن جنهن توهان کي به پنهنجي جهنگل مان طلاق ڏني آهي. شينهن وراڻيو ته مون کي ڏسڻ ۾ نه آيو آهي ۽ نه مون کي ڏٺائون نه ته زنده نه ڇڏين ها. باقي ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ مان سمجهيم نه انهن جا ٻچا به منهنجي گوشت لاءِ روئي رهيا هئا. بس اهي اٿئي خبرون. گدڙ چيو سائين مون کي سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته توهان کان ڪو ٻيو جانور زور هجي اهو خالي دڙڪو آهي. هل ته هلي ڏسون، پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي جڏهن انهيءَ جڳهه وٽ پهتا تڏهن سهي چيو ته اي چندني مدني ٻڌاءِ ٻچا ڇا لاءِ ٿا روئن، سهڻ جواب ڏنو ٻچا شينهن جي گوشت لاءِ. اتي سهي چيو ته گدڙ کي چيو اٿم ٻن شينهن لاءِ ته وٺيو اچي هڪڙو. اها ڳالهه جڏهن شينهن ٻڌي. تڏهن گدڙ کي هڪ ئي ڌڪ سان پورو ڪري وٺي ڀڳو ۽ چيائين ته هي به ٿو مون کي وڪڻي. پوءِ ڪڏهن به انهيءَ جهنگل طرف رخ نه ڪيائين پوءِ سهي ۽ سهڻ عيش ۽ عشرت سان زندگي گذارڻ لڳا.

عبدالرحيم خواجه واڍاڻي

علم خزانو آهي

علم سچ پچ هڪ اهڙو خزانو آهي جو ڪڏهن به کٽي نه ٿو وڃي. دولت خرچ ڪرڻ سان کٽي وڃي ٿي. علم خرچ ڪرڻ سان نه ٿو کٽي پر وڌي ٿو.

دولت چورائجي وڃي ٿي. علم هڪ اهڙو خزانو آهي جنهن کي ڪوئي به چورائي نه ٿو سگهي.

انسان ذات علم جي وسيلي وڏي اوج تي پهتو. انهيءَ علم جي وسيلي سائنسدان، انجنيئر، ڊاڪٽر، وزير ۽ صدر ٿا.

جي علم نه هجي ها ته انسان ۽ حيوان ۾ ڪو به فرق نه هجي ها. علم جي ڪري انسان ۽ حيوان ۾ فرق ٿيو.

الله تعاليٰ انسان کي ٻه اکيون ڏنيون آهن. ٽين اک انسان جي علم آهي.

دنيا ۾ اونداهي ۽ روشني ٻئي آهن جنهن علم کي پڪڙيو انهيءَ پنهنجي زندگي ڄڻ روشن بنائي.

ڪنهن بتي ۾ گاسليٽ نه هجي ته اها نه ٻرندي. انسان به ائين آهي. جي علم نه هوندس ته روشن دنيا حاصل نه ڪري سگهندو ۽ نه وري اهو چمڪندو به سهي.

حضور صه جن فرمايو آهي ته حضرت علي علم جو دروازو آهي ۽ مان ان جو شهر آهيان.

حضورصه جن اڳ ۾ پاڻ علم سکي پوءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ علم پکيڙيائين. عربن جهڙي حالت کي علم سان سنوار يائين.

علم نه هجي ها ته هي دنيا ترقي نه ڪري سگهي ها.

مثال: گاسليٽ ڪنهن لوح جي ڪٽ ڪڍي صاف ڪندو آهي ائين علم ئي جهالت کي ڌوئي ٿو. علم سان انسان جي زندگي بدلجي تمام سهڻي ۽ سٺي ٿئي ٿي.

حضرت علي فرمايو آهي ته (اسان رب پاڪ جي ورهاست تي راضي آهيون جنهن جي ذات اسان کي علم سان نوازيو ۽ جاهلن کي دولت ڏنائين.)

علم سان انسان جي عزت ٿئي ٿي انسان جيڏو به سهڻو هجي ۽ علم نه اٿس ته عزت نه ٿيندي انسان جيڏو به ڪوجهو هجي علم اٿس ته ان جي وڏي عزت ٿيندي.

اسان کي کپي ته علم پرايون ۽ ٻين تائين پهچايون.

عبدالعزيز عاطف کوسو

محنت ۾ عظمت

اسلم هڪ غريب ڇوڪرو هو. هن کي پڙهڻ تي ڏاڍو شوق هوندوهو هڪ غريب پيءُ جو پٽ هو. جيڪو اڪيلو مزدوري ڪندو هو ۽ اسلم ۽ سندس ٻين گهر جي ڀاتين جو پيٽ پاليندو هو ۽ ان جي خواهش هئي ته اسلم پڙهي ۽ هڪ ڏينهن وڏو ماڻهو ٿئي.

هو اسلم کي پرائمري پنج درجا ته آساني سان پڙهائي ويو. پر هو اسلم کي اڳتي پڙهائي نٿي سگهيو. ڇو جو هو هاڻي پوڙهو ٿي چڪو هو ۽ هن ۾ هاڻي ايتري طاقت نه رهي هئي جو هو وڌيڪ ڪمائي سگهي ۽ اسلم ۽ سندن گهر جي ڀاتين جي پيٽ به پالي سگهي ۽ هن کي اڳتي پڙهائي به سگهي.

آخر هن اسلم کي چيو اسلم پٽ مون ۾ هاڻي ايتري طاقت نه رهي آهي جو آئون توهان کي کارائي به سگهان ۽ توکي پڙهائي به سگهان انڪري منهنجي صلاح آهي ته تون به مون سان گڏ مزدوري هلي ڪر. ان تي اسلم کي تمام گهڻو ڏک ٿيو ۽ هن پيءُ کي تمام گهڻو مجبور ڪيو ته بابا آئون پڙهندس......... بابا آئون پڙهندس.

هن جي پيءُ چيو آئون وڌ ۾ وڌ توکي ڪتاب وٺي ڏئي سگهندس ۽ تون ٻيو خرچ ڪٿان پورو ڪندين.

اسلم ڪتابن جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو هن چيو بابا سچ توهان مون کي ڪتاب وٺي ڏيندا. پڻس وراڻيو ها پٽ ۽ ٻيو خرچ آئون مزدوري ڪري پاڻهي پورو ڪندس.

اسلم پيءَ گهر جي خرچ مان ڪجهه پئسا بچائي گڏ ڪري اسلم کي ڪتاب وٺي ڏنا.

هاڻي اسلم کي اسڪول ۾ داخلا وٺڻي هئي. پر اسلم وٽ داخلا جي في لاءِ پئسا نه هئا. انهيءَ لاءِ اسلم روزانو ڪجهه ڪاٺيون وڍي وڃي وڪڻندو هو. اهڙي طرح هن ڪجهه ڏينهن اندر داخلا جي فيس جا پئسا جمع ڪري ورتا ۽ پوءِ وڃي داخلا ورتائين ۽ اسڪول ۾ تمام گهڻي محنت ڪندو هو. ايتري قدر جو ٻيا ٻار وڃي رسيس ۾ راند ڪندا هئا تڏهن به هي ويٺو پڙهندو هو.

انهيءَ ڪري هر امتحان ۾ پهريون نمبر ايندو هو.

پڙهائي جو خرچ ڪتاب ڪپڙا وغيره وٺڻ لاءِ هي اسڪول ٻي ٽائيم کان پوءِ ڪاٺيون وڍي وڪڻندو هو پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ يعني وڏو ماڻهو ٿيڻ لاءِ هي سڀئي تڪليفون خوشي سان سهندو هو ۽ ڳوٺ جا ٻيا ماڻهو هن کي چوندا هئا وڃي ڪٿي مزدوري ڪر پڙهڻ مان ڇا ملندئي؟ پر هي انهن کي هوا ئي جواب ڏيندو هو ته ادا محنت ۾ عظمت آهي.

آئون پڙهندس پوءِ ڀلي مون کي ڪيتري به تڪليف سَهڻي پوي.

هڪ ڏينهن ڪلاس مان ڪتاب جي بئگ مان هڪ ڇوڪري جا پنجاهه رپيا چوري ٿي ويا. ان ڇوڪري وڃي استاد کي چيو، استاد ڪلاس ۾ سڀني ڇوڪرن کان پڇيو پر سڀني ڇوڪرن هڪ ئي جواب ڏنو ته سائين اسان نه کنيا آهن ۽ اسلم کنيا آهن. ڇو جو اسلم جو هوشياري جي ڪري سڀنئي ڇوڪرن ان تان سڙندا هئا. پيسا ڇوڪرن صلاح ڪري پاڻ لڪايا هئا.

اسلم کي جڏهن هيڊ مستر صاحب گهرايو ته اسلم عرض ڪيو ته سائين آءُ بيگناهه آهيان مون پئسا نه کنيا آهن، پر هيڊ ماستر کي يقين نه آيو.

ان کي سزا ڏيڻ لاءِ لڪڻ گهرايائين اسلم کي هٿ کولڻ لاءِ چيائين. اسلم هٿ کوليو ته ان جي هٿ ۾ لڦن جا نشان ڏسي هيڊ ماستر ڪجهه وقت لاءِ انهن هٿن کي ڏسندوئي رهيو ۽ پوءِ چيائين ته نه..... نه......... نه...... هي هٿ چوري ڪري نٿا سگهن.

ائين چئي هيڊ ماستر پنجاهه رپيا پنهنجي کيسي مان ڪڍي ان ڇوڪري کي ڏنا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com