عبدالرحمان جتوئي
عقلمند نوجوان
بنو اميه جي! دور واري حڪومت جي ڳالهه آهي ته انهن
ڏينهن ۾ حجاج بن يوسف بصري جو گورنر هئو. شوخ،
ڪٺور ۽ سخت طبيعت جو مالڪ هئو. ننڊين ۽ معمولي
ڳالهين تي ماڻهن کي قتل ڪرائڻ سندس عادت ۽ معمول
بڻجي چڪي هئي. هن پنهنجي عملدارن کي حڪم ڏيئي ڇڏيو
هئو ته جيڪو ماڻهو رات جو وقت نشي جي حالت ۾ بازار
۾ رلندو نظر آيو ته ان جي گردن اڏائي ويندي. بهار
جي موسم جي هڪ رات جو قصو آهي ته شهر جو ڪوٽوال
گورنر صاحب جي حڪم موجب شهر جي بازارين ۾ گشت ڪري
رهيو هئو ته سندس نظر ٽن نوجوانن تي پئي جيڪي بي
هوشيءَ جي حلت ۾ ويران ۽ سڃين گهٽين ۾ جهومندا اچي
رهيا هئا. انهن کي يڪدم گرفتار ڪيو ويو ڪوٽوال
کانئن بڇيو ته توهان ڪير آهيو، جو گورنر صاحب جي
حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي هن حالت ۾ گهمي رهيا آهيو؟
انهن ٽنهي مان هڪ نوجوان جواب ڏنو ته ”مان ان جو
فرزند آهيان جنهن جي آڏو ڪيترن ئي ماڻهن جا ڪنڌ
جهڪيل هوندا آهن. اهي سڀ منهنجي والد وٽ عاجز ۽
مجبور ٿي ايندا آهن ۽ منهنجو پيءُ انهن جي مال ۽
رت مان پنهنجي مرضيءَ مطابق حصو کڻندو آهي.“
ڪوٽوال خيال ڪيو ته شايد خليفي جي درٻارين مان
ڪنهن جو پٽ هوندو، انڪري هن کيس قتل ڪرڻ مناسب نه
سمجهيو ۽ صرف جيل ۾ وڌائينس.
ان کن پوءِ ڪوٽوال ٻئي نوجوان ڏانهن منهن ڪري
کانئس پڇيائين ته تون ڪير آهين؟ ان وراڻيو ته:
”مان ان جو نورچشم آهيان جنهن جي ديڳڙي ڪڏهن به نه
لهندي آهي پر جيڪڏهن ٿوري وقت لاءِ لهندي به آهي
ته وري چاڙهي ويندي آهي. عام ماڻهن منهنجي والد جي
چُلهه ڏانهن ٽولن جا ٽولا ٿي ڏسندا رهندا آهن. ڪي
بيهي، ڪي ويهي بي صبريءَ سان انتظار ڪندا رهندا
آهن.“
اها ڳالهه ٻڌي ڪوٽوال سوچيم ته ملڪ جي ڪنهن معزز ۽
اثر رسوخ واري ماڻهوءَ جي فرزند آهي، انڪري هن کي
قتل ڪرڻ بدران جيل جي حوالي ڪيائين.
هينئر هن ٽئين نوجوان ڏانهن رخ ڪري کانئس پڇيو ته
تون ڪير آهين؟ ان جواب ۾ ٻڌايو ته، ”مان ان جو
فرزند آهيان جيڪو پنهنجي مرضيءَ سان صفن کي چيرندو
تلوار سان انهن کي سڌو ڪندو آهي. سندس پير هميشه
رڪاب ۾ پيل هوندا آهن؛ توڙي جو ٻيا جنگ مان ڀڄي
وڃن پر هو ثابت قدم رهندو آهي.“
اهو بيان ٻڌي ڪوٽوال پهچايو ته هي ڇوڪرو عرب جي
ڪنهن بهادر ۽ شهسوار جو فرزند ٿو معلوم ٿئي، انڪري
هن کي به لاڪب جي سپرد ڪيائين.
صبح جو اهو ڪيس حجاج بن يوسف جي سامهو پيش ٿيو.
ٽنهي نوجوانن کي درٻار ۾ حاضر ڪيو ويو حجاج بن
يوسف جڏهن انهن کان سندن حسب نسب بابت پڇا ڪئي ته
ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿي ته انهن نوجوانن مان
پهريون حجم جو پٽ هئو، ٻيو نمبر نانوائيءَ جو ۽
ٽيون نمبر ڪوريءَ جو.
حجاج بن يوسف انهن نوجوانن جي ان قابليت واري
گفتگو کان تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ کين عمديون پوشاڪون
پهرائي ۽ انعام ڏيئي روانو ڪيائين.
ان کانپوءِ پنهنجن درٻارين کي مخاطب ٿيندي چيائين
ته؛ ”جيڪڏهن اهي نوجوان اها قابليت واري گفتگو نه
ڪن ها ته مان انهن ٽنهي کي قتل ڪرائي ڇڏيان ها.“
”سندس عقلمندي کي قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو.“
ساڌو مل ولاسائي
وراثت
هڪ غريب هاري کي ٻه پٽ اعظم ۽ معظم هئا. انهن مان
ماءُ ته آڳاٽي مري چڪي هئي. پر هاڻي انهن جو پيءُ
به مري ويو هو ۽ انهي کي ملڪيت جيڪا هڪ ڳئون، هڪ
کجور جو وڻ ۽ هڪ ڪمبل تي مشتمل هئي سا ورثي ۾ ملي.
اعظم يعنيٰ وڏو ڀاءُ تمام لالچي ۽ چالاڪ هوندو هو
جڏهن ته ننڍو ڀاءُ معظم سادو سودو ڀروسي وارو
هوندو هو.
اعظم صلاح ڪئي ته پنهنجي مرحرم مائٽن جي ملڪيت کي
تقسيم ڪيو وڃي.
معظم چيو ”ڇا پاڻ ڳئون کي ٻن حصن ۾ ڪٽي
ورهائينداسين.“
اعظم چيو ”نه بيوقوف نه! پان صرف زبان تقسيم
ڪنداسين.“ مثال طور ڳئون جو جيڪو اڳيون حصو تمام
سهڻو آهي. اهو تنهنجو آهي ۽ پويون حصو منهنجو آهي.
ڇا راضي آهين هائو؛ تنهنجي تمام گهڻي مهرباني!
معظم پنهنجي وڏي ڀاءُ جي سٺي فيصلي ڪرڻ تي چيو.
اهڙي طرح کجور جي وڻ جو مٿيون حصو جتي تون چڙهي نه
سگهندين انڪري اهو آءُ ٿو کڻان ۽ هيٺيون حصو
تنهنجو آهي. ڇا توکي قبول آهي. ”قبول آهي“ معظم
وراڻيو ۽ ڪمبل جو ڇا ٿيندو؟
”ڏينهن اڀرڻ کان لهڻ تائين اهو ڪمبل تنهنجو هوندو
۽ صرف رات جو منهنجي حوالي هوندو.“ اعظم چيو ”بلڪل
ٺيڪ“ معظم وراڻيو.
هاڻي معظم سڄو ڏينهن ڪم ڪندو هو. هو ڳئون کي گاهه
ڏيندو هو ۽ اعظم ان جو کير ڏهندو هو ۽ کير جو هڪ
ڦڙو به معظم کي ڪونه ڏيندو هو. جيئن هو معظم جي
تعريف ڪندو هو تيئن و خوش ٿيندو هو ۽ ڳئون کي تمام
گهڻو گاهه کارائيندو هو ۽ ڳئون گهڻو کير ڏيندي
هئي.
اهڙي طرح معظم کجو ر جي وڻ کي باقاعدگي سان پاڻي
ڏيندو هو. جڏهن کجور پچندي هئي ته اعظم کجور جي وڻ
تي چڙهي ويندو هو ساري کجور لاهي کائيندو هو پر
معظم کي ذور به نه ڏيندو هو. بيشڪ هن کجور تي تمام
سٺي محنت ڪئي آهي. معظم ان ۾ ئي خوش هو.
ڪمبل هن کي ڏنل رڳو ڏينهن جو هو انڪري هو استعمال
ڪري نه سگهندو هو. ڇاڪاڻ ته ڏينهن جو ڪمبل اوڍڻ جي
ڪا ضرورت ئي ڪانه هئي. رات جو جڏهن سردي ٿيندي هئي
ته هو سيءَ ۾ ڏڪندو هو ۽ اعظم گرم ڪمبل جي اندر
گهري ننڊ ۾ سمهي رهندو هو.
هي حالت ڪجهه وقت هلندي رهي ته هڪ پوڙهي خيال ڪيو
ته وڏو ڀاءَ ننڍي ڀاءَ کي ڪهڙي طرح دوکو ڏيئي رهيو
آهي. هڪ ڏينهن پوڙهي معظم کي ڏٺو ته هو ڳئون کي
گاهه چاري رهيو آهي. پوڙهي چيو ته تون ڳئون کي
گاهه ڇو چاري رهيو آهين؟ ””ڇاڪاڻ ته اڳيون حصو
منهنجو حصو آهي ۽ کير ڪير ٿو کڻي؟ معظم معصوميت
سان چيو ته منهنجو وڏو ڀاءُ ڇاڪاڻ ته پوئين حصي جو
هو مالڪ آهي. پوڙهي چيو ته ”ڇا هو توکي کير ڏئي
ٿو.“ ”نه“ پوءِ تون هڪ بيوقوف آهين. ڳئون جي سار
سنڀال تون ڪرين ۽ کارائين پيارين تون پوءِ کير هو
حاصل ڪري. معظم بيڪسي سان چيو ته ”پر آئو ڇا ٿو
ڪري سگهان، هي سڀ ان فيصلي تحت آهي جو اسان جي وچ
۾ ٿيو آهي.“ هيڏانهن اچ ۽ منهنجي ڳالهه ٻڌ. پوڙهي
معظم جي ڪن ۾ ڪجهه چيو. ٻي صبح جڏهن اعظم معمول جي
مطابق ڳئون کي ڏهڻ لڳو ته معظم به هڪ لٺڙي هٿ ۾
کڻي پهچي ويو ۽ ڳئون جي منهن تي وهائي ڪڍيائين.
ڳئون هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳي. اعظم چيو ته ”نه
هڻ. ڏسين ڪونه ٿو آءُ ڳئون کي ڏهان پيو، ان کي تنگ
نه ڪر“ معظم چيو ته صرف اڳيان هڻي رهيو آهيان جيڪو
حصو مون سان وابسته آهي. اعظم چالاڪ ڇوڪرو هو هو
سمجهي ويو ته اڄ معظم کي ڪنهن سمجهايو آهي تنهن
چيو ته هاڻي ڌڪ نه هڻ آءُ توکي اڌ کير ڏيندس.
”توکي ڳئون کي کارائڻ پيارڻ به حصو وٺڻو پوندو.
معظم چيو. ”ها“ اعظم وراڻيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اعظم کجور جي وڻ تي کجور پٽڻ
لاءِ چڙهي ويو ۽ پڪل کجور پٽي کائڻ لڳو. معظم
ڪهاڙو کڻي کجور جي وڻ کي پاڙ وٽان وڍڻ لڳو ته اعظم
چيو ”هي ڇا پيو ڪرين ڏسين ڪونه ٿو آئون مٿي چڙهي
کجور پيو پٽيان.“
معظم چيو ته آءُ صرف پنهنجي حصي کي ڪَٽي رکيو
آهيان.
اعظم رڙ ڪري چيو ته ”ادا؛ آءُ توکي کجور جو اڌ
ڏيندس پر توکي وڻ کي ڪٽڻو ناهي.“ ”توکي وڻ کي پاڻي
به ڏيڻو آهي واري تي“ ”ها“ اعظم چيو اهو فيصلو ڪري
اعظم سڌو گهر آيو ۽ ڪمبل کڻي پاڻيءَ ۾ پسائي
ڇڏيائين رات جو جڏهن اعظم ڪمبل کڻڻ آيو ته ڏٺائين
ته پسيو پيو آهي. ”توکي خبر نه اهي ته آءُ ڪمبل
اوڍيندس پوءِ تو اهو ڇو پسايو آهي. معظم معصومانه
انداز ۾ چيو توکي خبر نه آهي ته ڪمبل ڏينهن جي وقت
منهنجو هوندو آهي ۽ آءٌ جيڪو چاهيان اهو ڪري سگهان
ٿو.“ اعظم چيو ته ”پيارا ڀاءَ، آئيندي رات پاڻ ٻئي
گڏ هڪ ڪمبل ۾ سمهنداسين ۽ آرام سان گذارينداسين:
بشير احمد شيخ
ڪومايل لڙڪ
وسيم منهنجو دوست آهي ۽ هو مون سان گڏ پڙهندو آهي
مون کي پنهنجي دڪان تي آئي مس پنج منٽ گذريا ته
وسيم هوڪا ڏيندو منهنجي دوڪان تي آيو وسيم جو پيءُ
مزدوري ڪندي ڪارخاني جي مشين ۾ اچي فوت ٿي ويو
وسيم کي ٻڍڙي ماءُ ۽ هڪ ڀيڻ کان سواءِ ڪوبه نه هو.
جن جو به پاڻ ئي سهارو هو.
وسيم مون کي چوڻ لڳو.
يار اڄ جيئن اسڪول کان موٽي اچي ڪم کي لڳو آهيان
ته صرف پائلي کان سواءِ ڪجهه به نه ڪمايو اٿم. امڙ
به بيمار آهي جنهن لاءِ دوا وٺڻي آهي. اڄ ورري
استاد ڪتاب وٺي اچڻ لاءِ چيو هو. بس ڀاءَ ڇا ڪجي
سڄو ڏينهن اُس ۾ ڀڄي ڀڄي اڌ مئو ٿي پوندو آهيان.
هو ائين چوندي مون وٽان اٿي اسٽاپ تي بيهندڙ بسن
مان هڪ بس ڏانهن تڪڙيون تڪڙيون وکو ڀريندو مون
وٽان اٿي هليو ويو مان پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويس ته
اوچتو روڊ تي ڪار جي ويلن جو زودار چڪاٽ ٿيو ايندڙ
ويندڙن کان ڇرڪ نڪري ويو آءٌ پنهن ڪم کي ڇڏي دڪان
مان نڪري ڏسڻ لاءِ اٿيس ته رستي تي هڪ ڪار بيٺي
آهي ڪار جي لڳ زور واري بريڪ جي ڪري رستي تي ويلن
جا پٽا ٺهي ويا آهن ننڍڙي معصوم وسيم جي سنهڙي سڪل
ٻانهن هڪ ظالم ڊرائيور جي ڪار هيٺان اچي ويئي ۽
ٻين هندن تي به ڪافي زخم لڳا ويسم جا سڀ ڇولا روڊ
تي ڪڻو ڪڻو ٿي پري پري تائين کنڊرجي ويا. سائين
مون پنهنجا ڇولا وڪڻڻ لاءِ سامهون واري بس تي پئي
ويو هو ٽڙڪندي ۽ هٻڪندي ظالم ڊرائيور کيس چئي رهيو
هئو.
گڏهه جا پٽ لوسي؛ ڇورا نقصان پڻهين ڀريندو، ڪار
ڊرائيور ڀڀڪندي وات مان گڦ هاريندي معصوم وسيم جي
گلن جهڙن ڪچڙن ڳلن تي هڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍي.
ماڻهو معمول مطابق هيڏانهن هوڏانهن وڃي رهيا ها.
ڪنهن جي دل ۾ به رحم نه پئي جاڳيو جو هن ظالم
ڊرائيور کان معصوم جي جان ڇڏائي سگهي منهنجون
نظرون ڪار کي ڏسي رهيون هيون جيڪا بلڪل صحيح سلامت
هئي.
وسيم جو خون ڳوڙها بڻجي ڳڙڻ لڳو سندس ڪماڻيل مکه
جي ڳلن تي آڱرين جا نشان بڻجي ويا جن مان خون نڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي پر صد افسوس جو وسيم جو سارو جسم خون
کان خالي هئو. هن اکيون واجهائي هيڏانهن هوڏانهن
نهاريو من ڪو منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ اچي پر هن غريب
مزدور جي پٽ جي ڪوبه مدد ڪرڻ لاءِ نه آيو.
آءٌ به ظالم ڊرائيور سان ورجايو ته هن معصوم جي ڪا
به غلطي نه آهي غلطي توهان جي آهي توهان کي ڪار
حفاظت سان هلائڻ گهرجي پر ظالم مون کي به گهٽ وڌ
ڳالهايو ۽ ڏسي ائين رهيو هو ڄڻ مون سندس قرض ورتو
آهي.
ڊرائيور جي وات ۾ صرف گاريون ۽ گڦ هئي ڪار جي پاسي
مان هڪ ٽرڪ زوراٽ ڪندي ننڍڙي وسيم جي ٿالهه کي ۽
ڇولن کي راک ڪري ويئي وسيم ويچاري جون نظرون ميرن
چٿيلن ڇولن ۽ چٻي ٿيل ٿالهه تي کتل هيون خبر نه
آهي ته هن جون ڪهڙيون تمنائون ڇولن ۾ هيون ان
ڊرائيور سندس سڀ تمنائون خاڪ ۾ ملائيندي هڪ زوردار
لت ڪک ۾ هڻندي ڪار کي اسٽارٽ ڪندي اڳتي وڌي ويو
ننڍڙو وسيم لت لڳڻ سان بولاٽيون کائيندو وڃي روڊ
تي ڦهڪو ڪيو سندس نرڙ مان رت ڦوهاري وانگر پري پري
تائين پکڙجي رهيو هو. اهو لقاءِ ڏسي منهنجي دل ۾
جهٻو آيو ۽ امالڪ وسيم ڏانهن وڌيم. وسيم جي زخم کي
رومال سان ٻڌي اڃان هن کي اٿاري ئي رهيو هوس ته
وسيم جي وات مان رت جي گرڙي نڪري آئي. جنهن هن جي
زبان کي لال بڻائي ڇڏيو هو وسيم هينئر پنهنجي چٻي
ٿيل ٿالهه ۽ ميرن چٿلين ڇولن کي حسرت ڀرين نگاهن
سان ڏسندي روئي ڏنو. وسيم چٻو ٿيل ٿالهه هٿ ۾
کڻندي گهر ڏانهن راهي ٿيو هيئر هو خالي هو صرف هن
وٽ لڙڪ رت ٿڦيل چپن سان گڏ چٻو ٿيل ٿالهه، هو
مايوسيءَ سان وڌندي وڌندي اچي گهر کي سڻائو ٿيو.
سندس ننڍڙي ڀيڻ ڀاءُ کي ڏسي رئي جي خوشيءَ ۾ ڀڄندي
ٿي آئي هن ننڍڙي سٻاجهڙي نينگر پري کان ئي ٽڙندي
رڙ ڪيئ ڀائو وسيم رئو، وسيم جا ڇيهه ڇڄي پيا اکين
اڳيان اونده اچي ويس جڏهن ڀيڻ جا صبح وارا چيل
مٺڙا لفظ يا آيس ته ڀائو وسيم سڀني ڇوڪرين کي روا
آهن پر مون کي ڪونه آهي وٺي ڏيندين نه ڀائو، هن جي
ذهن ڀنواٽيون کائن لڳو اکين ۾ لڙڪ تري آيس فوزيه
ڀاءَ کي ڏسندي ڪجهه قدر گهٻرائجي ويئي؛ ڇو جو اڳ
وسيم جي لبن تي مرڪ هوندي هئي پر اڄ اهي رت سان
ٿڦيل هئا ۽ نرڙ مان رت وهي رهيو هوس.
فوزيه سندس ڀر ۾ خاموش خاموش قدمن سان قدم
ملائيندي گهر ڏانهن هلڻ لڳي.
وسيم جيئن گهر ۾ گهڙيو ته سامهون سندس ماءُ جو
هذائون پڃرو ڏسي هن کي مٺڙي جيجل امڙ جا چيل لفط
يا اچي ويا.
ابا پنج ڏينهن لوڙيو اٿم. اڄ ڪا ٽڪي ٻڪي ته وٺي
اچجانءَ هن جو متيون منجهڻ لڳيون ۽ جيجل ماءُ
ڏانهن وڌي رهيو هو سندس ماءُ جا ڪافي وقت کان ان
انتظار ۾ هئي ته اجهو ٿو منهنجو سوڍو پٽ دوا وٺي
اچي، ان مهل سندس اميدن جا مهل ڊهڻ لڳا جڏهن وسيم
کي دوا ۾ رئي جي بدران هٿ ۾ چٻو ٿيل ٿالهه ۽ چپ رت
۾ ڀريل ڏٺا.
جهامن جان
(اچو ته سنڌ گهمون)
مٺي
ٻارو! مٺي ضلعي ٿرپارڪر جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ واري
ريگستان علائقي ٿر جو مرڪزي ۽ وڏي ۾ وڏو شهر آهي.
هي شهر نئون ڪوٽ کان 33 ميلن جي مفاصلي تي واري جي
ڀٽن ڀر ٿر جي سنئين وچ تي جوڙيل آهي ڳالهه ٿا ڪن
ته مٺي نالي عورت ذات جي بجيرياڻي گهڻو اڳ هتي هڪ
کوهه کوٽايو ۽ پاڻ وانڍ ٺاهي ويهي رهي ۽ ان کوٽايل
کوهه جو پاڻي مٺو نڪتو. پوءِ ان مٺي مائي جي نالي
پويان اُن وانڍ يا ننڍڙي ڳوٺڙي جو نالو مٺي پيو.
جيڪو اڄ شهر جي صورت ۾ ٿر جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي ۽
هاڻي ائين پيو ٻڌجي ته جڏهن ٿر الڳ ضلعو ٺهندو.
تڏهن مٺي ان جو هيڊ ڪواٽر هوندو.
ميرن جي دور حڪومت ۾ هن شهر ۾ ٻه قلعا جوڙايا ويا
هئا. هڪ شهر جي وچ ۾ جتي هينئر اي. سي جي آفيسر
آهي اُتي هو ۽ ٻيو شهر جي اولهه طرف وڏي ڀٽ جي
چوٽي تي هو جنهن کي ”گڍي“ چون ٿا. هاڻي به ان جاءِ
تي پٿر ۾ مٽي جا ڍير ڏسجن ٿا. ميرن مٺي شهر جو
نالو فتح ڳڙهه رکيو هو. پر پوءِ ساڳيون نالو مٺي
سڏجڻ ۾ آيو. جيڪو اڄ به سڏجي ٿو.
جيئن ته ٿر علائقي جي هو مرڪزي شهر آهي جنهنڪري هي
سڄي ٿر جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن سان ڇڪڙا لاري جي
رستن ذريعي ڳنڍيل آهي. نئون ڪوٽ کان ايندڙ لاري
مٺي مان لنگهي؛ اسلام ڪوٽ؛ نگرپارڪر، ڏيپلو
ماڃنٺي، چيلهار ۽ ٻين ننڍڙن ڳوٺن ڏي وڃي ته هي شهر
ٿر جو واپاري مرڪز به آهي جتان ٻاجهر، مڱ، موٺ،
گوار ۽ تر وڏي تعداد ۾ سنڌ جي بيراج علائقي ڏي نيو
وڃي ٿو.
ان کان سواءِ هتي ڪپڙي رڱڻ جو ڪم ڪيو وڃي ٿو. گهڻو
اڳ هتي (وول) اُن جو ڪارخانو کوليو ويو هو. پر ان
ايتري قرقي نه ڪئي ۽ بند ڪيو ويو. هتي هٿراڌو ڀرت
ڀرڻ جو ڪم عمدو ٿئي ٿو ۽ چوپايي مال جي کلن، اُن ۽
ڏاس مان ٺاهيل کٿا، لويون ۽ جيرويون وڪرو ڪيو وڃن
ٿيون.
هن شهر ۾ غاليچا ٺاهڻ جا ڪارخانا ۽ ڪپڙي اُڻڻ،
مودون ۽ ٽوال ٺاهڻ جا آڏاڻا به آهن. ان کان سواءِ
مٺي شهر ۾ ويٺل سوٽهڙ ڪاٺ جو عمدو ڪم ڪندا آهن.
جنهن مان خاص ڪري اُٺن جا پاکڙا، کٽون، ڪرسيون در
۽ دروازا وغيره ٺاهيندا آهن.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتي ميونسپالٽي هئي جيڪا 1905ع
۾ بند ڪئي ويئي.
هاڻي هن شهر کي ٽائون ڪميٽي جو درجو مليل آهي ۽ هي
شهر تعلقي هيڊ ڪوارٽر آهي. هتي اي. سي جي آفيس؛
مختيارڪار جي آفيس؛ پوليس ٿاڻو، جيل خانو، پوسٽ
آفيس، تعلقه اسپتال ۽ انسپيڪشن بنگلو آهي.
هتي سڄي ٿر جو واحد ماروئڙا سائنس ڪاليج آهي.
مردانه هاءِ اسڪول ۽ گرلز هاءِ اسڪول، پرائمري
اسڪول، ٻيلي کاتي طرفان جانورن جي اسپتال، فيملي
رٿابندي جو مرڪز ۽ ڪجهه سماجي ۽ ادبي ادارا به
آهن.
سڄي ٿر ۾ صرف مٺي شهر کي بجلي جي روشني جي جرڪندڙ
ڪرڻن سان سينگاري چمڪايو ويو آهي ۽ هاڻي جلد نئون
ڪوٽ کان ٺهندڙ پڪو روڊ مٺي پهچي ويندو.
هن شهر جي اُتر طرف ميل کن پنڌ تي نئون ڪوٽ ويندڙ
رستي ڀرسان ڀٽ تي مصري شاهه جو ميلو به لڳندو آهي.
هتي هندو لهاڻا مهيشوري، مينگهواڙ ڪولهي گرڙا
وغيره رهن ٿا.
وسڪاري جي ورڻ سان هونئن ته سڄو ٿر ساوڪ سان
سينگارجي وڃي ٿو. پر توهان ڪڏهن مٺي جي ملوڪت ڏسڻ
اچو ته وسڪاري جي وچ ڌاري اچي ڏسجو. ان وقت مٺي جو
منهن مهڪندي نظر ايندو.
ساوڪ مٿي ڪيترا،
رهاڻ ڪن ريڊار،
ڳالهيون ڪندي پاڻ ۾،
ڳائين ڳيچ هزار.
نيڪ گهوڙو
”مان سڀ کان سٺي ٻانگ ڏئي سگهان ٿو.“ ڪڪڙ ٻٽاڪ
هنئين. ”مان هڪڙي پل ۾ ڇت تائين پهچي سگهان ٿي“.
مک روز سان چيو.
”مان اونداهي رات جو به ڏسي سگهان ٿو.“ چٻري
پنهنجي خاصيت بيان ڪندي چيو.
مان هر آواز کڻي ڪيترو به پري ڇو نه هجي، يڪدم ٻڌي
سگهان ٿي: ٻلي پريان رڙ ڪئي.
”پر؛ پر مان..... مان ته مان ته ڪجهه.... به ڪري
نٿو سگهان“ چوزي ڏک مان چيو ۽ سندس وڏين وڏين اکين
مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا ۽ هو سڏڪا ڀري روئڻ
لڳو. ايترو رنو جو ٻيا سڀ جانور گهٻرائجي ڀڄي ويا.
مترجم: ڪامران علي نوراني.
مسعود احمد برڪاتي
قسط- 6 |