سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1991ع

باب: --

صفحو :3

انهيءَ اٽڪل تي هو ڏاڍو خوش هو. گھر آيو ته سندس ذهن ۾ ڪڪڙ ڦاسائڻ جي اٽڪل سمايل هئي. ماسي مُرادان جو گهر به سندن گهر جي ڀرسان هيو. هو اها ڳالهه سوچي سوچي رات ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. نيٺ رات به آئي. هن کي دير تائين ننڊ نه آئي. پوءِ اٿيو ۽ هڪڙو ڪپڙو کڻي پاڻيءَ ۾ آلو ڪري ٻاهر نڪري ويو. ماسي مرادان جا ڪيترائي ڪڪڙ ڀت تي ويٺا هئا. هن ٻه ٽي سرون کڻي انهن تي چڙهي، وجهه وٺي هوريان هوريان هڪ ننڍي ڪڪڙ جي مٿان آلو ڪپڙو وڌو. ڪڪڙ ڪومائجي وئي ۽ ڪُڙ ڪُڙ ڪرڻ لڳي. پر، اخوءَ کيس نڙيءَ کان پڪڙي کڻي هيٺ لاٿو ۽ ڪپڙي ۾ لَڪائي گهر اچي اندر ڪوٺيءَ ۾ کاري هيٺان لڪائي ڇڏيائين. ۽ پاڻ آرام سان سمهي پيو. صبح جو سوير اٿيو. ماڻس مَنهن ۾ ماني پچائي رهي هئي پڻس ته صفا ساجهري ٻنيءَ تي هليو ويو هو. هن وجهه وٺي ڪوٺيءَ مان ڪڪڙ کڻي ڪڇ ۾ لڪايو، اسڪول ڊڪندو ويو، اسڪول اڃا ڪونه کُليو هو. هو ٻاهر ويهي رهيو. جڏهن اسڪول کليو ته هن ڪڪڙ کڻي وڃي ميز هيٺان ٻڌي ڇڏي. ٿوري دير کانپوءِ ڪجهه ڇوڪرن ٻيا به ڪڪڙ آندا. ۽ جڏهن استاد آيو ته، ايترا ڪڪڙ ڏسي خوش ٿيڻ لڳو. ۽ ڪڪڙ آڻيندڙن جا نالا پُڇڻ لڳو. پوءِ مطمئن ٿي، انهن ڇوڪرن جو پاس ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيائين.

ڪلاس ۾ جڏهن حميد آيو ۽ ميز هيٺان ٻڌل ڪڪڙ ڏٺائين تڏهن چوڻ لڳو ”هل...... پنهل ايترا ڪڪڙا اڄ ته سائين ڍَوَ آٿو“ استاد منهن گهنجائيندي کيس چيو، ”اڙي، هل چَنڊا...... نظر نه هَڻين!“ حميد جڏهن ويٺو ته نظرون ڪڪڙن ۾ هيس. جڏهن اخوءَ واري ڪڪڙي کي ڏٺائين تڏهن ٿورو شڪيو، ’ته، اها ڪڪڙ، ته ماسي مُرادان جي ڏسجي ٿي. هن پڪ ڪرڻ خاطر ڇوڪرن کان پڇا ڪئي ته، ”اڙي، اها ڳاڙهي ڪڪڙ ڪنهن آندي آ؟“ سڀني چيس ته، ”اها ڪڪڙ اخوءَ آندي آهي.“ هن اخوءَ کي ڏٺو ته، اخو سُسي ويو. حميد پڇيس ته، ”اخو، اها ڪڪڙ ڪٿان آندي اٿئي؟“ اخوءَ کي خبر هئي ته، حميد ماسي مُرادان جو ڀاڻيجو آهي يعني ماسيءَ جي گهر جو ڀاتي آهي. هن چيو ته، يار پئسن سان ورتي اٿم.‘ پر، حميد قصي کي سمجهي ويو. ڇو ته صبح ماسي مُرادان پنهنجي گُم ٿيل ڪڪڙ لاءِ اوڙي پاڙي ۾ مَحشر مچائي ڇڏيو هو. حميد کي هاڻي پڪ ٿي ۽ سڃاتائين به ته ڪڪڙ ماسي مُرادان جي آهي. هن استاد جي ڀَو کان ڪجهه نه ڪڇيو. پوءِ اٽڪل ڪري استاد کان پاڻي پيئڻ جي موڪل وٺي سڌو گهر آيو. ماسي مرادان ڪڪڙ جي غائب ٿيڻ تي بڙ بڙ لايو ويٺي هئي. حميد سهڪندي سهڪندي ماسيءَ کي سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي. ماسي ڳالهه ٻڌڻ سان ئي ٽپ ڏئي اٿي کڙي ٿي ۽ کڻي پيرن تي زور ڏنائين. وڏي واڪي اخوءَ کي ۽ ماستر کي پِٽ پاراتا ۽ گاريون ڏيندي تڪڙي تڪڙي اسڪول ڏانهن راهي ٿي. ماسي مُرادان اسڪول ڇا هلي، ڄڻ طوفان هلي پيو. اڳ ۾ ماسي ۽ پويان ڳوٺ جي ٻارن جي ڊل-اصل ڳوٺ کڻي مٿي تي کنيائين. ماسي اسڪول ۾ پهتي ته ٿرٿلو پئجي ويو. سڀ ٻار مڙي آيا. حميد، ماسيءَ کي ان ڪلاس ۾ وٺي آيو جتي سندس ڪڪڙ ٻڌل هئي. ماسي شور مچائيندي ڪلاس ۾ ڪاهي پئي. ماستر سان گڏ، ڇوڪرا به وائڙا ٿي ويا. سڀني جو وات ڦاٽي ويو.

ماسيءَ جهَٽ ڏئي ميز هيٺان ٻڌل پنهنجي ڪڪڙي ڇوڙي کڻي ورتي. ماستر جيڪو اوڪڙو ڪرسيءِ تي چڙهيو ويٺو هو. سو هر ماسيءَ کي ۽ ٻارن کي ڏسي رهيو هو. ماسيءَ کيس ڇنڀ ڪڍندي چيو، ”ماستر، شرم ڪونه ٿو اچئي، جو ٻارن کان ڪڪڙيون ٿو چوري ڪرائين. منهنجي ڪڪڙ کائين ها، ته پيٽ مان به ڪڍي اچانءَ ها! سمجيئي!!“ ماسي ڪڪڙ کڻي هلي وئي. ماستر صفا خاموش ٿي ويو. اکيون ڦوٽار جي ويس. نرڙ تان پگهر اگهندي، ميز تي رکيل لڪڻ ۾ هٿ وجهي، اخوءَ کي ڏٺائين، جيڪو هيٺ ڪنڌ ڪيون ويٺو هو.

غلام محمد غازي

ٿرماميٽر

ٿرماميٽر ۾ آ پارو،

پاري جو آ رنگ نيارو.

قسم ٿين ٿا هن جا ڪيئي،

ڳڻي ٻڌايان ڪيئن مان سيئي.

هڪڙو آهي ٿرماميٽر،

۽ ٻيو آهي بئرا ميٽر.

هڪ جو ڪم آ گرمي ماپڻ،

ٻي جو ڪم آ موسم جا چڻ.

هن تي ڊگرين جا نيشان،

ٺاهي ڪيئن هنيا انسان.

ٿرماميٽر ڪم جي شيءِ آ،

ٿرماميٽر سان ٿي لئي آ.

سائنس دان ته سياڻا آهن،

عقل جا تن وٽ داڻا آهن،

سائنس دانن ڇا ته بڻايو،

غازي تن آخوب نڀايو.

 

جوهر بروهي

ڪاڇو

اجهامند آئي گهمون پاڻ ڪاڇو

جٿي رڻ ئي رڻ آ نه سج پاڇو

هي پيرون پٽن تي ليون ليار لاڻا

ٻٻر، ٻوهه؛ ٻيريون، ٻُڪن ڪِرڙ داڻا

لُلُر لَنب لوڻڪ سدا سادو کَاڌو

 

متيرا ۽ ميها ٿين مڱ، مَهوئي،

جَوئر، تر ۽ ٻاجهر ڇڏيا درد ڌوئي،

سياري ۾ آهي سرنهن ساڳ؛ ڄانڀو.

 

جڏهن وَسَ ٿئي ٿي ته کنڀيون ٿين ٿيون

تلوريون؛ تتر تاڙا، ڪونجون لهن ٿيون.

ڪنڊين منجهه سنَڱريون ڏين لطف ڏاڍو.

 

کنيو ڪَرُ جبل کير ٿر بيٺو آهي،

ڏکيو ڏاڍو هر رهگذر بيٺو آهي،

نه لاري نه موٽر رڳو پنڌ ڏاگهو.

 

جڏهن آيو ساوڻ نيون اينديون آهن.

ڪڏهن ڏک ڪڏهن سک ڏيو وينديون آهن.

جيڏو آهه ڪاڇو، ايڏو ساهه آ جو.

 

دلان، ٿڌڙي، ٻوري ۽ سالاري و هوا

تڪي، انگئي؛ گاج؛ جهانگاري و هوا.

رني ڪوٽ منجهان نئين رستو پاتو

 

مليري ۽ موهن مکي، مول، ميهر

هليلي، کنڌاني، نئين نينگ، موگر

ٽپڻ، سيتا، عڪري، مزاراڻي، ماڏو.

 

ننڍا ۽ وڏا هت ٻنا بند آهن.،

ڊٻن تي هرڻ جا چٽا رند آهن.

بگهڙ، گورپٽ ۽ چراخن جو هاسو

 

هتي گودڙيو، گاجي، گل شاهه آهي.

ميان، نينگ قمبر علي شاهه آهي،

خدا آباد، مخدوم، سيوهڻ سٻاجهو.

 

عنايت ۽ يارو يا جنگو جمالي

فريد ۽ الهداد ڦتو بخالي،

ميان يار محمد به تاريخي نالو.

 

هي ڪاڇو ورهايل به هن ريت آهي

اتر لاڙڪاڻو، ڏکڻ دادو ٺاهي،

قمبر، ڪوٽ شهداد، وارهه جو پاسو.

 

ميهڙ، خيرپور ساڻ تحصيل جوهي،

۽ سيوهڻ به ساڻيهه جي دل آ موهي

سچائي سان دم دم رهيو نينهن ناتو.

 

رتا رنگ آهي بَرَن ۾ بهاريون

اي جوهر بروهي! وطن کي سنواريون.

امن، سک جو هوند هتي هل هلاچو.

غلام عباس بڙدي

لالچي گدڙ

هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته جهنگ ۾ هڪ لالچي گدڙ رهندو هو. جيڪو تمام لالچي ۽ دوکي باز هو. اهو ڇا ڪندو هو، جو جهنگ جي جانورن کي دوکو ڏئي انهن جو شڪار پاڻ کائي ويندو هو. ان گدڙ سان لالچي اهڙو ڪم ڪيو. جو کيس موت جي منزل تي پهچائي ڇڏيو.

جنهن جهنگ ۾ گدڙ رهندو هو. ان جهنگ جي پاسي ۾ هڪ واهه به وهندو هو، مگر واهه کي ڪابه پل وغيره ڪانه هئي. جو گدڙ واهه جي پار لنگهي وڃي. واهه جي ٻي ڪپ تي ايتري ته مڇي هئي، جو گدڙ جي کائڻ کان تمام گهڻي هئي. پر ويچارو مجبور گدڙ ڇا ٿي ڪري سگهيو ۽ بيوس ٿي ان واهه جي چوڌاري نهارڻ لڳو. ۽ سوچڻ لڳو ڪوبه جانور اچي جيڪو، مون کي واهه جي ٻيءَ ڪپ تي وٺي تاري هلي آخري گدڙ کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. ۽ مجبور ٿي واپس موٽيو ته واٽ تي هڪ اُٺ گڏيس گدڙ سوچيو ته ڇو نه ڪا اٽڪل ڪري اُٺ کي لالچ ڏئي واهه جي پريان وٺي وڃانس.

گدڙ اٺ کي چيو: ”ادا، اٺ ڪيڏانهن پيو وڃين.“ تنهن تي اٺ ڏکوئيندڙ دل سان چيو: ”مون کان ڪهڙي ڳالهه ٿو پڇين مونسان ته ويل ٿي ويو آهي.“ تنهن تي گدڙ وراڻيو ته: ”ادا، اٺ خير ته آهي ڇا ٿيو اٿئي.“ اُٺ جواب ڏنو ته ”پيارا دوست منهنجا پٺا ۽ پاسا ته ڏس.“ گدڙ اٺ جي پاسن کي ڏٺو. ڇا ڏسي اُٺ جا پٺا ۽ پاسا ته سڄيل هئا ۽ انهن تي لٺين جي ڌڪن جا نشان به هئا. ڪنهن ظلم ماڻهو ويچاري اٺ کي ماريو هو. گدڙ اهي ڌڪن جا ڊٻڙ ڏسي روئي ڏنو.

۽ چيائينس ته: ”دوست توکي هي ايترو ڪنهن ماريو آهي تو ڪنهن جو ڪو اهڙو ذيان ڪيو آهي ڇا؟“

اٺ ورندي ڏيندي چيو ته: ”يار گدڙ توکي مان سموري حقيقت ٻڌايان ٿو، ادا مون کي منهنجي مالڪ گهران چرڻ لاءِ ڇوڙي ڇڏيو، پوءِ مان چرندو چرندو اچي گدرن ۽ ڇاهين جي ولين ۾ پيس اتي اڃا ڪجهه ڍو ڪيم ڪجهه نه، ته اوچيو هڪلون ٿيون پوئتي جو نهاريان هڪ هاري آهي، جيڪو ڊوڙندو هڪلون ڪندو مون ڏانهن پيو اچي، مون کان ته چرڻ ئي وسري ويو ۽ ڊپ لڳو ۽ ڀڄڻ وارو هيس ته هاري به مون تائين اچي ڪڙڪيو. اچڻ سان مون کي چيائين ته ڪيترو نه منهنجو فصل تباهه ڪيو اٿئي، توکي مان ڪٿي ٿو ڇڏيان سو ادا اچي ٿو مون کي لڪڻ هڻي، پوءِ ته منهنجا پاسا سڄائي ڇڏيائين. پوءِ کڻي مون جهنگ منهن ڪيو“

گدڙ چيو: ”بس ادا توکي مقدر ۾ اها سزا ملڻي هئي مون کي خبر پئي آهي ته واهه جي پريان ڏاڍو گاهه آهي ۽ منهنجي لاءِ به مڇي تمام گهڻي آهي.“

پوءِ ٻئي ڄڻا هلندا اچي واهه جي ڪپر تي پهتا. گدڙ اُٺ کي چيو ته: ”ادا تون پاڻي ۾ گهڙ ۽ مون کي پنهنجي پٺيءَ تي چاڙهه ڇو ته مان ننڍڙو آهيان ان ڪري ننڍن جا بار وڏن تي هوندا آهن.“

جڏهن اٺ هشيو ته گدڙ ٽپ ڏيئي اُٺ جي پٺيءَ تي چڙهي ويٺو پوءِ اٺ آهستي آهستي پاڻي ۾ گهڙيو پاڻي ۾ ڇاٻ ڇاٻ ڪندو اچي واهه جي ٻي ڪپ تي نڪتا. پاڻي مان نڪري اٺ هشيو ته گدڙ ٽپ ڏئي لٿو. اٺ ايترو گاهه ۽ ڪمند جا فصل ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، گدڙ چيو ادا هي پنهنجو ملڪ آهي تون هاڻي کاءُ پيءُ عيش ڪر مان هيڏانهن ڪنهن پاڻي جي دٻي مان ڪا مڇي کائي پنهنجو بکيو پيٽ ڀريان“ پوءِ اٺ وڃي ڪمند ۾ پيو ۽ ڏاڍو مزي سان چرڻ لڳو ۽ هيڏانهن گدڙ مڇي کائڻ ۾ مشغول ٿي ويو جڏهن گدڙ ڍو ڪيو، تڏهن چيائين ته ”پنهنجي دوست جي ڪا سار سنڀال لهان ته ڪٿي آهي، جڏهن گدڙ پاڻي مان مٿي چڙهيو ڏسي ته اٺ مزي سان پيو ڪمند کائي، گدڙ ڇا ڪيو جو اٺ جي ڀرسان وڃي ڪمند ۾ اونايون ڪيون ۽ پستيون هڻڻ لڳو. گدڙ جي اوناين ۽ گوڙ گمسان تي ان ڪمند جا هاري نڪتا ڇا ڏسن ته مار! اٺ ته ڪمند کائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي هارين مان ڪنهن ڪهاڙي کنئي ڪنهن ڏنڊو کنيو ۽ اٺ ڏانهن ڊوڙندا آيا.

ڏنڊن سان هڻين اٺ جا لاهه ڪڍي ڇڏيائون ان ڊوڙائي اچي واهه جي ڪپ تي ڇڏيائونس جڏهن هاري اٺ کي مار ڏئي هليا ويا ته پويان گدڙ به لڪندو اچي واهه جي ڪپ تي نڪتو گدڙ چيو ته: ’ادا ڇا ٿيو آهي“ اٺ چيو ته، ”ادا خير آهي اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي اٺ کي دل جو سور دل ۾ سو دل ۾ چيائين ته رڳو مون تي چڙهي ته گدڙ کي ٿو واهه ۾ ٻوڙيان جو منهنجي ايتري بي عزتي ڪرائي اٿس اٺ گدڙ کي چيو ته ادا هل ته هاڻي هلون تمام گهڻي دير به ٿي وئي آهي ۽ سج به لهڻ وارو آهي هلي گهر ڀيڙا ته ٿيون گدڙ چيو ٺيڪ آهي واقعي يار دير ٿي وئي آهي پوءِ وري اٺ هشيو ۽ گدڙ ٽپ ڏئي پٺيءَ تي چڙهي ويٺس. جڏهن اٺ پاڻي ۾ هليو ۽ هلندو هلندو جڏهن وچ واهه ۾ پهتو، تڏهن اٺ گدڙ کي چيو ته تو مونسان ڏاڍو دوکو ڪيو آهي، تون اونايون ۽ وٺ وٺان نه ڪرين ها ته مون سان ايتري حالت ڪانه ٿئي ها توهي ڇا ڪيو ٿو اهو سوچيو به نه ته متان هاري منهنجي دوست کي مار ڏين تنهن تي گدڙ ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ اٺ کان معافي گهرندي چيائينس ته ”ادا مون کي معاف ڪر مون کان غلطي ٿي آهي.“ تنهن تي اٺ چيس ته ”مان توکي اصل معاف ڪونه ڪندس.“

اٺ ڇا ڪيو جو پنهنجي ڊگهي ڳچي مٿي ڪري باقي پنهنجو پويون حصو آهستي آهستي هيٺ ڪندو جهڪندو ويو گدڙ گهڻيون ئي دانهون ڪوڪون ڪيون. پر اٺ هڪ به نه ٻڌي گدڙ چيس ته ”ادا، ائين ڇو ٿو ڪرين هاڻي توسان اصل دوکو ڪونه ڪندس هي دفعو مون کي معاف ڪر.“ پر اٺ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڳچي کانسواءِ پنهنجو سمورو جسم پاڻي ۾ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ گدڙ غوطا کائي مري ويو ۽ لڙهندو لڙهندو وڃي ڪنهن ڪنڌيءَ نڪتو ۽ اُٺ پاڻي مان صحيح سلامت نڪري پنهنجي گهر ڏانهن هليو ويو.

ٻارو! ڏسو لالچ ڪيڏي نه بري بلا آهي جو ڪيئن نه گدڙ کي موت جي منهن ۾ ڏئي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو.

حليم ساهڙ

گيت

گهر گهر ۾ روشن ڏيئا،

جهرمر جهرڪن ٿا،

سي ننڍڙا ٻار!

ڪُڏي ڪُڏي ٿا من پرچائين،

ڀاڪر پائي پاڻ وڻائن،

جهمريون پائي پرچن ٿا،

جهرمر جهرڪن ٿا سي.

نيڻ کڻي ٿا گهورن جڏهن،

دور ٿين ٿا درد تڏهن،

مرڪون مرڪن ٿا،

جهرمر جهرڪن ٿا.

سي ننڍڙا ٻار..

رُسي رُسي ٿا پرچن،

روئي روئي ٿا کلن،

اڱڻ اڱڻ تي سُرڪن ٿا.

جهرمر جهرڪن ٿا،

سي ننڍڙا ٻار!!

سي ننڍڙا ٻار!!

رفيق جمالي

نظم

پنهنجي اخلاق کي بلند ڪيو

پاڻ کي دنيا ۾ بلند ڪيو

اخلاق ئي انسان جي سڃاڻ آهي

اخلاق ئي دنيا جو اُهڃان آهي

اخلاق جنهن جا به بلند آهن

خلق ۾ نامه چار اُنجائي آهن.

خلق سڄي کي پسند آهي اخلاق

سُٺي اخلاق وارو سُٺو انسان

اخلاق سان ڳالهائي ٿو جيڪو رفيق

جڳ ۾ رهي ٿو سدا خوش نصيب.

اسماء هارون

وڊيو گيم کان ڇوٽڪارو

شيبيءَ جو محلو صفائيءَ ۾ ڀر وارن پنجن ئي محلن ۾ پهريون نمبر هو. اتي جون گهٽيون صاف شفاف نظر اينديون هيون! ڪاغذن جا ٽڪرا يا سودي سلف واريون پولي ٿين جون رنگارنگي ٿيلهيون يا وڻن تان ڇڻيل پن به ڏسجڻ ۾ ڪين ايندا هئا! روزانو ٽپهريءَ جو ويجهو کوهه جي کاري پاڻيءَ مان مقرر ڪيل پخالي، سڀني گهٽين، ڳلين ۽ رستن تي ڇڻڪار ڪندا هئا، ان ڪري ماحول ۾ ڪي قدر ٿڌڪار پيدا ٿي ويندي هئي! سج جي پهرين ڪرڻ، اڀرڻ کان اڳ ۾ گهرن جي دروازن ڀرسان رکيل ڪچري جون ٿيلهيون ڀنگي کڻي ويندا هئا. اصل ۾ اهو انتظام شهريت جي اعليٰ احساس جو نتيجو هو. محلي وارن، ”پنهنجي مدد پاڻ“ جي  سونهري اصولن پٽاندڙ پنهنجو اهو ”پنچايتي نظام“ قائم ڪيو هو. اهو سڀڪجهه ان ئي سسٽم جو نتيجو هو!

هڪ وڏي خاص ڊگهي احاطي اندر ٺهيل پڪن ڪمرن ۾ ”اِن ڊور“ راندين جو به انتظام ڪيل هو. ته وري ٻئي پاسي ان پلاٽ جي ڪافي کليل جگهه تي ڪرڪيٽ ۽ فُٽ بال کيڏڻ لاءِ صاف ۽ هموار ٿيل ٻه ميدان هئا. جتي ٻپهريءَ کان سانجهيءَ ٽاڻي تائين خوب چهچٽو ۽ رونق لڳي پئي هوندي هئي!

محلي جي تعليم يافته ماڻهن جن ۾ بزرگ ۽ جوان، سڀئي شامل هئا، ٽپهري بعد، اتي ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ ويهي پاڻ ۾  محلي جي مختلف چڱ ڀلائيءَ جي ڪمن بابت سوچ ويچار ڪندا هئا. وڏن جي رِيس ۾ ٻارن به پنهنجي هڪ ”ٻالڪن جي ٻاري“ ٺاهي هئي. شيبي ۽ سندس هم خيال سرگرم ساٿين جي ڪري اها ٻاري خوب وڌي رهي هئي. شيبي ان ٻاريءَ جو سرڪردو هو. ٻارن جي فڪري ۽ تعليمي تربيت لاءِ هڪ لائبريري پڻ قائم هئي جنهن ۾ چونڊ سٺن ڪتابن جو خاصو ذخيرو موجود هو.

اڄ محلي پاڙي ۾ ڪجهه بيچينيءَ جا اهڃاڻ نظر آيا ٿي! محلي پاڙي ۾ ڪجهه بيچينيءَ جا اهڃاڻ نظر آيا ٿي! معمول وانگيان شام بعد پنچايت ۾ ڪنهن ڳنڀير مسئلي تي غور وفڪر ٿي رهيو هو. ڳالهه اها هئي ته گذريل جمعي ڏينهن محلي جي مين بازار ۾ وڊيو گيم جو هڪ دڪان کلي ويو هو! انهن پنجن ڇهن ڏينهن اندر الائجي ڇا ماجرا ٿي هئي جو هر وقت ان دڪان تي ٻارن جو ميڙ ڏسجڻ ۾ ايندو هو... جيئن نه ڪو مقناطيس ننڍين وڏين فولادي شين کي يڪدم پاڻ ڏي ڇڪي وٺندو آهي! پنچايت جي پريشانيءَ جو باعث اهوئي مسئلو هو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com