حال احوال
پيارا ٻارؤ!
اوهانجو پيارو رسالو گل ڦل جڏهن اوهان جي هٿن ۾
پهچندو. ان وقت نئون سال 1996ع هوندو.
سال 1995ع اسان کي ڇا ڏنو ڇا ورتو. اها سڀ اوهان
کي خبر آهي، پر ٻارو سال 1996ع لاءِ اوهين معصوم
ٻار ڌڻي سائين کان دعا گھرو ته هي سال اسان جي ملڪ
لاءِ امن ۽ سڪون جو سال ثابت ٿئي. مرجھايل ماڻهن
جي چهرن تي مسڪراهٽ آڻي. نفرتون سڀ ختم ٿي وڃن،
هرڪو ماڻهو هڪ ٻئي کي پنهنجو ڀاءُ سمجھي، ٻئي جي
تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجھي ان جي مدد ڪري. ائين
ڪرڻ سان اسان مان نفرت ختم ٿي ويندي ۽ هڪ ٻئي لاءِ
پيار ۽ محبت پيدا ٿيندي.
ٻارؤ، نئين سال ۾ اوهانجو رسالو ”گل ڦل“ به 30
ورهين جو ٿي ويو آهي. هن جا شروع ۾ پڙهندڙ ٻار، اڄ
جا والدين آهن، ۽ مختلف عهدن تي ڪم ڪار ڪري رهيا
آهن.
ٻارو، اسان اوهان کي جيڪي ڪجھ ڏيڻ چاهيون ٿا. ان
لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پر تاڙي هڪ هٿ جي
نه وڄندي آهي. اوهين اسان سان سهڪار ڪريو، جيئن وڌ
کان وڌ اوهان جي رسالي کي اوهان جي ضرورت پٽاندر
شايع ڪري سگھجي. ان لاءِ اسين وري به وڏن اديبن،
استادن ۽ شاگردن کي گذارش ڪريون ٿا ته هؤ 21 صدي
کي نظر ۾ رکي ٻارن لاءِ سائنسي، تاريخي ۽
جاگرافيائي حوالي سان مواد لکي موڪلين. اسين شايع
ڪنداسين. اهائي انهن جي ٻارن لاءِ خدمت آهي.
وري به ڌڻي سائين کان اها دعا آهي ته اسان جي هن
ڌرتي تي امن ۽ سڪون جو ماحول پيدا ٿئي، آمين.
گل ڦل جي سڀني پڙهندڙ دوستن کي نئون سال مبارڪ
هجي.
اوهان جو چاچا؛
اڪبر جسڪاڻي
لطيفي لات
لڳي اُتر اُوهريا، واهوندي ورن،
آئون گهڻو ئي گهوريا. سودر سامونڊين،
اڱڻ جن اچن، عيدُ ورتي ان کي.
مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي.
هي بيت سامونڊي جي داستان ٻئين جو چوٿون نمبر بيت
آهي.
سمجهاڻي: هوء اتر لڳي اسهيا، وري بهار ۾ واپس
ايندا، مان سامونڊين جي وڻج کي گهڻو ٿي ٻن وجهان.
جن جي اڱڻ ۾ هو اچن ٿا. تن لاءِ عيد لڳيو وڃي.
(جن جا مڙس ڏيساورن کان ٿا موٽن تن لاءِ جشن
لڳيو وڃن.)
معنيٰ: اوهريا: سفر تي هليا، واهوندي: بهار ۾
گهوريان
=
ٻن وجهان، قربان ڪيان.
عيد
=
خوشي جو ڏينهن.
ڪلياڻ آڏواڻي
خير محمد ” خاموش“ موريجو
نئون سال
آيو ٻارو نَئون سال،
الله ڪندو ڀَلايون ڀالَ.
جنوريءَ ۾ ڏاڍا سيئڙا پوندا،
سيءُ سيءُ سڀڪي چوندا،
گدڙَ به ڪندا اونايُون جالَ،
فيبروريءَ جا (29) ڏينهن،
ٿڌڙا، مٺڙا وسندا مينهن،
مارو نڪتا ڪاهي مالُ.
مارچ مهينو ڀاڳن وارو،
سيارو گذريو، آيو اونهارو،
آ مٺڙي منُد ڀليرو حالَ.
اپريل آيو پيو لابارو،
سونا سنگڙا فصل سارو،
جيئن تنهنجا ٻچڙا شالَ،
مَئي ۾ ٿيندي وَڏي لئه،
امتحان امتحان هرڪو چَئي،
هن مهيني سال بسال.
جُون، جولاءِ ۾ آيو گرميون،
اسڪول بند ٿيون موڪلون،
گهُمو ڀٽائي-۽ قلندر لال.
آگسٽ، آيو موڪلون ختم،
اسڪول ۾ جنهن جو نئون قدم،
پڙهه ا-ب، ج ۽ دالُ.
سيپٽمبر، آڪٽوبر پوَندا جهارِ،
هُو، هُو هڪل پَچي جوئار،
آ محنت بنا ڪَم محال.
نومبر ۾ ڪبا سانباها،
جنهن جو قرض روز نياپا
بقايا ٿيندي نيٺ بحال.
ڊسمبر ۾ پوندو ڏاڍو پارو،
مائي مٽر جو آيو وارو،
جوڙيون پاٿاريون هيٺان پَلال.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
روبوٽ
روبوٽ آيو، روبوٽ آيو،
ٻارو تاڙيون وڄايو، روبوٽ آيو،
ماڻهوءَ وانگر نظر اچي ٿو،
پر ماڻهوءَ جو هي پُٽ ئي ناهي،
پوءِ ڇاهي هاڻ ٻُڌايو ٻارو؛
روبوٽ آيو،
ڪنهن کي ڪين سڃاڻي ٿو،
ڪُل پُرزن تي جهٽڪا ڏي ٿو،
هِن باندر ڇو نه سڏايو؟
روبوٽ آيو.
راهي چنا
منهنجو ننڍپڻ
ٻارو، مونکي چٽي طرح ياد آهي، جڏهين مون کي پنهنجي
وڏي ڀاءُ پهرين ڏهاڙي اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو ته
مان ايترو ته خوش ٿيو هوس، جو ان ڏهاڙي خوشيءَ مان
مون پوري طرح ماني به ڪانه کاڌي هئي، ۽ سارو ڏينهن
پنهنجي ڪاٺ جي پٽيءَ کي ڏسندو رهيو هوس ۽ رات جو
ان پٽيءَ کي سيراندي کان رکي ستو هوس. جنهن پٽيءَ
تي مون کي پنهنجي استاد ”الف، انب، ب، بلا“ لکڻ
سيکاريو هو. ٻارو ”پٽيءَ“ تي لکڻ ۽ مشق ڪرڻ سان
اکر ڏاڍا سٺا صاف ٿيندا آهن.
ٻارو، مان 6 جنوري 1952ع ڌاري جوهي شهر ضلع دادو
سنڌ ۾ هڪ وچولي گهراڻي ۾ جنم ورتو. منهنجي والد
حاجي محمد ڇٽل چنا کي شهر ۾ بوٽن جو دوڪان هوندو
هو، جتي هو پاڻ به بوٽن ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو!
مون کي پنهنجي والد جي وفات جي چڱي طرح يادگيري
ڪانه آهي پوءِ به ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل ڌانڌلي عڪس جيان
ڪي عڪس ذهن تي اُڪريل آهن.
والد صاحب جي وفات کانپوءِ منهنجي امڙ بيواهه ٿي
وئي ۽ اسان يتيم ۽ بلڪل بي سهارا ٿي وياسين.
پنهنجا پراوا ٿي ويا ۽. ڏاڍا ڏکيا ڏهاڙا ڏسڻا پيا،
اهڙي حالت ڏسي، امڙ ماڻهن جي گهرن ۾ پورهيو ڪرڻ
لڳي ڪپڙا ڌوئڻ، گهر ۾ جنڊ تي آڌيءَ رات تائين مرچ،
ڌاڻا، ۽ ٻيو اناج وغيره پيهندي هئي. مون شهر جي
چوسول تي بوٽ پالش ڪيا، تغاري کنئي، سخت اونهاري ۾
تپيدارن جون جهليون ڇڪندو هوس. اسڪول کان موٽي اچي
ڪانه ڪا مزدوري ڪندو هوس. ٻارو مون پورهئي کان
ڪڏهين به عار نه ڪيو آهي. جيئن ته مان هڪ پورهيت
ماءُ جو پٽ هوس. انهيءَ لاءِ مون کي پورهيو ڪندي
ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. هڪ ڇوري ڇني ٻار هئڻ جي
باوجود مون ڪڏهين به ڪنهن کان ڪجهه نه گهريو.
ڪڏهين به همت نه هاري، ٻارو مون کي پنهنجي پورهيت
ماءُ تي فخر آهي مون کي فخر آهي ته منهنجي ماءُ
شهر ۾ ماڻهن جا ڪپڙا ڌوئيندي هئي، مون کي فخر آهي
ته منهنجي پورهيت ماءُ ماڻهن جي گهرن ۾ وڃي پورهيو
ڪندي هئي، سندس ان عظمت کي مڃتا طور مون پنهنجو
پهريون شعري ڪتاب ”هينئڙو هيرڻ پن“ امڙ جي نانءُ
ڪيو آهي جيڪو حسينا سيد پبليڪيشن پاران محترم ظفر
حسن ڇپائي رهيو آهي.
هي منهنجو پهريون قلمي پورهيو آهي. هن ڪتاب جو
مهاڳ سنڌ جي نامياري شاعر دانشور سائين شمشير
الحيدري لکيو آهي. ٻارو منهنجا ٽي شعري ڪتاب زير
ترتيب آهن. جن مان هڪ جو ذڪر ڪيو اٿم ته اهو ڇپائي
هيٺ آهي باقي ٻه شعري ڪتاب ”چانڊوڪيءَ جي گهاگهر“،
”ڌرتي ۾ کُتل شمعدان“، ۽ هڪڙو ناول آهي جيڪو
منهنجي يادگيرين ۽ زندگي جي تلخ حقيقتن ۽ واقعن تي
مشتمل آهي. ٻارو 1976-77 ڌاري اسان جوهي شهر جي
ڪجهه نوجوانن گڏجي جوهي شهر جي پوري ادبي تاريخ ۾
پهريون ڀيرو سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو. مون کي
پهريون سيڪريٽري چونڊيو ويو جڏهين اڪبر جسڪاڻي
جوانئٽ سيڪريٽري شريف ٿهيم، خزانچي چونڊيا ويا،
غلام قادر ٿهيم، حيدر رستماڻي ۽ ٻيا کوڙ سارا دوست
هئا جن جا نالا مون کي هن وقت ياد نٿا اچن. اسان
سان سنگت ۾ شامل هئا.
اسان حيدر رستماڻي جي ڪپڙي واري دوڪان ۾ جيڪو شاهي
بازار جوهي ۾ هوندو هو ان دوڪان ۾ سنگت جون
گڏجاڻيون ڪندا هئاسين. |