سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1990ع

باب: --

صفحو :2

مون کيس چيو ته، ”خُدن! منهنجي صلاح مَڃين ته، تون به پوڙهو ٿيو آهين، تنهنڪري هن ننڍڙي گُل جهڙي ولڻ کي پڙهاءِ ته سٺو ٿئي! هن جي، هيءَ وهي پنڻ جي نه، پر پڙهڻ جي آهي. جيئن هُو پڙهي، وڏو ٿي پنهنجي زندگي سُکي گذاري سگهي“. خُدن اهو ٻڌي چيو ته، ”سائين، هن کي پڙهائيندس ته، اسان سڀ ڀاتي کائينداسين ڪٿان ڪير ڏيندو؟“ مون کيس تسلي ڏيندي چيو ته، ”خدن، تون نه گهٻراءِ اهو ڪم مان ڪندس. مان ولڻ کي پڙهائيندس، باقي موڪل کان پوءِ ڪو ڌنڌو وغيره ڪڍي ڏينس، جنهن مان جيڪي ڪمائيندو، تنهن مان اوهين پنهنجو گذران ڪري سگهندو“. خُدن ته پهريائين منهنجي ڳالهه ئي نه پئي مڃي چئي، ”مونکي ڪير پنائي ۽ کارائي؟“ مون تي کيس گهڻو سمجهايو ته، اهو توکي سٺو ٿو لڳي ته، تنهنجو ننڍڙو پٽ توکي پنائي هر ڪنهن ماڻهوءَ اڳيان هٿ ٽنگي خيرات گُهري، ڪٿان ملي ته ڪٿان نه ملي ڪٿي ته وري دڙڪا به کائي. اهو سٺو آهي ته، ولڻ ڀٽڪندڙ زندگي گذاري تون به سدائين جيئرو نه رهندين، ان ۾ سٺو نه آهي ته، ولڻ توکي حق حلال جو پورهيو ڪري کارائي ۽ پڙهي. پڙهي پوءِ ڪنهن نوڪريءَ ۾ رسي. باقي توکان  پوءِ ته ولڻ ڀٽڪندو رهي. هي ولڻ، جيڪو مستقبل جو معمار آهي، سو ائين پِنندي زندگي گذاري. ان کي پنڻ جي عادت ٿو وجِهين! ڪجهه ته سوچ ۽ سمجهه! هن کي پڙهاءِ ان ۾ تون خوش نه ٿيندين ته، تنهنجو ولڻ ڪُلهي ۾ ڪتابن جو ٿيلهو کنيو ڊوڙندو ڊوڙندو اسڪول وڃي. ڪاڪا خُدن، خيال ڪر، الله وڏو آهي، چڱو پُڄئي ته، ولڻ جو مستقبل نه وڃاءِ“

خدن ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو، ٿوري دير کان پوءِ هُن ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي. سندس ۽ ولڻ جي مُک تي مُرڪ تري آئي.

ٻيئ ڏينهن صبح جو ولڻ مون وٽ آيو، کيس هٿ ۾ ڪجهه پيسا به هيا، جيڪي پڻس ڏنا هئا. مان کيس ساڻ ڪري اسڪول آيس. ولڻ کي ڪلاس ۾ وهاريم ولڻ ڇهين درجي ۾ اسڪول کان نڪتو هو، اسڪول ڇڏي اڃان ٻه ٽي مهينا ٿيا هئا. سندس استاد به هُن جي واپس اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو. ۽ هُن ولڻ کي اسڪول جي في ۽ ڪتاب وغيره اسڪول جي فنڊ مان وٺي ڏيڻ جو واعدو ڪيو. بعد ۾ مان به اسڪول جي هيڊ ماستر سان مليس ۽ کيس ڪجهه ڪتاب به وٺي ڏنا ۽ بسڪوٽ به وٺي ڏنم. جيڪي هُون پوءِ روز موڪل کان پوءِ کپائيندو آهي.

هڪڙي ڏينهن خُدن مليو سندس هٿن ۾ ٽوپيون ۽ ٻيو سامان هوس. ۽ چيائين ”ابا ولڻ اسڪول ويندو آهي“، ٿورو اڳتي هليس ڏٺم ته، ولڻ به بيٺو پيو بسڪوٽ کپائي. مونکي ڏسي مُرڪي ڏنائين. اها سندس امر مُرڪ هئي، جيڪا منهنجي لبن تي به پکڙجي وئي.

شيرل نيڪ سروري

گيت

پيارڙا هي پيارڙا هي ٻارڙا

جڳ مڳائن تارڙا هي ٻارڙا

پيار مان ڊوڙيو اچن چهٽيو پون

خوبصورت سادڙا هي ٻارڙا

ڪي ته نيرانا وڃن اسڪول ڏي

سيءَ سيارو ٻارڙا هي ٻارڙا

گڏ ٿين ڪن گونج ٿا اسڪول ۾

ٿا پڙهن دلدارڙا هي ٻارڙا

راند رهندي ٻار ڪن ڪپڙا خراب

۽ مٽي ۾ وارڙا هي ٻارڙا

ماءُ پيءُ جو پيار ٻارن جو گهڻو

سرس سي  سونهارڙا هي ٻارڙا

مرڪندڙ معصوم چهرا پرڪشش

وار تن جا ڪارڙا هي ٻارڙا

گڏ پڙهڻ سان نيڪ ٿا رانديون رهن

ڪن وندر ويچارڙا هي ٻارڙا

اي ڪي ”اسير“

”جاڳ ته جاڳئي ڀاڳ“

جاڳُ ته جاڳئي ڀاڳُ، او ٻچڙا،

جاڳُ ته جاڳئي ڀاڳ!!

سچ چيو آ، سياڻن بيشڪ....،

آهي ننڊ نڀاڳي، او ٻچڙا،

جُاڳ ته جاڳئي ڀاڳ!!

ويٺي وقت وهامي ويندي...،

مُور نه ملندو ماڳ، او ٻچڙا،

جاڳُ ته جاڳئي ڀاڳ!!

جَنهن ڀِي ڪَمَ مان جوکو ڀانئين...،

تنهن ڏي نه تِياڳ، او ٻچڙا،

جاڳُ ته جاڳئي ڀاڳ!!

جيڪا پنهنجي ماڳ پڄائي...“

وٺجي اهڙي واڳ، او ٻچڙا،

جاڳُ ته جاڳئي ڀاڳ!!

ڳالهه ”اسير“ جي دل سان لائي.،

ڳائجِ اهڙو راڳ او ٻچڙا،

جاڳ ته جاڳئي ڀاڳ!!

مترجم: وزير علي سومرو        هندستان جي لوڪ ڪهاڻي

سياڻو طوطو

گهڻو وقت اڳ هندستان ۾ هڪ واپاري رهندو هو. هڪ ڀيري هن سوچيو ته هتان ڪجهه سامان خريد ڪري بنگال ۾ وڪڻي اچجي. سو هن سامان خريد ڪيو ۽ وڃڻ وقت پنهنجي ٻارن کان پڇيائين ته توهان لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون سوکڙيون وٺي اچان. سڀني پنهنجي پنهنجي فرمائش ٻڌائي ۽ پيارا طوطا! توءِ لاءِ ڇا آڻيان؟“ هن پڃري ۾ طوطي ۾ ويٺل طوطي کان پڇيو.

”مون کي ڪجهه به نه کپي“ طوطي چيو،“ پربنگال جي ٻاهران هڪ باغ آهي. ان باغ جي وچ تي هڪ وڻ آهي، ان وڻ تي منهنجا دوست رهندا آهن. انهن کي صرف منهنجا سلام چئجانءِ ته پڃري ۾ پيل طوطا ڇا ڪندا آهن؟“ واپاريءَ، طوطي سان وعدو ڪيو ته هو ائين ئي ڪندو ۽ موڪلائي بنگال روانو ٿي ويو.

بنگال ۾ پنهنجو سامان وڪيو ۽ خوب نفعو ڪمايائين ۽ گهر وارن لاءِ به قمتي تعفا خريد ڪيائين. آخري ڏينهن تي هن کي طوطي جو ڪيل عرض ياد آيو. پوءِ واپاري ان باغ ۾ آيو ۽ ان وڏي وڻ کي ڳولي لڌائين، جنهن تي ڪيترائي طوطا ويٺا هئا.

”منهنجي طوطي توهان ڏي سلام موڪليا آهن“. واپاريءَ طوطن سان مخاطب ٿيندي چيو،“ ۽ ها! اهو به پڇيو اٿائين ته پڃري ۾ بند ٿيل طوطا ڇا ڪندا آهن؟“ واپاري، ائين چئي مس بس ڪئي ته سڀ طوطا ڦهڪو ڏئي هيٺ ڌرتيءَ تي ڪري پيا، ڄڻ مري ويا هجن.

”افسوس! هي ته ويچارا مري ويا“ واپاري سوچڻ لڳو،“ پڪ سان هي منهنجي طوطي جا گهاٽا دوست آهن. شايد صدمو برداش نه ڪري سگهيا. مان جيڪر هنن کي سلام ڏيڻ هيڏانهن اچان ئي نه ها. هي ويچارا بي وقت موت جي منهن ۾ وڃي پيا“

جڏهن هي گهر موٽي آيو ته سڀني کي پنهنجون پنهنجون شيون ورهائي ڏنيون.

”مالڪ! توهان منهنجن دوستن کي سلام ڏنا ۽ نياپو پهچايو؟“ طوطي پڇيو. ”مان انهن کي تنهنجا سلام ڏنا.“ واپاريءَ ٻڌايو، ”پر هنن ڪو به جواب نه ڏنو“ ”پر ڇو...؟؟ طوطي پڇيو.

”مان باغ ۾ هنن کي ڳولي لڌو ۽ هنن کي تنهنجا سلام چيا. سلام ٻڌندي ئي اهي سڀئي ڌرتيءَ تي ڪري پيا ۽ مري ويا“

اهو ٻڌي طوطو بيهوش ٿي پڃري جي تري ۾ ڪري پيو.

”دوستن جي موت جي خبر ٻڌي، هي به شايد مري ويو. مون کي اهو سڀ ڪجهه، هن کي نه ٻڌائڻ گهربو هو“ واپاريءَ سوچيو.

هن طوطي کي پڃري مان ڪڍيو ۽ پوءِ دريءَ مان ٻاهر کڻي اڇلايائين. طوطي آزاد ٿي ويو ۽ پَرَ ڦڙڪائي پري اڏامي ويو.

....۽ هاڻي واپاري سموري ڳالهه سمجهي ويو، باغ وارن طوطن هن کي ڇڏائڻ لاءِ اهو فريب ڪيو هو.

سنڌيڪار: سليم سهتو

ملان نصيرالدين جا قصا

شاهي لباس

هڪ ڏينهن بادشاهه وڏي شاندار دعوت جي انتظام ڪيو، جنهن ۾ وڏا وڏا امير ماڻهو رئيس ۽ اعليٰ عهديدار شريڪ ٿيا ان موقعي تي بادشاهه ملان نصيرالدين کي به گهرايو، دعوت کان پوءِ بادشاهه قيمتي لباس هر هڪ مهمان کي تحفي طور ڏنو، پر ملان کي ڳوڻ جو ٽڪرو ڏنائين، جيڪو گڏ جي پُٺ تي رکيو ويندو هو، ملان نصيرالدين ادب سان بادشاهه کان ڳوڻ جو ٽڪرو ورتو ۽ جهڪي سندس ٿورو مڃائين ۽ پوءِ مهمان ڏانهن منهن ڪري وڏي آواز سان چيائين!

”دوستو، بادشاهه سلامت توهان کي جيڪو ريشم ۽ ڪمخواب جو لباس ڏنو آهي سو ته بازار مان ملي سگهي ٿو پر ٿورو ڌيان ڏيو، بادشاهه سلامت منهنجي ڪيتري عزت ڪري ٿو! هُن مون کي پنهنجي شاهي لباس ڏنو آهي!“

سچيون ڳالهيون

هڪ دفعي بادشاهه پنهنجي رعيت جو حال معلوم ڪرڻ جي خيال سان ملان نصيرالدين جي گهر آيو ۽ چيائين:

”ملان، مان تنهنجي زمين ڏسڻ ٿو چاهيان!“

”منهنجي سڄي زمين جاگيردار جي قبضي ۾ آهي“ ملان جواب ڏنو.

”تنهنجي اَنُ ڪٿي آهي؟“

”سڄو اَنُ توهان جي محل ۾ پهچائي چڪو آهيان.“

”تنهنجي گهر جي ڇِتِ ڪاڏي وئي؟“

”اُها وڏيرو کڻائي ويو.“

”تنهنجي گهر جو سامان ڪاڏي ويو“؟

”قاضي وٽ.“

”تُنهنجو پُٽُ ڪٿي آهي“؟

”حاڪم جي ظلم جو شڪار ٿي مري ويو.“

”۽ تنهنجي زال؟“

”تنهنجيءَ ڊپ کان ته ڪٿي توهان جي نظر نه مٿس پئجي وڃي لڪائي ڇڏي اٿم.“

”تنهنجي هر ڳالهه ڪوڙي آهي، ملان! آخر توکي منهنجي سامهون ڪوڙ ڳالهائڻ جي همت ڪيئن ٿي؟“ بادشاهه ڪاوڙ مان چيو.

”نه سرڪار، اهي سڀ ڳالهيون سچيون آهن! ملان جواب ڏنو،“ جيڪي مان ڪوڙ ڳالهايان، ته شايد توهان کي ايتري ڪاوڙ نه اچي ها.“

سچي دوست جي سڃاڻپ

ملان نصيرالدين قاضي مقرر ٿيو ته گهڻا ماڻهو ساڻس گهرا پوندا ويا، هر ڪو ساڻس دوستي ڪرڻ جي خواهش ڪرڻ لڳو ڪنهن ملان کي چيو ته: ڪمال ٿي ويو، ملان! هاڻي ته تنهنجي دوستن جي ڳڻپ جو ڪاٿو ئي نه رهيو آهي!“

ملان نصيرالدين جواب ڏنو:

”منهنجا ڪيترا دوست آهن، اهو هاڻي ٻڌائڻ ڏکيو آهي، پر سچا ڪيترا آهن، انهيءَ جو خبر ان وقت پوندي جڏهن مان قاضي نه رهندس.

سنڌيڪار: طارق احمد سومرو

سچائي

ڪنهن ملڪ تي هارون نالي هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو. ان جي سڀ کان وڏي خواهش هيءَ هئي، ته سندس اڳيان ڪا به خراب شئي نه اچي. هڪ ڏينهن بادشاهه شيشن ٺاهڻ واري کي چيو ته ”منهنجي لاءِ هڪ اهڙو شيشو ٺاهه جنهن سان دنيا جي هر شئي حسين نظر اچي. ان ڪم لاءِ اسان توکي چاليهه ڏينهن مهلت ڏيون ٿا. جيڪڏهن تو اهو ڪم چاليهن ڏينهن ۾ پورو نه ڪيو ته اسان توکي موت جي سزا ڏينداسين. شيشن ٺاهڻ وارو ڪيترائي ڏينهن غمگين رهيو. هڪ ڏينهن گهمندو ڦرندو ڪنهن جهنگ مان گذريو ته هن کي هڪ بزرگ مليو. بزرگ هن کان پريشان جو سبب پڇيو ۽ هن بزرگ کي سڄي ڳالهه ٻڌائي. بزرگ شيشن ٺاهڻ واري کي تسلي ڏني ته جنهن شئي جي تنهنجي بادشاهه کي ضرورت آهي. اها مون وٽ موجود آهي ۽ بزرگ اهو شيشو هن جو هٿ ته رکيو. شيشن ٺاهڻ واري بادشاهه کي اهو شيشو ڏنو. جڏهن بادشاهه اهو شِيشو اکين تي رکيو ته هن جي حيرت جي حد نه رهي. ڇاڪاڻ جو چوڌاري هر شئي خوبصورت ڏسڻ ۾ آئي. بادشاهه شيشن ٺاهڻ واري کي انعام ڏنو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com