حال احوال
پيارا ٻارو
گل ڦل ماهه ڊسمبر جو پرچو، اوهان جي هٿن ۾ آهي. هي
پرچو سال 1990ع جو آخري پرچو آهي. سال 1990ع اسان
کي ڇا ڏنو ۽ ڇا ورتو. ان جي اوهان سڀني کي خبر
آهي. ڇو ته انهن حالتن جي ڪري اوهان جي تعليم به
متاثر ٿي هوندي. پر جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿيو. هاڻ اڳ
کان وڌيڪ محنت ڪري توهان پنهنجي تعليم کي گهڻي کان
گهڻو وقت ڏيو، جيئن اها کوٽ ڀري سگهو. ڇو ته هي
دور، چتاڀيٽيءَ جو دور آهي ۽ جيڪو به ٻار سستي
ڪندو، اهو پٺتي رهجي ويندو.
هن ڊسمبر مهيني ۾ قائداعظم محمد علي جناح ڄائو هو،
قائداعظم محمد علي جناح ننڍي هوندي ڏاڍو ذهين
هوندو هو ۽ هن محنت ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪئي هئي
۽ اڄ قوم ان کي باباءَ قوم جي نالي سان ياد ڪري
ٿي، ڇو ته هي اسان جو ملڪ قائد اعظم محمد علي جناح
جي ڪوششن سان آزاد ٿيو هو. ان لاءِ اسان کي اهڙن
انسانن جي زندگي کي به پڙهڻ گهرجي ته، اهي ايڏا
عظيم انسان ڪيئن بڻيا.
ٻارو، نئين سال کان اسان اوهان جي پرچي کي اڃان
وڌيڪ بهتر ڪري ڪڍڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ اسان کي اميد
آهي ته اوهان اڳ جيان پنهنجي پرچي کي مان ڏيندا.
چڱو ٻارو، وري نئين سال ۾ ملنداسين.
اوهان جو ڀاءُ: اڪبر جسڪاڻي
انور هالائي
لطيفي لات
جوڙي جَوڙَ جَهانَ جي، جَڏهِن جوڙيائين،
خاوند خاص خَلِقي، مُحمَّدُ مُڪائِينَ،
ڪلمو تنهن ڪَريمَ تي، چٽو چايائين،
انَا مولاڪَ وَ اَنتَ مَجبوبي اِيّ اُتائين،
ڏِکِي ڏِنائين، ٻئي سَرائون سَيّدُ چئي.
معنائون: اتائين
=
چيائين. انا مولاڪ و انت محبوبي
=
آئون تنهنجو مولا آهيان ۽ تون منهنجو محبوب.
هي بيت، گذريل مهيني جي بيت جي تصديق ۽ تشريح آهي
۽ ظاهري خواه باطني معنيٰ هڪڙي ئي آهي.
جڏهن جهان کي جوڙي تيار ڪيائين ته انهي مالڪ خاص
طور محمد ڪريم ﷺ کي خلقي دنيا ۾ موڪليو جنهن دنيا
۾ اچي لاالله الالله جو ڪلمو صاف، چٽو ايمان وارن
کان چوايائين ۽ پنهنجي محمد کي ائين چيائين ته
آئون تنهنجو مالڪ آهيان ۽ تون منهنجو محبوب آهين
اهڙي طرح کليو کلايو دنيا وٽ ثابت ڪيائين ته (لا
اِلٰه اِلاالله مُحمّد رسول الله)
ڪونهي الله سواءِ هڪ الله جي محمد ان جو موڪليل
رسول آهي. يعني عبادت ڪريو الله جي، اطاعت ڪيو
رسول جي، جيڪو الله جو محبوب آهي، ائين ڪرڻ سان
اوهان جا دين ۽ دنيا ٻئي موچارا ٿيندا.
عبدالرزاق گهانگهرو
”قرآن پاڪ جو
پهريون سنڌي ترجمو“
هن ننڍي کنڊ ۾ سنڌ ئي سڀ کان پهريون ملڪ آهي، جتي
سڀ کان پهريائين اسلام جي روشني پهتي ۽ ان جي منور
شعاعن سموري کنڊ کي روشن ڪيو. سنڌ ۾ اسلامي حڪومت
جي قائم ٿيڻ کان پوءِ عربن اٽڪل ٽي سوءَ ورهيه
حڪومت ڪئي. عربن جي آخري دور ۾ سندن پاڻ ۾ اختلافن
پيدا ٿيڻ سبب سموري سنڌ ننڍن رياستن ۾ ورهائجي
وئي. انهن مان ڪيترن رياستن تي مقامي غير مسلمن به
قبضا ڪيا. سنڌ ۾ رهندڙ عرب خاندانن مان ”هباري
خاندان“ سن 240 هه مطابق 856ع ۾ منصوره رياست تي
قبضو ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.
سنڌ جي تاريخ پڙهڻ سان اها ڳالهه صاف طرح سان واضع
ٿئي ٿي، ته سنڌ هميشه کان وٺي علم ۽ ساڃاهه جو
مرڪز پئي رهي آهي. ان ڳالهه کي اڪثر ڪري سنڌ جي
سڀني تاريخ لکندڙن قبول ڪيو آهي، سنڌ ۾ عربي دور
حڪومت ۾ ڪيترائي عرب سياح سنڌ ۾ آيا، جن ۾ ابُن
حوقل، اصطخري، مقدسي، بزرگ بن شهريار ۽ ابن بطوطه
جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن عرب سياحن پنهنجن
سفرنامن ۾ ان ڳالهه جي ڏاڍي ساراهه ڪئي آهي، ته
هيءَ ملڪ قديم زماني کان وٺي علمن ۽ هنرن جو
هندورو رهيو آهي.
عرب سياح بزرگ بن شهر يار هڪ جهازران سيلاني هو.
هن پنهنجي سفر جي شروعات عراق جي بندر گاهه کان
ڪئي. ۽ هندستان جي سامونڊي ڪناري کان ٿيندو چين
پهتو. هن پنهنجو جڳ مشهور سفرنامو ”عجائب الهند“
جي نالي سان لکيو انهيءَ سفرنامي ۾ سنڌ جي ان وقت
جي ماڻهو جي رهڻي ڪهڻي، وڻج واپار، علم ادب جي
باري م تفصيل سان روشني وڌي وئي آهي. انهيءَ ساڳئي
سفرنامي ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته سن 270 هه مطابق
886ع ۾ سنڌ جي منصوره رياست جي حاڪم عمر بن
عبدالعزيز هباري کان پوءِ سندس پٽ عبدالله بن عمر
رياست جي گاديءَ تي ويٺو. ان وقت سنڌ جي هڪ ٻئي
رياست الور به هئي، جنهن تي هڪ هندو راجا مهروق بن
رائق حڪومت ڪندو هو. انهيءَ راجا جي باري ۾ اهو
چيو وڃي ٿو ته هو دلي طرح اسلام ۽ قرآن پاڪ جي عزت
رکندڙ هو، انهيءَ ڪري هُن منصوره جي مسلمان حاڪم
عبدالله بن عمر هباريءَ کي لکيو ته ڏانهس ڪنهن
اهڙي عرب عالم کي موڪليو وڃي، جو سنڌيءَ ۾ به
مهارت رکندڙ هجي. عبدالله هباري راج درٻار ڏانهن
هڪ عراقي عرب سندي عالم کي ڏياريو موڪليو جنهن جي
درٻار ۾ قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمي ڪري پيش ڪيو. راجا
تي انهيءَ سنڌي ترجمي ايڏو اثر ڪيو جو سورت يسٰ جو
ترجمو ۽ تفسير ٻڌندي ئي تخت تان لهي اچي پَٽ تي
ويٺو ۽ خدا جي خوف کان ڳوڙها ڳاڙيندي روئڻ لڳو.
بزرگ بن شهر يار جي انهيءَ مٿئين احوال مان اهو
صاف طرح سان واضع ٿئي ٿو ته هن ننڍي کنڊ ۾ سنڌي
زبان کي ئي اهو شرف حاصل آهي، جو سڀ کان پهريو
قرآن پاڪ جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ٿيو ۽ ٻيون زبانون
انهيءَ سعادت کان اڃان محروم هيون. مگر افسوس ان
ڳالهه جو آهي ته قرآن پاڪ جو اهو پهريون سنڌي
ترجمو دنيا جي انقلابن جي ڪري ضايع ٿي ويو.
رحيم بخش ”قمر“
جاڳو! جاڳو!!
سائينءَ آندو صُبح سڀاڳو!
جاڳو! جاڳو!! جانبِ جاڳو!!
ڏينهن منجهان رب رات ڪري ٿو، رات منجهان پرڀات ڪري
نور جو چَمڪو دلبر ڌَاڳو! جاڳو! جاڳو!! جانب جاڳو
ڪوِيل، ڪڻڇي ذات پکيئڙا، لامن تي ڪن لات پکيئڙا
ڪُڪَڙ ڏين ٿا اَسر کي آڳو! جاڳو! جاڳو!! جانب جاڳو
بلبل، چِڙيون، چيها چهڪن، گهُو گهُو تُو، پڻ ڳيرا
ٿا ڪن،
سڀ جي سوچ ۽ ساز به ساڳو! جاڳو! جاڳو!! جانب جاڳو!
ٿڌڙيءَ هير سان گُل ڦُل جهُومن، مَاڪَ ڦُڙا ڄڻ
موتي جرڪن،
سون تي جهڙيءَ ريت سُهاڳو! جاڳو! جاڳو جانب جاڳو!
جاڳو خوب هي ڌرتي کيڙيون، ڌرتي کيڙي ماڻڪ ميڙيو،
ماڻڪ موتي جو هي مُهاڳو! جاڳو! جاڳو!! جانب
جاڳو!!!
هاري ۽ مزدور به جاڳيا، جاڳي ساجن ساڻ سُهاڳيا،
ننڊ ڪرڻ وارو اڀاڳو! جاڳو! جاڳو!! جانبَ جاڳو!!
سَجدن ۾ سُبحانُ پڙهون سڀ، ”قمر“ ڄڻ قُرآن پڙهون
سڀ،
رُوح رَسايون راڳو! جاڳو! جاڳو!! جانب جاڳو.
سنڌيڪار: غني شيخ
ڏاهپ جا نڪتا
هيٺين نڪتن مان اوهان کي ڪهڙو نڪتو وڻي ٿو اوهان
پنهنجي پسند جو نڪتو چونڊي لکي موڪليو. ان نڪتي
سان گڏ انهن ٻارن جا نالا شايع ڪبا. (ايڊيٽر)
1.
خوشي به عجيب شيءَ آهي، جيترو ڏيو اوتري وڌي.
(ميڊم دِ اسٽيل)
2.
بي عيب انسان کي ٻين جي راءِ ڇا ڪندي؟ (مدر
ٽيريسيا)
3.
ڏاهپ ۽ رڙيون گڏ نه هلن. (ليئونارڊو)
4.
تندرستي ۽ خوشي هڪ ٻئي جو سرچشمون آهن. (ايڊيسن)
5.
گهر آئي دشمن جو به آڌرڀاءُ ڪجي؛ ڇو جو وڻ، ڪپيندڙ
کي ڇانو ڏي ٿو. (قديم ڀارتي پهاڪو)
6.
ڀلو ماڻهو اُهو جو رنجائڻ نه سکيو. (پبليليس)
7.
پريان بيهي بهادري ڏيکارڻ سؤلي آهي. (ايسپ)
8.
ترڻ سکجي ٻيڙي ٻڏڻ کان اڳ. (ارنيسٽ براما)
9.
ساڙ ڪرڻ پنهنجو پاڻ بي اعتمادي جو ثبوت آهي.
(يوجين ڪلوٽيئر)
10.
راز، راز آ ته غلام؛ نه ته مالڪ. (ول هينري)
11.
شفقت جي ٻولي ٻوڙو به ٻُڌي. (مارڪ ٽؤين)
12.
علم رڳو صحيح کي صحيح نه، پر غلط کي غلط به چوي
ٿو. (چارلس ڪيلب ڪولٽن)
الطاف شيخ
استاد ڦڏو ۽ استاد چٻو
ڳالهه ڪن ٿا ته ملايا جي ڪنهن شهر ۾ ٻه ڄڻا: چٻو ۽
ڦڏو رهندا هئا. ڪو ڪم ڪار يا پورهيو ڪرڻ بدران ٻئي
ڄڻا رڳو مفت جون مانيون ويٺا کائيندا هئا. نيٺ هڪ
ڏينهن ڦڏي پنهنجي دوست چٻي کي چيو: ”استاد چٻا اچ
ته ڪنهن اٽڪل ذريعي ڪجهه ناڻو ڪمايون.“ اهو سوچي
هو ڀرواري ڳوٺ ڏي روانا ٿيا. اتي پهچي هنن واٽ
ويندي ڍڳي کي جهلي هڪ هنڌ لڪائي ڇڏيو. مالڪ جڏهن
ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو ته استاد ڦڏو هن وٽ پهتو ۽
چيو: ”ڀائو! منهنجو هڪ استاد، ڪرامتون ۽ اڳڪٿيون
ڏَسڻ وارو، چٻو- سائين هينئر هينئر هن ڳوٺ ۾ پهتو
آهي ۽ کوهه واري مسافر خاني ۾ ٽڪيل آهي. ڇو نه هلي
ان کان تنهنجي چورايل ڏاند جو ڏس پتو پڇجي؟“
اهو ٻڌي وڃايل ڍڳي جو مالڪ استاد چٻي وٽ پهتو،
جيڪو ٻه چار پراڻا ۽ ٿلها ڪتاب اڳيان رکي ڍارا هڻي
رهيو هو. سواليءَ جو ڪم ٻڌي هن ڪتاب کوليا ۽ مکر
سان انهن کي اٿلائي پٿلائي ڍڳي جي مالڪ کي چيو:
”هتان مسافر خاني کان ٻاهر نڪ سامهون هليو وڃ.
ڪوهه ڏيڍ جي پنڌ کان پوءِ هڪ ڪتل جو وڻ نظر
ايندئي. جتان پهرين کاٻي مڙجانءِ ۽ پوءِ ساڄي راهه
وٺيو وڃجانءِ. ويندو رهجانءِ، ويندو رهجانءِ تان
جو هڪ پراڻي شاخ وٽ گدامڙيءَ جي وڻ وٽ پهچين. اتان
پوءِ اتر طرف لڙندين ته سامهون هڪ پپر جي جهوني وڻ
هيٺان توکي پنهنجو ڏاند ڏسڻ ۾ اچي ويندو. جيڪڏهن
نه اچي ته آئون ڪوڙو ۽ ڪوڙي جو پٽ. نذراني خاطر
مون کي هڪڙو ٽڪو به نه ڏجانءِ. پر جي ڍڳو ملي
وڃنئي ته اجوري خاطر مون کي چاندي جي ڏهه سڪا
ڏجانءِ.“
ڍڳي جو مالڪ ٻڌايل واٽن تان ٿيندو، جڏهن نشانيءَ
واري هنڌ تي پهتو ته واقعي پپر جي وڻ هيٺان سندس
ڪارو ڏاند سڪل ڪانا بيٺو چري. همراهه هڪدم اچي
استاد چٻي جا پير چميا ۽ ڏهه چانديءَ جا نڪور سڪا
ڪڍي اڳيان رکيا. اهو ناڻو هٿ ڪري ٻه چار ڏينهن سک
جي زندگي گذارڻ لاءِ هاڻ چٻو ۽ ڦڏو پنهنجي ڳوٺ ورڻ
جي تيارين ۾ هئا ته ڳوٺ جو وڏيرو اچي وارد ٿيو.
”ڪٿي آهي نجومي-؟ آئون کانئس ڪجهه پڇڻ لاءِ هتي
آيو آهيان.“ وڏيري چيو، ”ڳوٺ ۾ هرهڪ جي وات ۾
وڃايل ڍڳي جي ملڻ جو قصو آهي. منهنجي سوپارين واري
سوني پيتي رات ڪو شاهينگ چورائي ويو آهي. هاڻ جهٽ
پٽ اها ڳولهرائي ڏي!“
اهو ٻڌي چٻي جا ڪن اڀا ٿي ويا ته هاڻ ڇا ڪجي. پر
يڪدم ڪجهه سوچي وراڻيائين: ”منهنجا هن وقت ته هڙئي
تارا ڪتيون اهڙي چڪر ۾ آهن جو توهان جي فائدي جي
ڳالهه ٻڌائي نه سگهندا. ان ڪري رات جا چار پهر
گذرڻ ڏيو. نئون سج اڀرڻ سان هليا اچجو ته حساب
ٻڌائيندوسانوَ ته توهان جي سوني صندوق ڪهڙي چور
کنئي آهي.“
جيئن ئي وڏيري پٺ ڏني ته چٻو ۽ ڦڏو هڪ ٻئي ڏي
سوالي نگاهن سان ڏسڻ لڳا ته هاڻ ڇا ڪجي. چٻي ٿڌو
ساهه کڻي چيو: ”هاڻ خيريت ان ۾ آهي ته رات جي پيٽ
۾ ئي هتان ڀڄي نڪرجي.“ پر ڦڏي خبردار ڪندي چيس ته
ائين ڀڄڻ سان سڄي ڳوٺ جا ماڻهو پٺيان پئجي ويندا.
”اچو ته صبح ٿيڻ تائين ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.“ ڦڏي
صلاح ڏني.
جڏهن رات جي اونداهي گهڻي گهاٽي ٿي ته چٻي چيو:
”اچو ته هاڻ نڪري هلون. اڃا به وقت آهي.“ پر ڦڏي
وراڻيو: ”چڱو ڀلا چنڊ اڀرڻ تائين گهٽ ۾ گهٽ ترس.“
هاڻ ڇا ٿيو جو جنهن وقت هي ڳالهيون ڪري رهيا هئا
ته ان وقت سوپارين جي سوني صندوق جو چور جنهن جو
نالو ”بخت“ هو، رات جي اونداهيءَ ۾ لڪندو لڪندو
هنن جي مسافر خاني جي ٻاهران اهو معلوم ڪرڻ لاءِ
اچي نڪتو ته آيا نجوميءَ کي تارن ذريعي چور جي خبر
پئجي ويئي آهي يا نه.
چٻي ڦڏي کي چيو: ”استاد ڦڏا هي کيل ڪرائي پاڻ کي
ڦاسائي وڌئي، هاڻ هتان ائين ڀڄڻو پوندو ڄڻ پاڻ ئي
چور هجون چور!“
ڦڏي وراڻيس: ”استاد چٻا! ان ۾ ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي.
ڏوهه پنهنجي بخت جو آهي بخت جو.“
چور جيڪو هاڻ رڙهي اچي هنن جي ڪمري جي در وٽ لڪيو
هو تنهن نه رڳو ”چور“ ۽ ”ڏوهه بخت جو“ جهڙا لفظ
ٻڌي سمجهي ويو ته نجوميءَ کي تارن کان اهو معلوم
ٿي ويو آهي ته سوني صندوق جو چور ”بخت“ يعني آئون
آهيان، تڏهن ته هي منهنجو نالو وٺي ڳالهه پيا ڪن.
سو ڏڪندي ڏڪندي در جي اوٽ کان ٻاهر نڪري چيو:
”نجومي صاحب اهو بدنصيب ”بخت“ آئون ئي آهيان، جنهن
وڏيري جي چوري ڪئي آهي. اها مون سندس گهران چوري
ڪري ڳوٺ جي پراڻي مقام ۾ هڪ ڊٺل قبر اندر لڪائي
رکي آهي. جيڪي وڻنوَ مون کي سيکت ڏيو، پر مهرباني
ڪري وڏيري کي منهنجو نالو نه ٻڌائجو.“
ڦڏو ۽ چٻو اهو معلوم ڪري دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳا
ته چور ته گهر ويٺي ئي ملي ويو. پر چور اڳيان اهڙي
خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ بدران نمونو اهڙو رکيائون ڄڻ
کين اڳهين خبر هئي ته پيتي ڪٿي لڪل هئي.
ڇڙٻ ڏيندي چور کي چيو: ”خبردار جو آئيندي چوري ڪئي
اٿئي. وڏيري کي چئي شهر نيڪالي ڏيارينداسونءِ.“
بخت هٿ ٻڌي معافي ورتي ۽ ڦڏي ۽ چٻي جا ٿورا مڃيندو
روانو ٿي ويو، پٺيان سج اڀرڻ تي جڏهن وڏيرو آيو ته
چٻي سندس شيءِ جو پورو پورو ڏس ڏنو ته اها ڪٿي
پيئي آهي. خوش ٿي يڪدم نجومي استاد چٻي اڳيان
چانديءَ جا پورا هڪ سؤ سڪا اچي رکيا ۽ ٻئي ڏينهن
ٻنهي ڄڻن کي پنهنجي گهر نيرن جي دعوت ڏني.
نيرن بعد جيئن ئي ڦڏو ۽ چٻو موڪلائي رهيا هئا ته
بادشاهه جو قاصد وڏيري جي گهر پهتو ۽ خبر ٻڌائي ته
اڄ صبح جو هيرن جواهرن سان ٽٻ ستن جهازن جو هڪ
قافلو بندرگاهه ٻاهران لنگر انداز اچي ٿيو آهي.
جهازن جي سوداگر وٽ هڪ لوهي پيتي آهي جنهن تي هن
بادشاهه سان شرط رکي آهي ته ستن ڏينهن کان پوءِ
بادشاهه جي راڄ جو ڪوبه نجومي جيڪڏهن ٻڌائي ويندو
ته ان پيتي ۾ ڇا آهي ته هيرن جواهرن سان آندل ست
ئي جهاز بادشاهه جا ٿيندا، پر جيڪڏهن ڪوبه نجومي
مقرر مدي بعد ٻڌائي نه سگهيو ته بادشاهه کي پنهنجو
تخت ۽ تاج سوداگر جي حوالي ڪرڻو پوندو. قاصد وڌيڪ
ٻڌايو: ”بادشاهه سلامت اهو شرط منظور ڪري ويٺو آهي
پر افسوس جو ڪورٽ جي خاص نجومين مان ڪو هڪ به ان
جي لائق ناهي ته ٻڌائي سگهي ته ان پيتيءَ ۾ ڇا
آهي. ان ڪري بادشاهه سلامت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهو
موڪليا آهن ته وڃي ڪو سٺو نجومي ڳولي اچو.“
وڏيري قاصد جي سڄي ڳالهه ٻڌي خوشيءَ مان صلاح ڏنس:
”استاد چٻي کي ڇو نه ٿو بادشاهه وٽ وٺي وڃين. هي
ضرور ٻڌائي ويندو ته ان پيتيءَ ۾ ڇا آهي.“
سو اهڙيءَ طرح قاصد استاد چٻي ۽ استاد ڦڏي کي ساڻ
وٺي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. استاد چٻي
بادشاهه کي دلجاءِ ڪرائي ته هو فڪر هرگز نه ڪري جو
اڃان ته سڄا سارا ست ڏينهن پيا آهن. مقرر وقت اچڻ
تي هو سوداگر کي ان پيتيءَ جو ڳجهه منٽن ۾ ٻڌائي
ويندو.
بادشاهه سلامت اهو ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ چٻي ۽
سندس چيلي ڦڏي کي رهڻ لاءِ هڪ عاليشان گهر ڏيئي
ڇڏيائين ۽ ان سان گڏ ڪيترائي نوڪر چاڪر ۽ کاڌا
پيتا پڻ ته جيئن موج ۾ وقت گذارين.
ٻنهي ٺڳن جي عيد ٿي ويئي ۽ مزي ۾ ڏينهن رات گذارڻ
لڳا. پيتيءَ جي راز ٻڌائڻ واري ڏينهن کان هڪ رات
اڳ ڦڏي چٻي کي چيو:
”هيترا ڏينهن ته پاڻ به خوب جاوا ڪيا. هاڻ هتان ته
ڀڄڻ جي ڪا واهه به نظر نه ٿي اچي ۽ نه وري ڳجهه جي
خبر پئجي سگهي جو سڀاڻي اهو راز ٻڌائي سگهون ته
پيتيءَ ۾ ڇا آهي. بس هڪ ئي ڪم ڪري سگهون ٿا.
ماڙيءَ جي دري جيڪا سمنڊ پاسي کلي ٿي اچو ته ان
مان ٽپ ڏيئي پاڻ کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪريون ته جيئن سمنڊ
جي ڇولين ۾ ٻڏي وڃون.“
”ٻڏي ڇو مرون. پاڻ کي ترڻ ته اچي ئي ٿو.“ چٻي چيو.
هن کي خودڪشي ڪرڻ جي رٿ بنهه پسند نه آئي.
”چڱو ڀلا، ڦڏي ٻي رٿ پيش ڪئي، ”هينئن ڪنداسين جو
ترندا وينداسي تان جو ان حد تي پهچون جڏهن ساڻا ٿي
ٻڏي وڃون.“
پوءِ ٻنهي کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو. ترندي ترندي هو انهن
ستن جهازن جي ويجهو وڃي پهتا جنهن جي سوداگر
بادشاهه سان شرط رکي هئي. انهن جهازن جي قافلي مان
جهڙو هڪ جهاز جي ڀرسان لنگهيا ته سندن ڪنن تي ڪنهن
ٻار جي ڳالهائڻ جو آواز پيو جيڪو پنهنجي ڏاڏي سان
ضد ڪري رهيو هو: ”ڏاڏا، توهان جهازن جي سوداگر جا
خاص بورچي آهيو. توهان کي ضرور ان راز جي خبر
هوندي ته ان پيتيءَ ۾ ڇا آهي.“
”پر جنهن ڳالهه سان تنهنجو واسطو ناهي ان جي پڇڻ
مان ڪهڙو فائدو؟ “
بورچي پنهنجي پوٽي کي ڇڙٻ ڏيندي چيو.
”نه آئون ڄاڻڻ ٿو چاهيان. مون کي ٻڌاءِ.“ ٻار ضد
ڪيو، ”نه ته آئون هرگز نه سمهندس“.
”ڇو ايڏو ضدي نينگر ٿيو آهين.“ ڏاڏي چيس. پر ڇوڪرو
پنهنجي ڳالهه تام اصل لهڻ جي نه ڪئي. ”ڏاڏا مون کي
هروڀرو ٻڌايو. ڇا به ٿي پوي ته ٻڌايو“.
آخرڪار ڏاڏي کي مڃڻو پيو. ”چڱو ڀلا ٻڌ“ هن چيو،
”ان لوهي پيتيءَ جي اندر ستل جي پيتي آهي. ۽ پتل
جي پيتيءَ جي اندر چانديءَ جي پيتيءَ اندر چانديءَ
جي پيتي آهي. ۽ چانديءَ جي پيتيءَ اندر سوني پيتي
آهي ۽ سوني پيتيءَ ۾ دنيا جي قيمتي عطر جو هڪ دڪو
رکيل آهي. هاڻ هلي سمهي رهه“.
چٻو ۽ ڦڏو جيڪي ٻئي اها گفتگو ٻڌي رهيا هئا، تن هڪ
ٻئي ڏي نهاري مرڪيو ۽ واپس ڪناري ڏي ترڻ لڳا. ٻئي
ڏينهن صبح جو، اهو ٻڌائڻ اجايو آهي ته استاد چٻو
ڪجهه صحيح ٻڌائي ويو ته ان پيتيءَ ۾ ڇا آهي ۽
سوداگر کي پنهنجا سمورا جهاز بادشاهه کي ڏيڻا پيا.
بادشاهه ان ئي وقت استاد چٻي کي ڪورٽ جو وڏو نجومي
مقرر ڪيو ۽ ڪچهريءَ لاءِ پاڻ سان گڏ محلات ڏي وٺي
هليو.
ان وقت جڏهن چٻو بادشاهه سلامت سان محلات ۾ ڪچهري
ڪري رهيو هو ته پٺيان ڦڏي گهر کي کڻي باهه ڏني. هن
ڄاڻي ٻجهي ٿورا پنهنجا هٿ به ان مان ساڙيا ۽ سڌو
محلات ۾ پهتو جتي چٻو بادشاهه سان خبرون چارون ڪري
رهيو هو. ڦڏي پنهنجو پاڻ چٻي اڳيان اڇلائي چيو:
”استاد سائين ڇا عرض ڪريان ته گهر کي باهه لڳڻ ڪري
توهان جي علم نجومي جا مڙئي ڪتاب سڙي راک ٿي ويا
آهن. مون گهڻو ئي انهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر
افسوس جو توهان جي قيمتي ڪتابن کي بچائي نه
سگهين“..
چٻو اها خبر ٻڌي منهن مٿو پٽڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو.
هائي هائي! هن چيو، ”هاڻ ڇا ٿيندو. هاڻ آئون تارن
جو علم ۽ اڳ ڪٿيون ڪيئن ٻڌائي سگهندس“. بادشاهه
استاد چٻي کي غمگين ڏسي يڪدم آٿت ڏين ۽ نئو عهدي
طور رياست جو وزير ڪري رکيو. ان بعد ڦڏي جي سڙيل
هٿن ڏي نهاري چيو: ”شاباش هجي تو جهڙي وفادار کي
جنهن ملڪ جي ڪتابن لاءِ باهه جي سيڪ جي پرواهه نه
ڪئي. مون کي تو جهڙن بهادر ماڻهن جي ضرورت آهي“ ۽
پوءِ ڦڏي کي پنهنجي فوج ڪمانڊر مقرر ڪري ڇڏيو.
راهي چنا
غزل
هٿ ۾ هٿ ڏيئي اسڪول وڃن ٿا
ڪيڏا نه سُهڻا ٻار لڳن ٿا
هٿ ۾ قلم ۽ ڪڇ ۾ ڪتاب.
شُوق سان سڀيئي سبق پڙهن ٿا.
جڏهين ٻاتا ٻاتا ٻول چون ٿا،
ننڍي وڏي کي واهه وڻن ٿا،
کيڏيندي کيڏندي وڙَهي پون ٿا،
وڙهندي وڙهندي پرچَي پون ٿا.
علم سان ڪيڏو چاهه رکن ٿا
نفرت ڪيني کان دور رهن ٿا
اَبي امان جي اُميد ٿين ٿا،
بس هر وقت لکن ۽ پڙهن ٿا.
وقت جي جيڪي واڳ وٺن ٿا،
جڳ ۾ اُوچي ڳاٽ جيئن ٿا.
چاهه مان جيڪي چوٽ چڙهن ٿا،
ماڳ تي ”راهي“ سيئي رسن ٿا.
خليل عارف سومرو
ريڊيو
ريڊيو سڀ ڪنهن کي وندرائي
ريڊيو سڀ ڪنهن کي بَهلائي
ماڻهن وانگي ٿو ڳالهائي
درس چڱائي جا دُهرائي،
مٺڙا مِٺڙا گيت ٻُڌائي
۽ نغمن جا ساز وڄائي.
دُنيا جُون خَبرُون پُهچائي
ملڪ سڄي جو حال ٻڌائي.
ڊراما لطيفا خُوب سُڻائي
ڏاڍا پيو رنگ رچائي
گهر ويٺي سڀ ڪُجهه سمجهائي
عارف معلومات وڌائي.
امام راشدي
امر مُرڪ
يونيورسٽيءَ جون موڪلون مليون ته، مان ڳوٺ اچڻ
لاءِ ريل ۾ سوار ٿيس. اڪيلائيءَ کان بچڻ لاءِ مون
ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو ۽ مان ڪنڌ هيٺ ڪري ڪتاب پڙهڻ ۾
مشغول هيس ته، اوچتو هڪ ننڍڙو معصوم هٿ منهنجي
مُنهن اڳيان ڦري آيو. ۽ آواز آيو، ”سائين الله جي
نالي، هن جڏي مُحتاج کي ڪا خيرات ڏيو.“ مون ڇرڪ
ڀريو، کيسي مان ڪجهه پئسا ڪڍي سندس تَريءَ تي رکيم
۽ کيس ڏٺم ته منهنجي حيرت جي انتها نه رهي. ڇو ته
اهو معصوم اسان جي ڳوٺ وارو ولڻ هو. پويان سندس
ڪُلهي تي نابين، پيءُ هٿ رکيو بيٺو هو. ولڻ به مون
کي سُڃاتو. ۽ چوڻ لڳو، ”سائين توهان ڪاٿي هوندا
آهيو! اڄ ڳوٺ ٿا هلو نه!“ مون کيس هائوڪار ڪئي. ۽
کائنس پُڇيو، ”ولڻ تون پڙهندو جو هئين.....؟“ ها
سائين پر... منهنجا ٻيا ڀائر سڀ ابي کان جُدا ٿي
ويا. باقي امڙ، ڀيڻ ۽ ابو اهو به توهان جي آڏو
آهي. مونکي اسڪول مان ڪڍي، پاڻ سان گڏ گذر لاءِ
کنيو اٿئين!. هُن منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو،
”ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟“ خُدن مان آهيان، فرمان!.
ولڻ جي ورندي ڏيڻ کان اڳ مون کيس جواب ڏنو ته،
خُدن به سڃاتو ۽ خير عافيت ڪئي.
خُدن اسان جي ڳوٺ جر رهندڙ هو. سندس اصل نالو،،
خدا بخش هو، پر کيس سڏيندا خدن هئا. خُدن واقعي
مسڪين ماڻهوهو. خدا کيس پوڙهائپ ۾ اکين جي روشني
کسي هئي. ٻه پٽ ولڻ کان وڏا هيس، جيڪي کائنس ڌار
رهندا هئا. پر پوءِ به ولڻ جو پڙهڻ سان چاهه ڏسي
کيس پڙهائيندا هئا. خُدن کي چيم ته، ڪاڪا خُدن،
تون ولڻ کي پڙهائيندو جو هئين؟ هُن منهنجي ڳالهه
ٻڌي ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چيو، ”ابا فرمان! ولڻ کي
پنهنجا ڀائر پڙهڻ لاءِ خرچ پکو ڏيندا هئا. پر اهي
به ڏئي، تنگ ٿي پيا. لاچار ٿي ولڻ کي اسڪول مان
پڙهڻ اڌ ۾ ڇڏڻو پيو، ٻيو ڪو واهه وسيلو نه رهيو.
لاچار ٿي مون پنڻ شروع ڪيو. پر پنائي ڪير؟ ان لاءِ
ابا، مان ولڻ کي ساڻ کنيو ۽ هاڻي... تنهنجي آڏو
آهيان، پر سائين، هاڻي ته مان گُهمڻ ۽ ڦرڻ جهڙو
ناهيان، بيماريءَ به اچي گهر ڪيو آهي.“ |