سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1987ع

باب: --

صفحو :4

ارشد کي اسڪول ڇڏڻ ۽ گهر واپس وٺي اچڻ رشيده لاءِ معمول ٿي چڪو هو. ان وچ ۾ هوءَ سلائيءَ وغيره جو ڪم ڪري، ارشد جي مستقبل سنوارڻ جي جستجو ۾ هوندي هئي. ۽ اڄ به هوءَ سلائي ڪري رهي هئي سلائي ڪندي ڪندي، ڌاڳو سئيءَ مان نڪري ويو هوس ۽ هوءَ جيئن ڌاڳو سئي ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي تئين ئي سئي سندس هٿ جي آڱر ۾ پوست ٿي ويئي. سئي رت ۾ ڀرجي ويئي. رشيده کي الائي ڇو لاشعوري طور تي اهو حادثو بڇڙو سنوڻ محسو ٿيڻ لڳو ۽ هوءَ خلاف توقع. ارشد کي اسڪول مان وٺڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري پئي.

وري به اها ساڳي گهما گهمي- پر مجبوريءَ رشيده کي هاڻي ان ماحول، پاڻ ۾ ضم ڪري ڇڏيو هو. هوءَ چرين وانگر وکون کڻندي، اڳتي وڌي رهي هئي، اسڪول مان اڃان ٻارن کي موڪل ڪانه ٿي هئي. رشيده جيئن جيئن اسڪول کي ويجهو ٿيندي ويئي، تيئن تيئن سندس دل ڪنهن اڻ ڄاتل خوف جي ڪري وسامندي محسوس ٿي رهي هئي. هن کي ائين پي لڳو ڄڻ اڄ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي ان حالت ۾ سندس بدحواسي عروج تي پهچي چڪي هئي. اوچتو گاڏيءَ جي بريڪ سندس هانو ڏڪائي ڇڏيو.

”مائي! هي شهر آهي جهنگ ڪونهي، جو ائين بي پرواهه ٿيو پئي هلين.“ گاڏي جي ڊورائيور کيس اکيون ڦونڊاري تڙي ڏني هئي.

رشيده ويچاري هيڪاري هيسجي ويئي ۽ هوءَ هاڻي سنڀالي هلڻ لڳي. اسڪول جي دروازي تي پٽيوالي کيس روڪيو هو ته اڃا موڪل ڪانه ي آهي، انتظار ڪر. رشيده، اسڪول جي در تي ويهي، پنهنجي اميدن جي سهاري جو انتظار ڪرڻ لڳي. گهنڊ جي پهرئين ڌڪ تي رشيده اٿي کڙي ٿي ۽ وائڙن وانگرن ارشد کي نهارڻ لڳي. رشيده هاڻي ارشد جي ساٿ سبب نهايت محتاط نموني رستو پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ڪجهه گاڏيون انتظار ۾ بيٺيون هيون ۽ ڪجهه گاڏيون اچي- وڃي رهيون هيون اوچتو ئي اوچتو انهن بيٺل ڪنهن هڪ گاڏيءَ مان هڪ هانو ڏاريندڙ ڌماڪو ٿيو هو. ڌماڪو، ايڏو ته زوردار هو، جو فلڪ بوس عمارتن ۾ ڏار پئجي ويا هئا ۽ انساني گوشت جا لوٿڙا، فضا ۾ اڏامندي غائب ٿي ويا هئا. هر طرف ڪهرام مچي ويو هو. ڌماڪو عبن ان وقت ٿيو، جڏهن رشيده رستو پار ڪري، هڪ گهٽيءَ ۾ داخل ٿي چڪي هئي ۽ اهڙي طرح ماءُ جي مامتا، مستقبل جي معمار کي موت تي حاوي ڪري ڇڏيو هو!

امام راشدي

لالچ جو سبق

جميل ۽ ثمينه ٻئي ڀاءُ ۽ ڀيڻ هئا. روز ٻئي گڏجي اسڪول ويندا هئا. اسڪول گهر کان ڪجهه پرڀرو هئو. هڪ ڏينهن جيئن اسڪول کان واپس پئي آيا ته رستي ۾ ٿڪ سبب هڪ وڻ جي هيٺيان اچي بيهي رهيا. گرمي به ڏاڍي هئي. رستي سان ٽريفڪ به جام پئي هلي. ايتري ۾ هڪ موٽر اچي هنن جي اڳيان بيٺي جنهن ۾ هڪ ماڻهو ويٺو هو. ثمينه ۽ جميل هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو. موٽر ۾ ويٺل شخص ڏاڍي نرمائيءَ سان هنن کان پڇيو ته بابڙا! اوهان پنهنجي گهر ٿا وڃو؟ تنهن تي جميل ۽ ثمينه ٻنهي هائوڪار ڪئي. پوءِ ان شخص چيو، ته پوءِ اچو ته آءٌ اوهان کي موٽر ۾ اوهان جي گهر تائين کنيون هلان، آءٌ اوهان جي پيءُ جو دوست آهيان. جميل ۽ ثمينه جيڪي اڳ ۾ ئي گرمي سبب بي حال لڳا پيا هئا سي جلدي ڪري موٽر ۾ چڙهي ويٺا ۽ ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳا دل ئي دل ۾ ٻئي هن اجنبي پيءُ جي دوست کي دعائون ڏيڻ لڳا. موٽر هلي ته ان شخص کين ٻه چاڪليٽ کيسي مان ڪڍي ڏنا ۽ هڪ پاڻ کائڻ لڳو موٽر به پئي هلي.

چاڪليٽ کائڻ کان پوءِ کين ننڊ اچڻ لڳي گهڻي ئي ڪوشش ڪيائون ته ننڊ نه اچي پر ننڊ کين اهڙو ته ورتو جو اک تڏهن کلين جڏهن پاڻ کي هڪ بند ٿيل ڪمري ۾ ڇڳل کٽ تي پيل ڏٺائون. جميل تڪڙ ۾ اٿيو ۽ پوءِ ثمينه کي اٿاريائين ۽ پوءِ اچي در کي کولڻ لڳا پر در ڪٿي ٿو کلي. در کي ڌڪ هڻڻ لڳا. ڌڪن تي به جڏهن در نه کليو تڏهن وڍي زرو سان روئڻ شروع ڪيائون. نيٺ گهڻي دير کان پوءِ در کليو ۽ هڪ شخص اندر ڪمري ۾ گهڙي آيو ۽ ٻنهي کي چيائين اڙي ڇورا چُپُ ڪريو. ٻئي ويچارا خاخوش ٿي ويا ۽ ڏڪڻ لڳا ۽ ان شخص کي چوڻ لڳا ته اسان کي... اسان کي هت ڇو بند ڪيو اٿَو؟ اسان کي پنهنجي گهر ماءُ، پيءُ وٽ وٺي هلو اسان جا ماءُ پيءُ اسان کي ڳوليندا هوندا. ايتري ۾ هڪ ٻيو شخصُ آيو، جنهن هنن کي %اني ڏني ۽ پاڻي به ڏنو پر ٻنهي روئيندي چيو ته نه.... نه نه... اسين ماني ڪونه کائينداسين اسان کي پنهنجي گهر وٺي هلو ۽ مسلسل روئيندا رهيا. هو ٻئي شخص پاڻ “ چوڻ لڳا ته هنن ٻنهي کي خاموش رکڻ لاءِ ”انجيڪشن“ هڻڻي پوندي. ”انجيڪشن“ جو نالو ٻڌي وري ٻئي روئڻ ۾ شروع ٿيا. ايتري ۾ ٻئي شخص در بند ڪري هليا ويا. ۽ هي ٻئي روئيندا رهيا. ٻيو ڪو وسيلو نه ڏسي روئي روئي چُپُ ڪري ويهي رهيا. گرميءَ سبب پگهر ۾ شل ٿي ويا. هئا. آخر ائين روئيندي روئيندي رات ٿي وئي ۽ در کي زور زور سان ڌڪ هڻڻ لڳا پر در ڪٿي ٿو کلي. اوندهه به وڌندي پئي وئي بلب يا بتي ته هئي ئي ڪونه البته سندن کٽ جي مٿان هڪ وڏو جارو هو جنهن مان ٻاهران روشني پئي آئي ايتري ۾ جميل اٿيو ۽ دروازي ڏانهن ويو ۽ در کي وري به ڌڪ هنيائين پر دروازو ڪونه کليو ۽ پوءِ بلڪل مايوس ٿي ويا ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳا هنن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. ايتري ۾ جميل کي هڪ اٽڪل آئي ۽ ثمينه کي چيائين ته همت ڪر ته هڪڙي طريقي سان ٻاهر نڪرنداسين. ڪهڙي طريقي سان؟ ثمينه خوش ٿيندي پڇيو. هو ڏس مٿان جيڪو جارو آهي ان مان ٻاهر نڪرڻو آهي. جميل جاري ڏانهن اشارو ڪندي چيو، پر اهو ته مٿي آهي اتي ڪئين پهچنداسون ثمينه چيو. ها اهائي ته ڳالهه آهي نه، ته اتي ڪئين پهچئون ۽ پريان ڪيئن لهون جميل سوچيندي چيو، ايتري ۾ ثمينه چيو ها هڪ اٽڪل مون کي به آهي ته ان جاري تي ڪيئن پهچئون. هيءَ کٽ ڏس ان کي اڀو ڪري جاري تائين رکجي ڏاڪڻ وانگر ته پوءِ ان تي چڙهي ٻاهر نڪرنداسين. پوءِ ته جلد کٽ اُڀي ڪري جاري تي رکيائون ۽ جميل چڙهي جاري کان ٻاهر ڏٺو ته پريان هڪ ڪوٺو هو ۽ پريان وري گهر وغيره به هئا. پوءِ جميل ۽ ثمينه تڪڙا تڪڙا جاري مان ٻاهر ٽپي نڪتا ڪوٺي تي ۽ پوءِ ڪوٺن تان هلندا هڪ ڪوٺي تان ڏاڪڻ مان هيٺ هڪ گهر ۾ لٿا هيٺ گهر جا ڀاتي سڀ ننڊ ۾ هئا. رات تمام گهڻي گذري چُڪي هئي هڪ ڪنڊ ۾ لڪي ويهي رهيا ته هنن کي ننڊ اچي وئي. آخر نماز جي مهل آذان تي ان گهر جو هڪ پوڙهو ماڻهو اٿيو ۽ نماز پڙهڻ لاءِ بلب ٻاريائين اڃا جو ڏسي ته ٻه ٻار هڪ ڪنڊ ۾ ستا پيا هئا. پوڙهي ماڻهوءَ وڃي ٻنهي کي اٿاريو ۽ حال احوال پڇڻ لڳو ته اوهان ڪير آهيو ۽ هت ڪيئن آيا آهيو. تنهن تي جميل ۽ ثمينه سموري گذريل ڳالهه ڪري ٻڌائي پوءِ پوڙهي شخص ٻنهي کي پيار ڏنو ۽ دلداري ڏني ته اوهان کي اوهان جي ماءُ پيءُ وٽ ڇڏيندس. صبح ٿيو ته پوڙهو ٻنهي ٻارن کي ساڻ ڪري پوليس اسٽيشن تي آيو جتي فرياد داخل ڪرائي ۽ پوليس ثمينه ۽ جميل کي ساڻ ڪري ان جڳهه تي آيا جتي پوليس ڇاپو هنيو جنهن ۾ اهو موٽر وارو شخص ۽ ٻه غنڊا گرفتار ڪيائون ۽ پوءِ جميل ۽ ثمينه کي پوليس با حفاظت گهر ڇڏي آئي ۽ کين انعام به ڏنائون ۽ چيائون ته اوهان هن شهر جا بدنام غنڊا گرفتار ڪرايا آهن. جميل ۽ ثمينه کي ماءُ پيءُ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ بعد ۾ سمورو قصو جميل ثمينه کين ٻڌايو جنهن تي هِنن جا ماءُ پيءُ سندن ذهانت تي ڏاڍا خوش ٿيا.

جميل ۽ ثمينه آئينده ڪڏهن به مزي جي خاطر ۽ ٿڌڙي هوا جهٽڻ لاءِ ڪنهن به لالچ ۾ نه اچڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو. پيارا ٻارو! اوهان به ائين تڪڙ ڪري اهڙن ڪمن کان هميشه باز رهندا ڪريو.

علم

·       علم هڪ اهڙو سمنڊ آهي؛ جنهن جي تهه تائين پهچي، اسان هيرا موتي حاصل ڪري سگهون ٿا.

·       علم هڪ اهڙو وڻ آهي؛ جنهن جي ڇانوَ ۾ هر اِنسان تمام عمر آرام ۽ سڪون محسوس ڪري ٿو.

·       علم هڪ اهڙو سمنڊ آهي؛ جنهن جي ڪا به انتها نه آهي.

·       علم هڪ اهڙي ڏاڪڻ آهي، جيڪا ڪاميابي جي منزل طرف وٺي وڃي ٿي.

·       علم هڪ اهڙو آئينو آهي؛ جنهن ۾ هر انسان پنهنجي آئيندي (مستقبل) جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿو.

·       علم هڪ اهڙو رستو آهي؛ جنهن تي هلندڙ مسافر ڪڏهن به ڀلجي نه ٿو.

·       علم هڪ اهڙو سَهارو آهي؛ جيڪو بي سهارن لاءِ ڇَپَرَ (مٿي ڇانوَ) جو ڪم ڏئي ٿو.

·       علم هڪ اهڙو دوست آهي، جيڪو سڄي ڄمار ساٿ نه ٿو ڇڏي.

·       علم دل کي اهڙي طرح زندهه رکي ٿو، جهڙي طرح خشڪ زمين کي بارش سرسبز بڻائيندي آهي.

·       علم حاصل ڪريو، پوءِ توهان کي انهيءَ لاءِ چين به وڃڻو ڇو نه پوي.

·       علم خواه ڪيترو به وڌيڪ حاصل ڪيل هجي، ان کي گهٽ سمجهيو.

عبدالحفيظ عبدالرشيد

انور ابڙو

مار ناهي سنوار

اباڙي گهوڙاڙي مري ويس..... سائين مري ويس، وري نه گسائيندس.... منهنجي توبهه سائين.... سائين منهنجي توبهه.... وري سائين..... نه....!!

اڙي ڏي خبر اڳتي گسائيندين هان... گهڻا دفعا توکي سمجهايو آ. ته بابا نه گساءِ.... نه گساءِ نيٺ نٿو مڙين- مٿو هڻي هڻي ٿڪو آهيان تون اهڙو جو اهڙو اڄ تنهنجي کل لاهي پوءِ گهر موڪليندوسائين ته جيئن تنهنجي مالڪن کي به تنهنجي افعالن جي خبر پوي ۽ اوڙي پاڙي وارا به ڏسنئي- سڏڪن ئي سڏڪن ۾ اڳتي نه گسائڻ ۽ ڪلاس جو ڪم پورو ڪري اچڻ جو استاد سان وعدو ڪري ايلاز ڪري ڳاڙهن هٿن کي مهٽيندو، ڦُڪون ڏيندو ۽ هٿ جي ترين سان ڳوڙها اگهندو اچي پنهنجي ڊيسڪ تي ويهندو هو- ڇوڪرن ڀرسان گذرڻ وقت سڀ کان احساس ڀرين نگاهن سان ڏسي وري استاد جي مار جي ڀئه کان ڪتابن سان اکيون ملائي پڙهڻ ۾ لڳي ويندا هئا. اِهي رحمان جونرڙيون ۽ استاد جي مار لازم ملزوم ٿي ويا هئا.

هي سڄي اسڪول ۾ چڱي طرح سڄاتو ويندو هو هوشارپ جي لحاظ کان نه پر مار جي لحاظ کانمار کائي کائي اهڙو ته پڪو ۽ نٺر ٿي ويو هيو جو ٻيو ڪير به ڇوڪرو هن سان اکيون ڪونه ملائي سگهندو هو.

ڪتابن سان هن جي مور نه پوندي هئي ڪن ڪتابن جا پهريان سبق ڦاٽل وري ڪن جا وچ ۽ پڇاڙيو- بوڪن تي به سڌيون ڦڏيون ليڪون پاتل، اڌ مان پنا ڦاٽل فقير ۽ غريب جي ڪپڙن جيان ڪتاب هن کي نانگن جا ٻر لڳندا هئا. جن کي کولڻ سان ڄڻ نانگن جي ڏنگڻ جو خوف ورائي ويندو هجيس- سندس جي دلچسپيون ۽ مشغله به هئا ته اهي هڪ وي سي آر ڏسڻ ۽ ٻيو پاڻ جهڙن نڪمن ۽ وي سي آر خور ڇوڪرن سان دوستي رکڻ- جيڏو هي وسي آر جي پيرڊ جو پابند هيو تيڏو شايد ڪنهن جوئي هجي- ڪيڏا به ڏينهن هجن- منجهند جو به ماني کائيندو هيو الائي نه، ويٺو وي سي آر ڏسندو- ڪنهن جو جي ڪم هن ۾ پوندو هيو ته به بس وي سي آر تي ويٺل ملندو هيو.

ڪا نئين فلم آئي ناهي ۽ رحمان جي نظر مان گذري ناهي- اهو ندورو ڏينهن هوندو جڏهن هن وي سي آر تان ڪو گسايو هجي. اسڪول ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڀلجي وڃڻ ٿيندو هوس ته هميشه جَڏن ۽ ڏڏن ڇوڪرن لاءِ مخصوص ٿيل پوئين ڊيسڪ تي وڃي پنهنجن هم خيال ڇوڪرن سان ويهندو هيو- اُتي به اک استاد ۾ باقي ڳالهائڻ جي رُخُ ڀرسان ويٺل ڇوڪرن طرف هندو هوس. سو به ڳالهائڻ جو موضوع به فلمون ۽ انهن جا ڊائلاگ هوندا هئا.

رحمان جي پيءُ جون اڳ ۾ به ٻه شاديون هيون- پهرئينءَ مان هڪ پٽ ۽ ٻيءَ مان ٽي پٽ ۽ ڌيءُ هيس- انهن جي هڪٻئي پٺيان هميشه لاءِ الوداع ڪرڻ وڇڻ کان پوءِ هن کي پنهنجي ننڍڙن ٻارڙن جي نگهداشت لاءِ ٽِي زال جي ضرورت پيش آئيءَ جيڪا گهڻي وقت کان پوءِ سندس زياده راضپي تحت ٿي هئي ٽين شاديءَ ۾ فطري چاهه هجڻ ڪري اُن مان ڄاول نَوَن ٻارن کي زياده پاٻوهه ڏيڻ لڳو ۽ اڳين ۽ پوين ٻارڙن جي وڏي ٿيڻ ڪري- انهن ۾ اڻبت پيدا ٿيڻ شروع ٿي رهي- سدس ماءُ به انهيءَ لڳل کنڊ ۾ لڙهڻ لڳي مجبور ٿي رحمان جي پيءُ کي پنهنجو گهر ۽ زمينون اڳين پٽن ۾ ورهائي لڏڻو پيو هو- سندس گهر واري (رحمان جي ماءُ) جو انهن سان گڏ رهڻ هاڻي عذاب کان گهٽ نه هو- نيٺ هي لڏي شهر ۾ اچي ويٺا هئا.

رحمان انهيءَ آخري (پوئين) گهر واريءَ مان هجڻ ڪري ۽ ٻيو ته وڏو به هجڻ ڪري پنهنجي پيءَ کي ڏاڍو پيارو هوندو هيو- رحمان جن ٻه سڳا ڀائر هئا- هڪ هن کان ننڍو هيو رحمان جي وڏي هجڻ جي ناتي سندس پيءُ پنهنجي زال جي هر راءِ رکڻ واسطي ڪا به گُهر، انگل بنا چون چران جي پورو ڪندو هو. رحمان جو پيءُ تي ايترو ته جادو هيو (ماءُ جي اثر ڪري به) جو، ڪجهه به پيءُ کي چوندو هيو ته پڻس ڦٽاڦٽ، کيس وٺي ڏيندو هيو- ڄڻ ته هن لاءِ نهڪر سکيوئي ناهي- هونئن هارين ۽ ڪم لاءِ ايندڙ ماڻهن کي سٺو رولائيندو هو.

وي. سي. آر پراون گهرن ۾ ڏسي ڏسي رحمان نيٺ کٽو ٿي چڪو هو ۽ ٻيو ته دوستن به ٿورا ٽيڪا ڏيڻ شروع ڪيا هئس ته هيڏي ساري ملڪيت هوندي به تو وٽ وي. سي. آر جو نه هجڻ تنهنجي بدناميءَ کان گهٽ نه آهي ان تي وري ڪهن وڌ چيو هوس ته مانيءَ هوندي به بک مرين ٿو“ پوءِ ته همراهه اچي گهر ۾ گهوڙا گهل ۽ ٻائيتال وڌو هيو گهرو سرڪار کان هيڏو سارو (اسان جي نظر ۾) مطالبو مڃائڻ لاءِ وقفن سان بک هڙتال شروع ڪري ڏني هئي گهر وارن ته پهرين ٿورو نٽايو ناراضگي ڏيکاري پر هار کائي ويا- رحمان کي ايتري پئسن تي وي. سي آر وٺي ڏنائون جو ڪنهن غريب جو سٺو جهڳو انهن پئسن مان ٺهي پئي سگيو- وي. سي. آر ملڻ کان پوءِ ته هن همراهه جا جاوا ٿي ويا.

وي سي آر هلائڻ ڪري، هي هاڻي ته شهر ۾ به مشهور ٿي ويو هيو- پر سڀ کيس عزت واري اک سان نه ڏسندا هئا- ماحول ۾ هن بابت اٿندڙ مختلف ڳالهين جي طوفان هن جي ويجهي عزيز عام کي پنهنجي گهيري ۾ سوڙهو ڪري ورتو. عامر کان اهي افواهه غلط يا صحيح اَوڙجي نٿي سگهيا ۽ طئه ڪيو ته رحمان کي اهڙن رجحانن ۽ لڳاءُ کان ٻاهر ڪڍي ايندو. هن پاڻ سان ڳالهائي چيو ته جيڪڏهن هي (عامر) پنهنجي زندگيءَ جي کنيل پهرين ذميواري سان پورو نڀاءُ ڪري ويو ته اڳتي پنهنجو پاڻ سان به انصاف ڪري ويندو.

هاڻي عامر جتي به هوندو هيو ته صرف رحمان جي باري ۾ پيو صليب گهليندو وتندو هو ۽ سندس ذهن سوچن ۾ گم ڪٿي حل لاءِ ڊوڙون پائيندو وتندو هو. هن جي آڏو رحمان جي پوڙهي پيءُ جي به گهنجيل تصوير لڏڻ لڳندي هئي- جنهن کان پوءِ هي اڪيلو گهر جو وارث بڻجيو هيو. پر اهو فيصلو به ڪشمڪشن ۾ هيو ته رحمان جا ٻين مائرن مان ويڳا ڀائر به ته اڃا زندهه ويٺا هئا- جيڪي هن کان عمر ۾ به وڏا هئا- انهن سمورن مسئلن عامر جي ذهن ۾ سرنگهون وڇائي ڇڏيون. جن مان سندس سٺن خيالن کي صحيح سلامت پاڻ پوڻو هيو.

غلط خيال رکندڙ دوستن جي رفاقت رحمان کي ايترو ته نقصان رسايو هيو جو بورڊ جي امتحان ۾ پنجن پرچن مان صرف ٻن ۾ پاس ٿيو هيو ۽ جن ۾ پاس ٿيو هيو انهن تي به تعجب کائي رهيو هيو. عامر ڪنهن قدر پاڻ کي مقصد ۾ ڪابيان ٿيندو ڏسي خوش ٿيڻ لڳو ۽ رحمان کي وڌيڪ سمجهاڻيون ڏيڻ لڳو. هن کي ٻارڙن جي ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ وٺي شرڪت به ڪرائيندو رهيو، جتي غريب،مفلس، ڏتڙيل ۽ بي سهارا ٻارڙا بي ڊپائي خود اعتمادي ۽ هوشارپ سان اهڙا ڪم ڪري رهيا هئا جن کي هر ڪو تعريفي ٻول چوڻ کان سواءِ رهي نٿي سگهيو. هاڻي رحمان کي اسڪول ۾ غريب ٻارڙن جي هوشارپ، جيڪي بتين ۽ چمنين تي پڙهي ايندا هئا پوءِ بجليءَ تي پڙهندرن کان به هوشيار لڳندا هئا کي ڏسي تعجب ۽ پاڻ تي افسوس ٿيڻ لڳو هيو.

هن کي جڏهن ”جڏي ڇو هجڻ“ جو احساس شدت سان ٿيڻ لڳو، تڏهن هي پنهنجون صلاحيتون جيڪي بيڪار مشغلن ۾ وڃائي رهيو هيو هڪ اهڙي طرف استعمال ڪرڻ لڳو جتي امر ٿيڻ جا قوي امڪان هوندا آهن جتي ذرڙن مان گهرڙن جڙڻ جا قوي امڪان هوندا آهن جتي ڌرتي هندورو ٿيڻ جا قوي امڪان هوندا آهن اهڙي طرف هن موٽ کاڌي هئي. اکيون رحمان وجود وڃائي چڪو هيو ان مان جيڪو نئون رحمان ڦٽو هيو ان ۾ فنا ٿين وارا عنصر نه پر جيئري رهڻ وارا عنصر هئا. هن جي جڏهن اهڙي سٺي خيال جي سندس گهر وارن کي خبر پئي تڏهن انهن کي ايتري ته خوشي ٿي جيتري بي اولاد زال مڙس کي ٻار ڄمڻ تي ٿيندي آهي. اهڙي خوشي نه کٽندڙ خوشي- ها! بي انتها خوشي.


 

عبدالرحمٰن جتوئي

اي ڪو ٻيو فهم

مشهور بزرگ حضرت عبدالله بن مبارڪ، هڪ سال حج ڪرڻ لاءِ مڪي شريف ويو. جڏهن حج پڙهجي ويو ۽ واپس ٿيڻ واري آخري رات هئي ته خواب ۾ ڇا ٿو ڏسي ته آسمان مان ٻه ملائڪ لهي اچي ڪعبت الله شريف جي ڇت مٿان ويٺا. انهن وٽ هڪ وڏو رجسٽر هيو جنهن ۾ حاجين جا نالا ۽ کين مليل ثواب درج ٿيل هئا. انهن مان هڪ ملائڪ ٻئي ملائڪ کان پڇيو ته هن سال ڪيترا حاجي حج ڪرڻ لاءِ آيا آهن؟ ٻئي ملائڪ وراڻيو ته هن سال هيترا لک، هيترا هزار ۽ هيترا سو، حاجي حج ڪرڻ لاءِ آيا آهن. پهرئين ملائڪ وري پڇا ڪئي ته هن دفعي ڪهڙو حاجي ثواب حاصل ڪرڻ جي لحاظ کان پهرئين نمبر تي آيو. ٻئي ملائڪ جواب ۾ چيو ته هن دفعي دمشق جو هڪ مسلمان جنهن جو نالو علي آهي، پيءُ جو نالو موفق آهي، ڌنڌي جي لحاظ کان موچي آهي ۽ هو دمشق جي فلاڻي محلي جو ويٺل آهي. ان ڀلاري جو حج خدا جي بارگاهه ۾ ايتريقدر ته مقبول ۽ پسند پيو آهي جو جيڪڏهن سندس حج جي ثواب کي آئنده وارن سمورن حاجين جي بخشش لاءِ ورهايو وڃي ته ان ثواب مان سڀني حاجين جي بخشش ٿي سگهي ٿي. چنانچه ملائڪن جي ان گفتگو کان پوءِ کيس جاڳ ٿي ويئي. ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ حضرت عبدالله بن مبارڪ ان بزرگ جي زيارت ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. هن پنهنجي دل ۾ پڻ فيصلو ڪيو ته ان نيڪ بخت کان سندس حج جي ڪيفيت پڻ پڇندس. صبح جي نماز ڪعبت الله شريف ۾ پڙهي دعا گهري دمشق ڏانهن روانو ٿيو. دمشق ۾ پهچي ملائڪن جي ڏسيل، پتي تي علي بن موفق موچيءَ کي وڃي ڳولي لڌائين. هو ڇا ڏسي ته 80- 85 سالن جو هڪ ڪراڙو ماڻهو آهي جيڪو پنهنجي ننڍي دڪان ۾ جتين ڳنڍڻ ۾ مشغول آهي. هن کيس سلام ڪيو ۽ ان کان پوءِ اڳتي وڌي ساڻس ڀاڪر پاتو حضرت عبدالله بن مبارڪ سڀ کان اولا کانئس حج جي احوال ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي. علي بن موفق، حضرت عبدالله بن مبارڪ کي ٻڌايو ته مان هن سال حج تي ويوئي ڪونه آهيان، بلڪ مان سڄي عمر ۾ حج ڪيو ئي نه آهي. حضرت عبدالله بن مبارڪ ان نيڪمرد جي اها ڳالهه ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي خواب وارو قصو سربستو ڪري ٻڌايائين ۽ کيس پڪ ڏياريائين ته اهو خواب ڪڏهن به ڪوڙو نٿو ٿي سگهي، مهرباني ڪري اصل ڳالهه کي نه لڪاءِ. اهو بيان ٻڌي حضرت علي بن موفق ڪجهه گهڙين جي ويچار کان پوءِ کيس ٻڌايو ته حج ته ڪونه ڪيو اٿم پر حج ڪرڻ جو پڪو ارادو ضرور بنايو هيم، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:

اصل حقيقت هن طرح آهي ته مون کي حج ڪرڻ جو شوق ۽ تمنا ڪافي عرصي کان هوندي هئي پر غريبي سبب مالي طاقت ڪانه هئي. آخرڪار گهڻي ويچار کان پوءِ دل ۾ صلاح بيهاريم ته پنهنجي روزاني واري ڪمائيءَ مان ٿوري ٿوري بچت ڪندو وڃان، جڏهن ايتري موڙي گڏ ٿي وڃي جو ان مان سفر جو خرچ وغيره ٿي سگهي ته ان سال حج لاءِ روانو ٿيان. پنهنجي ڪمائيءَ مان تنهن ٽيهن سالن کان وٺي ٿورڙو ٿورڙو گڏ ڪندو رهيس ۽ هن سال حج کان اڳ ۾ ان کي ڳڻيم ته اها رقم ٽي هزار درهم بيٺي. ان موڙيءَ کي حج لاءِ ڪافي سمجهي هن سال حج ڪرڻ جي تياريءَ ۾ مشغول ٿي ويم. حج تي رواني ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳڀرو منهنجي گهر واري ڪنهن سانگي پنهنجي پاڙيسري جي گهر جي ڀت وٽ وڃي بيٺي ته کيس پاڙيسري جي گهر مان گوشت پچڻ جي خوشبو آئي. جيئن ته منهنجي گهر واري پيٽ ڀرئي سان هئي ان ڪري هن مون کي چيو ته پاڙيسريءَ جي گهر مان مون کي ٿورو ٻوڙ وٺي آڻي ڏي. مون پاڙيسريءَ جي دروازي وٽ وڃي کيس سڏي پنهنجو مطلب ٻڌايم. منهنجي ڳالهه ٻڌي هو ويچارو پريشان ٿيو ۽ ڳالهه کي ٽارڻ لڳو. مان چيومانس ڪمال ٿو ڪرين، ٿورڙي ٻوڙ ذري ڏيڻ کان لنوائين ٿو، ايڏو پڪو ته نه ٿيءُ. جڏهن مان ”کيس زور ڀريو ته هن ويچاري ڏکويل چهرو ڪندي چيو ته ادا! واقعي اسان جي گهر ۾ گوشت پچي رهيو آهي، مگر اهو گوشت توهان جيلاءِ کائڻ جائز نه آهي. حقيقت هن ريت آهي ته گذريل ٽن ڏينهن کانوٺي اسان سڄي گهر جا ڀاتي بک تي هئاسون. اڄ جيئن ته ٽيون ڏينهن هيو ۽ اسان بک سبب پاه ٿي رهيا هئاسون ان ڪري رات جي اونداهيءَ ۾ شهر جي ٻاهران هڪ مئل ڪڪڙ کڻي آيس جنهن کي منهنجي گهر واري رڌي رهي آهي. اسان جيئن ته بک سبب موت جي ويجهو هئاسون ان ڪري جان بچائڻ خاطر اها اسان لاءِ حلال ۽ توهان لاءِ حرام آهي. علي بن موفق فرمائي ٿو ته اها ڳالهه ٻڌي افسوس ۽ ارمان سبب مان پٿر جو بت بڻجي ويس. آخرڪار پنهنجن حواسن تي ضابطو رکندي يڪدم گهر موٽي آيس ۽ پنهنجي زال کي پاڙيسريءَ جو سمورو قصو تفصيل سان ٻڌايم. اها ڳالهه ٻڌي منهنجي زال ڏاڍي پريشان ٿي اسان پاڻ ۾ ارمان ڪندي چيوسين ته اها ڪيڏي نه افسوسناڪ ڳالهه آهي جو هڪ مسلمان پاڙيسري ايتريقدر غريبي ۽ تنگي ۾ حياتي گذاري رهيو هجي ۽ اسان سندس سارسنڀال به نه لڌيسون ۽ سندس ڪابه مدد ڪانه ڪري سگهياسون. مان پنهنجي گهر واريءَ کي چيو ته هينئر منهنجي صلاح اها آهي ته اهي ٽي هزار درهم جيڪي ڳچ وقت کان وٺي گڏ ڪندو ٿي آيس انهن کي پنهنجي مسڪين مسلمان پاڙيسريءَ ڀاءُ جي مدد تي خرچ ڪريان. باقي رهيو حج جو سوال ته ان لاءِ خدا ڪارساز آهي، اهوئي ڪا واه کوليندو ۽ راه ڪڍندو. هن وقت هن غريب پاڙيسريءَ مسلمان جي مدد ۽ واهر وڌيڪ ضروري ۽ اهم آهي. منهنجي گهر واريءَ جيڪا خدا ترس عورت هئي ان کي به اها صلاح پسند آئي. چنانچه مان ان وقت ئي اهي حج وارا ٽي هزار درهم هڪ ڪپڙي ٽڪر ۾ ڳنڍ ٻڌي پنهنجي لاءِ اناج ۽ ٻيون ضروري شيون خريد ڪر. ان رقم ملڻ سبب هو خوشيءَ سبب ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو ۽ مان اهو خوش ڪندڙ نظارو ڏسي واپس گهر موٽيم.

شايد الله پاڪ کي منهنجو اهو ننڍڙو عمل پسند اچي ويو ۽ ان کي قبوليت جو شرف بخشيو آهي. ان علاوه توهان کي خواب ذريعي اهو عمل ڏيکاري مون کي پنهنجي ان مخفي انعام ۽ اڪرام جي بشارت سان نوازيو آهي. علي بن موفق جي ان بيان سان حضرت عبدالله بن مبارڪ کي تسلي ٿي ۽ هو نهايت خوش ٿيندو پنهنجي گهر موٽيو.


 

قادري بشير احمد عباسي                       اسان جا اديب

انٽرويو وٺندڙ

الحاج رحيم بخش قمر

 

پيارا ٻارو! جڏهن مان مئٽرڪ ۾ پڙهندو هوس هڪ رات جيئن ئي ريڊيو کوليم محفل مشاعرو هلي رهيو هو جنهن ۾ ڪافي شاعرن حصو ورتو جن ۾ الحاج رحيم بخش قمر صاحب پنهنجو نعتيه شعر پيش ڪيو. جنهن ايترو اثر ڪيو جو اڪثر سندن پويون سٽون اڄ ڏينهن تائين ورجائيندو رهندو آهيان.

ابو امڙ ۽ آئون ”قمر“ قربان ڪريمﷺ تان“

ٻن سالن کان بعد جڏهن نواب شاهه انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا ورتم اتي اسلام جلسن ۾ کين تقريرون ڪندي زيارت نصيب ٿيندي هئي. پوءِ جلدي ڪاليج جي مسجد ۾ پيش امام ٿي آيا. اتي سائين جن سان اڪثر ادب تي بحث ٿيندو رهندو آهي ۽ سڀ کان پهريائين سندس تعارف پيش ڪريان ٿو.

پاڻ ضلعي نواب شاهه جي تعلقي موري جي ڳوٺ عمر راهو ۾ 1933ع ۾ ڄاوا. ابتدائي تعليم شڪارپور جي مدرسي مان شروعات ڪيائون. هينئر پي- ايڇ- ڊي لاءِ تياري پيا ڪن.

هن وقت پاڻ مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي نواب شاهه جي مسجد ۾ پيش امام جا فرائض انجام ڏيئي رهيا آهن.

سوال: توهان لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو آهي؟

جواب: مان دنيا جي عظيم روحاني شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح عليہ، حضرت مولانا محمد جلال الدين رومي، مصلح الدين، مولانا سعدي شيرازي وغيره کان گهڻو متاثر ٿيل آهيان، باقي رهيو سوال ڪنهن کان متاثر ٿي شعر لکڻ شروع ڪيو اٿم، حقيقت ۾ رب العالمين جي بي مثال ڪلام قرآن مجيد کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو اٿم، جيڪو سمورن علمن جي سرچشمو آهي.

سوال: اوهان کي شاعري ڪرڻ جو شوق ڪيئن جاڳيو؟

جواب: مون کي شاعري جو شوق پڙهڻ واري وقت کان ٿيو. اهو شوق هيئن ٿيو جو جنهن ڳوٺ ۾ اسين رهندا هئاسين، ان ڳوٺ ۾ قدرتي اچي بيماري پئي. جنهن ڪري انهيءَ بيماري وگهي روزانو ٻه ٽي ماڻهو مرڻ لڳا. ان واقعي کان متاثر ٿي مون شاعري ڪئي. مون جيڪا پهرين ڪافي چئي، سا به ان واقعي ۾ ٿي چيم. ”بيٺو موت مسافر يار سڏي“ ان کان پوءِ آهستي مولود ۽ ڪافيون ٺاهيون ۽ مون پنهنجن ڪچن ڦڪن شعرن کي ڪتابن جي صورت ڏياري مولوي محمد عظيم شڪارپور واري مون کي ڪتاب ڇپائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ منهنجي شاعريءَ جو اهو پهريون ڪتاب ”دربار مدينه“ هو. اهڙيءَ طرح شاعري سان شوق وڌندو ويو.

سوال: اوهان جو پهريون شعر؟

جواب: منهنجو پهريون شعر هي آهي. ”بيٺو موت مسافر يار سڏي، ويندين هرگز تون هتان نيٺ لڏي.“ هن شعر جا چار بند آهن.

سوال: قبله سائين! اوهان رڳو شاعري ڪئي آهي يا ٻيو ڪجهه نثر به لکيو آهي؟

جواب: سڄڻ سائين! شاعري کان سواءِ، نثر ۾ به گهڻو ڪم ڪيو آهي جهڙيءَ ريت ”جمال مصطفيٰ“ ”آئون نه گڏي پرينءَ کي“، ”تنويرالاسلام“ ”ماڻڪ موتي“، ”سيرت الانبياءَ“ ۽ اسلامي ڪلچر وغيره بيان ڪيل سمورا ڪتاب نثر ۾ اشاعت هيٺ اچي مقبوليت جو شرف حاصل ڪري چڪا آهن.

سوال: اوهان ادبي زندگيءَ ۾ ڪهڙو مقصد کڻي آيا آهيو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com