سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1987ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل ڊسمبر 1987ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارؤ

ڊسمبر جي هن پرچي سان گڏ سال 1987ع به پورو ٿيڻ وارو آهي. هن سال ۾ اوهان جو پيارو رسالو ڪڏهن دير ڪڏهن سوير پر هن مهيني اوهان وٽ پهچندو رهيو آهي. اسان کي خوشي آهي ته اسان اوهان کي سال جا 12 پرچا مڪمل ڏنا آهن.

اوهان جنهن محبت سان پنهنجي رسالي سان ساٿ نڀائيندا اچو ٿا ان لاءِ اسان اوهان جا شڪر گذار آهيون. ادبي بورڊ ٻارن ۾ علمي ۽ ادبي چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ هر مهيني ڪيترائي هزار رپيه گهاتو کائي پوءِ به هي رسالو ڪڍندو پيو اچي صرف ان لاءِ ته سنڌ جا معصوم ٻارڙا پنهنجي ٻوليءَ کي پڙهي پروڙن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي ادب مان واقف ٿين. اسان کي اميد آهي ته اوهان به پنهنجي قومي جذبي سان رسالي کي گهڻا پڙهندڙ (خريدار) پيدا ڪري ڏيندو. جنوري 1988ع جو پرچو گل ڦل جو خاص نمبر هوندو. جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 100 صفحن تي مشتمل هوندو. جنهن جي قيمت صرف پنج رپيه هوندي. هن خاص پرچي ۾ اسان گهڻي کان گهڻو مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اهو پرچو ساليانن خريدارن کي ساڳي قيمت ۾ موڪليو ويندو.

ٻارؤ اوهان 1988ع جي پرچي ۾ ڪهڙيون نيون تبديليون چاهيو ٿا اهو به لکي موڪليو، جيئن اسان توهان جي خطن جي آڌار تي پرچي کي وڌيڪ سينگاري شايع ڪريون.

چڱو ٻارو هاڻ اجازت خاص نمبر ۾ وري گڏ

چڱو ساٿ سلامت

اوهان جو ڀاءُ

اڪبر جسڪاڻي

الحاج رحيم بخش ”قمر“

لطيفي لات

ميران شاهه مدد ٿي، اچي اهکيءَ وير،

اللهِ لڳ لطيف چئي، ڀر پايءَ ڏي پير،

اولاد علي شير، ڪرڪا ماڙ مريد تي.

 

هن ڀيري لطيفي لات ۾، سر ”ڌناسري“ مان شمس العلماء مرزا قليچ بيگ واري ترتيب ڏنل رسالي مبارڪ مان هڪ بيت کنيو ويو آهي. جنهن ۾ ڀٽائي گهوٽ ڏکئي وقت ۾، محبوب سبحاني سيدنا عبدالقادر جيلاني رحه جن کي پنهنجي مدد جي لاءِ سڏ ڪيا آهن. کين سڏن ۾ عرض ڪيو اٿن ته الله لڳ پنهنجي پازي ڏي پير ڀريو، ڇاڪاڻ ته اوهان سيدنا علي المرتضيٰ شير خدا جو اولاد آهيو. بيان ڪيل رسالي ۾ ٻيا ٻه اهڙي قسم جا بيت موجود آهن جن ۾ حسني پير هلي آ ۽ بادشهه بغدادي چيو ويو آهي.

معني: اهکيءَ- ڏکيءَ، وير- وقت، لِله- الله لڳ، پازي- غلام، پير- قدر، اولاد- ولد جو جمع آهي ۽ ولد جي معنيٰ پٽ آهي. ماڙ- مهر، ٻاجهه،

احمد خان مدهوش

ٻالڪن جا ٻول

بابي جوڙيو بنگلو

بنگلي ۾ ڊمبلو

ڊمبلي ۾ ڏاڏي

ڏاڏي وٽ پيتي

پيتيءَ ۾ دٻلو

دٻلي ۾ چولو

چولي ۾ گلڙو

ادو منهنجو ٿلهڙو

بابي جوڙي لانڍي

لانڍي ۾ آ ٿوڻي

ٿوڻي ۾ آ ڇٻڙو

ڇٻڙي ۾ دٻڙو

دٻڙي ۾ پاڻي

پاڻي آهي ٿڌڙو

جئي منهنجو ادڙو

جئي منهنجو ادڙو

بابي ٺاهيو محلو

محلي ۾ ڪوٺي

ڪوٺي ۾ آ پڇٽي

پڇٽيءَ ۾ جارو

جاري ۾ آ کوکو

کوکي ۾ آ ٽٻڻي

ٽٻڻي ۾ ڪاتي

جيئي سڀئي ڀاتي

بابي جوڙي ڇنڙي

تنهن ۾ ويهي ونڙي

ونڙي کي وڳڙي

وڳڙي ۾ سڳڙو

سڳڙي ۾ موتي

موتي آهن ڳاڙها

جيئن ڀائر هاڙها

بابي ٺاهي پيهي

پيهي ۾ آ لاٽڻ

لاٽڻ ۾ آ لوٽو

لوٽي ۾ آ ڦوٽو

ڦوٽي ۾ آ داڻو

داڻي ۾ آ خوشبو

جيئي پنهنجي ساري جو

نياز پنهور

بس

آئي ريل پاڻ پڏاءِ نه تون،

گهڻون سامهون منهنجي ڳالهاءِ نه تون.

 

نه رستي تي رڪجين، ڀڳي ٿي وڃين،

مسافر جي سهوليت کي تون ڇا ڏسين

 

مان بس جي ڪو ويندو مسافر ڏسان،

وڏي قرب سان تنهن کي آئون کڻان.

 

ڪچو ڇا ڏسان مان، پڪو ڇا ڏسان،

مان منزل تي پهچي ٿي پو ساهه کڻان.

 

منهنجي زندگيءَ جو اهو مول آ،

مسافر جي خدمت منهنجو قول آ.

عادل منگي

(نظم)

وقت سان گڏ قدم وڌائي هلو ٻارو،

جو رهجي سو وکرجي ويندو ٻارو.

 

وقت اصل ڪنهن لاءِ ترسندو ناهي،

وقت وڃايل واپس ورندو ناهي،

 

جو رهجي پوئتي مستقبل آ تنهنجو ڪارو.

جنهن وک کي ٿورو تيز ڪيو آهي،

 

سو ڏسو پهتو چنڊ، تي اڳئي آهي،

هن دنيا جو چرخو نيارو.

 

نالو اوهان جو روشن تڏهن ٿيندو،

وقت اوهان کي قابو مٺ ۾ هوندو،

ان کان وڌ ڪوئي ناهي ڪو چارو.

شمن گاد لاڙڪاڻو

مورو

*جبل مٿي چنڊ،

جيجل جو آن چنڊ.

ادل مورو ويٺي ڏيان.

*جبل مٿي مينهن،

ڀاءُ ته منهنجو شينهن

ادل مورو ويٺي ڏيان.

*جبل مٿي هار،

سهنا سنڌي ٻار،

ادل مورو ويٺي ڏيان.

*جبل مٿي ڪک،

سنڌي پڙه ۽ لک،

ادل مورو ويٺي ڏيان.

*جبل مٿي تڏو،

پڙهي ٿيندو وڏو،

ادل مورو ويٺي ڏيان.

*جبل مٿي هُل،

گاد جو آهين گُل،

ادل مورو ويٺي ڏيان.

ڀائڙا مورو ويٺي ڏيان.

سوز جوڻيجو ڏوڪريائي

وائي

او منهنجا ننڍڙا مٺڙا ڀاءُ،

سرڪي سرڪي مون ڏي آءُ،

شل نه لڳي ڪوسو واءُ

آءٌ ته اڄ ٿا طانهري چاڙهيون

جلدي وٺي آ ڳڙ جو پاءُ

شل نه لڳي ڪوسو واءُ،

ڀت ته رڌجي ويو هاڻي ادڙا

ٺاري ٺاري ويٺو کاءُ

شل نه لڳي ڪوسو واءُ.

سنڌ جي ڌرتيءَ وانگر سدائين

رکجانءَ هر ڪنهن سان نياءُ

شل نه لڳي ڪوسو واءُ.

”سوز“ وانگر سدائين سهڻا،

ڌرتيءَ کي سڏجانءَ ماءُ،

شل نه لڳي ڪوسو واءُ.

آصف مٺياڻوي

تعليم ضروري آ

تعليم ضروري آ، تعليم ضروري آ،

تعليم بنا پنهنجي، هيءَ عمر اڌوري آ.

 

تعليمي ادارن تي توجهه جي ضرورت آ

تن ڏانهن نه کنئي ڪنهن ڀي پنهنجي نظر نوري آ.

 

تعليم سان گڏ ڌرتي، بولي به گهري ٿي ڪجهه

ڌرتيءَ لئه مري هيمو، سينگاري ويو سوري آ

 

لالچ آ وڌي ويئي، ڪيئن ٻار پڙهائي ڪو

ڏينهن رات ڪيون محنت، پئي پوءِ به نه پوري آ

 

تعليم جي ويجهو ٿي، ڪجهه سک ڪجهه سيکارج

ڇا لاءِ ٿو ڇرڪين تون، ڇو ته ڪئي دوري آ

 

هي پنهنجا ٻالڪ سڀ گلاب جا گلڙاهِن

تن لاءِ لکڻ آصف جي هيءَ مجبوري آ.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مخدوم مُحمّد هاشم ٺٽويؒ

(1691- 1760ع)

سنڌ جي باشريعت بزرگ هَستي، جيد عالم، خدا دوست، نيڪ مرد ۽ يگاني شخصيت، مخدوم مُحمّد هاشم ولد مولوي عبدالغفور سنڌي، تعلقي ميرپور بٺوري (ٺٽو) ۾، 10- ربيع الاول 1104هه (1691ع) ۾ ولادت ٿي.سندس جدِاَمجد قريشي قبيلي سان تعلق رکندا هئا، ۽وڏي ڏاڏي حارث جي اَولاد هئا. سندس والد (وفات 1113هه- 1700ع) پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ زاهد الزمان هو.

مخدوم صاحب ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان حاصل ڪئي. اُن کان پوءِ مولوي مُحمّد سعيد ميمڻ ۽ مخدوم ضياءُالدين جي ڀَر ۾ ويهي فارغ التحصيل ٿيو. فقہ جي پوري پوري ڄاڻ، مخدوم ابوالحسن ميمڻ ٺٽوي رح وٽان ورتائين.

مخدوم صاحب پهريائين ميرپور بٺوري لڳ ”محرابپور“ ۾ مدرسو قائم ڪيو. سندس اقبال ۽ انتظام کان وقت جا عالم خَفي ٿيڻ لڳا. ايتري قدر جو نه صرف ٽوڪون ۽ ٺٺوليون سَٺائين، پر مَن گهڙت منصوبا ۽ بهتان به مٿس مَڙهي، داغدار بڻائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ۾ رُڌل رهيا. اِنهيءَ ڪري تنگ ٿي، ٺٽي ۾ اچي آباد ٿيو.

ٺٽو، اُنهن ڏينهن ۾ علم ادب جو وڏو مرڪز هو. منجهس ڪيترن ئي فرقن جا اعليٰ پايي وارا بزرگ، درويش، شاعر، صوفي ۽ عالم سڳورا رهندا هئا. اَزانسواءِ علمي بحث مُباحثن جو وڏو چَهچٽو مَتل هو. انهيءَ علمي جستجو ۾ مخدوم صاحب جو ديني درسگاهه ڏيهان ڏيهه پَڌرو ٿيو. ايتري قدر جو تبليغ، تحرير ۽ تقرير وغيره ۾ وڏي ناموري درسگاهه ڏيهان ڏيهه پَڌرو ٿيو. ايتري قدر جو تبليغ، تحرير ۽ تقرير وغيره ۾ وڏي ناموري حاصل ڪيائين. مخدوم ٺارو ميمڻ المعروف به مخدوم محمد معين رح سان به ڪيترن علمي بحث مباحثن ۾ اختلاف رکيائين. سندس دور ۾ ڪيتريون ئي غير شرعي ڪارگذاريون ٿيون، جن کي نهايت تدّبر سان طيءِ ڪيائين. دين جي خلاف سندس اَندر ڪڙهندو هو، جنهن ڪري اَحمد شاهه ابدالي، ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ۽ نادر شاهه جهڙن وقت جي حاڪمن کي ذميوار ٺهرائي، ساڻن خط و ڪتابت جاري رکيائين. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ته پنهنجي سڀني ڪامورن کي، سندس ٻانهن ٻيلي ٿي رهڻ جو حڪم صادر ڪيو.

سچ پچ پاڻ ڪم گو، علم ۽ عمل جو مجسمو، اسلامي دنيا ۾ داناءُ، اَعليٰ پايي جو مُقرّر ۽ مُصلح مَڃيو ويو. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تقريباً ساڍا ٽي سؤ ڪتاب لکيائين ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ فقهي مسئلا سمجهايائين. سال 1135هه (1722ع) ۾ حج جي مقدس فرض لاءِ ويو. مديني شريف پهچي، اُتي به دين جو درس ڏيڻ لڳو. واپسيءَ تي، سورت بندر ترسپي، سيدّ مُحمّد سعد الله سورتي نقشبندي رح جو معتقد ٿيو. آخر وطن ۾ دين جي لڳاتار لگن سان خدمت ڪندي، تصنع ۽ تڪلف کان عاري، زاهدالزمان، ساده طبيعت، علم جي ڀنڊار، تاريخ 6 رجب المرجب 1174هه مطابق 1760ع ۾، هي فاني جهان ڇڏيو. سندس مزار مَڪليءَ جي ٽڪريءَ تي زيارتگاهه بڻيل آهي. مخدوم عبداللطيف ۽ مخدوم عبدالرحّمٰن سندس نرينه اَولاد هئا.

هن عالم ربانيءَ جو تصنيفات عالمانه ۽ مُحققّانه اَنداز ۾ آهن. هونئن ته اهي ڪتاب زماني جي ستم ظريفيءَ سببان اَڄ ناپيد آهن. البت ڪجهه ڪتاب هندستان ۽ يورپ جي ڪتبخانن ۾ اَڃا تائين محفوظ آهن. اُنهن مان ڪجهه الازهر يونيورسٽي مصر ۾ درسي طور پاڙهيا به وڃن ٿا. ”بياض هاشمي“ (ٽن جلدن ۾) سندس غير فاني شاهڪار آهي. منجهس هر علم جي وضاحت بيان ٿيل آهي.

لکڻ جو انداز هُوبهو پنهنجي محترم اُستاد، مخدوم ابوالسن ميمڻ رح جهڙو برقرار رکيو اٿس. سنڌي زبان ۾ ذبح شڪار، زادالفقير، فرائض الاسلام ۽ قوت العاشقين وغيره انهيءَ جي چٽِ دلالت ڪن ٿا. نمونو هيٺ ملاحظه فرمايو:

”بقا ناه بلاد کي دنيا ناه دوام،

اَجلُ ٿو اوتون ڪري ٿي قريب قيام،

ڪريو ياد ڪريم کي سَنجهي صبح شام،

ڪَهو ڪلمو صدق سين مٿي مُحمّد ڄام.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com