سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل 1993ع

باب: --

صفحو :5

عبدالله ۽ محرم ٻئي دوست هئا. عبدالله گراهڪ گهٽ، دوست وڌيڪ هو. هو ٽيئي وقت محرم جي هوٽل تي ماني کائيندو هو. جڳهين جي ايتري مسواڙ ايندي هئس جو هي خوش گذاريندو هو. نيروٽيءَ جو ڌنڌو بس ٿي ويو هو جو هاڻ رنگريزن جو زور هو. هي نيروٽي جي هنر جو بادشاهه ڪاريگر هو، پر هن زماني جي گراهڪن، خاص ڪري زالن ۽ عورتن جي ڪپڙن رڱڻ ۽ انهن سان وهنوار کان گهٻرائيندو هو. اڳين جُڳ جو انسان هو. کائيندو به سٺو هو ته پائيندو به چڱو هو. جيتوڻيڪ محرم سان پڪي ياراڻي هئي ۽ ڪيترن سالن کان هن جي دڪان تي ئي کائيندو رهيو پر هيءُ ڏوڪڙ جي معاملي ۾ بلڪل سچو ۽ کرو هو. محرم جيڪو اگهه ٻين گراهڪن کان وٺندو هو، اهو اگهه هي به ڏيندو هو. اوڌر رکائڻ کان سخت نفرت هوندي هئس. چوندو: ”ميان پيٽ ۾ ٿو کائجي، سو به وري اوڌر تي، اهو کاڌو وري ڪهڙو لڳندو“.

وهنوار ته وهنوار هو، پر محرم جو يار هو. هو ڪنهن مهل مشڪ جي ٻوٽي، ڪا سٺي سُڏي، گودي ڀريل نري وڌيڪ وجهي ڏيندو هوس. عبدالله کي به ڪو ڪم ڪار ڪونه هوندو هو، سو صبح جو نيرن ڪري، ٻاهر کٽ تي، ٻهراڙي وارن گراهڪن سان ويٺو ڪچهريون ڪندو. ڪنهن مهل اندر اچي محرم وٽ به ويهندو. منجهند جي ماني کائي وڃي گهر آرامي ٿيندو.. شام جو وهنجي سهنجي تازو توانو ٿي، اچي نوروءَ جي هوٽل تي چانهه پيئندو ۽ ٻاهر بينچ تي ويهي رڪارڊنگ ٻڌندو.

سانجهيءَ کان پوءِ وري اچي محرم جي دڪان ٻاهران کٽ وسائيندو. رات جو دير سان محرم جڏهن واندو ٿيندو ته ٻئي گڏجي ويهي ماني کائيندا. شروع ۾ عبدالله رات جو ماني ۾ جيڪو کائيندو هو، تنهن جا پئسا ڀريندو هو. پر آخر محرم جي بار بار اصرار ڪري، رات جي ماني محرم طرفان کائڻ لڳو. جيتوڻيڪ سندس دل چاهيندي هئي، پر محرم جڏهن نماڻا نيڻ کڻي چوندو هئس: ”ڀاءُ عبدالله، منهنجو به ڪو ڀاءُ ناهي ۽ تنهنجو به ڪو ادو ڪونهي، پوءِ هڪ ويلو جي منهنجي ماني کاڌئي ته نه ڪو آئون کٽي پوندس. نه وري تون هيٺ ٿي پوندين. منهنجا يار اها ٻٽيهن ڏندن جي پريت شل رهجي اچي، ٻيو هن دنيا ۾ رکيو ئي ڇا آهي“. اهي ۽ اهڙا لفظ ٻڌي عبدلله کڻي ماٺ ڪندو. اهڙي طرح وقت خير جو گذرندو رهيو.

محرم جي مرڻ کانپوءِ عبدالله نٿوءَ سان به اهو ساڳيو ئي نيم ۽ وهنوار رکيو آيو. هو ڪڏهن به سندس رڌل کاڌي مان عيب نه ڪڍندو هو ۽ صبر ۽ شڪر ڪري، جيڪو سندس سامهون رکيو ويندو هو سو کائي اٿندو هو. هن کان نٿوءَ جي ويچارگي جي حالت ڏٺي ڪانه ٿيندي هئي. هي گهڻو ئي چاهيندو هو ته نٿو جي دڪان تي به اهو ساڳيوچهچٽو ۽ رنگ هجي، جيڪو سندس پيءُ محرم جي وقت ۾ هوندو هو. پر نٿو جي هٿ ۾ رس هجي ته جس ٿئي. ڪنهن ڪنهن مهل ويهي سمجهائيندو به هئس، پر نٿو نٽائي وڃي ڪم کي لڳندو هو ۽ جواب ڏيندو هو: ”چاچا، بابو پنهنجي قسمت پاڻ سان کڻي ويو، منهنجي مقدر ۾ جيڪو لکيل آهي سو ئي ملندو“.

”پر بابا ڪوشش ته پنهنجي وس آهي“. عبدالله چوندو.

منهن بڇڙو ڪري ”مان ڪهڙي ڪوشش ڪريان، وڃي ٻين جي هوٽلن اڳيان پيل کٽن تان گراهڪ اٿاري آڻي پاڻ وٽ ويهاريان ڇا؟“

”اڙي ڀائي، جي چڱي رڌل ڀاڄي هوندي ته سڀڪو هت ايندو“. عبدالله پيار مان چوندو.

نٿو بيزاري مان هوندو: ”بس مون کي جهڙو اچي ٿو تهڙو رڌيان ٿو. ڀلا جي جنهن کي وڻي ته ويهي کائي، نه ته هلي تکو ماءُ وٽ“.

مطلب ته نٿو جهڙو هو بيوقوف، موڙه تهڙو هو نرڄو عبدالله ويچارو به وڏن جي سنگت نڀائڻ خاطرر پيو ست کائيندو هو ايندو رهندو هو ۽ اهڙي ريت وقت پئي گذريو، آهستي آهستي ٿي آخر اهو وقت به آيو جو هوٽل اندر ٻلا ٻليون ۽ ٻاهر ڪتا ۽ ڪتيون به اهو سمجهي ويا ته هاڻ هت ڪجهه به ڪونهي سو وڃي ٻين نانواين جا در جهليائون. ماڻهن اچڻ بند ڪيو. ڌنڌو جو نه ٿيڻ لڳو ۽ جو ڪجهه رڌو ويو سو ساري جو سارو ديڳڙن ۾ ئي رهيو، ٻاهر نڪتو ئي ڪين ته رات جو اهي ديڳڙا هارڻا ٿي پيا. نٿو به ڪو اهڙو امير ته ڪونه هو جو ائين پيو پئسو وڃائيندو وتي. هاڻي ٿورو رڌڻ لڳو ۽ جڏهن اهو به نه وڪامڻ لڳو ته، هڪ ٽائيم ڇڏي ٻه وقت ماني ٺاهڻ لڳو. آخر صرف هڪ ٽائيم تي اچي بيٺو، پوءِ جڏهن اهو به نه هليو ته ماڳهين رڌڻ ئي بند ڪري ڇڏيائين ۽ پاڻ به ٻين جي هوٽلن تان وڃي وٺي کائڻ لڳو. چاچو عبدالله به وڃي ٻين نانواين وٽ کائيندو هو، پر ويهندو وري به نٿو جي دڪان واري ٻاهر پيل کٽ تي هو.

چوندا آهين کاڌي کوه به کٽيو وڃن، نٿو به وڃو رڳوگهر کائيندوهو. هڪ ڏينهن ڪنگلو ٿي پيو. شڪر جو دڪان پٽس جو سستي زماني جو خريد ٿيل هو نه ته مسواڙ ڳچيءَ ۾ پويس ها. نٿو اڃان ننڍوئي هو ته محرم زال جي موت کان پوءِ پٽ سوڌو اچي دڪان ۾ رهيو ۽ تان جو نٿو به اچي جوان ٿيو. نٿو به دڪان ۾ رهندو هو. هڪ ڏينهن چاچي عبدالله چيس:

”ابا نٿو، هاڻ ته تو وٽ کائڻ لاءِ به ڪونهي آخر ڪيستائين ائين لوٺيو ٿيو پيو هلندين. منهنجي صلاح مڃين ته وڃي ڪٿي نوڪري ڪر، جي چئين ته هڪڙو ڪوئلن جي کاڻين جي مزورن جو ٺيڪيدار منهنجو واقف آهي، ان کي چوان. دراصل اهو ٺيڪيدار به تنهنجي پيءُ محرم جي هن دڪان تي ماني کائيندو هو ۽ منهنجي هن کٽ تي ئي ساڻس ملاقات ٿي هئي. تنهن ڏهاڙي مون کي عرس جي هوٽل تي گڏيو هو. پڻهي جي موت کان پوءِ سڀ گراهڪ ٻين هوٽلن تي هليا ويا آهن ويچاري پڻهي جي موت جو ڏک پئي ڪڍيو. چيائين ڇا وقت هو محرم جي هوٽل جو ڀالان ڀل لڳو پيو هو، پٽس ڇا ڪري. مون سڀ سچ ٻڌايومانس. هو ٻئي ٽئي ڏينهن عرس جي هوٽل تي ايندو آهي جي تون تيار هجين ته مان چوانس.“

ٻن ٽن ڏينهن بعد نٿو کاڻوٽ جي ڪوئلن جي کاڻ ۾ مزور جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. هي ڪم ته نه هو پر سخت پورهيو هو. هت ڏوئي چمچي بدران ٽيڪم، ڦاهوڙي ۽ بيلچي سان ڪم ڪرڻو ٿي پيو. پهرين ڏينهن ته هٿن ۾ لڦون پئجي ويس. هن کي مزورن جي ڪئمپ ۾ رهڻو پيو، جتان ڪمپني جي گاڏي ۾ چڙهي سارو ڏينهن کاڻ ۾ ڪم ڪري شام جو موٽي ايندو هو. پورهيو به سخت ته مزوري به گهٽ ڪاڙهي، گرمي ۽ جبل جي تپش هڻي بيمار ڪري وڌس. هاڻ هن کي سندس پيءُ ۽ چاچي عبدالله جون ڳالهيون ۽ نصيحتون ياد اچڻ لڳيون ۽ پڇتائڻ لڳو دل ۾ سوچڻ لڳو ته جي هو سندن چوڻ تي عمل ڪري پيءُ وارو ڌنڌو سکي پوي ها ته اڄ ٿڌي ڇانو جي ڪوسي ماني کائي ها.

بهرحال ڏينهن گذرندا رهيا ۽ نٿو پورهيو ڪندو هڄندو رهيو جان جنجل ۾ دماغ دنگل ۾ مڙئي ڏينهن پورا ڪندو حياتي جي گاڏي کي ڌڪيندو رهيو. هڪ ڏينهن ٺيڪيدار پاڻ سان اٺ ڏهه مزور وٺي کاڻ جي اتر طرف ٽڪريءَ وٽ وٺي آيو ۽ انهن کي ڪم ورهائي ڏئي هليو ويو. نٿوءَ کي هڪ وڏي پهڻ جي ڇپ لوهه جي پارائي سان بيرم ڪري هيٺ ڪيرائڻي هئي، هن ڪافي زور بعد ڇپ هيٺ ڪيرائي. مڄاڻ ان جي هيٺيان ڪا بلا ويٺي هئي، هن جو بلا ڏٺي سو رڙيون ڪري وٺي ڀڳو: ”بلا ڙي بلا، ڇورا ڀڄو-بلا“ ڀڄندو، ٽڪري تان لهندو رڙيون ڪندو هيٺ لهي آيو ۽ منهن سامهون هڪ لانڍيءَ ۾ گهڙي ويو، جنهن ۾ در کان ٿورو پري هڪ ٻڍڙي ويٺي ڳئون ڏڌي. هيءُ جو تاءَ ۾ اندر گهڙيو سو ٻاهران روشني ۽ اُس سبب اندر اوندهه لڳس ۽ ڪجهه به نظر نه آيس ۽ ڌو وڃي پوڙهي جي مٿان ڪريو. پوڙهي جي گوڏن ۾ جا اڌ کير ڀريل چونئري جهليل هئي، سا ڌڙام وڃي پاسيري ٿي پٽ تي ڪري ۽ کير سمورو هارجي ويو. نٿو سنڀالي اٿي بيٺو ۽ پوڙهو به گوڏن تي هٿ رکي اٿي بيٺو ۽ وائڙن وانگي نٿو کي ڏسڻ لڳو. نٿو سهڪندي در کان ٻاهر ڏانهن آڱر جو اشارو ڪندي چيو: ”چاچا بلا.... چاچا بلا..... چاچا بلا—“

پوڙهي پڇيو: ”ڪٿي آهي بلا؟“

نٿو اشارو ڪندي سهڪندي چيو: ”او... هو سامهون پٿر ڏسين ٿو نه... ان وٽ مون ڏٺي هئي.“ ”ميان تون ڪو انسان ناهين، پر ڍور آهين، ڪٿي ٿي ستين ڪوهي بلا، ڪٿي اچي تو مون مسڪين جو کير هاري وڌو آهي“. پوڙهي ڪجهه ڪاوڙ ۾ چيو وري ترسي پڇيو ”ڪير مڙس آهين؟“

”چاچا، مون اڃان شادي ڪٿي ڪئي آهي جو مڙس هجان.“

پيرمرد سمجهي ويو ته هي شهري ڪو ٻُڌو آهي ۽ هت ٻهراڙي ۾ اچي ڦاٿو آهي، زماني شناس شخص هو، سو هن کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي ته نٿو سڀ ڪجهه اوڳاري ڏنو. هن ٻڌايو ته ڪيئن پنهنجي پيءُ جي نانوائي جو دڪان نه سنڀالي سگهيو، سکڻو ۽ ڪنگلو ٿي مزوري ڪرت، بلا جي خوف کان هت ڀڄڻ وغيره. پيرمرد کي بجاءِ ڪاوڙ جي هن تي رحم اچي ويو ۽ همدردي پيدا ٿي پيئي. اهڙي طرح نٿو جي جان بچي وئي ۽ ماٺ ڪري کٽ تي ويهي رهيو. پوڙهو لانڍي مان اٿي پاسي واري گهر ۾ ويو هليو ۽ ٿوري دير بعد ماني کڻي آيو، جو ٻنپهرن جو وقت اچي ٿيو هو. نٿو سندس رومال ۾ ٻڌل ماني ٽڪريءَ تي خوف وچان ڇڏي ڀڳو هو، تنهن کي هن وقت وقتائتي ماني ڪافي مزو ڏنو.

ماني کان پوءِ پيرمرد ويٺي هن کي سمجهايو ته: ”ابا، چڱن جو اولاد آهين. شهري ٻار آهين، توکان ڪٿي ٿي ڀري مزدوري پڄي. توهين شهر جا ماڙهو ٿڌي ڇانو جي پورهيي تي هريل، سو هي جبل جي سخت اُس ۽ جهولي واري مشقت توکان زور آ. منهنجي صلاح وٺين ته ماٺڙي ڪري وڃي ڪنهن مائي کتائي وٽ ٻوڙ رڌڻ ۽ ماني پچائڻ سک. ان ۾ ئي تنهنجو ڀلو آهي. باقي هي مزوري توکان ڪونه پڄندي“.

”پر چاچا منهنجي ته ڪا مٽياڻي مائي آهي ئي ڪا نه ته سکندس وري ڪنهن وٽ.“ نٿو سادگي سان جواب ڏنو.

”اهو بندوبست توکي آئون ٿو ڪري ڏيان، پر هڪڙو شرط آهي“. پوڙهي چيو.

”اهو ڪهڙو شرط آهي“. نٿو بيتابي مان پڇيو.

”توکي هت رهڻو پوندو“.

”مون کي قبول آهي“.

”ته پوءِ اڄ کان ئي ڪم تي لڳي وڃ. اٿ هل ته مان توکي مائي کتوران وٽ ٿو وڄي هلان. مائي کتوران جا منڍي پاوا ۽ سَيَل پلو مڇي سڄي تر ۾ مشهور آهن“.

واقعي اهو سچ هو. مائي کتوران جو ڳوٺ جي پرين چوڪ تي نانوائي جو دڪان هو، شاهي رستي تان ايندڙ ويندڙ بسن ۽ ٽرڪن جا ڊرائيور روڊ ڇڏي، موڙ ڪاٽي اچي ان هوٽل اڳيان گاڏيون بيهاري ماني کائيندا هئا. چانور جي ماني، منڍي پاوا ۽ سِيِل مڇي پلو سبحان الله ڇا چئجي.

نه فقط بس ۽ ٽرڪ جا ڊرائيور ۽ پئسينجر، پر خانگي ٽرئفڪ، ڪارن، سوزوڪين وارا ڪجهه دير هت ترسي ماني وغيره کائي، ڪجهه آرام ڪري، وري اڳتي مسافري جاري رکندا هئا. پيرمرد جنهن وقت نٿوءَ کي مائيءَ جي دڪان تي وٺي آيو، ته ٻنپهرن هجڻ ڪري ڪافي رش لڳي پيئي هئي. هي ٻئي پريان خالي کٽ تي ڪنڊڙي وٺي ويهي رهيا. جڏهن مسافرن جو ۽ گاڏين جو شور شرابو لٿو ته پيرمرد ميدان صاف ڏسي اچي کتوران وٽ ويٺو. ويهي ڪچهري به ڪرڻ لڳو ۽ چلم ڦوڪ ڀرڻ لڳو. کتوران وٽ ڳوٺ جا ٻه چار ڇوڪرا اڳ ۾ ئي ڪم ئي لڳل هئا. اهي سڀ ڏهاڙي تي ڪم ڪندا هئا. هن کي هر روز ڪمائڻ سان ڪم. ان ڪري هنر سکڻ سان ڪاب دلچسپي ڪانه هئي. بيرا گيري ۾ چڱي خاص بخشش ملي ويندي هئن. اهو ئي سبب هو جو هن جو سارو ڌيان گراهڪن کي بهتر سروس ڪري خوش ڪرڻ ۽ گهڻي کان گهڻي بخشش ڪمائڻ ڏي هوندو هو. واقعي هي سڀ شهر جي ون ڪلاس جي هوٽلن جي بيرن جيتري بخشش ننڍڙي واهڻ جي هوٽل مان کڙي ڪري وٺندا هئا. خاص ڪري خانگي ڪارن وارا، جيڪي گهڻو ڪري زميندار، ڪامورا، سرڪاري ڪارندا، ٺيڪيدار وغيره سٺي ٽپ (بخشش) ڏئي ويندا هئا.

مائيءَ کتوران ۾ ٻيو ته ڪو عيب ڪانه هو، پر چلم ڇڪڻ جي وڏي موالڻ هئي. هر وقت چلم تي تازي ٽوپي چڙهيل هوندي ۽ موقعو مليس سهي، باقي ٻه چار ڦوڪون ڀري وٺندي. مائي کتوران، بدن جي ڀريل، جسم جي ڊول، عمر هٽيل، مٿي جي سينڌ اڌ ڪاري، اڌ اڇي، هٿ پير مضبوط ۽ هڏ ڪاٺ جانٺو، منهن ۾ زاعناتي ڏيا، چپ چلم جي گهڻي واهپي ڪري سدائين خشڪ ۽ ڪپڙا نانواين وانگر سڻڀا ۽ ميرا، مڙسس مري ويل. ٻه نياڻيون، ٻئي ڪنواريون، وڏي هڪ ٽنگ کان معذور، ننڍي سهڻي، سلڇڻي، سگهڙ ۽ ساڃهه واري گهر جو سارو ڪم ڪار اهائي ڪندي هئي. دڪان جو ٻاهر جو سودو پيرمرد الله ڏنو ئي آڻي ڏيندو هئس. ان کي مهيني تي ٻه سئو رپيا ڏيندي هئي. هي شهر مان منڍي پاوا مڇي پلن جي ڇٻي ڀري، بس ۾ چڙهي کڻي ايندو هو. مطلب ته کتوران جو ڏاڍو سٺو گذر سفر پيو ٿيندو هو. انهيءِ ڌنڌي مان ٻه چار ڏوڪڙ ميڙيا به هوائين، پنهنجيون ڍڳيون مينهون، ٻه چار ڪچيون پڪيون جايون جڳهيون هئڻ کان علاوه هڪ دفعو حج به ڪري آئي هئي، باقي هاڻ سندس فقط هڪ آس اميد هئي ته ڌيئن جي شادي ڪري.

نٿو هتي رهي واقعي سمجهدار ٿي پيو هو. هن جو ڀت سان مٿو لڳي چڪو هو، کيس پنهنجي ڌنڌي ۽ پرائي بزگيري جي فرق جو اندازو ٿي چڪو هو. هي ڏاڍي چاهه سان مائي کتوران وٽ رڌڻ پچائڻ جو هنر سکڻ لڳو. مزي واري ڳالهه اها هئي ته سندس پيءُ محرم جي منڍي پاون ۽ سَيَل مڇي پلي جو سواد ساڳيو هو. هو انهيءَ ڳالهه ۾ ڏاڍو حيران رهندو هو ته سبب ڇا آهي. همت ڪانه ٿيندي هئس ته حاجاڻي کتوران کان پڇي سگهي. بهرحان هي ڏاڍي همت ۽ جانفشاني سان رڌ پچاءُ سکڻ لڳو.

هيڏانهن چاچي عبدالله جو ٽي چار جمعا مسلسل نٿوءَ جو دڪان بند ڏٺو ۽ نٿو نظر نه آيو ته اچي فڪر ٿيس، دل ڪجهه کٽڪو کاڌس. هي سوچڻ لڳو ته ڪٿي ان ٺيڪيدار ڇوڪري جو مٿو ته ڪانه وڃائي ڇڏيو. چاچو عبدالله نٿو کي پنهنجي پٽ جيان ڀانئيندو هو ۽ هن جي اها ئي خواهش هئي ته نٿو به پڻس جهڙو شاهه نانوائي بڻجي. دراصل نٿو جمعي جي موڪل هئڻ ڪري شهر ايندو هو ۽ عبدالله سان به ملندو هو. هي منجهي پيو ته ڇا ڪري. هڪ ڏينهن مارڪيٽ چونڪ تي ٺيڪيدار کي ڳولي لڌائين ۽ نٿو بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. هن کيس ٻڌايو ته هو سندس نوڪري ڇڏي کانوٽ ڳوٺ جي چوراهي تي حاجاڻيءَ کتوران وٽ رهيو پيو آهي ۽ ان جي هوٽل تي ٻاهر وارو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com