ويٺلن مان هڪ جانٺي ۽ ڪسرتي بدن وارو نقاب پوش اٿي
بيٺو ۽ چيائين، ”باس، رئيس ارباب علي، سيٺ دائود
کي زمين وڪڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ ”ويران
حويلي“، جو ڳُجهو رستو به ارباب علي جي پٽ انور
ڳولي لڌو آهي. اسان جي ماڻهن هن کي ان وقت گرفتار
ڪري ورتو، جڏهن هو هيٺ ٽنل (Tunnul)
ڪار جي ڪوٺيءَ ۾ نوس نوس ڪري رهيو هو. هن سان گڏ
هن جا ٻيا ساٿي به پڪڙيا ويا آهن.“
”هون.“ باس رنڀ ڪندي چيو. ”اهو توکي سيٺ دائود
ٻڌايو آهي ته ارباب علي زمين وڪڻڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو آهي؟،
”نو باس.“ گولڊن ون جواب ڏيندي چيو، ”اسين پنهنجي
ذريعن وسيلي به تصديق ڪري چڪا آهيون.“
”۽ ارباب علي جي پُٽ ڳجهي تهخاني جو رستو ڪيئن
ڳولي ڪڍيو؟“
”خبر نه آهي باس.“
”گولڊن ون،“ باس اُڀامندي چيو، تو کي چڱيءَ طرح
سان خبر آهي ته، اسان جي تنظيم ۾ اهڙا وائڙا،
اڻپورا ۽ کُٽل جواب ڏيڻ واري جي ڪهڙي سزا آهي؟“
”سوري باس. دراصل هيءَ معاملو ايترو اوچتو سامهون
آيو آهي جو اسين ڪجهه ڪري ئي نه سگهيا آهيون. انور
کان به پڇڻ جي ڪوشش ڪري چڪا آهيون، پر هو ڪجهه به
ٻڌائڻ، لاءِ تيار ئي نٿو ٿئي.“
”توکي شرم وچان ٻُڏي مرڻ گهرجي. اسان جي تنظيم جو
گولڊن ون هڪ ٻار اڳيان بيوس ٿي پيو آهي، ته پوءِ
هن سان اڳتي ٻي ڪهڙي اميد رکجي!“
”ائين نه آهي باس. اسان هن مهل تائين هن کي ٻار
سمجهي ٿرڊ ڊگري استعمال نه ڪئي آهي. پر خير هاڻي
ائين نه ٿيندو.“
”مون کي ٻن ڪلاڪن اندر سموري رپورٽ ملڻ گهرجي ٻيءَ
صورت ۾ توکي خصوصي مرتبي سان نوازيو ويندو.“
رحم باس رحم.“ گولڊن ون ٻاڏائيندي چيو، ”هيءَ
منهنجي پهرين خطا آهي تنهن ڪري مون کي موت جي سزا
نه ڏيو.“
”پهرين خطا ٻين خطائن کي جنم ڏيندي آهي، ان ڪري
اسان وٽ خطا جو ڪو تصور ئي ڪونه آهي. ٻن ڪلاڪن ۾
سموري رپورٽ نه ملي ته پڪ توکي وڏي ۾ وڏي اعزاز
سان نوازيو ويندو.“
”اوڪي باس.“ گولڊن ون مئل آواز ۾ چيو.
”سلور ون.“ باس ٻئي پاسي ويٺل نقاب پوش کي مخاطب
ٿي چيو،“ يوئر رپورٽ.“
”اوهان جي حڪم مطابق شهر ۽ ديهي ماڻهن جي دلين ۾
هڪ ٻئي خلاف اسان نفرت بغض ۽ ڪيني جو ٻج ڇٽي ڇڏيو
آهي. هاڻي ڏينهون ڏينهن انهن کي شديد ڪيو ويندو.
هن ڪم لاءِ مناسب با اثر ماڻهن مختلف اخبار وارن
کي جهجهن پيسن جي آڇ ڪري خريد ڪيو ويو آهي.“
”گُڊ.“ باس، سلورن کي تعريف جوڳين نظرن سان ڏسندي
چيو“ هت هڪ ٻئي خلاف نفرت ۽ ڏڦيڙ وجهڻ تمام سولو
ڪم آهي. عوام به مايوسيءَ جو شڪار آهن. سياستدان
هڪٻئي جي ڏاڙهيءَ پٽ ۾ لڳا پيا آهن. بيروڪريٽس
دولت ڪمائڻ ۽ مٿاهن ڪرسين تي قبضي ڪرڻ ۾ رُڌل آهن
مطلب ته ڪو به ڪنهن جو والي وارث نه آهي. اسان جي
منصوبن لاءِ ته هيءَ سچوئيشن آئڊيل آهي. سرحد پار
اسان جا دوست موقعي جي انتظار ۾ ويٺا آهن ته جيئن
هت گهوٽالو شروع ٿئي ته حملو ڪيون.“
”باس زنده باد.“ سڀني گڏجي نعرو هنيو.
خاموش. ”باس رهڙ ڪڍندي چيو.“ اسان جي تنظيم کي
ٺلها ۽ کوکلا نعرا نه پر نج ڪم کپي. خاموشيءَ ۽
اطاعت سان پنهنجو ڪم ڪندا وڃو ۽ ترقيون ڪندا وڃو.
اسان جي تنظيم ڪنهن ٿرڊ ڪلاس جاسوسي فلم جي شوٽنگ
نه آهي، جو زنده باد ۽ مرده باد جا نعرا پيا
هڻون.“
رهڙ ملندي ئي سڀ ماٺ ٿي ويا. ٿوري دير کانپوءِ
گولڊن ون ڪنڌ مٿي کڻي باس ڏانهن ڏسندي چيو. ”ويران
حويليءَ، بابت ڪهڙو حڪم آهي. ان کي استعمال هيٺ
رهڻ ڏجي يا نه ڏجي.“
”ويران حويلي اسان جو بهترين اڏو آهي... ان کي
اسين ڪنهن به قيمت تي نٿا ڇڏي سگهون. في الحال
اتان سڀ ضروري سامان هٽايو وڃي ڳُجهو ميڪنيزم به
تباهه ڪيو وڃي. ان کان ماڻهن جي توجه ڪنهن ٻئي
پاسي ڦيرائي وڃي. جڏهن ماڻهن جي توجهه ڪنهن ٻئي
پاسي ٿي ويندي ته پوءِ وري اها حويلي استعمال هيٺ
آڻبي. هن ملڪ اندر جڏهن اندروني ڇڪتاڻ وڌندي ته
اسان جا سرحد پار وارا دوست حملو ڪندا. ته جنگ ۾
استعمال ٿيڻ وارا هٿيار به هتي ئي زخيرو ڪيا
ويندا.“
”باس.“ گولڊن ون مخاطب ٿيندي چيو: ”ويران حويلي“
کي وڌيڪ استعمال هيٺ آڻڻ خطري کان خالي ته نه
ٿيندو؟ منهنجو مطلب آهي ته جيئن هڪ ڀيرو رئيس
ارباب علي جي پُٽ انور ڳجهو تهخانو ڳولي ڪڍيو آهي،
تيئن وري ٻيهر ڪو ذهين پوليس آفيسر ان کي ڳولي
ڪڍي؟“
گولڊن ون جو ڳڻتيءَ ڀريو سوال ٻڌي باس وڏا ٽهڪ ڏئي
کلڻ لڳو.جڏهن سندس ٽهڪن ۾ بريڪ لڳو ته گولڊن ون کي
مخاطب ٿيندي چيائين،“ ڀانيان ٿو ته اسان جي بهترين
ماڻهن کي به اجاين خوفن اچي ورايو آهي. اڙي
بيوقوف، جيڪڏهن هتان جي پوليس ۽ ٻيا قانن لاڳو ڪرڻ
وارا ادارا ايترا سجاڳ ۽ ذهين هجن ها ته اسين هن
ملڪ جي پاڙن ۾ ڪيئن پيهي وڃون ها؟ هن وقت واپاري،
صنعتڪار، صحافي، اديب شاگرد تنظيمون، سياست دان،
استاد، بيورو ڪريٽس، ٽيڪنوڪريٽس ۽ ٻين حساس ادارن
۾ اسان جا زرخريد ماڻهو موجود آهن. انهن سڀني
حمايتن جي موجودگيءَ ۾ ڪير اسان جي خلاف ايڪشن
کڻندو؟“
”اوهان عظيم آهيو باس. ”گولڊن ون وڌيڪ ڳالهائيندي
چيو،“ مون ته رڳو پنهنجي ته ڳڻتي پئي ظاهر ڪئي،
مون کي ڪهڙي خبر ته اسان جي تنظيم پاڻ کي ايتريقدر
پکيڙي چڪي آهي.
”پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هاءِ ڪمان اڃا
مطمئن نه آهي.“ سندن خيال آهي ته لالچ، خوف،
پروپيگنڊا ۽ ڪيترن ئي خوبصورت ۽ پرڪشش آڇن جي
باوجود هنن جي تاريخ شاهد آهي، ته اوچتو ئي اوچتو
ڪو چريو، ڪو جنوني يا وري ڪو ديوانو پيدا ٿيندو
آهي، جيڪو سڀ ڪجهه هڪ لحظي ۾ دُف ڪري ڇڏيندو آهي.
تنهن ڪري هاءِ ڪمان اڃا وڌيڪ تيارين جي ضرورت
محسوس ڪري ٿي جيئن ڪاميابيءَ ۾ هڪ رتيءَ جيترو شڪ
به نه رهي.
”نهايت مناسب .“ گولڊن ون موٽ ۾ چيو،“ هاڻي رئيس
ارباب علي جي پُٽ انور بابت ڇا حڪم آهي؟“
”انور کي ڪٿي رکيو ويو آهي؟“
هتي ئي، هن عمارت ۾.“
”چڱو کيس وٺي اچو ته ڏسون ته هو ڪيترو وڏو سُپرمين
آهي. تنهن کان پوءِ جي سڌي راهه تي نه اچي ته کيس
ٻيرا ٻيرا ڪري ڪنهن اهڙي جاءِ تي دفن ڪجوس جو سندس
نالو نشان به نه رهي.“
”اوڪي باس،“ گولڊ ون جواب ڏيندي اٿي بيٺو ۽ هال جي
دروازي ڏانهن وڌڻ لڳو.
”گولڊن ون جڏهن هال جي دروازيل وٽ پهچي، هڪ وک
ٻاهر نڪرڻ لاءِ وڌائي ته اڇل کائي پٺن ڀر، اچي هال
جي وچ ۾ فرش تي ڪريو. هن کي ڪرندو ڏسي، سڀئي ڇرڪ
ڀري اٿي بيٺا ۽ هال جي دروازي ڏانهن ڏسڻ لڳا....
حوالا
3
CHIHUAHUA
چي هُوا هُوا: ميڪسيڪو جي وڏي ۾ وڏي رياست، جنهن
جون سرحدون هڪ پاسي ميڪسيڪو ۽ ٻئي پاسي ٽيڪساس سان
ٿيون ملن. اهو لفظ هڪ اهڙي ڪتي جي قسم جو نالو آهي
جيڪو تمام ننڍڙو هجي ۽ جنهن جو وزن 1 کان د
پائوندن برابر هجي ۽ سندس اکيون وڏيون ۽ ڪن اڀا
هجن. پر هتي ان جي معنيٰ رياست جو نالو آهي.
I Thought you are Bromin yellow
TUNNEL
سرنگ- گُڦا
انٽرويو: شمس الدين سومرو
بي بي حسنه بانو
بي بي حسنه لاڙڪاڻي شهر ۾ ڄائي آهي. پاڻ ڄائي ڄم
کان اکين ۾ روشنيءَ کان محروم آهي ۽ ڏسي نٿي سگهي.
ان جا باوجود به هُوءَ هن وقت لاڙڪاڻي شهر ۾ موجود
مينٽلي رٽائرڊ فار اسپيشل ايجوڪيشن ٻارن جي اسڪول
۾ پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي. هوءَ حيدرآباد ۾
ٻارن جي ميلي ۾، جيڪو اسپيشل فرينڊز آف اسپيِل
چائلڊرن سوسائٽي جي طرفان مورخ 11،10 ۽ 12 فيبروري
93ع تي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ملهايو ويو. ان ۾
خاص طور تي شرڪت ڪرڻ لاءِ آئي. ان ٿيندڙ ميلي ۾
بيبي حسنه نعت ۽ ڳائڻ جي مقابلي ۾ حصو ورتو ۽ ٻنهي
پروگرامن ۾ ميڊل حاصل ڪيائين. ان موقعي تي بي بي
حسنه سان ٿيل ڳالهه ٻولهه پيش ڪجي ٿي.
س: اها تڪليف (اکين کام محرومي) ڪڏهن کان آهي؟
ج: ادا، اها تڪليف ڄائي ڄم کان آهي. منهنجي ماءُ
مون کي ٻڌايو ته جڏهن منهنجيون ٽن مهينن تائين به
اکيون نه کليون ته پوءِ مائٽن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو.
جن ٻڌايو ته اکين جي روشني ختم آهي. اوڏيءَ مهل ئي
خبر پئجي وئي.
س: اوهان جي نه ڏسڻ جي ڪري، توهان جي مائٽن جو
اوهان سان ڪهڙو رويو رهيو؟
ج: منهنجي ماءُ ۽ پيءُ ننڍي هوندي کان وٺي منهنجي
ڏاڍي خدمت ڪئي آهي ۽ اڄ انهن جي محنت جو ئي نتيجو
آهي، جو مان پڙهي به آهيان.
س: استادن جو توهان سان ڪهڙو برتاءُ آهي؟
ج: منهنجا استاد مون کي ڏاڍو پيار ڪندا آهن. انهن
جي ئي ڪوشش ۽ محنت سان مان حمد، نعتون، گيت ۽ غزل
نه صرف ياد ڪيا آهن، پر آساني سان پڙهي ۽ ڳائي
سگهان ٿي.
س: حيدرآباد واري فنڪشن کان علاوه ٻيو ڪٿي شريڪ ٿي
آهين؟
ج: جي ها، فنڪشن کان اڳ مون لاڙڪاڻي جناح باغ ۾،
ميرپورخاص فنڪشن ۽ ٽيليويزن جي کٽڻهار پروگرام ۾
حصو ورتو آهي.
س: توهان کي ڪٿي ڪو انعام مليو آهي؟
ج: ها، ادا شمس! بلڪل، مان جتي پروگرام ڪيو آهي،
اُتي مون کي پهريون نمبر مليو آهي.
س: توهان جو پهريون پروگرام ڪڏهن ٿيو؟
ج: جڏهن مان ستن سالن جي هيم، تڏهن پهرئين پروگرام
۾ حصو ورتم.
س: توهان کي پڙهڻ ۽ اسڪول وڃڻ جو شوق ڪيئن ٿيو؟
ج: جڏهن مان پنجن سالن جي ٿيس ته منهنجي مائٽن مون
کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ته جيئن مان قرآن شريف جي
تعليم وٺي سگهان.
س: توکي ڪهڙا استاد پيار ڪن ٿا؟
ج: مون کي سڀ استاد پيار ڪندا آهن.
س: ادي، توکي ڪهڙو استاد وڻندو آهي؟
ج: مون کي سڀ استاد وڻندا آهن. اهو ان ڪري جو هُو
به سڀ مون سان پيار ڪن ٿا.
س: اوهان جي گهر ۾ ته ڪو ٻيو اهڙو ماڻهو نه آهي؟
ج: منهنجو هڪ ڀاءُ علي بخش به ڄائي ڄم کان اکين جي
روشني کان معذور آهي ۽ اهو خصوصي ٻارن جي اسڪول ۾
پڙهي ٿو ۽ ٻارن جي ٿيندڙ پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو
آهي ۽ سدائين پهريون نمبر کڻندو آهي.
س: حمد، نعت ۽ گيتن ياد ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڇا
ڄاڻندا آهيو؟
ج: مان، نيٽ سان ڪرسيون تمام سٺيون واڻيندي آهيان
۽ پنهنجا ڪپڙا پاڻ ڌوئندي آهيان؟
س: کاڌي ۾ ڇا وڻندو اٿو؟
ج: گوشت ۽ مڇي ڏاڍي وڻندي آهي.
س: پنجين ڪلاس کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ جو خيال آهي؟
ج: جي مائٽن پڙهايو ته پڙهنديس. نه ته نه! هونئن
به اسان جي خاندان ۾ ڇوڪرين کي وڌيڪ ڪونه
پڙهائيندا آهن.
س: گهر کان اسڪول ڪيئن ويندا آهيو؟
ج: اسڪول جي بس کڻڻ ايندي آهي. اسڪول جي هڪ پراڻي
بس هجڻ ڪري سمورا شاگرد ان ۾ پورا نه ٿيندا آهن.
ان ڪري اسان جي اسڪول کي ٻي نئين بس جي به ضرورت
آهي.
س: حيدرآباد اچڻ ڪيئن لڳو؟
ج: مان کي حيدرآباد ٻارن جي ميلي ۾ اچي ڏاڍي خوشي
ٿي ۽ مان اسپيشل فرينڊز جي مهمان نوازيءَ کان ڏاڍي
خوش ٿي آهيان.
س: اتفاق سان توهان کي وري اکين جي روشني ملي وڃي
ته توهان سڀ کان پهرين ڪنهن کي ڏسڻ پسند ڪنديون؟
ج: ادا مان سڀني کان پهرين پنهنجي ماءُ پيءُ کي
ڏسڻ چاهينديس.
وزير علي سومرو
حضرت عمر رضه جو انصاف
حضرت عمر فاروق رضه عنه جي دور خلافت ۾ شام جي هڪ
اڳوڻي حڪمران جبله بن اهيم غساني اسلام قبول ڪيو
هو. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ هو حج تي آيو. ڪعبته الل
جو طواف ڪندي سندس چادر جو هڪ ڪنارو جيڪو زمين تي
گسڪي رهيو هو، ڪنهن شخص جي پير هيٺان اچي ويو.
جبله جي دماغ ۾ اڃان بادشاهي غرور موجود هو. هن ان
ڳالهه کي بي عزتي سمجهندي ان شخص کي هڪ زوردار
چماٽ وهائي ڪڍي. ان ماڻهوءَ به جبله کي جواب ۾
چماٽ وهائي ڪڍي. جبله کي ان ڳالهه تي ڏاڍي ڪاوڙ
لڳي ۽ ان معاملي جي شڪايت حضرت عمر فاروق رضه وٽ
کڻي آيو. حضرت عمر رضه ٻنهي جي ڳالهه ٻڌي جبله کي
چيو ته: ”تو پنهنجي ڪيل ڪم جي سزا پاتي“. هاڻي قصو
برابر ٿي ويو. جبله ڦونڊ ۾ اچي ويو ۽ زوردار آواز
۾ چيائين ”مان ته سردار آهيان ۽ رئيس به آهيان پر
هي معمولي ماڻهو به مون کي چماٽ ٿو هڻي. ان کي ته
موت جي سزا ڏيڻ گهرجي“. حضرت عمر رضي الله عنه جوش
۾ اچي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ جبله کي چيائين ”پٽ هي
تنهنجو يا منهنجو غلام ڪونهي، نه وري اسلام ائين
ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ته، اتون يا مان پنهنجي مرضي
هلائيندا وتون. اسلام ۾ ننڍو، وڏو، غريب امير، اڇو
ڪارو برابر آهن. فوقيت ۾ مان ان جو ٿيندو، جيڪو
متقي ۽ پرهيزگار ٿيندو“. اهي لفظ ٻڌي جبله حج کي
اڌ ۾ ڇڏي ڪافر ٿي ڀڄي ويو.
بادل سنڌي ڪامارو شريف
ننڍڙو آهيان ٻار
مان ته ننڍڙو آهيان ٻار،
مستقبل جو آهيان يار.
ڦرهي کڻي مان پڙهڻ ويندس،
ڌڻ رڍن جو ڪون چاريندس،
اهي ابا تون ئي چار،
مان ته ننڍڙو آهيان ٻار.
ڪالهه ڏٺو مون هو پڙهڻ ويا پئي،
مون رڍن جا ڌڻ چاريا پئي،
اڄ ڪون چاريندس ڀل تون مار،
مان ته آهيان ننڍڙو ٻار.
پڙهڻ ويندس مان پڙهڻ ويندس،
مگر ڪٿي نه رُلڻ ويندس،
صبح سويري ٿي ترت تيار،
مان ته آهيان ننڍڙو ٻار.
دل لڳائي پڙهندو رهندس،
هر سال مان پهريون نمبر کڻندس،
رب ٻيڙا منهنجا ڪندو پار،
مان ته آهيان ننڍڙو ٻار،
محنت ڪندس محنت ڪندس،
مستقبل ۾ ڊاڪٽر بڻيس.
بادل دوا ڪندس جي هوندا بيمار،
مان ته آهيان ننڍڙو ٻار.
انٽرويو وٺندڙ: ستار وسنداڻي
ڏاڏي محمد خان ڪنڀار جون ٻاراڻيون ڳالهيون
س: ڏاڏا سڀ کان پهرين اهيو ٻڌايو ته توهان ڪيترو
پڙهيل آهيو؟
ج: ابا! آئو هڪ درجو به ناهيان پڙهيل.
س: اِن جو ڪهڙ سبب؟
ج: جيئن ته اسان ٿر جا ويٺل آهيون. آئون جڏهن
ننڍڙو هُئس ته، اسان جي ٿر ۾ هڪڙو به اسڪول نه هو
ٻين هنڌن جيئن ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾
اسڪول هئا. پوءِ اُتي اسان پهچي ڪونه سگهندا
هئاسين ۽ نه وري مائٽن جو شوق هو تعليم تي. باقي
قرآن شريف جي تعليم هوندي هئي.
س: توهان کي بادشاهن جا قصا ۽ ٻيون عقل جون
ڳالهيون شاعري ڪئين ياد ٿي؟
ج: ابا ستار جڏهن آئون ننڍو هُئس ته، مهنجي پيءُ
مرحوم وسند خان وٽ ساري ڳوٺ جا ماڻهو رات جو ڪچهري
ڪرڻ ايندا هئا. پوءِ ابا مرحوم اسان کي سڏيندو هو،
ڇوڪرا اچو هي عقل جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌو، پوءِ اسان
ڪچهري ۾ وهندا هئاسين ۽ ڳالهيون ٻڌندا هئاسين.
س: هن وقت ڪهاڻيون قصا شاعري ڪيتري ياد اٿو؟
ج: ابا ڪيئي قصا ياد آهن اسان جي ننڍپڻ واري وقت ۾
باداهن جون ڳالهيون عام جام ڪيون وينديون هُيون
پوءِ اُهي ڳالهيون ياد ڪيون، ٻيون ڳالهيون مومل
راڻي / سسئي پنهون / عمر مارئي / سهڻي ميهار جا
قصا ياد آهن باقي شاعري ۾ شاهه لطيف سچ حمل جا شعر
ياد آهن.
س: شاهه جو ڪهڙو بيت وڌيڪ پسند ايندو آهي؟
ج: سڀ سٺا آهن ڪنهن کي ساراهجي.
س: ڪو هڪ بيت ٻڌايو؟
ج: سُتا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
تو جو ساڻيهه ڀايون مانجهادي جو ماڳ،
سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.
(شاهه رح)
س: توهان جي هن وقت ڪيتري عمر آهي؟
ج: اسي سال کن ٿي ويندي.
س: ڪٿي پئدا ٿيا؟
ج: سوڀاري شاهه نيو ۾ هن وقت اُتي پيو رهان.
سل توهان کي ٻاراڻيون ڳالهيون / ٻاراڻيون ڪهاڻيون
وڻنديون آهن.
ج: هائيو ابا مون کي ٻاراڻيون ڳالهيون وڻنديون
آهن، هتي منهنجا پوٽڙا ڏينهن جو اسڪول ۾ هوندا
آهن. پوءِ جڏهن ايندا آهن ته مون سان ڪچهري ڪندا
آهن ۽ هر هڪ پنهنجا ڪتاب کڻي ايندو آهي پوءِ ڪو
بيت ٻڌائيندو آهي ته ڪو آکاڻي يا سبق.
س: توهان ڪهڙو کاڌو کايو؟
ج: ابا شڪر آهي رب پاڪ جو اسان وٽ ڌڻ چڱو آهي اسان
کير، مکڻ، ۽ گيهه سان ماني کايون.
س: توهان ٻاراڻي وهي ۾ ڪهڙيون رانديون کيڏندا هئا؟
ج: ٻاراني وهي ۾ اسين مَلهه ڪندا هئاسين ان کان
سواءِ، ڪٻڊي / دري / گابڙي جهڙيون، رانديون ڪندا
هئاسين جنهن مان ايتري خبر پوندي هئي ته ڪهڙو ڇوڪر
وڌيڪ طاقتور آهي ۽ راند سان ورزش سٺي ٿيندي هئي.
س: ڪهڙي خواهش اڌوري ٿي وئي؟
ج: ڪتاب پڙهڻ جي .
س: ٻار سٺا لڳندا آهن؟
ج: ها ابا ستار، ٻار ڪنهن کي ناهن پسند؟ ٻارن سان
جيترو مٺو ڳالهائبو اوترو سٺو. باقي ٻار آهي ئي
اهڙي شيءَ جنهن لاءِ ماڻهو ۾ ازخود محبت جو جذبو
پئدا ٿيو وڃي.
س: ڪهڙو ماحول وڌيڪ پسند ايندو آهي؟ ۽ ڇو؟
ج: صاف ۽ سادگي وارو ماحول ڇاڪاڻ جو سادگي به هڪ
قسم جي سونهن آهي.
س: توهان جي ٻاراڻي وهي ۽ هن وقت ۾ ڪيتري تبديلي
نظر ٿي اچي؟
ج: وڏي تبديلي آئي آهي. اڳي پڙهائي ڪونه هوندي هئي
هاڻ ته ابا ريڊيا ۽ ٽي ويون ۽ فون ڪمپيوٽر عام جام
ٿي ويا آهن جيڪي ٻارن کي ڏسڻ ۾ ڏاڍو مزو ڏيندا
آهن.
س: ڳائڻ وڄائڻ پسند ايندو آهي؟
ج: ها ابا ڪوه نه..... مون وٽ خبرن ٻڌڻ لاءِ ريڊيو
آهي جنهن ۾ ٻيا به ڳائڻ وڄائڻ جهڙا پروگرام ايندا
آهن ۽ ڏاڍو مزو ايندو آهي.
س: ڏاڏا توهان کي ڪچهري وڻندي آهي؟
ج: هائو ابا! ڪچهري ڏاڍي وڻندي آهي پر اُهو جنهن ۾
سٺيون ڳالهيون هجن.
س: ڏاڏا آخر م ننڍڙن ٻارن لاءِ پيغام؟
ج: ابا ستار! سڀني ٻارن کي عرض آهي ته محنت ڪن،
وقت کي سمجهن، وڏن جي عزت ڪن ۽ وڏن کان عقل جون
سٺيون سٺيون آکاڻيون ٻڌن.
سنڌيڪار: ڊاڪٽر سنتوش ڪامراڻي
ماحول جي آلودگي ۽ اسان جي دنيا
گرد غبار ۽ فضائي آلودگي، تڏهن جنم وٺي ٿي، جڏهن
اسان ماحول لاءِ هاڃيڪار شين ۾ واڌارو آڻيون ٿا،
گرد غبار يا صفائي آلودگي جا ڪيترائي قسم آهن،
جانورن جي لڏ، ڇيڻن سان به ماحول ۾ آلودگي وڌي ٿي،
ڇاڪاڻ ته اها گندگي اسانجي زندگيءَ کي تباهه ڪري
ٿي، اسان جي ماحول لاءِ ان کان به وڌيڪ هاڃيڪار
اِهي ڪيميائي مادا آهن، جيڪي فيڪٽرين، موٽر گاڏين
۽ چمنين مان خارج ٿي ماحول جو حصو بڻجن ٿا، جيڪي
زمينن، گهرن، دريائن، سمنڊن ۽ فضا کي آدلوده بڻائن
ٿا.
فيڪٽريون، موٽر گاڏيون، رڪشائون، موٽر سائيڪلون،
بجلي گهر ۾ ٻيون اهڙيون مشينون جيڪي پيٽرول يا
ڪوئلي تي هلن ٿيون، اهي ڪيميائي گئسون ۽ دونهون
فضا ۾ ڇڏين ٿيون، جيڪو ساهه وسيلي اسان جي ڦڦڙن ۾
داخل ٿي نه صرف اسان جي ڦڦڙن پر دل ۽ دماغ کي به
نقصان رسائي ٿو، ان دونهين ۾ شيهي جا ذرا به شامل
هوندا آهن، جيڪي ڪنهن به ٻار جي ڦڦڙن وسيلي هُن جي
دماغ تائين پهچي سندس دماغ کي موڳو، سُست ۽ ناڪاره
بڻائي سگهن ٿا. |