هي هلندو رهيو ۽ اچي هڪ غار وٽ پهتو ڏٺائين ته ڀاڳ
بيمار ستو پيو آهي ۽ ڏاڍو ڪمزور آهي، هن ڀاڳ جي
خدمت ڪئي ۽ هن کي زور ڏنا، هاڻي ڀاڳ سجاڳ ٿيو ۽
پڇيو ته تون هتي ڪيئن؟؟ غريب چيس ته تو آندو آهي،
ڀاڳ چيس ته تون هل مان پويان اچان ٿو،هن ڀاڳ کان
گهوڙي، واڳون ۽ ڳوٺ وارن جي باري ۾ پڇيو، ڀاڳ چيس
ته گهوڙي کي چئجانءِ ته جيستائين ڪو ماڻهو توتي
سواري نه ڪندو تيستائين تون پيو مٽي کائيندين،
واڳونءَکي چئجانءِ ته تنهنجي پيٽ ۾ هيرن جي پيٽي
آهي، جيستائين نه ڪڍندين ته تيستائين اتي پيو
هوندين اڳتي نه وڌي سگهندين، ڳوٺ وارن کي چئجانءِ
ته جيستائين توهان ڪو بادشاهه نه مقرر ڪندؤ ته
تيستائين اوهان مٿان اها تهمت نه ٽرندي.
هي ڀاڳ کان موڪلائي گهر هلڻ لڳو. درياءَ تي واڳون
مليس، جنهن پڇيس ته ڀاڳ ڇا چيو، هن چيو ته پهريان
درياءَ پار ڪراءِ پوءِ ٻڌايانءِ ٿو واڳون درياءَ
پار ڪرايس، هن واڳونءَ کي چيو ته جيستائين هيرن
واري پيٽي نه ڪڍندي ته تيستائين اڳتي نه وڃي
سگهندين، واڳونءَ الٽي ڪئي پيٽي اچي ڪناري تي پيئي
۽ پاڻ اڳتي روانو ٿي ويو. هن هيرن جي پيٽي کنئي ۽
اڳتي هلڻ لڳو ته گهوڙو مليس ان کي چيائين ته
جيستائين ڪو ماڻهو توتي سواري نه ڪندو، تيستائين
گاهه نه کائي سگهندين، گهوڙي چيس ته ٻيو وري ڪهڙو
ماڻهو تون ئي سواري ڪر، هن گهوڙي تي سواري ڪئي
گهوڙو گاهه کائڻ لڳو ۽ گهوڙي کي ساڻ ڪري ڳوٺ وارن
وٽ اچي پهتو ۽ انهن کي چيائين ته ڀاڳ چيو ته
جيستائين اوهان ڪو بادشاهه نه مقرر ڪندؤ تيستائين
مينهن نه بس ٿيندو. هنن چيس ته ٻيو وري ڪير آهي،
تون ئي بادشاهه ٿيءُ، هيءُ بادشاهه ٿيو ۽ اهڙي طرح
مينهن بند ٿيو، هاڻي هي ڏاڍو آرام سان گذارڻ لڳو
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن پنهنجي گهر وارن کي گهرايو
۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ کي به گهرايو.
جوهر بروهي
خيرپور ناٿن شاهه
ڪيان ٻارڙن ساڻ احوال مان.
لکان ”خيرپور“ شهر جي ڳالهه مان.
هيو سن اڻويهه سئو ايڪٽيهه،
ٺهيو ”خيرپور تعلقو“ اي فقيہ!
”ڪَڪڙَ“ تعلقو ان کان اڳ ۾ هيو،
جڙيو هي جڏهن ”دادو ضلعو“ جڙيو.
اتر ڏانهن ”ميهڙ“ تعلقي جي حد،
ڏکڻ منجهه ”جوهي“ ۽ ”دادو“ مدد
۽ اولهه ۾ آهي جبل ”کيرٿر“
ته اوڀر ۾ ”سنڌو“ جو سهڻو ڪپر.
ته آ ”خيرپور“ ميونسپالٽي،
۽ ٽائون ڪاميٽي ”سيتا“ ٺهي.
ڪي يونين ڪائونسلون قرب جون،
لکان ٿو مان هڪ هڪ جو کولي حدون.
”ٻگهيا“ ”گوزو“ ”ڪَنڊي چُکي“ ۽ ”پريا“
”ڪڪڙ“ ”ڪور“ ”مٺو ٻٻر“ ڀر جهلا،
”ٿلهو“ ”ڇوڙ“ ”ٻرڙا“ ٿيا شان جا،
اجهو سنڌي ٻٽڙا لکان ٿو ادا.
لکان هاڻ ڍنڍون ۽ ڍورا ٿو مان،
مڃان رب سائين جا ٿورا ٿو مان.
”سنهاري“ ۽ ”ڪنڊي چُکي“ ڍنڍ ”ڊئون“
اچو ”فيڪراٽو“ ۽ ”ويجي“ گهمون.
چون ڍنڍ جو نالو آ ”مارئي“
اتر کان اچن ٿا پکي هت ڪَهي،
انڊس هاءِ وي آهي رستو وڏو،
۽ نڪري ٿو ”سيتا“ ڏي رستو ڀلو.
جو ”سيتا“ کان پياري ڏي رستو وڃي ٿو،
”سيوهاڻي دڳ“ سان سڃاتو وڃي.
وڃي رستو هڪ ”ٻورڙي“ ڏانهن ٿو،
۽ اولهه ڏي ”بُگ“ ”گوزي“ ”ماڏي“ سندو.
اڳيان ”ايف پي بند“ آهي جُڙيل،
ته ڪاڇي ۾ ”گهاري“ به آهي اڏيل.
هي ”سالاري“ ”پٽ گل محمد“ جون رڻ،
ڏٺو ڪاڇي واسين ڀلو ڪونه ڏڻِ.
اجهو ”ٻوڙا لاکير“ جو روڊ آهه،
”ڪَنڊي“ ڏانهن نڪري ننڍي شاهراهه.
”ڪنڊي“ نالو آ ”بيد“ يونين جو،
نه ڄاڻان مٽايو ويو آهه، ڇو؟
جڏهن ”خيرپور سنگواڻي“ اچو،
ته ”راوت“ وٽان ڄاڻي واڻي اچو.
انڊس هاءِ وي تي اچي ”خانپور“
سُجهي ڪونه ٿو ان جو مون کي قصور
۽ ان کان ڏکڻ ۾ ”ڪَڪڙ“ ٿو اچي،
اتان رستو ”گورک“ جبلن ڏي وڃي.
”ڪڪڙ“ منجهان ”پياري“ ڏي رستو وڃي،
سڄو ملڪ رب جا ٿو ٿورا مڃي.
هتي ريل رستو سڀيتا به آه،
ته ٽيشڻ ”پيارو“ ۽ ”سيتا“ به آ.
هتي آهه ڪاليج جو سرڪار جو،
۽ اسڪول لئه پاڻ سينگار جو.
وڏيون درسگاهون هتي دين جون،
ڀليون مسجدون امن آمين جون،
هيو شاهه هن ملڪ جو ”ميان نصير“،
رهيو بادشاهي ۾ ڪامل فقير.
”ميان وال“ جي فڪر جو باني آ،
خليفا سندس ڀرجهلا بادشاهه.
”عنايت“ ۽ ”نوتي“ جي درگاهه آ،
ته ”محمود لاکير“ پڻ واهه واهه.
”جڙيل شاهه“ ”رحماني“ ۽ ”ويرناٿ“ مگر
شهر سان ”شاهه ناٿن“ جو ساٿ.
وڏي نالي هن تعلقي ۾ اديب،
ڪي شاعر مفڪر وڏا خوش نصيب
ميان ”تاج محمد“ ڪڙئي منجهه هو،
سندس پٽ ”اسحاق“ عالم ٿيو.
”بندل بحر“ شاعر پراڻو هيو،
۽ ”آصف“ اصل راڄ راڻو هيو.
”هوُ ”اعظم“ ”فدا“ ”راز“ ”اظهر“ ”نجيف“
ته ”آزاد“ ”طالب عباسي“، ”شريف“.
هُو ”شائق“ ۽ ”نشتر“ ۽ ”اڪرم“ ڀلو،
”وفا“ ”نور ناشاد“ ”آثم“ ڀلو.
هُو ”پيرل“ ۽ ”سقراط“ ”مجبور“ پڻ،
”سڄڻ“، ”غمزده“ مور ”منصور“ پڻ.
”سچل“ نوجوان ”همسفر گاڏهي“
ته ”گوزائي اصغر“ ”قمر“ ٿيا سهي.
هو ”فياض“ ”صابر“ ”اسد“ ”هموطن“ ۽ ”آصف“،
جي نياڻي ادي ”گلبدن“
هتي ”شاهه پسند چانڊيو“ مير هو،
فقر ۾ سندس روح اڪسير هو.
ڌڻي ڏات جو آهه سهڻو ”بشير“
سندس ڏات واڻي جا آهيون اسير.
آ ماڏي ۾ حڪمت ۽ ڏاهپ سعيد،
وطن منجهه مشهور ”عبدالحميد“
ڪچو ڪاڇو ۽ ميل جو پرڳڻو،
هتي قرب ملندو اسان کي گهڻو،
جوئر، تر، متيرا ۽ ٻاجهر ٿين،
پٻڻ جون ٽڪيون صبح ساجهر اچن.
ٿيابهه مزيدار ملڪين وڃن،
رڳو مهر جي ڳالهه ماڻهو مڃن.
هتي تربتون، مَڙهه پراڻا مقام،
مئي بعد ماڻهن ڪيا اهتمام.
وطن لئه لکيا گيت ”جوهر“ اسان،
وري ڪو نه اينداسين هر هر اسان.
مترجم: منير ميرجت
دماغ
توهان جو غلام آهي ان کي استعمال ڪريو
ٻارو! توهان جي اها خواهش هوندي آهي ته پنهنجي
ڪلاس ۾ سٺو ڪم ڪريون ۽ امتحان ۾ سڀ کان وڌيڪ نمبر
حاصل ڪري ذهين ٻارن ۾ شامل ٿيون، پر جيڪي ٻار
پڙهائي ۾ ڪمزور آهن، انهن کي هيءَ ڳالهه هڪ خواب
وانگر لڳندي هوندي، انهن جي خيال ۾ هو ڪڏهن به ٻين
ٻارن وانگر هوشيار يا ذهين نٿا ٿي سگهن، جڏهن ته
ائين ممڪن آهي. بس جيڪڏهن توهان پنهنجي
بائيولاجيڪل ڪمپيوٽر يعني دماغ کان ڪم وٺو. دماغ
کي استعمال ڪري هڪ عام يا وچولي معيار جو شاگرد به
ڪلاس ۾ پهريون نمبر اچي سگهي ٿو. اڄ اسين ۽ توهان
کي هي ٻڌائينداسين ته دماغ جو استعمال ڪيئن ڪري
سگهجي ٿو. پهرين هي ڄاڻڻ ضروري آهي ته دماغ جي
ساخت ڪهڙي هوندي آهي. انساني دماغ لکين ننڍڙن
ننڍڙن سيلن
(Cells)
سان ملي ڪري ٺهيو آهي.
جن کي نيورانس
(Neurons)
چوندا آهن. اهي نيوران ڏسڻ ۾ ننڍي ۾ ننڍي آڪٽوپس
(Octupuses)
جهڙا هوندا آهن. انهن جي ريشا آڪٽوپس جي ٻانهن
وانگر نڪتل هوندا آهن. توهان ڏٺو هوندو ته ڪجهه
ماڻهو ٻين ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار هوندا آهن، ان جو
سبب دماغ جي سائز يا جسامت جو ننڍو وڏو هجڻ ناهي،
جڏهن ته انهن جي دماغي سيلن جي پاڻ ۾ تيز تعلق کين
ذهين بڻائي ڇڏيندو آهي، اگر توهان به ٻين جي
مقابلي ۾ وڌيڪ ذهين ٿيڻ پسند ڪريو ته ان جي لاءِ
توهان کي پنهنجي دماغ کان وڌ ۾ وڌ ڪم وٺڻو پوندو،
جيترو وڌيڪ دماغ کان ڪم وٺندؤ! ايترو ئي ٻين کان
وڌيڪ ذهين ٿيندؤ.
دماغ چئن حصن تي مشتمل آهي. ساڄو، کاٻو، هيٺيون ۽
مٿيون حصو، اهي تمام حصا گڏجي ڪم ڪندا آهن. دماغ
جو کاٻو حصو سائنسي حصو چؤرائيندو آهي، ڇو ته هي
اسان جي سڀني دماغي سرگرمين کي ڪنٽرول ڪندو آهي.
ان حصي کي مطالعي ۽ ڪم لاءِ استعمال ڪندا آهيون.
ساڄو حصو آرٽسٽ حصو چورائيندو آهي. هي اسان جي ذهن
۾ ايندڙ خيالن ۽ تصورات جو انچارج آهي، دنيا جي
گهڻن مشهور ۽ ذهين ماڻهن مثال طور، آئن اسٽائن ڪم
جي وقت دماغ جي ٻنهي حصن کي استعمال ڪندو هو. ڪجهه
ماڻهن کي ڪنهن شيءِ سمجهڻ ۾ انهيءَ ڪري مشڪل ٿيندي
آهي ته هو دماغ جو صرف هڪ حصو استعمال ڪندا آهن.
جڏهن ته دماغ جي انهن ٻنهي حصن جو استعمال صلاحيتن
کي وڌائي ٿو، ڪم ڪرڻ يا سکڻ آسان ڪري ڇڏي ٿو.
مٿيون دماغ خيالن کي عقل ۽ سوچ ۾ بدلائي ڇڏيندو
آهي ۽ دماغ جو هيٺيون حصو جسماني ڪمن کي ڪنٽرول
ڪندو آهي، ان جو مطلب آهي ته اسان جو دماغ اسان جي
جسم کي ڪنٽرول ڪندو آهي. دماغ توهان جي اندر سٺا
خيال پئدا ڪري ڪاميابي جا طريقا سمجهائيندو آهي.
ان ڪري توهان کي گهرجي ته غلط خيالن کي ذهن ۾ نه
آڻيو، جيئن ”مان سٺو رانديگر نٿو ٿي سگهان“، يا
”مان پاس نٿو ٿي سگهان“ وغيره نه ته توهان جو دماغ
به ائين سوچيندو ۽ اهڙي طرح ابتڙ سوچ حاوي ٿي
ويندي، پر سٺيون سٺيون ڳالهيون سوچيو مثلاً ”مان
امتحان ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿي ويندس.“
هي به ضروري آهي ته پنهنجي مقصد کي ذهن ۾ رکو، هر
روز ڏهن منٽن لاءِ سڀني خيالن کي ڪڍي آرام سان
ويهي رهو ۽ ذهن ۾ وري وري پنهنجو هي مقصد ورجايو
ته، ”مان ڇا حاصل ڪرڻ ٿو آهيان؟“ ان سان توهان جو
دماغ به چڱيون ڳالهيون سوچيندو. سوالن کي ياد رکڻ
جو هڪ طريقو هي به آهي ته صفحي جي وچ تي سوالن جي
جواب ۾ سڀ کان اهم لفظ لکي وٺو. جيئن علامہ اقبال
ڪٿي پئدا ٿيو، ان جو اصل جواب سيالڪوٽ آهي، صفحي
تي صرف سيالڪوٽ لکي ڇڏيو. اگر سوال سائنس جو آهي
ته تصوير جي مدد سان ان کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو
ان طريقي سان جڏهن امتحان ۽ ٽيسٽ ڏيندؤ ته ذهن ۾
ڪاغذ تي لکيل اهو اهم لفظ يا تصوير اچي ويندي.
اهڙي طرح سوال جون سڀ اهم ڳالهيون توهان کي ياد
اينديون وينديون ۽ اهي توهان ڪاغذ تي لکندا وڃو.
پڙهائي جو ٽائيم ٽيبل ٺاهيو، هر مضمون جي لاءِ
ويهه يا پنجيتاليهن منٽن جو وقت رکو. هر هڪ مضمون
جي مطالعي کان پوءِ ڪجهه دير آرام ڪريو.
جڏهن پڙهڻ لاءِ ويهو ته اهم لفظن جي هيٺان گهري
رنگ جي پينسل سان لائن لڳايو. مطالعي کان پهرين
سبق کي مٿانهين نظر سان پڙهي ڇڏيو، ته جيئن توهان
کي اندازو ٿي وڃي ته سبق ۾ ڇا آهي، پوءِ توجهه سان
ابتدا کان پڙهڻ شروع ڪريو. سبق چڱي طرح سمجهو ۽
ذهن ۾ ايندڙ سوالن جا جواب خود ڳولهڻ جي ڪوشش
ڪريو. هڪ ڏينهن سبق ياد ڪريو، ٻئي ڏينهن ٻيو دفعو
ورجايو، هڪ هفتي کان پوءِ ٽيون دفعو هڪ مهيني کان
پوءِ چوٿون دفعو ورجايو ۽ امتحان کان پهرين پنجون
دفعو ۽ آخري دفعو چڱي طرح ياد ڪري وٺو. اهڙي طرح
وقت به گهٽ لڳندو ۽ وري وري ورجائڻ سان سبق به ذهن
نشين ٿي ويندو.
انهن سڀني ڳالهين سان گڏ پنهنجي صحت ۽ عذا جو خاص
خيال رکو. متوازن غذا ۾ سڀني کان وڌيڪ ميوا، سلاد
تازيون سبزيون، مڇي ۽ ماني شامل ڪريو ته جيئن
صحتمند رهو. ڇو ته جسماني طور تي صحتمند ماڻهو ئي
بهتر ڪم ڪرڻ جي قابل هوندا آهن. هفتي ۾ چار يا پنج
ڏينهن ويهن منٽن تائين ضرور ورزش ڪريو، ۽ اکين جي
به حفاظت ڪريو ڇو ته اهي، دماغ کي معلومات
پهچائينديون آهن. رات جو جلدي سمهڻ ۽ صبح جو سوير
اٿڻ جي عادت وجهو ان کان علاوه راندين ٻين
سرگرمين ۾ حصو وٺندا رهو. انهن سڀني ڳالهين تي عمل
ڪرڻ سان توهان جي ذهن ۽ جسم جي صحت تي سٺو اثر
پوندو.
عاصم عباسي
عيد ملهائي
مرڪي مرڪي سڀني مٺڙن ٻارن عيد ملهائي،
پائي ڪپڙا سهڻا سهڻا پيارن عيد ملهائي.
خوش ٿي عيد مبارڪ سڀ کي ارپي موتيءَ داڻن،
ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان اڄ يارن عيد ملهائي.
هڪ جيڏن سان گڏجي گهميا مٺڙا گيت به ڳائي،
خوب مزي سان يارو چنڊ ستارن عيد ملهائي.
آهن گل گلابي ٻاتن ٻاتن ٻولن وارا،
کيڏي راند پياري ديس دلارن عيد ملهائي.
جن جو روشن مستقبل آ، جيڪي هن دل وارا،
هيڏي هوڏي ڪڏندي پڻ موچارن عيد ملهائي.
”عاصم“ کي به وڻن ٿا ڏاڍا ٻار سڀئي پيارا،
بي حد خوش ٿي سڀني نيڻن ٺارن عيد ملهائي.
ارباب کوکر
نظم
اسين ٻار آهيون امانت وطن جي،
اسان جي دلين ۾ محبت وطن جي.
اسان کي نه سمجهو ننڍو ٻار پيارا،
اسان ئي ڪنداسون حفاظت وطن جي.
وطن آ اسان جو سٺو يار سائو،
ڏئي پئي هي ساوڪ ته راحت وطن جي.
اسان جي وطن ۾ هزارين خزانا،
اسين پاڻ انمول دولت وطن جي.
ڪري خوب محنت سجايون وطن کي،
وڌايون دنيا ۾ ته عزت وطن جي.
ڪري ڇڏ اي ”ارباب“ اهڙو ته ڪم تون،
وڃي ٿي ته هر جاءِ شهرت وطن جي.
نادر شاهه ”فراق“
ڪتاب اسان جو دوست
الله تعالى انسان کي بيشمار خوبين سان نوازيو آهي!
سڀ کان بهترين تخليق انسان آهي، جنهن کي عقل جهڙي
نعمت عطا ڪري الله تعالى انسان کي اشرف المخلوقات
جو مرتبو عنايت ڪيو، عقل ته الله تعالى هر مخلوق
کي عطا ڪيو آهي. ليڪن انساني عقل ان لحاظ کان
منفرد اهميت جو حامل آهي، جو ان ۾ شعور آهي!
انساني عقل ۾ اگر شعور نه هجي ها ته ترقي ۽
ڪاميابي جي اها منزل هر گز طئه نه ڪري سگهي ها،
جيڪي ان شعور جي بدولت حاصل ڪيون آهن.
جڏهن کان اسان دنيا ۾ قدم رکيو آهي، دنيا جي حالت
يڪسر بدلجي ويئي آهي، نوان انداز سائنس جي بيشمار
ايجادن زندگي جا طور طريقائي بدلي ڇڏيا آهن، اڄ
جنهن طرف به نظر ڊوڙايون ٿا، هر جاءِ سائنس جا
ڪرشما نظر اچن ٿا.
اهي پوري آب و تاب سان اسان کي نظر اچن ٿا، سائنس
جا اهي سڀ ڪرشما انسان جي عقل ۽ شعور ذريعي حاصل
ٿيا آهن. انساني عقل زندگي جي سڀني شعبن تي اثر
انداز آهي. انسان جي رهڻي ڪهڻي جا طور طريقا به
انهيءَ عقل ذريعي حاصل ڪيا آهن. بيشمار ترقيون
ڪاميابيون اهڙيون آهن، جوصدين جون صديون سفر طئي
ڪرڻ کان پوءِ اڄ موجوده شڪل ۾ اسان وٽ پهتيون آهن.
انهن مان هڪ ڪتاب به آهي.
ڪتاب هر دؤر ۾ انسان جو ساٿي رهيو آهي. موجوده دؤر
۾ ڪتاب ئي انسان جو بهترين دوست ۽ ساٿي آهي.
ڪتاب ذريعي اسين علم حاصل ڪريون ٿا، توهان جي هٿن
۾ اوهان جي پسند جو رسالو ”گل ڦل“ به ڪتاب ئي آهي.
ڪتاب جي اها صورت اهڙي نه هُئي، جهڙي اڄ ڪلهه آهي.
موجوده صورت ۾ ڪتاب گهڻو ڊگهو سفر طئه ڪيو آهي.
بلڪه انساني عقل جي شعور سان هي ڪتابي صورت محنتن
۽ جاکوڙ کان پوءِ حاصل ڪري اهڙو ڪتاب ڇپيو آهي! ۽
اها دلڪشي ۽ خوبصورتي ماڻي سگهيو آهي.
ڪتاب جي ابتدا اڄ کان تقريباً چار هزار سال قبل
مسيح ۾ ٿي، ان وقت جي ڪتابن جي شڪل و صورت به عجيب
و غريب هوندي هئي. يعني قديم تحريرن جي قديم
صورتخطي ۾ لکيل چيڪي مٽيءَ جي ٽڪين جي شڪل ۾ ڪتاب
جي ابتدا ٿي، انهيءَ تحريرن کي گهڻي ڀاڱي بقا به
ڪونه هوندي هئي، پوءِ ته چمڙي ۽ کجين جي پنن تي به
تحريرن جو ذڪر ملي ٿو. جنهن جو سانڍڻ مشڪل مسئلو
هوندو هو.
پوءِ تحريرن کي سانڍڻ لاءِ بهتر شئي جي ضرورت
محسوس ٿي.
پوءِ انسان پنهنجي ڪوششن سان ڪاغذ ايجاد ڪيو، جيڪا
سندس وڏي ڪاميابي هُئي!
ڪاغذ جي ايجاد کان پوءِ انساني شعور ۽ تحريرن جي
حفاظت لاءِ انسان ڪافي جدوجهد کان پوءِ ڪاميابي
حاصل ڪئي.
سنه 105 قبل مسيح ۾ ڪاغذ ايجاد ٿيو، ڪاغذ جي ايجاد
چينين جو اهڙو قابلِ فخر ڪارنامو آهي، جنهن تي
چيني جيترو به فخر ڪن اهو گهٽ آهي.
لکڻ لاءِ ڪاغذ کان وڌيڪ ڪا شيءِ ٿي نٿي سگهي. ڇو
ته هي لچڪيدار سنهون صاف ۽ سفيد ٿئي ٿو. چيني ڪاغذ
جي ايجاد تي اڄ به فخر ڪن ٿا ۽ سوين قسم جو ڪاغذ
ايجاد ٿي چڪو آهي.
هنن پنهنجي ان ايجاد کي ساڍا ڇهه سؤ سال ٻين قومن
کان لڪائي رکيو.
بعد ۾ اٺين صدي جي وچ ڌاري مسلمانن به ڪاغذ ٺاهڻ
جو فن سکيو.
ڪاغذ سکڻ جو فن مسلمانن ڪيئن حاصل ڪيو، اهو به هڪ
عجيب واقعو چئجي، هڪ جنگ ۾ چينين ۽ مسلمانن ”طلاس“
نالي شهر ۾ ڪجهه چيني فوجي قيد ڪيا جن کي ڪاغذ
ٺاهڻ جو فن ايندو هو. پوءِ انهن کان مسلمانن اهو
فن سکيو. ڪاغذ ٺاهڻ جو فن سکي مسلمانن علم و ادب
جي ترقي طرف خاص توجهه ڏنو ۽ ڪاغذ جا ڪارخانا قائم
ٿيا.
ڪاغذ ٺاهڻ جو پهريون ڪارخانو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو
سمر قند (روس) ۾ قائم ٿيو ۽ پوءِ مسلمانن ڪاغذ جي
صنعت کي ڪافي ترقي ڏني سمرقند کان پوءِ ڪافي ملڪن
۾ ڪاغذ ايجاد ٿيو ۽ سٺو ڪاغذ بنگال جو چيو وڃي ٿو.
ڪاغذ جي ايجاد کان پوءِ جيڪا به ترقي ٿي آهي
موجوده ترقي يافته دؤر ۾ وري ڪاغذ جي اڻاٺ شروع
آهي.
پيارا ٻارؤ ”ڪتاب“ اسان جو هڪ بهترين ساٿي آهي،
ڪتاب نه صرف اسان کي ڪورس جي ڪتابن ۾ ڪم اچي ٿو،
بلڪه تعليم سان گڏ اسان جي تربيت به ڪري ٿو. ڪتاب
اسان جو چڱو ساٿي رهنما به آهي.
اچو ته ڪتابن سان دوستي ڪريون، چڱا ۽ معلوماتي،
تاريخي ڪتاب پڙهون، ڪتاب اسان کي بيشمار معلومات
ڏين ٿا.
اگر اوهين ”سفر ناما“ پڙهندا ته اوهان کي گهر ويٺي
گهڻي معلومات حاصل ٿي ويندي، ديس پرديس جي
معلومات، رسم و رواج تهذيب و تمندن ۽ بيشمار ٻي
معلومات پڻ حاصل ٿيندي، جيڪي اسان جي معلومات ۾ بي
پناهه اضافو ٿيندو.
انور علي لوهار
اصل گهر ۽ اصل ڪمرو
اصغر پنهنجي ڪمري کي خوبصورت بنائڻ لاءِ هن ۾
قسمين قسمين غاليچا، ميز، ڪرسيون، مطالعي جا ڪتاب،
ڪٻٽ ۽ سهڻن منظرن واريون تصويرون لڳايون هيون ۽
درين تي رنگين پردا لڳائي ڪمري کي خوبصورت کان
خوبصورت بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن جي گهر جا ٻيا
ڪمرا ته ايڏا خوبصورت ۽ سينگاريل نه هئا. جيترو هن
جو ڪمرو خوبصورت ۽ سينگاريل هو. اڃان اصغر پنهنجي
ڪمري جي خوبصورتي کان مطمئن ڪونه ٿيو هو. هن جي دل
گهري پئي ته جيڪر دنيا جو سڀ خوبصورت سامان هن جي
ڪمري ۾ هجي. هن سوچيو ته ڏاڏي کي وٺي اهو ڪمرو
ڏيکاريان ۽ ان کان پڇان ته اهو ڪمرو توکي پسند آيو
يا نه....
اهو سوچي هي ڪمري کان ٻاهر نڪري اڱڻ ۾ آيو. اڱڻ ۾
هن جي ڏاڏي کٽ تي ويٺي تسبيح پڙهي رهي هئي. هي
ڏاڏي وٽ آيو ۽ چوڻ لڳس ته ڏاڏي! هلي منهنجو ڪمرو
ڏس ڪيئن ته مان ان کي خوبصورت بڻايو آهي، هن ۾ هر
خوبصورت شيءِ آهي. نه ..... پٽ .... نه مون کي
تنهنجي ڪمري ڏسڻ جو ڪو شوق نه آهي، مان تنهنجي
ڪمري ۾ ڪونه هلندس، هن جي ڏاڏيءَ جواب ڏنو، ڏاڏي
هو ته ڪمرو آهي، ڪهڙو پري آهي، جو تون ٿڪجي
پوندينءءُ، بس! تون در کان ڏسي موٽي اچجانءِ، اصغر
پنهنجي ڏاڏيءَ کي چيو.
مان چيو ته مان ڪونه هلندس، هرو ڀرو ضد ڇو ٿو
ڪرين؟ هن جي ڏاڏيءَ تنگ ٿيندي چيو.
ڏاڏي توکي منهنجي سر جو قسم آهي. هلي منهنجو ڪمرو
ڏس، احمد پنهنجي ڏاڏيءَ اڳيان ضد ڪندي چيو.
تون ڪونه مڙندين..... صفا ڪو ضدي آهين. هن جي
ڏاڏيءَ چيو ۽ پوءِ کٽ کان اٿي اصغر سان گڏ ڪمري ۾
آئي.
ڪمرو ڏسي هنجي ڏاڏيءَ اداس ٿي وئي. پنهنجي ڏاڏيءَ
کي اداس ڏسي اصغر هن کان پڇيو ته ڏاڏي! تون ڪمرو
ڏسي خوش ٿيڻ بدران اُداس ڇو ٿي وئين؟ پر هن جي
ڏاڏيءَ ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ ڪمري کان نڪري اڱڻ ۾
آئي.
اصغر به هن جي پويان اڱڻ ۾ آيو ۽ هن کان پڇڻ لڳو
ته ڏاڏي تون اُداس ڇو ٿي وئي آهين؟
پٽ، خدا توکي حياتي ڏي پر مان توکان اهو پڇندي
آهيان ته توکي خبر آهي ته سڀاڻي تائين تون زندهه
رهندين، هن جي ڏاڏيءَ هن کان پڇيو.
نه.... مون کي خبر نه آهي، اصغر جواب ڏنو.
پوءِ تون هِن دنيا واري ڪمري کي ڇو سينگاري رهيو
آهين؟ هن جي ڏاڏيءَ وري هن کان پڇيو ته پٽ، هي
دنيا فاني آهي، اڄ نه ته سڀاڻي..... سڀاڻي نه ته
ٻئي ڏينهن.... مطلب هڪ ڏينهن هن دنيا مان وڃڻو
پوندو، جڏهن اسان اتي عارضي طور رهڻ لاءِ آيا
آهيون، ته پوءِ ڇو اسان هن دنيا واري ڪمرن کي
سينگاريون. ان کان بهتر آهي ته اسان پنهنجي اصل
گهر (آخرت) ۽ اصل ڪمري (قبر) کي سينگاريون، جتي
اسان کي هميشه رهڻو آهي ۽ جيڪو اسان جو اصل گهر ۽
اصل ڪمرو آهي.
هُن دنيا جي گهر (آخرت) ۽ ڪمري (قبر) کي سينگارڻ
لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اصغر پنهنجي ڏاڏيءَ
کان پڇيو. |