سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري  1/ 1997ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل جنوري 1/ 1997ع

اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

پيارا ٻارو،

توهان سڀني ٻارڙن کي پهرين سال 1997ع جون مبارڪون هجن ۽ ڌڻي در اها دعا آهي ته هي نئون سال سڄي دنيا لاءِ امن جو سال ثابت ٿئي ۽ اسان جي سنڌ لاءِ به سک ۽ خوشحالي آڻي – آمين.

ٻارو! هن مهيني ۾ رمضان المبارڪ جو مهينو به شروع ٿي چڪو آهي. رمضان المبارڪ مهيني جي وڏي اهميت آهي. هن مهيني ۾ مسلمانن تي روزا فرض آهن. توهين معصوم ٻالڪ آهيو، پر روزا ته توهان ضرور رکندا، ڇو ته هي رمضان المبارڪ ٿڌن ڏينهن ۾ اچي رهيو آهي، ٻارو، روزو رڳو کائڻ پيئڻ جو نالو نه آهي، پر هن مهيني ۾ اک، ڪن زبان جو به روزو هوندو آهي، يعني اک سان ڪا خراب شيءِ نه ڏسجي ۽ ڪنن سان ڪنهن جي گلا غيبت نه ٻڌجي ۽ زبان سان ڪو بُرو لفظ نه ڳالهائجي. مطلب هن مهيني جو احترام هر مسلمان تي فرض آهي، روزي جي اها اهميت آهي جو الله تعالى فرمايو آهي ته ”روزو منهنجو آهي ۽ روزيدار کي ان جو اجرُ مان پاڻ ڏيندس.“ توهين  ٻارڙا به رمضان المبارڪ جو احترام ڪندا.

ٻارو! اڄ ڪلهه مهانگائي ايتري وڌي ويئي آهي، جو هر ڪا شيءِ آسمان سان پئي ڳالهيون ڪري، اڄ ڪلهه پني ۽ مس جو اگهه به ٻيڻ، ٽيڻ تي وڌي ويو آهي. مجبوراً اسان کي قيمت ۾ هڪ روپئي جو اضافو ڪرڻو پيو آهي، پر پوءِ به بورڊ کي نقصان آهي، پر، اسان توهان ٻارڙن جي حيثيت کي ڏسي، صرف هڪ روپيو وڌايو آهي، گل ڦل سائيز جا ٻيا رسالا ڏسندا ته انهن جي قيمت گل ڦل کان ٻيڻ تي هوندي آهي، توهين گهڻي مان گهڻا گل ڦل جا خريدار ٺاهيو، جي رسالو وڌيڪ ڇپبو ۽ وڪامجندو ته، اسان به وڌيڪ مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اميد ته نئين سال کان توهان گل ڦل جا گهڻي مان گهڻا خريدار بڻائيندا اهو اوهان جو قومي فرض آهي، ته پنهنجي ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ ڪوشش ڪريو، چڱو ساٿ سلامت.

اوهان جو چاچا:

اڪبر جسڪاڻي

لطيفي لات

 

تن منهن موچارا مارئين، ملير جنين ماڳ،

ناقص نوازي گهڻا، سندو تن سڀاڳ،

اڱڻ مون اڀاڳ، حُسَن تي هيئن ٿيو!

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي، هي بيت سُر مارئي جي داستان پنجين جو، چوٿون نمبر بيت آهي.

سمجهاڻي: تن مارن جا منهن نوراني آهن، جن جي رهڻ جو هنڌ ملير آهي، انهن جي نيڪ بختي، گهڻن عيبدارن کي نوازيو ڇڏي. (هتي ڪاملن ڏانهن اشارو آهي، جن جي نيڪ صحبت پٿر جهڙي، انسان کي به گوهر ڪيو ڇڏي) منهنجي انگ ۾ نڀاڳ لکيل هو، تنهن ڪري منهنجي سونهن هيئن زبون ٿي آهي.)

معنى: 1_ منهن موچارا= نوراني چهرا، 2_ مارئين = مارن جا. 3 ناقص = عيبدار، 4- سڀاڳ = نيڪ بختي، 5- اڀاڳ = بد بختي.

(ڪلياڻ آڏواڻي)

 

جميل احمد ڀٽو

 

شجاعت علي رضه

حضرت علي رضه مشهور ۽ نامور پهلوان ٿي گذريو آهي، ۽ ڪُفارَ ۾ اِن  جي شجاعت ۽ پهلوانيءَ جو ڌاڪو پوري عرب دنيا تي ڄمايل هو، عمرو بن عبدود کي هڪ هزار پهلوانن تي به ڳورو سمجهيو ويندو هو. جنگ احزاب جو ذڪر آهي ته هڪ ڏينهن عمرو بن عبدود، نوفل بن عبدالله بن مغيره ۽ ضرار بن الخطاب پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏ گهوڙن کي ڪُڏائي هڪڙي تنگ جاءِ تان خندق ٽپي آيا.

عمرو بن عبدود خندق ٽپي مسلمانن جي طرف للڪار ڪري چيائين ته، ”مسلمانو! مون سان مقابلو ڪرڻ لاءِڪوئي جوان هجي ته ميدان ۾ لهي اچي.“ مسلمان خاموش رهيا، حضرت علي ڪرم الله وجہ ميدان ۾ نڪري آيا ۽ عرض ڪيائون ته، ”يا رسول الله ﷺ مان ان سان مقابلو ڪرڻ ويندم، اوهان اجازت ڏيو.“  حضور انور ﷺ جن فرمايو ته، ”علي رضه ! ويهي رهه هي عمرو بن عبدود آهي.“

دنيا جي ڪيترن ئي مؤرخن لکيو آهي ته مسلمانن جي لشڪر مان سواءِ حضرت علي رضه جي، ڪنهن به مسلمان کي عمرو بن عبدود سان مقابلي ڪرڻ جي همٿ نه ٿي، ۽ نه ئي وري ڪو ميدان ۾ آيو، حقيقت ائين نه آهي، دراصل مسلمان حضور اڪرم ﷺ جن جي اشاري جا منتظر هئا.

جڏهن عمروءَ ڏٺو ته منهنجي مقابلي لاءِ مسلمانن جي لشڪر مان ڪير به نه نڪتو، ته مغرور ٿي ٽوڪ واري انداز ۾ چيائين ته ڪٿي آهيو مسلمانو، ڪيڏانهن ويئي اوهان جي جنت، جنهن جون ڳالهيون اوهان ڪندا ته آهيو ته شهادت کان پوءِ مسلمان سڌو جنت ۾ داخل ٿيندو آهي، مون کي ته اوهان جون سڀ ڳالهيون چرچو نظر اچن ٿيون، جو مون کي پهر ٿيو آهي ته توهان کي پڪاري رهيو آهيان، پر ڪنهن ۾ همٿ هجي ته منهنجي مقابلي لاءِ نڪري اچي.

حضرت علي ڪرم الله وجہ پاڻ کي روڪي نه سگهيا ۽ ٻاهر ميدان ۾ نڪري عرض ڪيائين ته، ”يا رسول الله ﷺ مون کي مقابلي لاءِ اجازت ڏيو ”حضور اڪرم ﷺ فرمايو ته : ”ويهي رهه علي رضه“ هي عمرو بن عبدود آهي.

جڏهن عمرو ڏٺو ته ڪوئي مقابلي لاءِ نه نڪتو ته هن ٽيون ڀيرو مسلمانن کي للڪارڻ شروع ڪيو ۽ غلط الفاظ استعمال ڪيا.

حضرت علي ڪرم الله وجہ بيتاب ٿي ٽيون ڀيرو تلوار کڻي ميدان ۾ لهي آيا، ۽ حضور اڪرم ﷺ جن ساڳيا لفظ دهرايا، حضرت علي عرض ڪيو ته ”يا رسول الله ﷺ“ عمرو بن عبدود آهي ته ڀلي هجي مون کي اوهان اجازت ڏيو، مان به علي بن ابي طالب آهيان، مان ان سان ضرور مقابلو ڪندس، حضور اڪرم ﷺ جن ڏٺو ته ٻيو ڪوئي عمروءَ سان مقابلي لاءِ نٿو نڪري، تنهن ڪري حضرت علي رضه کي اجازت ڏنائون.

حضرت علي رضه ذوالفقار تلوار  کڻي ميدان ۾ لهي آيا، پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ”پوري ڪفر جي مقابلي ۾ پورو اسلام آيو آهي، ۽ علي رضي جي هڪ ضرب ”جن وانس“ جي عبادت کان افضل آهي.“

حيدرِ قرار حضرت علي ڪرم الله وجہ جڏهن عمروءَ جي اڳيان آيا ته عمروءَ پڇيو ته ”تون ڪير آهين؟“ فرمايائون ته ”مان آهيان علي بن ابي طالب“ عمروءَ چيو ته تون اڃان ٻار آهين تون موٽي وڃ، ٻئي ڪنهن وڏي عمر واري کي موڪل، مان تنهنجو خون وهائڻ مڪروه ٿو سمجهان، پر حضرت علي فرمايو ته ”مان تنهنجو خون وهائڻ مڪروه نٿو سمجهان.“ پر حضرت علي فرمايو ته ”اي عمرو! مان ٻڌو آهي ته تنهنجو قول آهي ته توسان جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ٽي ڳالهيون ڪندو آهي، ته تون انهن مان هڪ ضرور قبول ڪندو آهين.“ ڇا اِهو سچ آهي؟“

عمرو، ها اهو سچ آهي.

حضرت علي رضه، مان درخواست ڪريان ٿو ته تون مسلمان ٿيءُ.

عمرو، اهو ناممڪن آهي.حضرت علي رضه، چڱو مسلمانن سان نه وڙهه موٽي وڃ.

عمرو، اهو به ناممڪن آهي، مون کي قريش جون عورتون طعنا ڏينديون، جيڪي مان برداشت ڪري ڪونه سگهندس.

حضرت علي رضه، ته پوءِ مون سان لهي آءُ ميدان تي.

عمروءَ، واعدي موجب آخري ڳالهه قبول ڪئي ۽ مقابلو شروع ٿي ويو، اهو مقابلو ڏسڻ لاءِ ٻنهي طرفن کان هزارين ماڻهو جمع ٿي ويا.

پوريءَ اسلام جو پوري ڪفار سان مقابلو شروع ٿي ويو. عمروءَ سڌا وار شروع ڪيا، هڪ معمولي زخم حضرت علي ڪرم الله وجہ کي پيشاني تي آيو ۽ ان مان خون وهڻ لڳو، زخم کائي حضرت علي ڪرم الله وجہ پنهنجي تلوار ذالفقار کي اڀو ڪيو، هڪ بجلي چمڪي، هر طرف روشني ٿي ويئي، عمروءَ سپر سامهون ڪئي، مگر ذوالفقار سپر کي ذرا ذرا ڪري ڪلهي تي ڪرِيِس سيني کي چيريندي دل تي وار ڪيائينس، عمرو رڙ به نه ڪري سگهيو ۽ حضرت علي ڪرم الله وجہ الله اڪبر جو نعرو هڻي سموري ڪفر کي هميشه لاءِ قتل ڪري ڇڏيو.

عبدالله شجاع سنڌي

نئون سال آيو

 

نئين رنگ ڍنگ سان نئون سال آيو،

محبت جو تنهن کي خزانو بڻايو،

نفرت کي دل مان ڌڪاري ڪڍو ۽!

ڏيو پيار سڀ کي نه ڪنهن کي ڏکايو.

ادب هر ڪنهن جو ڪيو ٻارو هر دم!

ڪريو سڀ جي خدمت ۽ سڀ کي سنواريو.

حسد، ساڙ آهن بريون عادتون ئي،

ڪدورت ۽ ڪيني کي دل مان ڌڪاريو.

رهن ڪين جاهل سڄي ديس - ۾!

علم جي سدا جوت اهڙي جلايو،

نه آ پيار جنهن ۾ سو انسان ناهي!

اهي لفظ سڀ کي سدائين ٻڌايو،

وطن جا سپاهي اوهان ئي ته ٿيندؤ!!

ڪيو خوب محنت نه هرگز نٽايو.

ڪرڻ وقت ضايع جڳائي نه هرگز!

وڃايو نه تنهن کي اوهان ڀي اجايو.

ڪپهه ڪڻڪ، چانور ۽ جوئر وغيره،

چئو سڀ کي سارا فصل هي اُپايو.

نظم جو لکيو آ شجاع هي اوهان لئه،

عمل ڪيو تنهن تي نه تنهن کي ڀلايو.

ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ

نئون سال

 

پڙهائي جو يارو نئون سال آيو،

پنهنجا ٻارڙا ترت داخل ڪرايو.

نئين داخلا جي خبر ناهه جن کي،

خدارا اول تن کي هڪدم ٻڌايو،

عمرجن جي پنج سال ٿي وئي آ ساٿي،

انهن کي ته اسڪول جهٽ پٽ پڄايو.

ڪري ٻار اسڪول ۾ پنهنجا داخل،

شرح سنڌ ۾ تعليم واري وڌايو.

ڏسو علم جي آئي موسم بهار آ،

اٿو گڏجي علمي ڪو ٻوٽو لڳايو.

رهي ٻار هرگز نه ڪنهن جو ته اڻ پڙهه،

سڄي سنڌ ۾ اهڙي هلچل هلايو.

جهالت مري پاڻ ويندي پيارا،

رڳو ٻار پنهنجن کي دلبر پڙهايو.

پڙهائي پنهنجا ٻار اسڪول ۾،

وطن ۾ سدا جوت علمي جلايو.

حڪومت کي ”عادل“ جي آهي صلاح،

وري مفت تعليم کي بس بڻايو.

شمس الدين سومرو

 

SHAH LATIF SPECIAL EDCUCATION CENTRE FOR MENTALLY RETARDED CHILDREN’S HYDERABAD.

شاهه لطيف اسپيشل ايڊيوڪيشن سينٽر خاص ٻار حيدرآباد

 

ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو

 

3 ڊسمبر اسپيشل ٻارن جو عالمي ڏينهن هئڻ سبب، شاهه لطيف اسپيشل ايڊيوڪيشن سينٽر فار مينٽلي رٽارڊيڊ چلڊرين حيدرآباد ۽ پيرنٽس ٽيچرس ايسوسيئيشن جي تعاون سان ٻارن جو هڪ خوبصورت رنگ برنگ پروگرام 3 ڊسمبر 1996ع تي جي. او. آر. ڪالونيءَ ۾ ٿي گذريو.

تلاوت ڪلام پاڪ: سينٽر جي خصوصي ٻار محمد عثمان ۽ قومي ترانو: ڪاشف، فرمان، عثمان، ڪامران پيش ڪيو.

انهيءَ پروگرام جي صدارت حيدرآباد جي ڪمشنر حاجي هارون ميمڻ ڪئي ۽ حيدرآباد جي معزز شخصيتن، جن ۾ ڊاڪٽر محمد صالح لاشاري، مسٽر عبدالرحيم پانڌياڻي، سيد شڪيل احمد ائڊوڪيٽ، حاجي رفيق ميمڻ، ڊاڪٽر هارون ميمڻ چيئرمين لائنيز ڪلب حيدرآباد ۽ خصوصي ٻارن جي والدين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

شاهه لطيف سينٽر جي آفيسر انچارج مس عابده شيخ ابتدائي تقرير ڪندي چيو ته: اقوام متحده 3 ڊسمبر 94ع کي ”اسپيشل ٻارن جو ڏينهن“ قرار ڏنو ۽ پاڪستان پڻ اهو ڏينهن ملهايو، حڪومت پاڪستان اسپيشل ٻارن جا پوري پاڪستان ۾ 47 سينٽر قائم ڪيا آهن، جيڪي 1987ع کان ڪم ڪري رهيا آهن. جتي ماهر استاد موجود آهن. هن مرڪز ۾ 62 اسپيشل ٻار موجود آهن ۽ انهن ۾ خود اعتماد جي پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪافي مهينا محنت ڪرڻي پوي ٿي. پوءِ هڪ ٻار تيار ٿئي ٿو. اسٽاف تعريف قابل آهي. والدين هن اسڪول ۾ ٻارن جي سکيا لاءِ هڪ يونٽ قائم ڪيو آهي، جتي هنن کي هنر سيکاريو وڃي ٿو. نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين جو مظاهرو ڪندا آهن. هن عامر رائو ۽ ڊاڪٽر قاسم بروهي جو شڪريو ادا ڪيو، جيڪي رضاڪارانه طور تي پنهنجي خدمت انجام ڏئي رهيا آهن. مس عابده صاحبه ٻڌايو ته گلشن شهباز ۾ پلاٽ ورتل آهي. فرنيچر جو مسئلو پڻ بيان ڪيو، ۽ وڌيڪ فرنيچر لاءِ گهر ڪئي، اتي پروگرام ۾ موجود لائنز ڪلب جي حاجي رفيق ميمڻ اعلان ڪيو ته فرنيچر جي مرمت ڪرائي ڏيندس.

ڊاڪٽر عبدالرحيم ميمڻ صدر پيئرينٽس ٽيچرس ايسوسيئيشن چيو ته هيءُ فنڪشن اسپيشل ٻارن لاءِ انهن ئي مرتب ڪيو آهي. ٻارن تي ڏاڍي محنت ڪئي ويئي آهي. هن اسٽاف جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اسان ٻارن کي ايڏي محبت ڏيندا آهيون، جو هو مائٽن کي به وساري ڇڏيندا آهن. هنن کي تفريح به ڪرائيندا رهندا آهيون. مرڪز ۾ 9 ٻار ڪم سکي رهيا آهن. سير و تفريح ڪرائڻ لاءِ مخير حضرات کي ڳوليون ٿا. هن استدعا ڪئي ته سڀ اسان جي مدد ڪن.

بعد ۾ خصوصي ٻارن هيٺئين ريت پنهنجا آئيٽم پيش ڪيا.

1-   قومي نغمو: ڪامران، سدرا، فرمان ۽ وجاهت،

2-  خوشامد ائيٽم (خاڪو) محمد علي ۽ عثمان.

3-  ميوزڪ تي پيراڊي عابده پروين جي روپ ۾ نوميتا ناز پيش ڪئي.

 

4-  ڊاڪٽر ۽ مريض جو خاڪو: محمد علي، محمد عثمان ۽ دلشاد پيش ڪيو.

5-  عالم لوهار جي روپ ۾ جگني پاڪستان جي وجاهت پيش ڪئي.

6-  ڊانس: رضوان، مائيڪل جيڪسن جي روپ ۾ پيش ڪئي.

7- شازيه خشڪ جي روپ ۾ گيت تيري باجري دي راکهي نومينا ناز ۽ ٻين ساٿين پيش ڪئي، جنهن ۾ وجاهت، ڪامران لاشاري، ذاڪر ۽ فرحان شامل هئا.

8-  خاڪو: جادوگر جو ٽيبلو سيف الله پيش ڪيو.

9-  ڪس ني بنايا تتلي ڪو- پيش ڪيو. بيبي ارم، بيبي عيني، قاسم ۽ عائشه شامل هئا.

10-         رنگا رنگ پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ حاجي هارون ميمڻ ڪمشنر حيدرآباد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هن فنڪشن جو انتظام تمام سٺي نموني سان ڪيل آهي. هن جو انتظام ڪندڙ مبارڪ جا مستحق آهن، هي ٻار واقعي وڌيڪ توجهه جا مستحق آهن، انهن کي محبت سان رکيو وڃي ته انهن جون صلاحيتون پاڻهي ظاهر ٿي وينديون ۽ باشعور شهرين وانگر زندگي بسر ڪري سگهن ٿا، اگر توجه نٿو ڏنو وڃي ته پوءِ ائين ٿئي ٿو، جو هيءَ ٻار احساس ڪمتري جو شڪار ٿين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ڪيئي اهڙا ٻار آهن، جيڪي اهڙن اسڪولن ۾ نٿا پهچي سگهن، ان ڪري اسان جو فرض آهي ته اهڙن ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرايون، هن واعدو ڪيو ته آئون وري اسڪول ايندس ۽ اتي اچي اوهان جا مسئلا حل ڪندس ۽ سڀني ٻارن کي سندن والدين سميت ڀٽ شاهه جو هڪ ٽوئر ڪرائيندس، هن صاحب مائٽن کي مشورو ڏنو ته هو انهن ٻارن تي اڃا وڌيڪ توجهه ڏين.

ان بعد ٻارن ۾ انعام تقسيم ڪيا ويا، جيڪي بيبي نوميتا، عيني، ارم، سدره، سحر تبسم، عائشه، ڪامران لاشاري، وجاهت، فرمان، عثمان، صداقت، محمد علي، غلام مصطفى، سيف الله، ڪاشف، دلشاد، رضوان ۽ ڪامران اسحاق هئا.

هن پروگرام جي انائونسمينٽ مس انيلا ڪئي هئي، ٻارن کي ٽريننگ ڏيڻ ۾ استادن جي رات ڏينهن محنت جو نتيجو آهي، جنهن پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

آخر ۾ پيرنٽس ٽيچرس ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري عنايت الله سولنگيءَ آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. انفرميشن ڊپارٽمينٽ، ريڊيو پاڪستان ۽ اخباري نمائندن شرڪت ڪري، هن پروگرام کي رونق بخشي.

اهڙيءَ طرح هيءُ اڍائي ڪلاڪن جو پروگرام مهمانن جي ريفريشمينٽ کان پوءِ ختم ٿيو.

جمهوريه ڊومينڪن جي ڪهاڻي     ترجمو: عبدالواحد سومرو

 

بادشاهه جو مينار

تمام گهڻي آڳاٽي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هڪڙي بادشاهه کي ذهن ۾ اچي اها ڳالهه ويٺي ته هو ڪنهن نه ڪنهن نموني سان چنڊ کي ڇُهي، پر هو هر وقت صرف انهي فڪر ۽ ڳڻتي ۾ رهڻ لڳو ته چنڊ تائين ڪيئن پهچي، اها ڌن وڌندي وئي تان جو بادشاهه ملڪ جي ٻين ڪمن ڪارين کان به غفلت ڪرڻ لڳو، هن دل ۾ ڏينهن رات، بس چنڊ تي پهچڻ جون رٿون ٿي سوچيون ته راتين جو ننڊ ۾ ستي خواب ۾ هن اهوئي ڏٺو ته هو چنڊ کي ڇُهي ٿو. آخر تمام گهڻي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ بادشاهه اهو طئه ڪيو ته هڪ ڊگهو اهڙو مينار ٺاهجي، جو ان تي چڙهي چنڊ کي ڇهي سگهجي، ان هڪ ڪاريگر کي گهرايو ۽ حڪم نامون جاري ڪيو ته، ”هڪ ايڏو وڏو مينار تيار ڪريو جو مان ان تي چڙهي چنڊ کي ڇُهي سگهان.“ ڪاريگر اهو ٻڌي ڏاڍو پريشان ٿيو، ان جي سمجهه ۾ بلڪل ڪجهه نه ٿي آيو، اهو ڪيئن ايڏو وڏو مينار ٺهندو؟ پر بادشاهه جي سامهون ڪجهه چوڻ جي همت به نه ٿي، خاموش هليو ويو ۽ سوچڻ لڳو ته ايڏو وڏو مينار ڪيئن ٺهندو، ڪافي ڏينهن تائين ان ڳالهه تي سوچيندو ئي رهيو، پر ڪابه رٿ هن کي سمجهه ۾ نه آئي. هوڏانهن بادشاهه جي بي چيني وڌندي وئي، نيٺ ڪجهه هفتا گذريا، ته هن کان وڌيڪ صبر نه ٿي سگهيو ۽ ڪاريگر کي گهرائي چيو، ”توهان کي ٽن ڏينهن جي وڌيڪ ملهت ڏني وڃي ٿي، جيڪڏهن انهن ٽن ڏينهن جي اندر مينار تيار نه ڪيو ته پوءِ توکي مارائي ڇڏبو.“

ڪاريگر ويچارو صفا گهٻرائجي ويو ٻه ڏينهن گذري ويا، پر ڪابه رٿ هن جي ذهن ۾ نه آئي، ٽئين ڏينهن هن هڪ اٽڪل سوچي، بادشاهه وٽ ويو، ۽ چيو حضور! ”مون ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ مينار ٺاهڻ جي ترڪيب ڪڍي آهي، پر مناسب اهوئي ٿيندو ته مينار ٺهڻ کان پوءِ، پهرين پهرين سڀ کان مون کي ان تي چڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي.“

بادشاهه چيو، ”ائين ڪڏهن به نه ٿيندو، مينار تي صرف مان ئي چڙهندس، ڀلا هڪ ڪاريگر ايترو مٿاهين واري بلندي تي ڪيئن ٿو وڃي سگهي.“

ڪاريگر خاموش بيٺو ۽ بادشاهه کي پنهنجي سوچيل ترڪيب ٻڌائي، بادشاهه هڪدم سڄي ملڪ ۾ پڙهو ڏياريو ته ماڻهن وٽ گهرن ۾ جيڪي به پيل جيترا به دٻا ۽ پيٽيون آهن، سڀئي شاهي محل جي ميدان ۾ کڻي اچن، ماڻهو صندوقون ۽ دٻا کڻي آيا، ته ڪاريگر اهي صندوقون ۽ دٻا هڪٻئي سان جوڙي، تيار ڪري هڻڻ شروع ڪري ڏنيون، ايستائين جو اهي سموريون ختم ٿي ويون، پر مينار اڃان ايترو وڏو نه ٺهي سگهيو، ان تي بادشاهه ملڪ جا سمورا ڊکڻ گڏ ڪيا ۽ انهن کي حڪم نامون جاري ڪيو ته جلد کان جلد ملڪ جا وڻ ڪٽي انهن مان ڪاٺ جون صندوقون تيار ڪريو، حڪم ڪرڻ جي صرف دير هئي، سڀ ڪم تي لڳي ويا ۽ انهن صندوقون ٺاهي ڍير ڪري ڇڏيون، اهي سموريون صندوقون انهيءَ طرح سان هڪٻئي سان ٺاهي چنبڙايون ويون.

بادشاهه مينار تي چڙهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن مٿي پهچي ان پنهنجو هٿ مٿي ڪيو ته ائين ٿي لڳو ڄڻڪ چنڊ بس ٿورو مٿي آهي، بادشاهه سوچيو ته هڪ صندوق اڃان وڌيڪ هجي ته مان ضرور چنڊ کي ڇهي سگهان، ان هيٺ ماڻهن کي سڏي حڪم ڏنو ته هڪ صندوق وڌيڪ آڻيو، پر صندوق هاڻ ڪٿان آڻجي،نه وڌيڪ ڪاٺي هئي جو ان مان صندوق ٺاهجي، بادشاهه کي سخت ڪاوڙ ٿي آئي ته ان جي هيڏي وڏي جدوجهد فضول آ، انهيءَ ڪاوڙ ۾ ان کي هڪ ترڪيب ذهن ۾ آئي، ان  سڏ ڪري ڪاريگر کي حڪم ڏنو ته سڀ کان هيٺين جيڪا صندوق رکيل آهي، ان کي ڪڍي مٿي آڻيو، ڪايگر سڀ جو سڀ هڪٻئي کي تڪڻ لڳا، پر بادشاهه جي بي چيني وڌندي ٿي ويئي. ان وڏي ڪاوڙ مان سڀني کي دٻايو ۽ رڙ ڪري چيو، ”منهنجو حڪم ڇو نٿا مڃو؟“

هڪ صندوق ڪڍو ۽ کڻي آڻيو مٿي، بادشاهه جو حڪم ڪير ٿي ٽاري سگهيو، پوءِ جڏهن بادشاهه کي گهڻي ڪاوڙ ۾ ڏٺائون ته ماڻهو وڌيڪ ڊڄڻ لڳا ۽ وڌي هيٺين صندوق ڇڪي ٻاهر ڪڍيائون!

صندوق ڪڍڻ کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ته چٽو ظاهر آهي، بس ائين کڻي سمجهو ته بادشاهه جي خبر ئي نه پئي ته ڪيڏانهن ويو ۽ ڪٿي آهي، نه آسمان تي نه وري زمين تي.

بس هن کي پنهنجي دانائي، عقلمندي سٺي نموني سان نصيب ٿي، هن پنهنجي عقل جو کٽيو کاڌو.

ڊاڪٽر عطا محمد جمالي

سريلنڪا (SRILANKA)

سريلنڪا هندي سمنڊ ۾ واقع هڪ سرسبز و شاداب زرعي ملڪ آهي. هي خوبصورت ٻيٽ اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان کان صرف 53 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هن جي ڪُل ايراضي 65609 اسڪوائر ڪلو ميٽر آهي، هي سر زمين 9 (نون) صوبن ۾ ورهايل آهي ۽ سدائين چانهه، ناريل، دالچيني ۽ لونگ جي فصلن سان واسيل آهي. هتي جي ڪُل ايراضي ۾ 20 سيڪڙو گهاٽا جهنگل ۽ ٻيلا آهن، جنهن ۾ مختلف قسمن جا جهنگلي جانور رهندا آهن.

سريلنڪا ۾ آزادي جي تحريڪ:

ٻي مهاڀاري لڙائي کان پهرين سريلنڪا تاج برطانيه جي تسلط هيٺ هو، هتي آزادي جي تحريڪ 1853ع کان اڳ شروع ٿي. 1931ع ۾ انگريزن سريلنڪا کي هندستان کان الڳ رياست قرار ڏنو، 1945ع ۾ سريلنڪا کي محدود آزادي ڏني وئي، 1947ع ۾ آزادي جي منظوري ڏني ويئي ۽ 1948ع ۾ سريلنڪا کي باقاعده آزادي ڏني ويئي، 1972ع ۾ هن سر زمين جو نالو سيلون مان سريلنڪا رکيو ويو.

سريلنڪا جا شهر:

سريلنڪا گهڻن قومن ۽ مذهبن جو ملڪ آهي، هتي ٻُڌ مذهب جا ماڻهوءَ 61 سيڪڙو، هندو مسلمان ۽ عيسائي به هتي جا شهري آهن. قومي لحاظ کان سريلنڪا ۾ خصوصاً ٻه قومون آهن، سنهالي ۽ تامل. سنهالي ٻڌ ڌرم سان واسطو رکندڙ آهن ۽ هتي جا اصل شهري آهن، تامل هندو مذهب سان وابسته آهن ۽ هندستان جي صوبي تامل ناڊو کان هجرت ڪري سريلنڪا ۾ آباد ٿيا آهن.

هتي سنهالي، تامل، انگريزي ۽ هندي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، سريلنڪا جي ٽيليويزن سنهالي، تامل، هندي، انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ پروگرام پيش ڪندي آهي، هتي جا ماڻهو هاٿي کي خوشقسمتي جو نشان ۽ شينهڻ کي ماءُ ڪري مڃيندا آهن، هتي جا ماڻهو ڪرڪيٽ جا تمام گهڻا شوقين آهن.

سريلنڪا جي زراعت:

سريلنڪا چانهه اپائيندڙ ملڪن ۾ سڄي دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي. هتي جا خوبصورت جبل چانهه جي فصل سان ڍڪيل آهن، چانهه کان سواءِ ناريل به هتي تمام گهڻو ٿيندو آهي. هتي جي ماڻهن جو گذران گهڻو ڪري ناريل تي آهي، ناريل کي مختلف گهرو ڪمن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. هتي چانور به تمام گهڻا ٿيندا آهن، هتي هڪ خاص قسم جو چانور پيدا ٿيندو آهي، جيڪو موتين وانگر گول هوندو آهي، جنهن کي پرل رائيس (Pearl Rice) چئبو آهي، هتي گرم مصالحو به تمام گهڻو ٿيندو آهي، جنهن ۾ لونگ، دالچيني ۽ ڦوٽا شامل آهن.

سريلنڪا ۾ تعليم:

سريلنڪا هڪ غريب ملڪ هئڻ جي باوجود ترقي جي راهه تي تمام تيزي سان گامزن آهي. هتي جي آبادي جو 80 سيڪڙو ماڻهو تعليم يافته آهن. هتي تعليم پرائمري کان يونيورسٽي تائين مفت ۾ آهي.

سريلنڪا ۾ تفريحي جايون:

هتي جي تفريح گاهن ۾ دارالحڪومت ڪولمبو ڏسڻ وٽان آهي، جيڪو دنيا جي خوبصورت ملڪن ۾ شمار ٿيندو آهي، پر هتي هڪ تمام خوبصورت جابلو چوٽي آهي، جيڪو ڪولمبو کان 45 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي، انهي خوبصورت چوٽي جو نالو ائڊمس پيڪ (Adam’s Peak) يعني حضرت آدم عه جي چوٽي آهي. هن جابلو چوٽي تي هڪ قدم جو نشان آهي. مسلمانن جي خيالن مطابق هي نشان حضرت آدم عليه السلام جو آهي، حضرت آدم عليه السلام کي جڏهن جنت مان ڪڍيو ويو ته پهرين هن جابلو چوٽي تي پير پاتائين، هندن جي خيال مطابق هي نشان سندن ديوتا رام جو آهي، جيڪو پنهنجي گهر واري سيتا ديوي کي وٺڻ هندستان کان سريلنڪا ويو هو. ساڳي ريت ٻڌن جو خيال آهي ته هي نشان سندن ديوتا گُوتم ٻڌ جو آهي، جيڪو نيپال کان هتي آيو هو، عيسائين مطابق هي نشان سينٽ ٿامس (Saint Thomas) جو آهي.

هن چوٽي جي ٻي به اهميت آهي ته هتي شام جو سج لهڻ وقت سج جي روشني ستن رنگن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ تمام دلڪش نظارو پيش ڪندي آهي!

سريلنڪا عاج ۽ پٿر جي ڪري به تمام گهڻو مشهور آهي، هتي جي قيمتي پٿرن ۾ ريڊ روبري (Red Rubbery) ۽ موُن اسٽون (Moon Stone) شامل آهن.

مدد علي هيسباڻي

ٽانڊاڻو

ڪاري اوندهه ۾ چمڪاٽ ڪري ٿو،

ٽم ٽم ٽانڊاڻو لاٽ ڪري ٿو.

چاهه مان ڏسن سڀ چتائي،

ٻار وٺن تنهن کي ڊوڙون پائي.

اُڀ ڏي اوچي ڳاٽ ڪري ٿو،

جهٽ پٽ ۾ جهمريون پائي.

گهڙي پل ۾ رنگ رچائي.

روشن هرڪا واٽ ڪري ٿو.

کنوڻ جيان کيل ڪري ٿو.

ستارن سان ڀيٽ ڪري ٿو.

وڃڻ وقت نه ڪڙڪاٽ ڪري ٿو،

”مدد“ سڀ کي ويو آهي وڻي.

ڄڻ ڪا آهي هو هيري ڪڻي،

وک وک تي جرڪاٽ ڪري ٿو.

راهي چنا

دُعا

شال جيئن سدا،

شال مُرڪئين سدا.

منهن جي ديس جا ٻار،

سوچ سُرهي رکُو،

موُتي ميڙي وَٺو،

واڳ واري وٺو،

ماڳ ماڻي وٺو،

هٿ هٿ ۾ هُجي،

ڳل ڳِراٽي هجي،

منهن جي دَم دَمَ دُعا،

جُڳ جُڳ جيئن سدا،

منهنجي ديس جا ٻار،

منهن جا ساهه سينگار،

شال جيئن سدا،

شال مُرڪن سدا.

 

ظهور سولنگي

ڀاڳ

گذريل زماني جي ڳالهه آهي ته هڪڙي شهر ۾ ٻه ڀائر رهندا هئا، وڏو پئسي وارو ماڻهو هو پر ننڍو تمام غريب هو، ننڍو ڏاڍي محنت ڪندو هو، ۽ وڏو مغرور هو، ننڍي ڀاءُ وٽ محنت جي باوجود به ڪجهه نه بچندو هو، ۽ ائين مفلسي واري زندگي گذاريندو هو، وڏو ڀاءُ هن کي کائڻ لاءِ به ڪجهه نه ڏيندو هو.

هڪ ڏينهن جڏهن ننڍي ڀاءُ کي مزدوري نه ملي ۽ مايوس رستي تي ويٺو هو ته هن کي ننڊ وٺي ويئي، هن کي خواب ۾ ڪنهن چيو ته مايوس ڇو ويٺو آهين، اٿ فلاڻي جڳهه تي تنهنجو ڀاڳ بيمار پيو آهي وڃ ان جي خدمت ڪر، هي اٿيو ۽ رستو وٺي هلڻ لڳو رستي تي هن کي هڪ گهوڙو مليو جيڪو مٽي کائي رهيو هو، گهوڙي هن کان پڇيو ته ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين، هن جواب ڏنو ته ڀاڳ ڏي پيو وڃان، گهوڙي چيس ته منهنجي باري ۾ پڇجانس ته مان گاهه به کائيندس يا رڳو مٽي کائيندس، هي اتان هليو ۽ اچي هڪ ڳوٺ ۾ پهتو، جتي رڳو مينهن پيو وسي بس ئي نه پيو ٿئي. هي ڪنهن چڱي مڙس جي اوطاق تي ڪهي ويو. ان شخص هن غريب جي ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ پڇيو ته ڪيڏانهن پيو وڃين، هن جواب ڏنو ته ڀاڳ ڏانهن وڃي رهيو آهيان، ان شخص چيس ته ڀاڳ کان معلوم ڪجانءِ ته اسان مٿان هيءَ مصيبت ٽرندي يا سڄي زندگي پيو مينهن وسندو، هي اتان روانو ٿيو ۽ اچي درياءَ وٽ پهتو درياءَ جي ڪپ تي واڳون مليس، جنهن هن کان پڇيو ته ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين، هن جواب ڏنو ته ڀاڳ ڏانهن پيو وڃان، واڳونءَ چيس ته ڀاڳ کان پڇجانس ته مان رڳو هن ئي ٽڪري ۾ رهندس، يا اڳتي به ويندس ڇو ته مان هڪ ٽُڪري کان اڳتي نه ٿو وڃي سگهان، غريب چيس ته چڱو مون کي هتان درياءَ پار ڪرائي ته جيئن ڀاڳ کان پڇي اچان، واڳونءَ هن کي پنهنجي پٺيءَ تي سوار ڪري درياءَ پار ڪرايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com