پروفيسر ڄيٺمل پرسرام
پروفيسر ڄيٺمل سنڌ سونهاريءَ جي اعليٰ هستين مان
هڪ هو. هيءُ صاحب اعليٰ انسان، هڪ انوکي شخصيت،
پڪو صوفي، نج ٿيا سافسٽ، برک اديب، قوميت جو باني،
قربانيءَ جو مجسمو، ۽ سڀ کان واڌاري ”سنڌيت“ جو
اوائلي نعرو هڻندڙ هو.
سندس جنم حيدرآباد شهر ۾ 1885ع ۾ ٿيو.کيس خوش-
نصيبيءَ سببان ننڍي هوندي سنگت نصيب ٿي هڪ اعليٰ
منزل واري درويش- دل ڪاليجي شاگرد جي، جنهن
حيدرآباد شهر ۾ هڪ ”نوجوانن جي منڊلي“ برپا ڪئي.
انهيءَ منڊليءَ ۾ دل ۽ دماغ کي هرقسم جي تربيت ٿي
عطا ٿي: هڪ هئي منجهن گيان جي لياقت، ٻيو دلي
محبت، ٽيون سندن لاڙو هو صوفي متي ۽ ٿيئا سافيءَ
ڏانهن؛ سو هي ننڍيءَ عمر جا يار ۽ سنگتي گڏجي
”حَقَ،“ ”حسن“ ۽ ”خيرَ“
(Truth, Beauty & Goodness)
بابت سوچ ويچار ڪندا هئا. انهن مڙني نوجوانن ۾
پروفيسر ڄيٺمل وڌيڪ سالم دل ۽ روشن دماغ وارو
انسان هو. ننڍيءَ عمر ۾ ئي هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته
پاڻ هڪ غير رواجي انسان هو. ڇا هو سندس زبان ۾
ميٺاج، ڇا سندس قلم جي طاقت، ڇا وري سندس گفتگوءَ
۾ سچائي، ۽ ڇا وري سندس خيالن جي اُچائي!
حيدرآباد ۾ ان وقت هڪ اعليٰ درويش پيدا ٿيو. سندس
نالو ڀائي ڪلاچند هو. هن عام ماڻهن کي ڌڻيءَ جي
بندگيءَ جي واٽ ڏيکاري. ان بزرگ جو ڄيٺمل تي وڏو
اثر پيو. پروفيسر ڄيٺمل کي، يونيورسٽي ڊگريءَ جي
خيال کان، ڪا خاص علمي لياقت ڪانه هئي. پر، خود يا
وريءَ جي اَصول تي، علم جي ذاتي شوق هئڻ سببان، هن
صاحب گهڻوئي اڀياس ڪيو هو ۽ ڪيترن ئي پڙهيلن،
تعليم يافتن ۽ قابل شخصن سان سولائيءَ سان برميچي
سگهندو هو. طبيعت شاعراڻي هيس؛ سندس ڪيترو ئي شعر
رچيل آهي، جو ”گلراج“ جي تخلص سان جدا جدا مخزنن ۾
شايع ٿيل آهي. انهيءَ سببان هُن ننڍي هوندي ئي
شاهه، سچل، سامي، دلپت، بيدل، بيڪس، روحل، مراد، ۽
ٻين اڪيچار صوفي شاعرن جو اونهو اڀياس ڪيو هو. هند
جي ڪوين جهڙوڪ: گرونانڪ، ڀڳت ڪبير، ميران ٻائي ۽
ٻين ڪوين جو شعر چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو هو. مغرب جي
اعليٰ شاعرن، جهڙوڪ: شيڪسپيئر، شيلي، ٽينيسن،
گوئٽي ۽ ٻين جي به چڱي ڄاڻ حآصل ڪئي هئائين.
ٿياسافيءَ جي اثر هيٺ اچي، هن نه رڳو ٿياسافي، پر
سناتن هندو ڌرم، صوفي مت، سک پنٿ ۽ ٻين مذهبن جو
ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو. هندستان جي سناتن سکيا، جا
ويدن، شاسترن، اُپنشدن ۽ ڀڳوت گيتا ۾ سمايل آهي،
تنهن جو خاص ڄاڻو هو. روم، يونان، جرمني، انگلستان
وغيره ۾ جيڪو جهونو ادب هو، سو به هن چڱيءَ پر
پڙهيو هو. انهن مڙني ڌرمن جو وري جيڪو اندروني راز
آهي، تنهن جي پڻ اونهي کوجنا ڪئي هئائين. ڌرمن جي
اڀياس
(Comparative Study)
۾ به هن کي حيرت انگيز ڄاڻ هُئي. ايڏي علمي لياقت
هئڻ سببان، کيس ”سنڌ نئشنل ڪاليج“، جنهن جي
بانيڪارن مان، هو پاڻ به هڪ هو، تنهن ۾ 1933ع ۾
سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو؛ جا پروفيسري هن
اٽڪل 7-8 ورهيه ڪمائي. جن شاگردن وٽس تعليم حاصل
ڪئي. سي اڄ به سندس قابليت جي ساراهه جا ڍڪ ڀرين
ٿا.
پروفيسر ڄيٺمل، جو هونئن ئي فصاحت جو صاحب هو، سو
مڙني مذهبن ۽ ساهت جي اونهي ڄاڻ ڌاريندي، جڏهن
”بسنت هال“ يا ٻئي ڪنهن به پلئٽفارم تي بيهي تقرير
ڪندو هو ته حاضرين حيرت ۾ حيران ٿي ويندا هئا.
سندس هڪ هڪ گفتي ۾ عجيب راز سمايل هوندو هو: تقرير
ڪندو هو ته ڄڻ علميت جو ساگر اُٿلي پوندو هو؛ قرآن
شريف ۾ انجيل پاڪ، ڀڳوت گيتا ۽ گرنٿ صاحب مان
ويندو هو حوالا ڏيندو. هڪ شاهه جي ڳجهارت کڻي پوري
ڪري ته ٻِي شڪسپيئر جي پرولي آڻي دلچسپيءَ جي
درياءَ ۾ گهلي ويندو هو. پوءِ ته هيون سندس زبان
جون ٻوليون ۽ دل جون پروليون، اهڙيون جو ٻڌندڙ ئي
وسميءَ ۾ پئجي وڃي.
پروفيسر ڄيٺمل تي واڌو مل ۽ ڀائي ڪلاچند جي اثرن
کان سواءِ، ٽيون جبرو ۽ ڳوڙهو اثر جيڪو جوانيءَ ۾
پيو هو، سو هو ڊاڪٽر ائني بيسنت جو، جا ئي کڻي
چئجي ته سندس راڄنيتي رهبر هئي. سال 1893ع ۾، مسٽر
موريا جي حڪم موجب ڊاڪٽر ائني بيسنت هندستان ۾ پير
رکيو. ڊاڪٽر بيسنت هندستان ۾ ٿياسافيءَ جي تحريڪ
جي روح روان هئي. سنڌ ۾ به سندس اثر ڪري، هندستان
جي مختلف صوبن وانگر، وڏن شهرن ۾ ٿياسافيءَ جي
تحريڪ هلي.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ”ٿياسافيڪل سوسائٽيون“ برپا
ٿيون ۽ ٿياسافيءَ جو خوب پرچار ٿيڻ لڳو. 1917ع ۾،
ڊاڪٽر ائني بيسنت جي سرجوشيءَ سان ”سنڌ نئشنل
ڪاليج“ حيدرآباد ۾ ڦليليءَ جي ڪناري تي برپا ڪيو
ويو.
1915ع ۾ ڊاڪٽر ائني بيسنت هندستان ۾ جيڪا ”هوم
رُول ليگ“ جي هلچل جاري ڪئي، تنهن جي سنڌ اندر
پروفيسر ڄيٺمل ۽ سندس رفيقن وڏي رهنمائي ڪئي. سنڌ
اندر ”هوم رول ليگ“ جون شاخون ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾
کوليائون ۽ ”هوم رولر“ ۽ ”ڀارتواسي“ اخبار ذريعي
هوم رول هلچل جو ڦهلاءُ ڪيو. پروفيسر ڄيٺمل سنڌ ۾
هوم رول جو پيغام سڻائيندڙ بڻجي پيو ۽ پنهنجي قلم
۽ ڪلام ذريعي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ هوم رول جو نعرو
بلند ڪيو، ۽ نوجوانن ۾ انوکي چُر پُر پيدا ڪئي.
آزاديءَ جي اُڀرندڙ آگ کي ٻجهائڻ لاءِ انگريز
سرڪار ”رولٽ بل“ وارو ڪارو قانون گهڙيو، جنهن هيٺ
محب وطن ماڻهن کي نه وڪيل، نه دليل، نه اپيل جو حق
ڏنو ويو. مهاتما گانڌي رولٽ بل خلاف ”سول
نافرماني“ هلچل چالو ڪئي ته سنڌ اندر پروفيسر
ڄيٺمل به ٻين ساٿين سان گڏ سول نافرمانيءَ جي ڪاغذ
تي صحيح وڌي، ۽ ضبط ٿيل ڪتاب هٿ سان لکي، ورهائي،
سرڪاري قانون ٽوڙيو ۽ سنڌ واسين جي دلين ۾ وطن
دوستيءَ جو جذبو پيدا ڪيو. وطن صدقي سور سختيون
سهڻ جي نؤبت به پهرين پهرين پروفيسر ڄيٺمل تي آئي.
مهاتما گانڌي ”رولٽ ائڪٽ“ برخلاف هڙتال ۽ ميڙ ڪرڻ
لاءِ ڏينهن مقرر ڪيو. دهليءَ ۾ عجب اُمنگ ڏسڻ ۾
آيو، جو اهو ميڙ جامع مسجد ۾ گڏ ٿيو، جتي سوامي شر
ڌانند کي تقرير لاءِ مقرر ڪيو ويو. اهڙي ڳالهه اڳي
ڪڏهن ڪانه ٿي هئي. انگريز سرڪار دهلجي ويئي. سوامي
شرڌانند کي فوج روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن آزاديءَ
جي پتلي، بانڪي بهادر للڪاريو: ”سينو تيار آهي،
ڀلي گولي هلايو!“
انهيءَ واقعي ساري ملڪ ۾ ڄڻ ته بجليءَ جي لهر
ڊوڙائي ڇڏي. پروفيسر ڄيٺمل پنهنجيءَ اخبار ۾
انهيءَ جو ذڪر ”جت ڪُسڻ جو ڪوّپُ وهي“ جي سري هيٺ
پنهنجي ليک ۾ ڪيو ته ملڪ جي آزاديءَ لاءِ هرڪو
تيار آهي:
”اڳيان اَڏِنّ وٽ، پوين سر سنباهيا،
ڪاٽ ته پوين قبول ۾، مڇڻ ڀائين گهٽ،
ڪلالڪي هٽ، ڪسڻ جو ڪوپُ وهي.“
(شاهه)
انهيءَ ليک ڪري پروفيسر ڄيٺمل تي بغاوت جو مقدمو
هلايو ويو، ۽ انهن سٽن جي معنيٰ پاڻ کي ”ڪُسِي
ارپَڻ“ ڪرڻ جي بدران اها ڪئي ويئي ته ”ليک ٻين کي
قتل ڪرڻ لاءِ آڀاري ٿو.“ ڪورٽ پروفيسر ڄيٺمل کي ٻن
سالن جي سزا ڏني. جيل ۾ کيس تمام گهڻيون تڪليفون
ڏنيون ويون، جن جو ذڪر پاڻ ”ترنگ جي تيرٿ“ ۾، بلڪل
چيديءَ ٻوليءَ ۾ ڪيو اٿس. آخر 1920ع کان پوءِ کيس
رهائي ملي.
پروفيسر ڄيٺمل پهريون ئي سنڌي هو، جنهن تي انهيءَ
سمي ۾ جيل جي سزا جُڙي هئي. انهيءَ ڪري پروفيسر
ڄيٺمل کي جيڪا مرحبا، جبل مان موٽي اچڻ تي ملي
هئي، سا اول درجي جي هئي ۽ ڪڏهن به وسرڻ جي نه
آهي.
سڀ کان وڏي خذمت جيڪا پروفيسر ڄيٺمل سنڌ جي ڪئي، ۽
جنهنڪري هو هميشه ياد رهندو ايندو، سا هئي ساهت يا
ادب جي ميدان ۾.
هن نه رڳو اڪيچار ڪتاب مطالع ڪيا ۽ اُنهن جو ڪلام
ذريعي چڱو ڦهلاءُ ڪيو، پر قلم معرفت اخبار نويسيءَ
۽ ادب جي ميدان ۾، سنڌين جي زبردست خذمت ڪائين.
”ڀارتواسي“ اخبار، جا هن هوم رول جي زماني ۾ ڪڍي
هئي، تنهن ۾ هو اهڙا اُمنگ ڀريا، جذبو ۽ اُتساهه
ڦوڪيندڙ ليک لکندو هو، جو اُهي عام ماڻهن جي دلين
۾ چُڀي ويندا هئا. ”سونجهي وارا چٽڪا“ ۽ ”چمڙا پوش
جون ڪهاڻيون“، سنڌ واسي وڏي چاهه سان پڙهندا هئا.
”روح رهاڻ“ ماهوار مخزن جو ڪيترا سال ايڊيٽر هو، ۽
انهيءَ دؤران سنڌي ادب جي چڱي خذمت ڪيائين. سندس
لکڻي سولي، وڻندڙ ۽ دل ۾ گهر ڪري ويندڙ هئي. ليکڪ
به بيڊپو هوندو هو. ڪي سال ”سنڌ هيرالڊ“ انگريزيءَ
۾، ۽ ”پرڪاش“ سنڌيءَ ۾، هفتيوار اخبارون ڪراچيءَ
مان شايع ڪندو رهيو. 1930ع ۾ ٻه روزانيون اخبارون
سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾، ”سنڌ هيرالڊ“ جي نالي سان
ڪڍندو هو. ادب جي ميدان ۾ هن ڪيترائي اصلوڪا توڙي
ترجمو ڪيل ڪتاب، پنهنجا توڙي ٻين ليکڪن جا، ”سنڌي
ساهتيه سوسائٽي“ ۽ ”نئين سنڌي لئبرريءَ“ طرفان
شايع ڪيا. پروفيسر ڄيٺمل ”سنڌي ساهتيه سوسائٽي“
1922ع ۾ ”سَنگين“ سان گڏجي برپا ڪئي، جنهن دواران
به سوين ننڍا ننڍا ٽرئڪٽ، جدا جدا عنوانن تي پاڻ
لکي ۽ ٻين سنڌ جي برک ليکڪن کان لکائي، شايع ڪيا.
ڪي وڏا ڪتاب پڻ انهيءَ سوسائٽيءَ دواران ڇپايا
ويا- جهڙوڪ مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ”موتين جي
دٻلي“، ديوان ليلارام سنگ جو ناول ”سندري“، ۽
لالچند جو ”شاهاڻو شاهه“، ”سونهارو سچل“، ۽ ٻيا.
پنهنجن ڪتابن ۾ هن سناتن ڌرم، صوفي مت، سک پنٿ،
ٿياسافي توڙي ادب ۽ فلسفي جي جدا جدا عنوانن تي
سمجهاڻيون ڏنيون، جنهنڪري هو اول درجي جي اديبن ۾
شمار ڪيو وڃي ٿو. پنهنجي سنڌي ڪتابن مان ”شاهه جون
آکاڻيون“ ۽ شاهه جي آکاڻين جون سمجهاڻيون“، ”صوفي
سڳورا“، ۽ ”سچل سرمست“ ڪتابن ۾ هن صوفي مت جي
اُپٽار ڪئي آهي. ”حسابي حساب“، ”طوفان“ ۽ ”هئمليٽ“
۾ انگلنڊ جي مشهور شاعر شيڪسپيئر جي ناٽڪن جا
ترجما ڪيا اٿس. ”فاسٽ“ مشهور جرمن اديب گوئٽي جي
ڪتاب، ۽ ايمرسن امريڪا جي فيلسوف جي ڪتابن جا
ترجما ڪيا اٿس. ”سنڌي سونهارا“ ۽ ”جڳت جا نيتائون“
۾، سنڌ ۽ هند جي بزرگن جي حياتيءَ جا احوال لکيا
اٿس. ”سوراج ساگر“ ۾ ڊاڪٽر بيسنت جي ڪانگريس جي
صدارت جي عالماڻي تقرير جو ترجمو ڪيو اٿس. سنڌي
ادب جو مختصر احوال ۽ ”شيڪسپيئر جي سانيٽ“ ۾ سنڌ
جي شاعرن جو احوال ۽ شيڪسپيئر جي سانيٽ جو ترجمو
سنڌيءَ ۾ آهي، جي ٻئي اڻ ڇپيل آهن. صوفين تي سندس
لکيل انگريزي ۾ ڪتاب
“The Sufis of Sind”
آهي، جو ”ٿياسافيڪل سوسائٽي“ ڇپايو هو. سڄي سنڌ جي
هندو ۽ مسلم درگاهن تي وڃي، صوفي سڳورن جا دستخط
هٿ ڪري، اُنهن جو اونهو اڀياس ڪيائين؛ جي دستخط
سندس پوين وٽ آهن، ۽ شايع ٿيڻ جي قابل آهن.
انگريزيءَ ۾ ٽي وڏا ڪتاب
(1)
Shakespeare through Indian Eyes,
(2)
Anthology of Sondhi Poetry.
(3)
Man- Chit-Vad of Rohal
پڻ لکيل اٿس، جي پڻ شايع ٿيڻ کپن. 1931ع ۾ جيڪا
”سنڌي ساهتيه ڪانفرنس“ شڪارپور ۾ ٿي هئي، تنهن جو
کيس صدر چونڊيو ويو هو.
اُنهيءَ ڪانفرنس ۾ جيڪا اعليٰ صدارتي تقرير ڪئي
هئائين، سا ”سنڌو“ مخزن جي ٽن پرچن ۾ ڏنل آهي، ۽
اُها اڄ به پڙهڻ وٽان آهي ۽ وري ڇپڻ جي لائق آهي.
”پُورب جوتي“، سرايڊون آرنولڊ جي ”لائف آف ايشيا“
جو ترجمو، جو پروفيسر ڄيٺمل ڪيو هو، سو ”سنڌي
ساهتيه سمتي“ پاران ٻيهر ڇپائي شايع ڪيو وڃي ٿو.
پروفيسر ڄيٺمل جي هڪ اهم پهلوءَ ڏانهن اوهان جو
خاص ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو، سو اهو آهي ته هو هڪ
سچو اِنسان هو. منجهس گهڻي ئي وصفون موجود هيون.
جن جي اُپٽار مٿي ڪئي ويئي آهي. پر اُنهن مڙني کان
مٿي هو اعليٰ رهت وارو انسان هو.
شاهه صاحب فرمايو آهي:
”رهڻي رهيو نه سپرين ته
ڪهڻي ڪبو ڪوه؟“
صوفين، عالمن، اخبار نويسن، اديبن، ليکڪن،
پروفيسرن، ۽ اڳواڻن وغيره جي اسان سنڌين وٽ ڪا ڪمي
ڪانهي. پر رهت واري اِنسان، جنهن جي پرک، عملي
زندگيءَ جي ڪسوٽيءَ تي ڪري سگهجي، سي ٿورا ملندا.
پروفيسر ڄيٺمل صوفي هو، عالم هو، اخبار نويس هو،
ليکڪ هو، اديب هو، پروفيسر هو، اڳواڻ هو،-
خوشنصيبا اهي مڙيئي وصفون منجهس هيون، جنهنڪري هو
هڪ انوکي ۽ وچتر شخصيت بڻجي پيو هو. پر هو انهن
مڙني کان مٿي ”اِنسان“ هو. سچائي ۽ صداقت سندس
عملن منجهان ٽپ ٽپ تي چٽي پيئي بکندي هئي. اڪثر
ڏٺو ويو آهي ته جيڪي اڳواڻ پبلڪ لائيف گهارين ٿا،
سي ٻاهران وعظ ته وڏا ٿا ڪن ۽ لٻاڙون به خوب ٿا
هڻن، پر سندن عمل گهڻو گهٽ ٿئي ٿو. جيترو انهن جي
ويجهو اچجي ٿو، اوترو انهن جي اوڻاين جي ڄاڻ وڌيڪ
پوي ٿي ۽ اوترو ئي سندن لاءِ عزت وڃي گهٽبي.
پروفيسر ڄيٺمل اُنهن اڳواڻن کان نرالو هو؛ جهڙوئي
هو سندس قول، تهڙو ئي سندس عمل هو؛ جهڙو ئي هو
سچار، تهڙو ئي هو بيڊپو؛ ۽ پنهنجي اَصول لاءِ ڪابه
قرباني ڪندي ويرم ڪين ڪندو هو.
انهيءَ ڪري جيترو سندس اوڏو اچبو هو، اوترو ئي
سندس لاءِ پيار ۽ محبت ويندي هئي وڌندي. ڪي سندس
نڪتچين مٿس ”محڪم ارادو نه هئڻ“ جو الزام ڌريندا
هئا. پر سوال ٿو اُٿي ته جيڪڏهن اِنسان جي دماغ ۾
ڪنهن به ڪم لاءِ ڌڪار جاڳي ته پوءِ به هُو رڳو
ماڻهن کي راضي ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي اڳواڻي قائم رکڻ
لاءِ اهو ڪم ڪندو رهي ڇا؟ انهيءَ ۾ ڪهڙي سچائي
رهي؟ ڇو نه کڻي پروفيسر ڄيٺمل جو ڪنهن جماعت يا ڪم
سان ڪيترو به گهاٽو ناتو هجي، پر جي ڪنهن منزل تي
کيس ڄاڻ حاصل ٿئي ته منجهس اَصولي نقطي نظر کان ڪا
اُوڻائي اچي ويئي آهي ته انهيءَ کان الوداع ڪرڻ
کان ڪين گسندو هو. انهيءَ سڀاويڪ سچائيءَ ڪري کيس
دنيوي ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهندي هئي، پر انهيءَ
جي پرواهه مور ڪين ڪندو هو. سچل سائين جو قول آهي:
”سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي، ڪوڙي دوستي
جو دم، بڻي نه بڻي.“
ائين سمجهڻ کپي ته ”ڪاميابي“ هڪ ڳالهه آهي ۽ ”سچ“
ٻي ڳالهه. ڪيترن ئي موقعن تي انهن ٻنهي جو پاڻ ۾
ميلاپ ڪين ٿو ٿئي. البت آخر ۾ ڪاميابي سچ جي ئي
آهي. پر جنهن کي وچ ۾ مروٽو ٿو چئجي، تنهن ۾ ته
پاڻ عام ماڻهو انهن اِنسانن تي ڦٽڪار ٿا ڪن. هڪ
سچي انسان تي وقت بوقت اهڙيون ڦٽڪارون ٿيون پون،
پر هو سائينءَ جو سنواريو اُنهن جو مڙس ٿي مقابلو
ٿو ڪري. پر پوءِ آئيندو کيس ضرور سچو ثابت ڪري ٿو.
انهيءَ ڪري شيڪسپيئر جو قول آهي:
“To thine own self be true, And it must follow,
as the night the day:
Thou Canst not then be false to any man.”
-Shakespeare, Hamlet, 1,3.
فضل الرحيم سومرو (ايم.بي.بي.ايس.)
ڪليون پوڻ يا ڪلي سڄي پوڻ
(TONSILLITIS)
ڪَلِيُون وات ۾ اندرئين پاسي سنهڙي پڙدي ۾ ويڙهيل
رهن ٿيون. انهن جو انسان جي بدن ۾ ڪو خاص ڪم
ڪونهي- پر ڪن جو خيال آهي ته اهي ٻاراڻيءَ اوستا ۾
جيوڙن کي ناس ڪرڻ ۽ اهڙيءَ ريت بيماريءَ کان بچاءُ
ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿيون- پر آهستي آهستي اهي سسي وڃن
ٿيون، ۽ جيئن ماڻهو وڏو ٿئي ٿو ته ان ۾ اهڙي قدرتي
طاقت پيدا ٿئي ٿي جو پوءِ اهي ڪليون بيڪار آهن.
ڪن بيماريءَ جي حالتن ۾، ڪليون ظاهر ٿيو پون ۽
سڄيو وڃن،- ٻارن ۾ اهي وڌي پون ته ڏاڍي تڪليف جو
سبب بڻجيو پون.
ڪليون پوڻ جي بيماري ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي:
هڪ
“Acute”
يعني ”هڪدم سڄندڙ“، ۽ ٻيو
“Chronic”،
يعني ”آهستي آهستي سڄندڙ“.
“Acute”
(هڪدم سڄندڙ)- هي مرض ٿڌ لڳڻ يا پاڻيءَ ۾ گهڻي
ڀِڄڻ ڪري ٿيو پوي، يا وري خناق سان گڏ سڄيو پوي.
هڪ خاص قسم جي تپ
(Scarletfever)
جي ڪري به هيءَ بيماري ٿيو پوي.
نشانيون:
1-
سيءَ سان تپ
2-
نڙيءَ ۾ سُر سُر ۽ خشڪي.
3-
بدن ۾ تپ 102 ڊگرين کان 105 ڊگرين تائين.
4-
نبض جو منٽ ۾ 108 کان 120 تائين تڪڙا تڪڙا ڌڪ هڻڻ.
5-
قبضي، گهٽ بک، گهڻي اڃ ۽ گهٽ پيشاب جو اچڻ.
6-
وات پٽڻ ۾ سور ٿيڻ، ۽ ان ڪري کاڌي چٻاڙڻ ۽ ڳهڻ ۾
تڪليف ٿيڻ.
7-
وات مان گهاٽي رنگ جي پڪ نڪرڻ.
8-
ڳالهائڻ ۾ آواز منجهيل ٿي پوڻ.
9-
ٻوڙاڻ
10-
بي آرامي ۽ ننڊ نه اچڻ.
هن مرض جي حالت ۾ مريض جو وات کولي، خاص روشنيءَ
۾، ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته ڪليون سُڄِي ڳاڙهي رنگ
جون ٿي پييون هونديون، مٿاڇرو بي ڊولو ڏسڻ ۾
ايندو، ۽ منجهن اندر روڳ ۽ پونءِ ڀريل هوندي.
وڌيڪ سوڄ جي ڪري ٻنهي پاسن جون ڪليون مليو وڃن-
ميلاپ جي جاءِ تي رهڙ اچڻ سان ڦٽ ٿيو پوي. اهڙيءَ
طرح نڙي بند ٿيو پوي، ۽ کاڌي چٻاڙڻ ۽ ڳهڻ ۾ به
ڏاڍي تڪليف ٿيڻ لڳي.
ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ سوڄ گهٽجڻ لڳي ٿي. جي مناسب
پرگهور ڪجي ته هفتي اندر بلڪل تندرست ٿي وڃجي.
ڪلين پوڻ مان ٻيا خطرا:
1.
روڳ ۽ پونءِ جو بدن ۾ پکڙجڻ.
2.
گلي جو سڄي پوڻ.
3.
ڪليءَ جو مرجهائجي سڪي وڃڻ.
4.
رت وهڻ.
علاج:
1.
بيمار کي آرام ڏيڻ.
2.
تپ جو علاج ڪرڻ.
3.
قبضيءَ کي دور ڪرڻ.
4.
هلڪو کاڌو کائڻ، جيڪو جهٽ هضم ٿي وڃي.
5.
سور کي گهٽائيندڙ دوائون ڏيڻ
6.
خاص دوائن سان گرڙيون ڪرائڻ.
“Chronic”
(آهستي آهستي ٿيندڙ): هن حالت ۾ ڪليون اڳ ۾ ٻه ٽي
ڀيرا سڄيل رهيون هونديون، بيمار کي ٻه ٽي سال اڳ ۾
ڪلين جي سُڄڻ جا واقعا ٿيا هوندا.
نشانيون:
1.
ڪليون ايتريقدر وڌي وڃن ٿيون جو گلي جو سوراخ بند
ٿيو وڃي.
2.
آواز ڳورو ٿيو پوي.
3.
ٻڌڻ ۾ گهٽ اچي.
4.
ساهه اندر کڻڻ ۽ ٻاهر ڪڍڻ ۾ تڪليف ٿئي.
علاج:
ڪليون آپريشن ذريعي ڪڍرائڻ ضروري آهن. ائين ڪرڻ
سان هميشه لاءِ آزار کان ڇٽي پئبو.
ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ڪليون پوڻ سان يڪدم علاج ڪرڻ
گهرجي، ٻيءَ صورت ۾ گهڻي تڪليف ڏسڻي پوندي.
ٽي يا چار ڀيرا ڪليون پون ته يڪدم آپريشن ڪرائي
ڪڍرائي ڇڏجن. ان ۾ ڪو الڪو ڪونهي.
ڪنعيالال ٽي. ڪرپالاڻي
(وڌيڪ پڙهو) |