سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3 ۽ 4

ايڊيٽوريل

صفحو :10

ڀڃڻي

(1) کڏ، (2) چنڊ، (3) در جا ٻه تاڪ، (4) ٻهارو، (5) لوهر جي ڌمڻ.

 

کل ته سهي

 

موڪليندڙ: عمر جاگيراڻي

اسان جي پاڙي ۾ جڏهين ڪو مري ويندو آهي يا ڪا ٻي ضروري ڳالهه ٿيندي آهي ته مسجد جا لائوڊ اسپيڪر اهڙو اعلان ڪندا آهن، ۽ جڏهن ڪو اعلان ٿيندو آهي ته گهر جا ڀاتي ماٺ ڪري ٻڌندا آهن.

هڪڙي ڏينهن منجهند جو گهر جي ٻارن ڏاڍو گوڙ پئي ڪيو. اسان جي ناني کٽ تي ليٽي پئي هئي. ايتري ۾ ڪنهن رولَ گڏهه هينگون ڏيڻ شروع ڪري ڏنيون. نانيءَ کي ڪا اُن مهل ننڊ ٿي آئي. آواز ٻڌي هوءَ ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺي، ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳي: ”اڙي ڇورؤ، چپ ته ڪيو. مولوي صاحب ڪو اعلان پيو ڪري.“

*****

ٽي ماڻهو دنيا جي هُل ۽ گوڙشور منجهان ڪڪ ٿي، وڃي جبلن ۾ رهيا. پهرئين سال هڪڙي ماڻهوءَ ٻئي کي چيو: ”هتي ته ڏاڍو سيءُ ٿو پئي.“

ٻئي ماڻهوءَ وري ٻئي سال وراڻيو: ”هائو.“

ٽيون ماڻهو ٻن سالن کان پوءِ چوڻ لڳو: ”توهان هتي اچي به اجايو وات هڻن کان ڪونه مُڙيؤ!“

*****

ڊاڪٽر (مريض کي): تو وارو چيڪ بئنڪ مان موٽي آيو آهي.

مريض: وڏي ڳالهه ڪانهي ڊاڪٽر، منهنجو مُدي جو تپ به موٽي آيو آهي.

*****

هڪڙو آمريڪي ۽ هڙو اسڪاٽلنڊ جو رهاڪو، سيءَ بابت ڳالهائي رهيا هئا:

آمريڪيءَ چيو، ”يار، آمريڪا ۾ ايڏو سيءُ ٿو پوي جو ڳالهه ئي نه پڇ. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته هڪڙي سياري ۾ هڪڙي رڍ ٽڪريءَ تان لهي رهي هئي ته هوا ۾ ڄمي، ٽنگجي پيئي!“

اڳلي چيو، ”اِهو ٿي ئي نٿو سگهي. زمين جي ڪشش هوندي، اهو ناممڪن آهي!“

آمريڪي زور ڏيئي چوڻ لڳو، ”ناممڪن وري ڪيئن آهي. ايڏو ته سيءُ هو جو زمين جي ڪشش پاڻ ئي ڄمي وئي هئي.“

(اڙدو ماهنامي ”چاند“ تان ورتل.)

[هرڪو ٻار آ يار اسان جو... يار اسان جا جڳ جا ٻار!]

هنن سان ملو

206. نالو: عبدالمالڪ. ع. پٺاڻ (پڙهندڙ درجو چوٿون، انگريزي.)

عمر: 13 سال

وندر قلمي دوستي ڳنڍڻ، باغباني ڪرڻ، ڊرائنگ ڪڍڻ ۽ ٽڪليون جمع ڪرڻ.

ائڊريس: ع. ع. پٺاڻ، معرفت محمود پٺاڻ، سنڌ اورينٽل ڪاليج، آزاد ميدان هيرآباد، حيدرآباد سنڌ.

207. نالو: فريده سومرو (پڙهندڙ درجو پنجون، انگريزي).

عمر: 15 سال.

وندر: ”گل ڦل“ پڙهڻ، ادب سان چاهه رکڻ ۽ قلمي دوستي ڳنڍڻ.

معرفت: فريده سومرو، معرفت گلزار احمد، مڪان نمبر 22/2 خيرپورين جو پڙ، لڳ ٽنڊو آغا، حيدرآباد سنڌ

208. نالو: شيوڪ. ڪ. هيرا.

عمر: 17 سال.

وندر: فوٽو گرافي ۽ قلمي دوستي.

ائڊريس: شيوڪ. ڪ. هيرا، ڊِين آوينيو، اولڊ ٽرافرڊِ، مئنچيسٽر نمبر 2 انگلنڊ.

209. نالو: ڪشنچند. ڪ. هيرا.

عمر: 15 سال.

وندر: آٽوگراف ۽ ٽڪليون گڏ ڪرڻ ۽ قلمي دوستي ڳنڍڻ.

ائڊريس: نيو ٽائون، سڪرنڊ سنڌ.

210. نالو: پريم لعل يو. ڪي. هيرا.

عمر: 6 سال.

وندر: ڀينرن ۽ ڀائرن سان قلمي دوستي ڳنڍڻ.

ائڊريس: معرفت ڪشنچند. ڪ هيرا. نيو ٽائون، سڪرنڊ، ضلعو نوابشاهه سنڌ.

211. نالو: محمد علي محمدي (پڙهندڙ درجو پهريون، انگريزي.)

عمر: 11 سال

وندر: رسالا پڙهڻ ۽ ٻارن جي ڦلواڙيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ.

ائڊريس: نيو ماڊل اسڪول، پنوعاقل.

212. نالو: محمد اقبال صديقاڻي (پڙهندڙ درجو ٽيون، انگريزي.)

عمر: 14 سال

وندر: ”گل ڦل“ رسالو پڙهڻ.

ائڊريس: محمد اقبال، محمد ابراهيم، هاءِ اسڪول ڏيپلو سنڌ.

213. نالو: محمد رمضان ميمڻ.

(پڙهندڙ درجو ٽيون، انگريزي.)

عمر: 14 سال

وندر: رسالا پڙهڻ، نماز پڙهڻ، ڪلاس ۾ اوّل نمبر اچڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ٽڪليون گڏ ڪرڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: معرفت ’مجلس حرمت اسماء‘ سڪينه بلڊنگ، چاڪيواڙا روڊ نمبر1، ڪراچي نمبر-7.

214. نالو: رامچند. آر. تنواڻي (پڙهندڙ ستون، انگريزي.)

عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت ”ٻارن جي ڦلواڙي“، اسپتال روڊ، نوابشاهه سنڌ.

215. نالو: حاجي احمد کٽي ”پياسي“ سجاول.

عمر: 14 سال.

وندر: رسالو ”گل ڦل“ ۽ رسالو ”انسان“ پڙهڻ، ريڊيو ٻڌڻ ۽ قلمي دوستي ڳنڍڻ.

ائڊريس: حاجي احمد ولد حاجي محمد يوسف کٽي، ڪرانا مرچنٽ، سجاول سنڌ.

216. مشتاق علي ”مشتاق“ جلالاڻي (پڙهندڙ درجو چوٿون، انگريزي.)

عمر: 12 سال

وندر: ريڊيو وڄائڻ، سنڌي رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ.

ائڊريس: معرفت حڪيم لعل بخش ڪانڌڙو، صوفي شفاخانو، مورو سنڌ.

217. نالو خواجا عاشق علي ”پرک“ جمعاڻي

عمر: 17 سال

وندر: ”گل ڦل“ پڙهڻ، ڪرڪيٽ کيڏڻ، ۽ قلمي دوستي ڳنڍڻ.

ائڊريس: مئٽرڪ شاگرد، ”سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول،“ ٽنڊوالهيار سنڌ.

218. شهزادو جي. ايم. (پڙهندڙ درجو چوٿون، انگريزي.)

عمر: 13 سال

وندر: اسڪول جا ڪم ڪرڻ، رسالو ”گل ڦل“ ۽ ٻيا ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: شهزادو جي. ايم. ”طالب الموليٰ هاءِ اسڪول،“ دادو سنڌ.

 

سلام ۽ سنيها

 

پيارا ادا سائين،

-  عرض ته جيئن اسڪول مان موڪل ملي ته اوهان صاحبن جو رسالو ”گل ڦل“، اسڪول جي پٽيوالي هٿان مليو. رسالي ۾ فوٽو ڏسي ۽ مضمون پڙهي، ڏاڍي راحت نصيب ٿي.

رسالي ۾ ”گل ڦل“ جي ٻيءَ سالگرهه جو مضمون تمام گهڻو پسند پيو. مضمون انهيءَ ريت لکيل هو ڄڻ اسان به انهيءَ ميلي جو سير پئي ڪيو- دل ته ڏاڍو چيو پئي ته ضرور ميلي تي وڃبو، مگر افسوس جو مان ڪراچيءَ هليو ويو هوس ان بعد، ”گل ڦل“ پنهنجي ماتا، ۽ پتا کي پڙهي ٻڌايم، ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ چيائون ته اسان جي پاران به مبارڪباد موڪلي ڇڏجانءِ.

ٻارن جي ڪڍيل تصويرن ۾ ميرن جا قبا، ع. ع پٺاڻ جي ڪڍيل تصوير قابل اشاعت آهي، ۽ وندر پڻ. ان کي اسان جي پاران مبارڪباد ڏيندا.

اسين جملي 6 ڀائر آهيون، جن کي قلمي دوستيءَ جو بلڪل گهڻو شوق آهي. اميد ته ضرور قلمي دوستيءَ جي ڪالم ۾ نالا ڇپيندا. منهنجا ٻه ڀائر لنڊن رهندا آهن، ٻه هندستان ۽ ٻه پاڪستان ۾. مان انهن کي رسالو موڪليندو آهيان ۽ انهن جي ئي لکڻ موجب قلمي دوستيءَ جي ڪالم ۾، سندن نالو وجهندا ته شڪر گذار رهندس.

اوهان جو ننڍو ادو،

-  ڪنول

جناب ايڊيٽر ”گل ڦل“،

-       بعد گهڻن ادبن ۽ نيازن جي عرض ته اوهان جو ”آفرين نامو“ مليو- مهرباني. اوهان ميلي جي ڪاروائيءَ ۾ اسان جي خواجا اسماعيلي ٻارن ۽ رضاڪارن جي ڪم جو ”گل ڦل“ احوال ڏنو آهي، تنهن لاءِ اوهان صاحبن جو تهدل شڪر گذار رهنداسون. جيتوڻيڪ هن ڀيري اسان کي پورو وقت ڪونه ملي سگهيو؛ پر. اُميد آهي ته آئيندي اسان اوهان کي اُن کان به وڌيڪ ڪم ڪري ڏينداسون، جو اُميد ته اوهان خوش ٿيندا ۽ ٻين ڀائرن کي به خوشي ٿيندي.

ڪاڪي شيوڪ ڀوڄراجَ، جفاڪشي ڪري اسان جي ”ٻارن جي ٻاريءَ“ جو بنياد وڌو. اسان ان صاحب جا به گهڻا شڪر گذار آهيون، اميد ته ڪاڪي جو لکيل اهو احوال مفيد ثابت ٿيندو.

چاچا سائين، مهرباني ڪري شيوڪ ڀوڄراج جي ائڊريس عنايت ڪرڻ فرمائيندا ته شڪر گذار رهندس.

اوهان جو،

- خواجا عبدالرحمان حيدرآباد سنڌ.

(ڀاءُ دادا شيوڪ جي ائڊريس هيءَ آهي: دادا شيوڪ، ”گلستان“، کار، بمبئي-52. ڀارت      -  ايڊيٽر.)

-  ادا، گذارش آهي ته ”گل ڦل“ جو سالگرهه نمبر پهتو. مون کي ڏاڍو وڻيو. ڀائو، هيءُ پرچو ٻين سڀن پرچن کان نرالو هو. گل ڦل جي ٻيءَ سالگرهه جي ميلي جي ڪاروائيءَ سان گڏ تصويرن رسالي کي خوب سينگاريو.

هن ڀيري وارين ٻارن جي شڪلين ۾، محمد هاشم رهبر جي ڪڍيل تصوير عمدي آهي. شاهده غني جو نظم ”بهار آيو“ به گهٽ ڪين هو. ڪهاڻين ۾ ڀيڻ بدرالنساء جي لکيل آکاڻي ”ماٽيجي ماءُ“، پنهنجو مٽ پاڻ هئي. هن پرچي ۾ پڻ ٻه- ٽي اوڻايون هيون، جيئن ته هيءُ پرچو .اچو اوهان کي سنڌ گهمايان“، جهڙي وڻندڙ ۽ معلوماتي مستقل عنوان کان محروم رهيو. ٻيو ته مهرباني ڪري مسٽر جمال رند جو ”مورو“ جو هن ميلي ۾ ڳايو هو، سو ايندڙ پرچي ۾ ڇپيندا.

پيارن مان اوهان جو:

جهڙو اوهين ڀانيو،

- چندن گرناڻي

(ادا، جمال رند جو ٻارن جي ميلي ۾ ڳايل ”مورو“، ايندڙ پرچي ۾ ڏينداسون. – ايڊيٽر)

پيارا برادرم،

- ”گل ڦل“ مخزن، جنوري- فيبروري 1961ع جي پهتي. وڏي مهرباني. آخر منهنجو ليک ”ٻالڪن جي ٻاري“ مليوَ ۽ اهو مخزن ۾ وڌوَ، تنهن لاءِ احسان. تنهن کان وڌيڪ ڀلايون انهيءَ لاءِ جو منهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي، ۽ پڻ ٻين ڪيترن هنڌ ”ٻالڪن جي ٻاريءَ“ جو نالو دُهرايو اٿوَ. خصوصاً، ٻارن جي ميلي جو احوال پڙهي بيحد خوشي ٿي. انهيءَ ميلي لاءِ جن دوستن ڪوشش ورتي ۽ جيڪي ٻار اُن ۾ شامل ٿيا، تن کي آءٌ دلي مبارڪون ٿو ڏيان.

ميلي جي احوال ۾ ”ٻالڪن جي ٻاريءَ“ لاءِ ڪنهن هنڌ ائين ڄاڻايل آهي (صفحي 27 تي) ته ”اُن زماني ۾ پڻ مون کي ياد نه آهي ته ڪو ههڙي قسم جو ميلو ڪٿي لڳي سگهيو هو.“ آءٌ اوهان کي ٻڌائڻ ٿو گهران ته شهر شهر ۾ ته گهڻيئي ٻارن جا ميلا ٿيندا هئا، پر سڄيءَ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جا به ميڙ ٿيندا هئا. (ڏسو بُک ٻالڪن جي ٻاريءَ تي صفحو 72). 1932ع ۾ پهريون اهڙو ميڙ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. 1933ع ۾ ڪراچيءَ ۾، 1935ع ۾ سکر ۾، 1936ع ۾ حيدرآباد ۾، ۽ 1937ع ۾ ته سڄي هندستان جي ٻارن جو ميڙ. بمبئيءَ ۾ ٿيو هو. ان ميڙ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ٻار بمبئيءَ کان ٻاهران آيل هئا ۽ سنڌ مان اٽڪل 350، ۽ تنهن کان سواءِ بمبئيءَ جا ٻار ته هزارن جي تعداد ۾ شامل ٿيا هئا.

”ٻالڪن جي ٻاريءَ“ جي ميلن “۾، پروگرام گهڻو ڪري اهڙو ئي هوندو آهي جهڙو توهان جي رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي. فقط ٻالڪن جي ٻاري ڪهڙن به ٻارن کي ڪي خاص انعام ڪانه ڏيندي آهي. انهيءَ انعامن جي طريقي تي بحث ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو، ۽ گهڻا پنا کپندا. گهڻي تجربي کان پوءِ ئي ٻالڪن جي ٻاريءَ فيصلو ڪيو ته ٻارن لاءِ انعام هڪ قسم جي لالچ آهي، جا کين ڏيڻ نه گهرجي. توهين شايد ڄاڻي خوش ٿيو ته 1986ع ۾ جيڪو سڄيءَ دنيا جي ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙن جو ميڙ اٿينس (يونان) ۾ ٿيو هو، ۽ جنهن ۾ مون کي ڀاڳ وٺڻ جو موقعو مليو هو، تنهن ۾ گهڻي وادو واد بعد، منهنجو اهڙو ٺهراءُ ته ”ٻارن ۾ انعامي چٽاڀيٽيون نه هئڻ گهرجن“، سو پاس ٿيو هو. البت، آءٌ سمجهان ٿو ته هيءُ ڳوڙهو تعليمي مسئلو آهي، ۽ ڪيترا هن باري ۾ مختلف راءِ هوندا. پر اميد آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن هرڪو اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهي ويندو.

وڌيڪ حال في الحال لاءِ سک ڪا ڪارخذمت هجي ته ڀاءُ ڄاڻي لکڻ کان ڪين آرو ڪندا.

اوهان سڀني لاءِ يادگيري ۽ ٻارن لاءِ گهڻا گهڻا پيار.

سڪ سان، شيوا ۾،

شيوڪ. بمبئي. (ڀارت)

پيارا ڀاءُ،

-”گل ڦل“ جو تازو پرچو ڏسي دل بهار ٿي. ٻارن جي ميلي جو سربستو احوال دلچسپيءَ سان پڙهيم. اسان جون اُميدون انهن ٻالڪن ۾ آهن. شل ڪاميابيءَ سان وِکَ وڌائيندا رهو!

توهان جو،

- حشو ڪيولراماڻي، دهلي (ڀارت)

ادا ايڊيٽر،

-مون هن کان اڳ ۾ به ٻه خط موڪليا آهن، مگر جواب ڪونه ڏنو اٿوَ. ادا، جي آءٌ ڪا سٺي آکاڻي لکي موڪليان ته شايع ڪندا؟ انهيءَ جو جواب مون کي ايندڙ مهيني جي ”گل ڦل“ ۾ ضرور ڏيندا.

اوهان جو ڀاءُ،

- خواجا احمد علي، ميرپور بٺورو.

(ادا، تنهنجا ٻيئي خط برابر پهتا. ٻيئي ڀيرا تو ڪهاڻيءَ بابت پڇيو آهي. اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي؟ هيءُ رسالو توهان ٻارن جو ئي ته آهي! توهان جڏهن به ڪا سٺي ڪهاڻي لکو، ته بنا پڇڻ جي موڪلي ڏيندا ڪريو. اڳتي جي اوهان اهڙين غيرضروري ڳالهين بابت پڇا نه ڪريو ته ڏاڍو چڱو. ڇو ته ائين ڪرڻ سان پاڻ وقت ضايع ٿو ٿئي. اسان هر پرچي ۾ اوهان کي اهڙي گذارش ڪندا رهون ٿا.       - ايڊيٽر)

جناب ايڊيٽر صاحب،

-احوال عرض ته مون اوهان کي پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهي خط به لکيو، ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجي شهر يا ڳوٺ جي سڀ کان دلڪش جاءِ جي تصوير به موڪلي، تنهن هوندي به اوهان اُن جاءِ جي تصوير شايع ڪونه ڪئي. سو ڇو؟ آئيندي اوهان کي ڪير خط لکندو، ۽ ڪير تصوير موڪليندو؟

اوهان جو ڀاءُ،

- يعقوب علي بلوچ

(ڀاءُ، سڀ کان دلڪش جاءِ، عنوان بابت تنهنجي تصوير ملي آهي. انهيءَ لاءِ شايع ڪونه ڪئي اٿئون جو اُها چٽيءَ طرح نڪتل نه آهي، ڇپجڻ کان پوءِ مورڳو ڏسڻ ۾ ئي ڪين ايندي. تون اِها تصوير وري ڪڍي موڪِل. تصوير ڪاريءَ پينسل سان اڇي ۽ ٿلهي ڪاغذ تي ڪڍ؛ اهڙيءَ ريت، جيئن ليڪا چٽا ۽ صاف هجن. اسان هر پرچي ۾ اهڙيون هدايتون ڏيون ٿا، پر پوءِ به اوهان توجهه نٿا ڏيو. آهي نه افسوس جي ڳالهه؟ - ايڊيٽر)

- ”گل ڦل“ جي سالنامي سان گڏ اوهان پڙهندڙن ڏانهن هڪ ”سوالنامو“ به موڪليو هو، جنهن ۾ رسالي بابت اسان جي راءِ پڇي هئي. ادا، جواب ۾ عرض آهي ته جڏهن کان وٺي آءٌ سٻاجهي رسالي ”گل ڦل“ لاءِ مون کي ناپسنديءَ جو ڪو خواب خيال ئي ڪونهي. اوهان جو رسالي ۾ ڇپيل خطڙو (جو گل ڦل جي پڙهندرن ڏانهن آهي) ڏسي دل ئي گهٻرائجي ويئي ته اسان جو ادا الائي ڇا ڇا ٿو سوچي! ”رسالو پسند پيو يا نه؟ جي نه ته ڇو؟“ پسند ڇو ته پوندو، جنهن ۾ ٻارڙن لاءِ ادب آهي، پيار ڀريا گيت آهن، نصيحت آميز آکاڻيون آهن، سونهاريءَ سنڌ جي ٻارن جو واءُ سماءُ آهي، سنڌ جي شهرن جي جهوني تاريخ آهي، وڏين ٻولين جون لوڪ ڪهاڻيون آهن، علمي ڄاڻ آهي، پر سڀ کان وڌيڪ ته منجهس سائنس جا سليس ۽ سهڻا مضمون آهن. پوءِ ڀلا ادا تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته ناپسنديءَ جي ڳالهه ئي ڪهڙي آهي؟

”گل ڦل“ رسالو مون کي ٻين سڀني رسالن کان وڌيڪ پسند آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ئي رسالو آهي جو اسان سنڌي ٻارڙن جو واحد آواز آهي. لک لک مبارڪون هجن سنڌي ادبي بورڊ کي، جن جي ڪافي ڪوششن کان پوءِ هي رسالو وجود ۾ آيو آهي.

ادا منهنجي صلاح هيءَ اٿوَ (جي قبول پوي ته ٻڌايان) ته ”ديس ديس جون خبرون“ وارن صفحن کي اڃا وڌايو، جيئن اسان کي ٻين ملڪن جي گهڻيري ڄاڻ حاصل ٿئي.

ادا، سڀ کان وڌيڪ سٺو سنڌي ٻارڙن جو ميلو هوندو، جيڪو مون کي ڏسڻ نصيب نه ٿيو. ڪهڙو نه چڱو آهي سنڌي ٻارڙا سونهندا هوندا، جڏهن گڏجي ”دليون“ ڳائيندا هوندا، ساديون سنڌي رانديون ڪندا هوندا!

آخر ۾ هيءَ دعا آهي ته شال اسان جو ”گل ڦل“ سدائين وڌندو رهي. آمين!

اوهان جو ننڍڙو ادا،

- حيدر علي ٽالپر، ٽنڊو جان محمد

*پورو ٿيو*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com