سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 8

باب: --

صفحو :7

ڀلا ٻڌايو ته.....

 

اُن مشهور اديب جو نالو ڇا آهي. جنهن سنڌي زبان ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن؟

ترڪيءَ جو قومي ابو ڪير آهي؟

آسمان ۾ تارا ٽم ٽم ڪري ڇو چمڪندا آهن؟

جهنگ جو سڀ کان وڌيڪ بهادر جانور ڪهڙو آهي؟

ماڻهو اونهاري ۾ گهڻو ڪري اڇا ڪپڙا پائڻ ڇو پسند ڪندا آهن؟

گذريل مهيني جي سوالن جا جواب

(الف) روزانه عبرت، حيدرآباد، (ب)روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي، (ج) روزانه سنڌٽائيمس، حيدرآباد، (د) روزانه آفتاب، حيدرآباد.

”پاميز“

ڇا ڪاڻ ته سج جي روشني تمام تيز ۽ طاقتور هوندي آهي.

الجبريه.

شيون سڙڻ کان پوءِ هوا ۾ اڏامي گئس بنجي وينديون آهن. خاص ڪري ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ ۽ ٻاڦ جي صورت وٺنديون آهن.

انڊونيشيا.

اُٺ رڻ پٽ منجهان سفر ڪندي پنهنجي مالڪ، هن جي هنڌ، ڪپڙن، پاڻيءَ، کاڌي ۽ ٻين شين کي کڻي هلندو آهي. جيئن ڪا ٻيڙي انهن شين کي سمنڊ ۾ ترڻ وقت کڻندي آهي.

انگلينڊ جي شاهي تاج ۾.

هيرالڊ ولسن.

رني ڪوٽ.

 

انهن سوالن جا جواب هيٺين ٻارن موڪليا آهن:

 

شيخ احمد ڪبير قريشي (شاگرد ڪلاس نائون)، پڊعيدن.

علي اڪبر سومرو(شاگرد ڪلاس نائون_ الف)، ٽنڊوالهيار.

منظور احمد قريشي ‎(شاگرد ڪلاس اٺون_الف)،شهدادپور.

عبدالغفران ميڻ(شاگرد ڪلاس پنجون)، حيدرآباد.

مظهر الدين احمد فاروقي، درازه شريف، ضلعو خيرپور،

عبدالحق خان ٽالپر، ڇتو مانڌناڻي: تعلقو ماتلي

(هاڻي اهي ٻار پاڻ ڏسن ته سندس ڪهڙا جواب صحيح آهن ۽ ڪهڙا غلط.)

 

 

*موڪليندڙ: علي محمد ميمڻ، ٽنڊو الهيار.

پرولي ته ڀڃ

 

(1) هر هلڪو، ٻج سنهو، هاري پاڻ سڃاڻي، پوکي هٿن سان، لڻي وات سان.

(2) هڪڙي رن، چار ڪن، چيلهه ٻڌيو ٿي چڪر ڪري.

(3)اُٺ ٽنگون، ٻه پير، اها ڪميني ڪير، جنهن جو پڇ پٺن تي.

(4)ڇڪ ته ڇوٽي ٿئي.

*موڪليندڙ: گرمک داس”ديوان“، ميرپور بٺورو.

(5) اهو ڪهڙو وڻ آهي جنهن کي ڪاٺ ٿئي ئي نه؟

(6) وڍ ته وڍجي نه، کڻ ته کڄي نه.

ڀڃڻي

ڪتاب. (هر مان مراد قلم آهي جيڪو هلڪو هوندو آهي. ٻج معنيٰ اکر. جيڪو سنهو هوندو آهي. هاري معنيٰ پڙهندڙ جيڪو اکر سڃاڻندو آهي. پوکي هٿن سان، لڻي وات معنيٰ سان پڙهي).

منڌي.(3) ساهمي.  (4) ٻيڙي (5) ڪيلي جو وڻ (6) پاڇو.

 

کل ته سهي!

 

*موڪليندڙ: نور محمد ڪنڀر، مڊل اسڪول ملڪاڻي.

هڪ صاحب ڪنهن حجام جي دڪان تي وار ڪٽائڻ لاءِ ويو، ته حجام پڇيو، ”وار ڪيئن ڪٽيان؟“

صاحب يڪدم چيو:”خاموشي سان.“

 

*موڪليندڙ: آغا عرفان الله، حيدرآباد.

هڪ همراهه گهر ۾ گوڏ ٻڌيو ويٺو هو، ۽ ساڳئي وقت ڳچيءَ ۾ ٽاءِ  به ٻڌي هئائين. ان وقت هڪ مهمان ساڻس ملڻ آيو. هن همراهه جي اها ڊريس ڏسي مهمان پڇيو ته”يار، تو گوڏ ٻڌي آهي ۽ مٿان وري ٽاءِ! سو ڪيئن؟“ هن جواب ڏنو:”ادا، گوڏ ان ڪري جو گهر ۾ آهيان. ٽاءِ ان ڪري جو متان ڪو مهمان وغيره ملڻ اچي.“


 

 

*موڪليندڙ: گرمکداس ”ديوان“، ميرپور بٺورو.

پيءُ: (پٽ کي) جڏهن تون ڪراچي پهچين ته تار موڪلجان.

پٽ: بابا، تار لوهه جي يا پتل جي؟

 

پٽ: (ماءُ کي) امان، کير جي ديڳڙي ۾ ڪئو ڪري پيو.

ماءُ: پوءِ تو ڇا ڪيو؟

پٽ: امان، مون وري ٻلي وجهي ڇڏي.

 

*موڪليندڙ: شوڪت علي، ٺٽو.

ڇوڪرو: (ڊاڪٽر کي) سائين، منهنجي پيٽ ۾ پنجاهه پئسن وارو سڪو ڳهجي ويو آهي.

ڊاڪٽر: ڪيترو وقت ٿيو آهي؟

ڇوڪرو: ٻه ٽي هفتا ٿي ويا آهن.

ڊاڪٽر: پوءِ هيترو وقت اڳي ڇو نٿي ڪڍايئي؟

ڇوڪرو: اڳي کيسي ۾ پئسا هوندا هئا، اڄ کيسي ۾ پئسا ڪونه آهن، تڏهن ٿو ڪڍايان ته وڃي پڪوڙا وٺي کاوان.

 

*موڪليندڙ: علي محمد ميمڻ، سکر.

مالڪ پنهنجي نوڪر کي چيو ته جلدي وڃي هڪ خالي ٽانگو وٺي اچ. نوڪر حاضر سائين چئي ٻاهر ويو. هو رستي تي بيهي ٽانگا جاچڻ لڳو. پر هن کي ڪو به اهڙو ٽانگو نظر ڪونه آيو جيڪو بلڪل خالي هجي. هر ٽانگي ۾ ڪو به هڪ ماڻهو ويٺو ئي ويٺو هو. گهڻي دير کان پوءِ هو موٽي آيو. مالڪ پڇيس ته” اڙي ڇو؟ ٽانگو نه ڪري آئين؟“ نوڪر جواب ڏنو: ”سائين، ٽانگا ته گهڻا بيٺا آهن، پر مون کي ڪو به خالي ٽانگو هٿ نه لڳو. هڪ ماڻهو ته ويٺو ئي ويٺو آهي.“

 

*موڪليندڙ: مس شاهين، حيدرآباد.

ڪنهن ننڍي نينگر جو بوٽ وڃائجي ويو. هن ڇا ڪيو جو پيءُ جي ڪتابن مان ڊڪشنري کڻي، ان جا صفحا کولي ڏسڻ لڳو. پيءُ پڇيس ته”پٽ، هيءُ ڇا ٿو ڪرين؟“ پٽ وراڻي ڏني ته ”اوهان کي ڪنهن لفظ جي معنيٰ ڳولڻي هوندي آهي، ته هن ڪتاب مان ڪين ڳولي هٿ ڪندا آهيو. سو آءٌ بوٽ ٿو ڳوليان. پر اڃا ته لڀي ئي ڪونه ٿو.“

 

هڪڙو ماڻهو هوٽل ۾ ماني کائڻ ويو. هن بيري کي چيو: ”قورمو مصالحو کڻي اچ“ بيري:”سائين، ختم ٿي ويو آهي.“ ”ڪا سبزي کڻي اچ.“ اها به ختم ٿي وئي .“ ”ڀلا دال کڻي اچ” ”اها به خلاص ٿي وئي.“ اهو ٻڌي ماڻهوءَ ميز تي زور سان مُڪ هڻندي چيو:”آءٌ هوٽل ۾ ويٺو آهيان، يا پنهنجي گهر ۾!“

 

*موڪلندڙ: افروز عبدالڪريم، حيدرآباد

استاد: بچل! جيڪڏهن تون رستي تي ڪنهن جو رپيو ڪريل ڏسين، ته اهو ڪيڏانهن ڪندين؟

بچل: سائين ، اهو پاڻ وٽ ڪونه رکندس .

استاد:شاباس! ڀلا ڇا ڪندين؟

بچل: حلوائي کي ڏيئي، هن کان مٺائي وٺندس.

 

هڪ ماڻهوءَ کي اوچتو بندوق ڇٽڻ سبب اک ڀرسان گولي لڳي ۽ هو مري ويو. ڀرسان ڪيترائي ماڻهو اچي مڙيا. هڪڙُو بيوقوف اتفاق سان اچي اتان لانگهائو ٿيو. ميڙ ڏسي هو پڇڻ لڳو:”ادا، ڇا ٿيو آهي؟“ ماڻهن اهو ٻڌايس ته” هن ويچاري کي اک جي ڀرسان گولي لڳي ۽ مري ويو.“

اهو ٻڌي هو چوڻ لڳو: ”وري به خدا جو شڪر جو اک ۾ نه لڳي اٿس، نه ته ويچارو ڪاڻو ٿي پئي ها.“

 

ماستر: ڌرتيءَ تي ماڪ ڇو پوندي آهي؟

شاگرد: ڇا ڪاڻ ته ڌرتي جڏهن سج جي چوڌاري ڦرندي ڦرندي ٿڪجي پوندي آهي، ته ان کي پگهر نڪرندو آهي، اها آهي ماڪ.

 

پيءُ : اڙي! بلب سان مٿو لڳائي ڇو بيٺو آهين؟

پٽ: بابا، دماغ کي ٿورو روشن ٿو ڪريان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com