محمد دائود بلوچ
(مزاحيه خاڪو)
چور نه ته چاڪي سهي
(چرٻٽ
راجا جي درٻار ۾ هڪ ڀڳل ميز اڳيان هڪ ڇنل ڪرسي
پيل آهي. ويهي انصاف ڪري رهيو آهي. ٻين وزيرن
اميرن لاءِ ڇنل کٽون پيل آهن، جن تي هو ويٺل
آهن. هيٺ ڇنل تڏي تي ٻيا عام ماڻهو.)
دربان: (زور سان) با ادب، با ملاحظه هوشيار.
سلطان انڌيرنگري جو پٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي
سير کاڄا، جن تشريف فرمائي رهيا آهن.
(چرٻٽ راجا ڊوڙندو ٽهڪ ڏيندو اچي ڪرسيءَ تي
ويهي ٿو.) حڪم! فرياديءَ کي هڪدم حاضر ڪيو
وڃي!
فريادي: (ڊڄندي) چرٻٽ راجا جي راجائي سلامت
رهي، اجازت ملي ته عرض ڪريان.
چرٻٽ:(ٽهڪ ڏيندي) اجازت.... ڪنهن جي اجازت...
ڇا جي اجازت... ها ها ها، ٺيڪ آ.... ٺيڪ آ..
اجازت آهي.
فريادي: (روئيندي) اوهان جي بادشاهيءَ ۾ چور
پيا چوريون ڪن. رات منهنجي چوري ٿي ويئي
منهنجو گهر ڦرجي ويو، آءٌ سيءَ مري ويندس.
چورن منهنجي گهر ۾ رلي به ڪانه ڇڏي.(روئي ٿو)
چرٻٽ راجا: (زورسان) وزير بي پير!
وزير: جي حضور بي شعور!
چرٻٽ راجا: (عجب مان) چوري! اسان جي ملڪ مان
چوري، انڌيرنگريءَ مان چوري! (زور سان) حڪم!
منهنجا ڪن هي ڇا ٻڌي رهيا آهن. چور کي هڪدم
حاضر ڪيو وڃي.
وزير: حضور! پوليس چور کي سڳ سميت گرفتار ڪري
آئي آهي. حڪم ڪريو ته حاضر ٿئي.
چرٻٽ راجا: حڪم!
وزير: حضور، اجهو چور حاضر آهي.
چرٻٽ راجا: زور سان) چور چور چور! اڙي تون چور
آهين؟
چور : نه حضور! آءٌ غريب آهيان.
چرٻٽ راجا: تون غريب آهين ته پوءِ اسين چور
آهيون؟
چور : نه حضور.
چرٻٽ راجا: (چٻرا ڏيندي) نه حضور. پر تو هن
فرياديءَ جي رلي ڇو چورائي؟
چور: حضور! ڪالهه رات مون کي ڏاڍو سيءُ ٿيو هو
ٻيو ڪو رستو نه ڏسي لاچار مون رلي چورائي.
چرٻٽ راجا: سڄي شهر ۾ توکي ٻيو ڪو به گهر ڏسڻ
۾ نه آيو!
چور: نه حضور!
چرٻٽ راجا: وزير بي پير!
وزير: جي حضور بي شعور!
چرٻٽ راجا: شهر مان ماڻهو لڏي ويا ڇا؟
وزير: نه حضور.
چرٻٽ راجا: (چور کي) توکي ٻيا گهر ڇو ڏسڻ ۾ نه
آيا؟
چور: حضور! سيءَ منهنجا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا
هئا.
چرٻٽ راجا: (عجب مان) سيءُ تنهنجا حوصلا خطا
ڪري ڇڏيا!
پر ڪالهه ته سيءَ اسان جا به حوصلا خطا ڪري
ڇڏيا، پوءِ اسين به چوري ڪريون. (زور سان) رلي
ڪٿي آهي؟
وزير: حضور، اجها رلي.
چرٻٽ راجا: (رلي ڏسي) واه واه رلي ته ڏاڍي سٺي
آهي. هيءَ رلي هڪدم اسان جي محل ۾ پهچائي وڃي.
اسان کي رات به سيءُ ٿيو هو.
فريادي: حضور مون کي رلي ڪانه ملي، منهنجو
انصاف ته ڪو نه ٿيو.
چرٻٽ راجا: انصاف ڪيئن نه ٿيندو. انصاف ضرور
ٿيندو. (عجب مان) هان! تنهنجو مطلب آهي ته
اسان وٽ بي انصافي آهي. (زور سان) حڪم! هن
فرياديءَ کي هڪدم ڦاسي ڏني وڃي.
وزير: حضور! عرض آهي.
چرٻٽ راجا: اسان جو حڪم ڪنهن به عرض مڃڻ لاءِ
تيار نه آهي.
وزير: حضور! هن فرياديءَ جي چوري ٿي آهي، هن
کي ڦاسي نه ملڻ کپي.
چرٻٽ راجا، ٺيڪ آ، ٺيڪ آ، پوءِ ڪنهن کي ڦاسي
ڏيڻ گهرجي؟
وزير: حضور ! چور کي ڦاسي ڏيڻ گهرجي.
چرٻٽ راجا: (زور سان) حڪم! هن چور کي ڇهه
مهينا ڦاسيءَ جي سزا ڏجي ٿي. هن کي هڪدم ڇهه
مهينا ڦاسي ڏني وڃي.
]منظر ٻيو[
(چرٻٽ راجا جي درٻار جي ڀرسان ٻٻر جي وڻ ۾ رسو ٻڌو پيو آهي.
جنهن جي ذريعي چورن کي ڦاسي ڏني وڃي ٿي. سپاهي
چور کي وٺي آيا آهن. ٻيا درٻاري، امير وزير
خود چرٻٽ راجا به انصاف ڪرڻ لاءِ موجود آهي.
سپاهي چور جي ڳچيءَ ۾ ڦاسي وجهن ٿا)
وزير: حضور! چور ايترو ته ڏٻرو آهي جو ڦاسي
سندس ڳچيءَ ۾ پوري نٿي ٿئي ۽ نڪري وڃي ٿي.
چرٻٽ راجا: (عجب مان) ڦاسي پوري نٿي ٿئي. ته
پوءِ پڪ ئي پڪ هي چور نه آهي (چور کي) پر تون
ايترو ڏٻرو ڇو آهين؟
چور: حضور، آءٌ غريب آهيان. بکون ڪاٽي ڪمزور
ٿي ويو آهيان. سيٺ سيڌو نٿو ڏي، جنهن ڪري آءٌ
روز ڪمزور ٿيندو وڃان ٿو.
چرٻٽ راجا: (زور سان) حڪم! سيٺ کي هڪدم حاضر
ڪيو وڃي.
(سپاهي وڃن ٿا ۽ سيٺ کي هڪدم حاضر ڪن ٿا)
وزير: حضور! سيٺ حاضر آهي.
چرٻٽ راجا: تون هن کي سيڌو ڇو نٿو ڏين؟ هي چور
ايترو ڪمزور آهي جو کيس ڦاسي پوري نٿي پوي!
جلد ٻڌاءِ، اسان جي انصاف ۾ دير ٿي رهي آهي.
سيٺ : حضور آءٌ ڇو ڏيانس هي غريب ۽ کٽل ماڻهو
آهي، منهنجا اڳ ۾ پئسا کائي ويو آهي. آءٌ کيس
سيڌو ڪونه ڏيندس.
چور: حضور، ڏسو اوهان جي اڳيان ڪوڙ پيو
ڳالهائي پئسا ڪير کائيندو. کائڻ لاءِ سيڌو به
ڪونه ٿو ڏي پئسا کائڻ لاءِ ڪيئن ڏيندو.
چرٻٽ راجا: (زور سان) حڪم سيٺ کي ڦاسي ڏني
وڃي.
(سيٺ کي آڻين ٿا، پر هو ايترو ٿلهو آهي جو
ڦاسي سندس ڳچي ۾ نٿي پوي.)
وزير: حضور، سيٺ ايتروته ٿلهو آهي جو ڦاسي
سندس ڳچي ۾ نٿي پوي.
چرٻٽ راجا: (عجب مان) ڦاسي سندس ڳچيءَ ۾ پوري
نٿي پوي! ته پوءِ هڪدم کيس ٽنگ ۾ ڦاسي ڏني
وڃي. پر تون ايترو ٿلهو ڇو آهين؟
سيٺ: حضور، حڪيم منهنجو علاج نٿو ڪري.
چرٻٽ راجا: حڪم! حڪيم کي حاضر ڪيو وڃي.
(سپاهي وڃن ٿا ۽ حڪيم کي وٺي اچن ٿا)
وزير: حضور! حڪيم حاضر آهي.
چرٻٽ راجا: تون حڪيم آهين؟
چڱو منهنجي نبض ڏسي ٻڌاءِ ته منهنجي زال کي
ڪهڙي بيماري آهي.(هٿ اڳتي وڌائي ٿو) ڏس ڏس،
چڱيءَ طرح ڏس. حڪم! ڏسڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي
اسان جي زال پاڻيهي چاق ٿيندي. تون سيٺ جو
علاج ڇو نٿو ڪرين؟
حڪيم: حضور! سيٺ سراسر ڪوڙ پيو ڳالهائي، ڪڏهن
به دوا لاءِ ڪونه آيو. سڄو ڏينهن دڪان تي گڏهه
جيان چري ٿو. پوءِ ٿلهو ڪيئن نه ٿيندو!
چرٻٽ راجا: سيٺ کي هتان اگهاڙي پيرن ڪڍيو وڃي،
۽سندس جتيون سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪيون وڃن. ها،
پر هڪ ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي، جو هنن جا
پادر دروازدي جي ڀرسان رکيا وڃن، جيئن اسين
ٻاهر ويندي پائي ڏسون.
(زور سان) حڪم! سپاهيو، ٻڌو! هينئر ئي شهر ۾
وڃو، جيڪو ماڻهو منهن سامهون ڏسو تنهن کي پڪڙي
اچو.
(سپاهي وڃن ٿا، رستي ۾ چاڪي کين ملي ٿو، ۽
سپاهي کيس وٺي اچن ٿا.)
وزير: حضور! سپاهي چاڪيءَ کي وٺي آيا آهن،
چاڪي هي سامهون بيٺو آهي.
چرٻٽ راجا: تون چاڪي آهين، ڪيڏانهن ٿي وئين؟
سپاهين کي رستي ۾ ڇو ملئين؟
چاڪي: حضور! آءٌ گهاڻي ڏانهن پئي ويس ته سپاهي
مون کي پڪڙي آيا.
چرٻٽ راجا: (زور سان) اسان کي ڦاهيءَ تي چاڙهڻ
لاءِ هڪڙو ماڻهو کپي، ڇو ته اسان کي انصاف
ڪرڻو آهي، حڪم! هن کي هڪدم ڦاهيءَ تي چاڙهيو
وڃي.
چاڪي: حضور! مان سان نسورو ظالم آهي. انڌير
آهي. انڌير آهي.
چرٻٽ راجا: خاموش! هي اسان جو حڪم آهي، اسان
کي انصاف ته ڪرڻو آهي، پوءِ چور نه ته چاڪي
سهي.“
(چاڪيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهين ٿا، سڀ امير وزير
سپاهي ۽ چرٻٽ راجا سميت گهر روانا ٿين ٿا.
دربان ڪن تي هٿ رکي چوي ٿو: با ادب با ملاحظه
هوشيار، سلطان انڌيرنگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير
ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا جن وڃي رهيا آهن.)
* مترجم: ممتاز مهر
(ايستونيا جي لوڪ ڪهاڻي)
هڪ ڪنجوس جي ڳالهه
ڪنهن زماني ۾ هڪ اهڙو بخيل ماڻهو رهندو هو،
جنهن جي گهر ۾ سدائين جهڳڙو ۽ هُل هنگامو متو
پيو هوندو هو. ڪو به نوڪر يا نوڪرياڻي هن وٽ
گهڻو وقت ٽڪي نه سگهندو هو. جيتوڻيڪ هي
پنهنجن نوڪرن کان ايترو گهڻو ڪم نه وٺندو هو،
پر کين ايترو کاڌو به ڪونه ڏيندو هو، جو هو ڪو
ويلو پيٽ ڀري کائي سگهن، اهي گهڻي ۾ گهڻو اها
حيواني زندگي پنج يا ڇهه مهينا گذاريندا هئا ۽
تنهن کان پوءِ بک کين نئين نوڪريءَ جي تلاش ۾
ڪنهن ٻي مالڪ وٽ وڃي پهچائيندي هئي.آخر ڪار
جڏهن ضلعي جي سڀني ماڻهن ۾ هن جي ڪنجوسيءَ جي
ڳالهه مشهور ٿي ويئي ته پوءِ سڀني ماڻهن وٽس
ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ان ساڳيءَ وقت هڪ ڏاهو ماڻهو ان علائقي ۾
رهندو هو. هن ڪنجوس ماڻهوءَ فيصلو ڪيو ته ان
کان صلاح وٺجي، سو هڪ ڳوٿري ناڻي سان ڀريل ۽
ٻيون ڪيتريون ئي سوکڙيون کڻي ان ڏاهي وٽ ويو ۽
ان پريي مڙس کان پڇائين ته ”ڇا مون کي هڪ اهڙو
نوڪر ۽ هڪ اهڙي نوڪرياڻي ملي سگهندا، جيڪي ڪم
ته محنت سان ڪن پر مالڪ جي گهران کائڻ پيئڻ جي
گُهر نه ڪن؟“
”ها“ اهو ممڪن آهي، توکي اهڙا ملازم ملي سگهن
ٿا،“ ڏاهي وراڻيو،” پر اهو منهنجي وس کان ٻاهر
آهي، توکي پوڙهي درويش وٽ وڃڻو پوندو ۽ اهوئي
تنهنجي مدد ڪري سگهي ٿو.“
پوءِ ڏاهي مکي چوس کي ٻڌايو ته،”توکي لڳاتار
ٽن خميسن تي آڌيءَ رات جو پاڻ سان گڏ هڪ
ڳوٿريءَ ۾ ڪارو سهوکڻي، چوواٽي تي وڃڻو پوندو
۽ سيٽي وڄائي پوڙهي درويش کي سڏڻو پوندو ۽
پوءِ توکي خود ان سان سودو ڪرڻو پوندو“. ڏاهي
کيس وڌيڪ چيو، ”انهيءَ کان وڌيڪ آءٌ ڪا مدد
ڪري نٿو سگهان، پر آءٌ توکي تنبيهه ڪندس ته
پنهنجي پاڻ کي بيوقوف ٿيڻ کان بچائجان.“
ڪنجوس ماڻهوءِ ڏاهي کان پڇيو ته هو ڪارو سهو
ڪٿان حاصل ڪري سگهندو؟ جنهن تي ڏاهي کيس ڪاري
سهي جي بدران ڪاري ٻلي کڻي وڃڻ جي صلاح ڏني.
ايندڙ خميس تي هو ڪاري ٻلي ڳوٿريءَ ۾ بند ڪري،
ڊڄندي ڊڄندي اچي چواٽي تي پهتو. هن سيٽي وڄائي
انتظار ڪيو پر ڪو به جواب ڪونه مليو. هن ٻيهر
سيٽي وڄائي پنهنجو پنهنجي پاڻ کي چيو ته
”جيڪڏهن اڃا به ڪو شخص نه آيو ته منهنجي سڄي
محنت اجائي ويندي.“ هن اڃا اهي لفظ مس چيا، ته
هن جي مٿان هوا ۾ لوهار جي ڌنوڻيءَ جهڙو آواز
پيدا ٿيو. ۽ هن کي پنهنجي مٿان ڪا شيءِ
اڏامندي نظر آئي ۽ اوچتو هڪ عجيب آواز هن کان
پڇيو:”توکي ڇا کپي، اي ڀاءُ؟“
هن همراهه جواب ڏنو: ”آءٌ ڪارو سهو وڪڻڻ
چاهيان ٿو؟“
عجيب آواز چيو:” ايندڙ خميس تي اچجئين، اڄ مون
کي توسان سودي ڪرڻ جيترو وقت ڪونهي“،۽ ڪارو
پاڇو گم ٿي ويو.
هي ڪنجوس شخص پنهنجي وقت ضايع ٿيڻ تي ڏاڍو رنج
ٿيو، پر ظاهر آهي ته صبر ڪرڻ کان سواءِ ٻيو
ڪري به ڇا ٿي سگهيو. هي بخيل شخص هڪ هفتي کان
پوءِ ٻيهر چوراهي تي آيو ۽ سيٽي وڄايائين. ٽين
سيٽيءَ تي هڪ پوڙهو شخص، جنهن جي ڪلهي تي هڪ
ڳوٿري رکيل هئي، ظاهر ٿيو ۽ هن کان پڇيائين:
”توکي ڇا جي صرورت آهي، اي ڀاءُ؟“
ڪنجوس وراڻيو:”مون وٽ هڪ ڪارو سهو آهي. جنهن
کي وڪڻڻ چاهيان ٿو.“
”توکي پنهنجي سهي جي موٽ ۾ ڇا کپي؟“ پوڙهي شخص
کانئس پڇيو.
هن جواب ڏنو:”مون کي گهڻو ملهه نه کپي. صرف هڪ
جوڙو نوڪر ۽ نوڪرياڻي جو کپي، جيڪي محنت سان
ڪم ڪن پر مون کان کاڌو نه گهرن.“
”گهڻن سالن لاءِ معاهدو ڪرڻ چاهين ٿو؟ پوڙهي
ماڻهو کانئس پڇيو.
ڪنجوس وراڻيو: ”اوستائين جيستائين آءٌ جيئرو
آهيان.“ پر پوڙهي شخص کيس ٻڌايو ته هو صرف ستن
يا چوڏهن سالن تائين سودو ڪري سگهي ٿو ۽ بخيل
ماڻهو اها ڳالهه قبول ڪئي.
پوڙهي بزرگ کيس حڪم ڏنو ته” ايندڙ خميس تي اچ
۽ پاڻ سان گڏ ڪارو سهو کنيو اچج،“ ۽ چيائينس
ته”آءٌ پاڻ سان گڏ تنهنجي لاءِ نوڪر آڻيندس،
جيڪي توکان نه ماني گهرندا ۽ نه پاڻي، پر رات
جو کين پاڻيءَ ۾ رکجئين، ٻيءَ صورت ۾ هو ڪو ڪم
نه ڪري سگهندا.“
ٽينءَ خميس جي شام جو پوڙهو مکي چوس چوواٽي تي
پهتو ۽ جيئن ئي سيٽي وڄايائين ته بزرگ شخص
ظاهر ٿيو پر خالي هٿن، ساڻس گڏ ڪي به نوڪر
ڪونه هئا. هن کيس چيو:”تون پنهنجي آڱر مان رت
جا ٽي ڦڙا ڪڍي ڏي، جيڪي مون وٽ اوستائين گروي
رهندا، جيستائين تون پنهنجي سودي تي پڪو
هوندين.“
” پر نوڪر ڪٿي آهن؟“ ڪنجوس کانئس پڇيو.
پوڙهي شخص وراڻيو:”ڳوٿريءَ ۾.“ پر اها ڳوٿري
ايترو ننڍي هئي جو مکي چوس کي يقين ئي نه پيو
اچي ته ڪو ان ۾ نوڪر سمائجي سگهندا. پوڙهي
ماڻهوءَ هن جا خيال پڙهندي چيو، ”فڪر نه ڪر،
آءٌ توسان ٺڳي نه ڪري رهيو آهيان.“
هن پنهنجو هٿ ڳوٿريءَ ۾ وڌو ۽ سڻيءَ جي مٺ ڀري
ٻاهر ڪڍيائين ۽ چيائين ته”اجهي هي تنهنجا
نوڪر،“ ۽ اوچتو هڪ قدآور، ويڪريءَ ڇاتيءَ وارو
نوجوان اڀري ظاهر ٿيو ۽ ان کان پوءِ پوڙهي ٻِي
مٺ ڀري ٻاهر ڪڍي ۽ هڪ ڇوڪري ظاهر ٿي. ”هي آهن
تنهنجا نوڪر ۽ نوڪرياڻي. هنن کي کاڌي کارائڻ
جي ڪا به ضرورت ڪانهي.“ پوڙهي ماڻهو کيس چيو:
”۽ هاڻي مون کي ٽي ڦڙا رت جا ۽ ڪارو سهو ڏيئي،
تون پنهنجي گهر وڃي سگهين ٿو.“
ڪنجوس ٽي ڦڙا رت جا ۽ نام ڪٺيو سهو ڏيندي
پوڙهي کان پنهنجن نوڪرن جا نالا پڇيا.
”مرد جو نالو بُنڊ ۽ ڇوڪريءَ جو نالو ڇوڏو
آهي.“ بزرگ شخص کيس جواب ڏنو ۽ اتان هليو ويو.
ان کان پوءِ ڪنجوس به پنهنجن نوڪرن کي ساڻ ڪري
گهر ڏي روانو ٿيو. نوان نوڪر ڏاڍا محنتي هئا،
صبح کان شام تائين ڪم ۾ لڳا پيا هوندا هئا ۽
پنهنجي مالڪ کان ڪڏهن به ان پاڻيءَ جي گُهر نه
ڪيائون. اونهاري جي گرم ڏينهن کان پوءِ سندن
مالڪ کين پاڻِيءَ ۾ وجهي ڇڏيندو هو ۽ ٻئي صبح
جو هو تازا توانا ٿي ڪم تي چڙهندا هئا.
ان دوران حرفتي مالڪ سال بسال ويو ڏوڪڙ گڏ
ڪندو ۽ شاهوڪار ٿيندو، ڇو ته کيس محنت جي
اجوري ۾ پائي به خرچ ڪرڻي ڪانه پوندي هئي.
اهڙيءَ طرح ست سال لاڳيتا هلي پورا ٿيا ۽ مٿان
ٻيا ست سال به اچي ختم ٿيا.
هاڻ مکي چوس کي اچي ڳڻتيءَ واريو ته اجهو ٿا
نوڪر هٿن منجهان وڃن، ڇو ته سندن مدو ختم ٿي
چڪو آهي، ان ڪري هو اهڙا طريقا سوچڻ لڳو جيئن
سودي جو وقت وڌائي سگهجي.
هڪ صبح جو جڏهن بخيل اٿيو ته ڏسي ته نوڪر ڪم
تي موجود نه آهن.
هن سوچيو ته هو اڃا تائين سندس ڪمري ۾ سمهيا
پيا هوندا. هو اوڏانهن ويو، پر هنن جو ڪمرو
خالي پيو هو ۽ سندن بسترن ۾ هڪ سڙيل بنڊ ۽ هڪ
وڻ جو ڇوڏو پيو هو.
جيئن ئي ڪنجوس شخص نااميد ٿي واپس وريو، ته هڪ
ازغيبي هٿ سندس گلي کي گهُٽو ڏيئي، هن جو ڪم
پورو ڪري ڇڏيو. جڏهن ڪنجوس پوڙهي جي زال کيس
تلاش ڪندي ان ڪمري ۾ پهتي ته کيس صرف رت جا ٽي
ڦڙا مليا. اوچتو هن کي سندن گدام جو خيال آيو،
اتي وڃي ڏٺائين ته ان ۾ ڪا به شئي ڪانه هئي.
سندن سڄي ملڪيت گم ٿي چڪي هئي ۽ پئسن جي
ٽجوڙيءَ ۾ سڪن جي بدران رڳا وڻن جا پيلا پن
پيل هئا.
پوءِ جلدئي هن ڪنجوس جي بيواهه به ڏک ۽ غم جي
ڪري مري ويئي ۽ اهڙيءَ طرح هيءَ ڳالهه پوري
ٿي. لالڇ سان گڏ ڪيل پونجي ۽ ان جي مالڪن جو
جيڪو حشر ٿيو اهو اوهان جي سامهون آهي.