سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آگسٽ  2024ع

باب:

صفحو:5 

ڪرشن چندر                         (قسط: تيرهين)

عبدالستار لغاري ٽنڊو الهيار

اُبتو وڻ (ٻاراڻو ناول)

ھتي گاهه ڦُٽل ھو ۽ ڪيترائي وڏا وڻ بيٺل ھئا، ۽ جبلن مان ھڪ خوبصورت آبشار  جو پاڻي وادي ۾ ڪري رھيو ھو. ان آبشار ھيٺان ڪيتريون ئي عورتون پاڻي ڀري رھيون ھيون. شھزادي يڪدم اُتان پاڻي جو گھڙو کنيو، عورتون شھزادي کي تعجب مان ڏسي رھيون ھيون. ھڪ عورت ته بيھوش به ٿي وئي، شھزادي لٺ تي سوار ٿي واپس قلعي ۾ آئي، رستي ۾ ھي انساني ڍانچن تي پاڻي ھاريندي کين جيئرو ڪندي آئي. مرده زندا ٿي شھزادي جي مھرباني مڃڻ لڳا. قلعي ۾ پھچي ھن سڀ کان پھرين پوڙھي جي مٿان پاڻي ڇڻڪيو، پوڙھو ھڪ دفعو وري گوشت ۽ رت وارو ماڻھو ٿي ويو، پوءِ شھزادي ڇوڪريءَ جي مٿان پاڻي ڇڻڪيو، ھو به جيئري ٿي وئي ۽ پنھنجي پيءُ کي ڀاڪر پائڻ لاءِ اڳتي وڌي ته ستار ھڪل ڪري چيس متان اُن وٽ وئي آھين، ھن جي ھٿ ۾ اڃا پارس پٿر موجود آهي. پوڙهي يڪدم پارس پٿر لاھي قلعي جي ٻاھريان اُڇليو ۽ پنھنجي ڌيءُ کي ڀاڪرين پئجي ويو. پيءُ ڌيءَ ٻنھي شھزادي جو احسان مڃيو. جڏھن شھزادي پوڙھي سان پنھنجي مطلب جي ڳالهه ڪئي ته ھي برج تي ھليو ويو ۽ شينھن جي وچ ۾ پيل جابلو ڪانءُ جو پڃرو کنيو. پوڙھي جيئن پڃرو کنيو ته سندس ڪنن تي آواز پيو، اسان کي ھتي ڇڏي وڃين پيو، واقعي سچ چوندا آهن، انسان وڏو ناشڪرو آھي. شھزادي ستار تي پاڻي ڇڻڪيو ته اھا به ڪاٺي جي ٿي وئي. پوڙھي جي ڌيءُ پنھنجي ستار کي سڃاڻي ورتو. ۽ ٻيئي ڀاڪر پائي خوشي ۾ روئڻ لڳيون. سندس ڳوڙھا ستار جي تارن تي پيا ته ھڪ خوبصورت گيت وڄڻ لڳو، قلعي جي ھر شيءِ خوشي ۾ ٻھڪي پئي. سون جا پن ساوا ٿي ويا، سونيون پنکڙيون خوبصورت گلن ۾ بدلجي ويون. چشمن ۾ وھندڙ سون، پاڻي ۾ بدلجي ٻنين کي سيراب ڪرڻ لڳو. سون جي وادي ۾ وري بھار اچي وئي. پوڙھو مٿي برج ۾ ويو ته ھن اھي منظر ڏسي شھزاديءَ کي چيو، ھاڻي تون ھي جابلو ڪانءُ کڻي وڃين سگھين ٿي. ھن جابلو ڪانءُ ۾ ٻي ڪھڙي خاص ڳالهه آھي. ھن جابلو ڪانءُ جي اکين ۾ تاري بدران پارس پٿر آھي، ڪانءُ جي مرڻ کانپوءِ پارس پٿر دنيا مان ختم ٿي ويندو. پوڙھي، زنجير سان پڃرو کولي شھزادي جي ھٿ ۾ ڏنو. شھزادي لٺ تي سوار ٿي سُتلن جي شھر ۾ پھچي وئي. شھزادي قلعي جي اندر پھتي ته ھڪ ديوُ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو ڏانھس وڌڻ لڳو. شھزاديءَ يڪدم پڃرو کولي، ڪانءُ جي چُھنب مان چاندي جو ڇلو ڪڍي، ڪانءُ جا ٻيئي پر پٽي اُڇلي ڇڏيا. ڪانءُ جي پرن ٽٽڻ سان ديو جون به ٻيئي ٻانھون به پٽجي ويون. ديو رانڀاٽ ڪري شھزادي ڏي وڌڻ لڳو ته ھن ڪانءُ جون ٻيئي اکيون به ڪڍي ڇڏيون. ايئن ڪرڻ سان ديو به انڌو ٿي ويو. ھاڻي ديو کي شھزادي نظر نه پئي آئي ۽ چرين وانگر بدحواس ٿي ھيڏانھن ھوڏانھن ڀڄڻ لڳو. ھڪ ديو جيڪو ماڻھو جي بوءِ سڃاڻي ويندو ھو، اھو ڪنھن طريقي سان شھزادي جي ويجھو پھچي پنھنجو پير شھزادي مٿان رکڻ وارو ئي ھو ته ھو وڏي ڦُڙتي سان بولاٽي کائي نڪري وئي. شھزادي يڪدم ڪانءُ کي ٽنگن مان جھلي چيري ڇڏيو. ڪانءُ ٻه اڌ ٿيندي ئي ڪڪرن جي گجگوڙ شروع ٿي وئي، زمين ايئن لڏڻ لڳي جھڙو زلزلو آيو ھجي. قلعو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪِري پيو ۽ شھزادي به زلزلي جي ڪري بيھوش ٿي وئي. ٿوري دير کانپوءِ ھن کي ھوش آيو ته ھن کي، نه قلعا نظر آيا، نه ديو، نه برج ۽ نه ئي ڪا کڏ ھئي. ھن سرسبز وڏو ميدان ڏٺو، جتي گل ٽڙي پيا ھئا. ميدان جي وچ ۾ ھڪ ميز تي موتين جو باجو پيل آهي ۽ پاسي ۾ ھڪ پڃرو پيو آھي، جنھن ۾ موھن قيد ٿيل آھي. موھن کي ڏسندي ئي شھزادي ڀڄندي وٽس پھتي ۽ يڪدم پڃري جو در کولي موھن کي آزاد ڪيائين. پوءِ ھن چاندي جي ڇلي مان گلاب جو گل ڪڍي باجي مٿان رکي ڇڏيو.  باجي مٿان گل رکندي ئي غائب ٿي ويو ۽ باجي جو وزن ھلڪو ٿي ويو، موھن باجو کنيو ۽ لٺ تي سوار ٿي ٻيئي پادري ڏي ويا ۽ باجو پادري کي ڏنائون.. پادري باجو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان کي چيائين، اٿو، منھنجي دنيا جي غريبن کي بيدار ڪيو. پر باجو خاموش رھيو. پادري ڪاوڙ مان موھن ڏي ڏسندي چيو، تو مون سان دوکو ڪيو آهي، ھي اصلي موتين وارو باجو نه آهي، ٻيو ڪو کڻي آيو آهين. موھن چيو، نه ھي اصلي باجو آھي. پادري چيو، ته پوءِ ھي ڳالھائي ڇو نه ٿو. پر پوءِ به باجو خاموش رھيو. پادري ڪاوڙ مان چيو، وڃ توکي لال نه ڏيندس. شھزادي موھن کان باجو ڦُري پنھنجي چپن تي رکيو ۽ زور سان ڳائڻ لڳي. اٿو، منھنجي غريبن کي بيدار ڪيو. اھو آواز پوري وادي ۾ گونجڻ لڳو ۽ جتي جتي ماڻھو سُتل ھئا، يا نيم بيھوش ھئا يا جاڳيل ھئا، آواز ٻڌڻ سان اُھي سڄاڳ ٿيندا ويا ۽ خوشي ۾ سندن اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا، اڄ ورھين کان پوءِ ھُو جاڳيا ھئا، پنھنجن پيارن کي سڃاڻي رھيا ھئا، پوري وادي ۾ بھار اچي وئي ۽ باجو زور سان وڄي رھيو ھو. اٿو، منھنجي دنيا جي غريبن کي بيدار ڪيو. پادري خوشي مان باجي کي کنيو، چوڻ لڳو، ھاڻي آءٌ سمجھي ويس، ھي ديون جو باجو نه پر انسانن جو آھي، ھي پاڻھي نه وڄندو،  ھن کي وڄائڻ لاءِ انسان جي ساهه ۽ محنت جي ضرورت پوندي. پادري موھن ۽ شھزادي ڏي ڏٺو ۽ پنھنجي گلي ۾ پاتل لال لاھي سندن حوالي ڪري ڇڏيو. شھزادي ۽ موھن لٺ تي سوار ٿي روانا ٿي ويا، وقت تمام گھٽ ھو، ڇو ته سج اولهه ڏي لڙِي چڪو هو.

ٿوري دير کانپوءِ  موھن ۽ شھزادي لٺ تي اُڏامندا سائي جُبي واري پوڙھي وٽ نانگن جي شھر ۾ پھتا، سج اڃا نه لٿو ھو، پر اُلهندي طرف ڏسڻ سان اندازو ٿيو ھو، ته اڌ ڪلاڪ ۾ لھي ويندو. پوڙھي لال ھٿ ۾ کڻي چيو، وقت تمام گھٽ آھي پر ھلون ٿا، آخري ڪوشش ڪري ڏسون ٿا. پوڙھي لٺ ھٿ ۾ کنئي، موھن ۽ شھزادي کي وٺي مينار طرف روانو ٿيو، جتي نانگن جي سرڪار رھندي ھئي. رستي ۾ پوڙھي موھن ۽ شھزاديءَ کي چيو، مينار ۾ اندر گھڙڻ جي ھڪ ترڪيب آھي. اھا ترڪيب صحيح طريقي سان سمجھي وٺو. ان ۾ ٿوري به غلطي جي گنجائش ناھي، ٿوري به غلطي ڪرڻ سان يوسف جي زندگي وڃي سگھي ٿي. ٻڌايو، موھن چيو، اسان کي ڇا ڪرڻو آهي. پوڙھي چيو، ھو سامھون جھنگلو نظر اچي رھيو آھي، اسان ٽيئي اتي ھلي بيھنداسين، مينار جي اندران ھڪ آواز ايندو، تون ڪير آهين، توھان کي صرف ايترو چوڻو آھي، ته اسان سرڪار جا غلام آهيون. ان کانپوءِ اسان کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي، جڏھن اسان مينار جي اندرين ڦاٽڪ وٽ پھچنداسين، ته اُتي اسان کي بيھڻو پوندو. انھي ڦاٽڪ جي وچ ۾ ھڪ سوراخ آھي، سوراخ مان ھو ڏسي انھي ڳالهه جو اندازو لڳائيندا، ته اسان واقعي ئي سرڪار جا غلام آهيون يا نه. اھا خبر انھن کي ڪيئن پوندي، ته اسان سرڪار جا غلام آھيون. جڏھن اسان دروازي تي پھچنداسين، ته اسان کي اکيون قطعي ڇنبڻيون نه آھن، بس ماٺ ڪري سوراخ کي ٽِڪَ ٻڌي تَڪيندا رھنداسين. سرڪار جي غلامن جي وڏي نشاني اھا آھي، ته ھو اکيون نه ڇنڀيندا آھن، ھٿ ٻڌي ماٺِ ڪري ھڪ ھنڌ بيٺا ھوندا آھن. ھاڻي سمجھي ويا. شھزاديءَ چيو، ھا سمجھي وياسين. پوڙھي چيو، جيئن مون ٻڌايو آھي، انھي تي عمل ڪرڻو آهي، نه ته پوءِ يوسف جي زندگي نه بچي سگھندي. ان کانپوءِ پوڙھو، موھن ۽ شھزادي ٽيئي، مينار جي جھنگلي وٽ بيھي رھيا. مينار جي اندران آواز آيو، ڪير آهي؟ ٽنھي گڏجي جواب ڏنو، سرڪار جا غلام. ڪھڙو ڪم آھي؟ سرڪار جي غلامي ڪرڻ چاھيون ٿا، پوڙھي چيو. آواز آيو، اڳتي وڌو. ھي ٽيئي اڳتي وڌيا، مينار جي ڦاٽڪ ۾ سوراخ ھيو، ھي ٽيئي اُتي بيھي رھيا. ڪجهه منٽن تائين بغير اکيون ڇنڀڻ جي اُتي بيٺي رھيا، حالانڪه موھن جون اکيون سڙڻ لڳيون، شھزاديءَ جي اکين مان پاڻي وھڻ لڳو.

(هلندڙ.....)


 

علي محمد پلهه                         (قسط: نائين)

ڳوٺ: پلهه/سانگهڙ

هڪ ڏينهن جو بادشاهه

 

ابوالحسن چيس ته آءٌ هتي ساهه روڪي مُڙدو ٿي ٿو پوان ۽ تون اڇي چادر ڪفن وانگر مٿان وجهي پوءِ وار کولي روئندي وڃي راڻيءَ کي منهنجي مرڻ جي ڳالهه ٻڌائجان، ته هوءَ ڪفن دفن ۽ خير خيرات لاءِ ڪجهه مال ڏيندي ۽ تنهنجا ڪپڙا ڦاٽل ڏسي نوان ڪپڙا به ڏيندي. جڏهن اهو مال ملندو، ته آءٌ يڪدم اُٿي روئيندو، خليفي ڏي ويندس ۽ تون ساڳيءَ طرح مڪرُ ڪجانءِ. آءٌ سمجهان ٿو، ته خليفو به راڻيءَ جيترو مال ضرور ڏيندو. اها ڳالهه ٻُڌي زال ڏاڍي خوش ٿي .

ابوالحسن دالان ۾ ساهه روڪي سُمهي رهيو. ڪو ماڻهو آيو ٿي، ته ساهه روڪيائين ٿي، نه ته ساهه پي کنيائين. سندس زال وار کولي روئندي راڻيءَ وٽ پهتي ۽ ابوالحسن جي مرڻ جو احوال بيان ڪيائين. زبيده ۽ ٻانهين کي تمام گهڻو ڏُک ٿيو. راڻيءَ هُن کي چيو، ته آءٌ ڀانيان ٿي، ته هو ويچارو تنهنجن اجاين خرچن جي ڪري تنگ دست ۽ مسڪين ٿي مري ويو آهي. روح راحت چيو، ته مان ته کيس ساهه کان به وڌيڪ پيارو سمجهندي هُئس. ڪڏهن به ڪپڙن يا کاڌي خوراڪ لاءِ کيس تنگ نه ڪيَم. راڻيءَ جو هن تي اعتبار هو، سو کيس هزار مهرون ۽ ريشمي ٿانُ ڏنو، ته وڃي ڪفن دفن جو بندوبست ڪر ۽ خير خيرات به ڪجانءِ . روح راحت سامان کڻي گهر پهتي ۽ مڙس کي اچي احوال ٻُڌايائين. ته وري ابوالحسن زال کي سُمهاري مٿان اڇي چادر وجهي پاڻ خليفي ڏي ويو. درٻار جو وقت هو، ابوالحسن کي روئندو پٽندو ڏسي ڪَم ڪار ڇَڏي خليفي هن کان روئڻ جو سبب پڇيو. سُڏڪا ڀَريندي  ابوالحسن چيو، ته اي غريب نواز منهنجي پياري زال مري وئي. اها ڳالهه ٻُڌي خليفي ۽ درٻارين ڏاڍو ارمان ڪيو. آخر خليفي هڪ هزار مهرون ۽ ريشمي ڪپڙن جو تاڪيو ڏنس، ته جلد وڃي ڪفن دفن جو بندوبست ڪر. ابوالحسن دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ گهر اچي زال کي اُٿاري  مال ڏيکاريائين. هوءَ به ڏاڍي خوش ٿي.

خليفي ۽ راڻيءَ کي هنن ٻنهي جي مرڻ جو ڏاڍو ڏُک ٿيو. خليفي يڪدم درٻار ختم ڪري مسرور ڪوٽوال سان زبيده جي محلات ۾ آيو ۽ راڻيءَ کي غمگين ڏسي، اُن کي تسلي ڏنائين ته بيشڪ روح راحت تنهنجي پياري ۽ سهڻي خدمتگار هُئي، پر ڌڻي تعالى جي اڳيان ڪنهن جو وُس نٿو هلي. تنهنڪري صَبر ۽ شُڪر ڪرڻ گهرجي. سندس عُمر ئي ايتري هُئي. راڻيءَ خليفي جي واتان روح راحت جي خبر ٻُڌي سوچيو، ته شايد خليفي پوري ڳالهه نه سَمجهي آهي. اهو خيال ڪري خليفي کي چيائين ته سائين! روح راحت ته زنده آهي، پر ان جو مُڙس اوهان جو پيارو دوست مَري ويو آهي.

خليفي کي ته روح راحت جي مرڻ جي پَڪ هُئي، سو راڻيءَ زبيده جا اهي لفظ ٻُڌي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳو، مسرور ڪوٽوال کي چيائين، ته بي بي جيڪو چيو سو تو ٻڌو؟ ڪوٽوال ورندي ڏني، ته راڻيءَ جي عقل تي مون کي ڏاڍو تعجب ٿو اچي، جو هڪ مان ٻي ڳالهه سمجهي اٿس. روح راحت جي بدران ابوالحسن کي ماريو ويٺي آهي.

خليفي چيس ته پياري؟ تون هن جو ڪو به خيال نه ڪر، ڪلاڪ کن مس گذريو آهي، ته هو مون وٽ آيو هو ۽ پنهنجي زال لاءِ ڏاڍو ارمان هُوس. مون کيس هزار مهرون ۽ ريشمي ڪپڙي جو تاڪيو ڏنو. زبيده خليفي کي چيو، ته اوهان جي طبع ڏاڍي خوش مزاجي آهي، پر هي وقت کل ڀوڳ جو نه آهي. اوهين منهنجي ٻانهيءَ جو افسوس ٿا ڪريو. پر ڳالهه اصل ۾ هيءَ آهي، ته اُن جو مُڙس مري ويو آهي ۽ توهان کي افسوس هُئڻ گهرجي. خليفي چيس ته پياري آءٌ چرچا نه ٿو ڪيان، تنهنجي ٻانهي مري وئي آهي ۽ ابوالحسن جيئرو آهي. توکي ڪنهن ڪوڙ هڻي ٻڌايو آهي. زبيده چيو ته ايئن نه آهي، اوهان کي ڪنهن ڪوڙ هڻي ٻڌايو آهي. ڪلاڪ کن ٿيندو ته روح راحت مون وٽ آئي. ڳچ مهل تائين مڙس جي مرڻ جي ڪري مُنهن مٿو پٽيائين. مون کي به اکين ۾ پاڻي اچي ويو. مون به کيس هزار مهرون ۽ ريشمي ڪپڙي جو تاڪيو ڏنو ۽ تاڪيد ڪيم ته ڪفن دفن ڪر. غم هيس ۽ ارادو ڪيم، ته اوهان ڏي اطلاع ڪيان، پر اوهان ته پاڻ اچي ويا آهيو.

خليفو چئي ته روح راحت مري وئي آهي، راڻي زبيده چئي ته ابوالحسن مري ويو آهي، خليفي چيو، ته هاڻ ٿا ڪوٽوال کي موڪليون. ڪوڙ سچ جي پاڻهي خبر پوندي. جي آءٌ سچو ٿيس، ته تو وارو تصويرن وارا بنگلو کڻندس ۽ جيڪڏهن تون سچي ٿينءَ ته شاهي باغ کڻجانءِ.

ان شرط تي قائم رهي مسرور کي روانو ڪري پاڻ انتظار ڪرڻ لڳا. مسرور کي جڏهن ابوالحسن وارن ايندو ڏٺو، ته يڪدم دروازو کولي ڇڏيائون. ڇا ڪاڻ ته هنن دروازو بند ڪري صلاح پئي ڪئي، ته بادشاهه ضرور ماڻهون موڪليندو، سو ڪوٽوال کي ايندو ڏسي ابوالحسن يڪدم زال کي چيو، ته تون سمهي رهه. هن مٿان ڪپڙو وجهي ڇڏيس ۽ پاڻ ويهي روئڻ لڳو. ايتري ۾ مسرور اندر آيو. ڏٺائين ته برابر روح راحت مُئي پئي آهي. ان ڪري دل ۾ گهڻو خوش ٿيو، ته خليفي جو چوڻ سچو ٿيو. ابوالحسن مسرور کي ڏسي عزت سان سلام ڪري چيو، ته منهنجو حال ڏسين ٿو، ته آءٌ ڪهڙي نه مصيبت ۾ آهيان. منهنجي پياري زال مون کان جُدا ٿي وئي. مسرور چيس، ته روح راحت منهنجي پياري  ڀيڻ هُئي. خدا جي اڳيان ڪنهن جو چارو نه ٿو هلي، ادا صبر ڪر، هن زماني جون زالون به عجيب آهن، پُڇا ڳاڇا کان سواءِ اجايو ضد ڪريو ويهن. زبيده خاتون به تڪرار ٻڌو آهي، ته ابوالحسن مَري ويو آهي. جيتوڻيڪ مون به شاهدي ڏني، ته به راڻي خليفي کي ڪوڙو ڪيو ويٺي آهي. ابوالحسن چيو ته خدا خليفي کي خوش رکي، جنهن منهنجي مدد ڪئي. هيءَ لاچاري حالت نه هجي ها ته پاڻ هلي، بي بي صاحبه کي مُنهن ڏيکاريان ها.

مسرور چيس، ته اوهين  پنهنجي ڪم جي پوئواري ڪيو.آءٌ وڃي ٿو حال پيش ڪريان. آخر ڪوٽوال موڪلايو ۽ هنن وري دروازو بند ڪري ڇڏيو. ابوالحسن پنهنجي زال کي اُٿاريو ۽ چيائينس، ته راڻي ڪوٽوال جي ڳالهه تي ويسهه ڪانه ڪندي ۽ ضروري ڪو اعتبار جوڳو ماڻهو موڪليندي هوڏانهن ڪوٽوال محلات ۾ وڃي ٽهڪ ڏئي تاڙي وڄائي چوڻ لڳو، ته خليفو صاحب سچو آهي، راڻي شرط هارائي. زبيده ڏمر جي چيس، شيطان! هي وقت ٽهڪن جو نه آهي، سچ ٻُڌاءِ ڪير مَري ويو آهي؟ مسرور چيس، ته روح راحت مُئي پَئي آهي،  ۽ سندس مُڙس جُدائي ۾ روئي رهيو هو. ڪوٽوال جي اها ڳالهه ٻڌي خليفو ٽُپ ڏئي اُٿي بيٺو ۽ ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو، ته تو وارو تصويرن وارو بنگلو مون کٽيو. زبيده چيو، ته مون کي هن غُلام تي اعتبار ڪونه آهي. هي غلام ڏاڍو حرڪتي، شيطان جو ڀاءُ آهي. آءٌ ڪا انڌي نه آهيان. مون پنهنجي اکين سان روح راحت کي ڏٺو آهي. پوءِ ٻانهيون گهرائي انهن جي شاهدي پيش ڪيائين. خليفي چيس ته چري راڻي! هاڻ ته مسرور ڏسي آيو آهي. راڻيءَ چيو ته نه! آءٌ پنهنجو ماڻهو موڪلي پَڪ ڪرائينديس. هڪ ٻانهيءَ کي حُڪم ڏنائين، ته جاچ ڪري اچ. ٻانهي رواني ٿي. ابوالحسن وارن ڏٺو، ته ٻانهي پئي اچي. سو پاڻ سُمهي رهيو ۽ سندس زال دروازو کولي ويهي روئڻ لڳي. ٻانهي به سندس پاسي ۾ ويهي رهي ۽ چوڻ لڳس، ته آءٌ تنهنجي مُڙس جي ماتم پُرسي لاءِ آئي آهيان. روح راحت روئي چوڻ لڳي، ته ڏس قهر ٿي ويو. خليفي ۽ راڻيءَ اسان جي شادي ڌَام ڌُوم سان ڪرائي. اڄ نيڪ بخت گذاري ويو. پوءِ رڙيون ڪري روئڻ لڳي. دائيءَ چيس ته ڌيءُ! مسرور جو ڪارو مُنهن ٿئي، تنهنجي نالي مُئل چئي خليفي ۽ راڻيءَ کي تڪرار ۾ وجهي ڇڏيو آهي. روح راحت چيو، ته جيڪي مسرور ٿو چوي، سو شال سچ ٿئي ها، ته آءٌ اڄ هي ڏُ ک نه ڏسان ها.

(هلندڙ.....)

اشتياق احمد                               (قسط: ٽين)

سنڌيڪار: مير سردار چنڙ

اله دين جو چراغ

ٻاراڻو ناول

 

جنھن سان منھنجي جسم کي ڪتڪتائي ضرور محسوس ٿي، پر اک کُلي نه سگھي. تو ٻيھر رڳڙيو، ته مان ھڪ ڇرڪُ ڀريو. پر وري سُمھي پيس. ٽيون دفعو رڳڙيو ته خبر پئي، ته ڪو چراغ کي رڳڙي رھيو آھي. چوٿين دفعي ته ايئن محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنھن منھنجي جسم ۾ نيزو ٺوڪي ڇڏيو آھي. توھان چوٿون دفعو  ڪنھن سان رڳڙيو ھو؟ روات سان مان ان کي ٻڌايو.

خدا جي نالي، حضرت سليمان عليھ  السلام جي نالي اڳتي تون رَوات سان چراغ نه رڳڙجان. مونکي سخت تڪليف ٿي آھي. ڇا ڪيو وڃي؟ آڱوٺي سان رڳڙڻ سان ته تون اچين نٿو. مان بي پرواھي سان چيو. ان جو سبب اھو آھي، ته ھڪ ته مان ٽي ھزار سالن کان سُتل ھئس. ٻيو ته چراغ تي ڪجهه ڪٽِ لڳي وئي آھي. ھاڻ جڏھن مان اُٿي چڪو آھيان، ته ھڪدم حاضر ٿي ويندس. پر اوھان ان چراغ تان ڪٽ ضرور لاھيو. پر ان حوالي سان به احتياط ڪجو. زرو زرو سان نه رڳڙجو.

اڇا! مان اُن جي ڪٽُ لاھي ڇڏيندس. ٻيا ماڻھو خاموشي سان اسان جي ڪچھري ٻُڌي رھيا ھئا. ان وقت نادر ڳالهايو.

جِنَ ادا! تون ڪاٿي سُتل ھوندو ھئين؟ جِنَ ان جي ڳالهه جو ڪو به جواب نه ڏنو. تو منھنجي ننڍي ڀاءُ جي ڳالهه جو جواب نه ڏنو مان چيو.

ان ڇا پڇيو آھي؟ ڇا تو نه ٻڌو. بلڪل به نه. مان صرف ان جو آواز ٻُڌندو آھيان، جنھن جي قبضي ۾ ھي چراغ ھجي. تون ڪاٿي سُتل ھئين؟ جن چيو مان ڪوهه  قاف ۾. ڇا اُتي اڃا به جنَ ۽ ديوَ رھندا آھن. ھا... ڇا اتي اوھان جا گھر به ھوندا آھن.

ھا! ڪوهه قاف ۾ منھنجو به ھڪ گھر آھي. ڇا تون اھو ئي جنُ آھين؟ جيڪو اله دين جو غلام ھو. نادر پڇيو ۽ مان ان جا سوال جنَ کي ٻڌايا. اله دين جو نه! ھن چراغ جو. ھي چراغ جنھن جي قبضي ۾ ھوندو، مان ان جو غلام ھوندو آھيان. پوءِ به! توکي اله دين ته ياد ھوندو! مان پڇيو. ھا. اھو ڪيئن مئو؟

ھڪ ڏينھن ھڪ وڏو زلزلو آيو. سڄو شھر درھم برھم ٿي ويو، اله دين چراغ طرف ڊوڙيو، ته جيئن ان کي رڳڙي مونکي مدد لاءِ سڏي سگھي، پر ان کان پھريان جو اھو چراغ تي پھچي، محل ڪِري پيو ۽ اھو سڄو شھر ئي زمين ۾ دفن ٿي ويو. ان وقت مان سوچيو ھو، ته مان هميشه هميشه لاءِ آزاد ٿي ويو آھيان. ڇاڪاڻ ته چراغ به اله دين جي محل سان گڏ زمين ۾ دفن ٿي ويو ھو. پر خدا ڄاڻي ٽي ھزار سال بعد ھي چراغ اوھان کي الائي ڪيئن ھٿ لڳي ويو. ڇا تون نٿو ڄاڻين؟ نه مان ته ان وقت سُمھي پيو ھئس. جڏھن اله دين زندهه دفن ٿيو ھو. اسان کي ته ھڪ ڪٻاڙي جي دڪان تان مليو ھو. خدا ڄاڻي اتي ڪيئن پھتو. اڇا ھاڻ اھو ٻڌايو، ته منھنجي لاءِ ڪھڙو حڪم آھي.جن پڇيو

ڇو.... ڇا بيٺي بيٺي ٿڪجي پيو آھين؟

جي نه جيڪڏھن تون حڪم ڪرين ته مھينن جا مھينا ايئن بيٺو ھوندس. اڇا ترس، سڀني کان پُڇي ٻڌايان ٿو. مان چيو ۽ پويان گھر وارن طرف مُڙيس. جن کي ڪھڙي ڪم لاءِ چيو وڃي؟ منھنجو خيال آھي ته ھن وقت ھن کي موڪل ڏجي. صبح جو سوچينداسين. ابوءَ چيو. ھا ! اھو صحيح رھندو.  ادا چيو. اڇا ته مان ان کي وڃڻ لاءِ چوان. ھا!

اڇا ته مسٽر جن! ھن وقت تون وڃي سگھين ٿو. ته پوءِ سڏايو ڇو ھيوَ؟ جن ڪاوڙ ڪندي چيو. ادا جن ڪاوڙ نه ڪر! اصل ۾ اسان اھو معلوم ڪرڻ پيا چاھيون، ته ھي  اله دين جي چراغ آھي يا نه!

اڇا خير! ھاڻ مان ھلان ٿو. اھو چوڻ جي دير ھئي، جن اسان جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو. اسان ضرور ڪوئي خواب ڏسي رھيا آھيون. بابا چيو.

ھي خواب نٿو ٿي سگھي. جيڪڏھن اھو خواب آھي، ته خبر پئجي ويندي ڇو نه ھاڻ سُمھجي. ڇو نه سُمھڻ کان پھرين اھو سوچيو وڃي، ته صبح جو جِنَ کان ڪھڙو ڪم وٺجي. جيسيتائين اھو يقين نه ٿو ٿئي ته اھو سڀ ھڪ خواب ناھي، ته ڇا ٿا سوچي سگھون. ته ڇا ھڪ دفعو ٻيھر رڳڙيان چراغ کي. مان چيو. نه نه ادا، جن ڪاوڙ ڪندو. نادر گھٻرائيندي چيو.

ھا اھو به درست آھي. مان چيو. صحيح آ. پھريان سانجھاندو ڪيو وڃي ۽ پوءِ ننڊ ڪئي وڃي. صبح اھا خبر پئجي ويندي، ته ھي خواب آھي يا حقيقت. پر سُمھڻ کان اڳ ھڪ ڳالهه ڪرڻ چاھيان ٿو، مان سڀني کي چيو. ۽ اھا ڪھڙي؟ ادا پڇيو. جيڪڏھن ڪو شخص ھوڪو ڏيندي گھٽي مان گذري ته پراڻي چراغ جي بدلي نئون چراغ وٺو، ته ڪنھن به صورت ۾ ھن چراغ کي تبديل نه ڪيو ويندو. صبح جو سڀ گھر وارا دير تائين سُتل ھئا. سڀ کان پھريان منھنجي اک کُلي. اک کُلندي ئي چراغ جو خيال آيو. مان جلدي پنھنجي ويهاڻي ھيٺان ڏٺو، چراغ موجود نه ھو. اچانڪ منھنجي ذھن کي لوڏو محسوس ٿيو، ته ڇا ھي سڀ خواب ھو. اُف خدا...... مان ته سچ پچ خواب ڏسي رھيو آھيان..! ھاڻ جڏھن سڀ گھر وارا اُٿندا ته انھن کي پنھنجو خواب ٻُڌائيندس. سڀ ٻُڌي کِلندا. بابا اُٿيو ۽ ان سڀني کي واري واري  سان سڏي اُٿاريو. اڃا سڀ اکيون مھٽي رھيا ھئا، ته مان چيو. بابا رات مان ھڪ عجيب ۽ غريب خواب ڏٺو. ڇا مطلب! بابا چيو. مان ڏٺو، ته مونکي اله دين جو جادوئي چراغ ملي ويو آھي. ھي تون ڇا چئي رھيو آھين؟ ان چراغ کي ته اسان سڀني ڏٺو ھو. پر جنَ کي به سڀني ڏٺو ھو. ادا رڙيون ڪندي چيو. اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ اسان سڀ ھڪ ئي وقت خواب ڪيئن ٿا ڏسي سگهون؟ مان حيران ٿيندي چيو. تون ڪيئن ٿو چئي سگھين ته اھو خواب ھو. اُن حوالي سان ته مان سُمھڻ وقت چراغ پنهنجي پاسي ۾ رکيو ھو ۽ ھاڻ ھتي ڪو به چراغ موجود ناھي. ڇا! بابا جون اکيون کُلي ويون. جي ھا! چراغ ھتي ڪونهي.

حيرت آھي! اڄ تائين اھڙو حيرت انگيز واقعو ٻُڌڻ ۾ ناھي آيو، ته ستن اٺن ماڻھن ھڪ ئي وقت خواب ڏٺو ھجي.

ڇا ٿيو بابا؟ نادر اکيون مھٽيندي چيو. اھو اڃا تائين ننڊ جي اثر ھيٺ ھو.

ڇا تو به رات ننڊ ۾ اله دين جو چراغ ڏٺو ھو؟ بابا نادر کان پڇيو. خواب ۾؟ ڇا مطلب؟ ته ڇا اوھان اھو سمجھو ٿا، ته اھو خواب ھو؟ ھان!

ھرگز نه! اسان رات ڪو به خواب نه ڏٺو ھو، پر اسان کي سچ پچ اله دين جو چراغ ملي ويو آھي. ڪھڙي بڪواس ڪرين ٿو. ھاڻ اھو چراغ ھتي ڪونھي.

ھي تون ڪيئن چئي سگھين ٿو. خواب ۾ جڏھن اسان سُمھڻ لڳاسين، ته ببلو چراغ پنھجي پاسي ۾ رکيو ھو. پر ھاڻ اھو چراغ ھتي موجود ناھي. ته چراغ ڪاڏي ويو؟ بابا چيو.  ادا ببلو چراغ پاسي ۾ ضرور رکيو ھو، پر مون کي ڊپ ٿيو. متان ڪو چراغ کي چورائي نه وڃي. ان لاءِ نادر چوندي چوندي خاموش ٿي ويو. ان لاءِ ڇا؟ جلدِي ٻُڌاءِ. مان پريشاني مان چيو. ان لاءِ مان چراغ کي الماڙي ۾ رکي ڇڏيو. ھو. ان وقت توھان سڀ سُمهي پيا ھو.

ڇا! ڇا تون سچ چئي رھيو آھين.

جيڪڏھن يقين نه ٿو اچئي ته الماڙي کولي ڏسو.

(هلندڙ......)


 

 

محترمه ايڊيٽر صاحبه. السلام عليڪم ربّ تعالى کان قوي اُميد آهي، ته اوهان ۽ اوهان سان مُنسَلڪ تمام ساٿي خيريت سان هوندا. هن رسالي جي ذريعي علم جي اُڃارن تائين سٺيون ڳالهيون پهچائيندا رهندا. منهنجي هر وقت اهائي دلي دعا آهي، ته هن فتنن واري دور ۾ توهان هن علمي ڪاوش (گُل ڦُل) کي هر دفعي نئين رنگ ڍنگ ۾ تا دير جاري ۽ ساري رکندا اچو. محترمه. مان هڪ تحرير سان اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهيان.هن کان اڳ ۾ به اوهان هن رسالي ۾ مضمون ۽ خط شايع ڪيا آهن. توهان جو شڪر گذار آهيان ۽ ربّ سائينءَ جا به بيحد احسان جو مون نالائق کي ان لکڻ جي همٿ،توفيق،طاقت ڏني. مان گُل ڦُل چند مهينن کان پڙهڻ شروع ڪيو. ان مختصر وقت ۾ ئي گُل ڦُل جي محبت دل ۽ دماغ ۾ ائين رچي وئي، جو هاڻي ته هر مهيني مون کي وڏي شدت سان گُل ڦُل جو انتظار رهندو آهي.

گُل ڦُل جي انهيءَ محبت ۽ اُلفت اڄ مون کي قلم کڻڻ تي مجبور ڪيو. مون کي اُميد آهي ته (پهريان وانگر) منهنجو هيءُ مختصر مَواد شايع ڪري حوصله افزائي فرمائيندا.

عبدالسميع (ثمير) بن غلام شبير ملاح

ڳوٺ مڏ ملاح بکري شريف تعلقو ڪنڊيارو..

***

محترمه ايڊيٽر صاحبه. السلام عليڪم. اُميد ته اوهان پنهنجي سٿَ سميت خيريت سان هونديون. ربّ العزت هن ڪائنات جو جيڪو نظام ٺاهيو آهي! ان جي مطابق ربّ پاڪ هر ڪنهن کي الڳ الڳ ڪم ۾ مصروف ڪيو آهي. خوشقسمت اُهي انسان آهن، جن کي ربّ پاڪ علم سان نوازيو آهي ۽ اهي علم جي خدمت ۾ مصروف آهن. ماشاءَالله. ربّ العّزت جي بارگاهه ۾ دعا آهي، ته اسان گنهگارن کي به دنيا جي ڌنڌن کان ڇوٽڪارو عطا فرمائي ۽ علم جي لاءِ قبول فرمائي. محترمه صاحبه مان اوهان جو نهايت شڪر گذار آهيان. جولاءِ واري پرچي ۾ اوهان منهنجو پهريو دفعو لکيل مواد ۽ خط شايع ڪري، اڳتي لکڻ لاءِ همٿايو، تمام گهڻي خوشي ٿي. هاڻي اهو گُل ڦُل رسالو اسان جي مدرسي جي ڪتب خاني ۾ به اچي پيو. ننڍڙا طالب به پڙهن ۽ ڏسن پيا. اسان جي علائقي جا ٻار ساٿي به پهريان کان هن رسالي ۾ لکندا آهن. (اجمل، اڪمل، افضل، ثمير ۽ مقبول احمد) انهن کي ڏسي اسان کي به جذبو پيدا ٿيو. هن دفعي به ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان. اُميد ته شايع ڪندا نيڪ دعائون ۽ نيڪ تمنائون تمام گل ڦل پڙهندڙن جي لاءِ.

سميع الله عباسي

ڪلاس ڏهون، سپريئر سٽي هاءِ اسڪول ڪنڊيارو مدرسه دارالعلوم فضليه سيد وباغ

***


 

لطيفي لات جو نتيجو

آگسٽ 2024ع جي ماهوار شماري  ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيتسُر سارنگ جي داستان ٽئين جو اٺون نمبر بيت آهي.

بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:

اڄ پڻ اُڀ۾ اتر طرف ڪيترا ڪارا ڪڪر ۽ گهاٽو جُهڙ ٿي ويو آهي (بارش جو سمان پيو نظر اچي.) رسول پاڪ صلي الله عليھ وسلم جي روضي جي چوڌاري (رحمت جو) وڏو مينهن پيو آهي، جنهن سڀ هيٺانهيون مٿانهيون ڀري ڇڏيون آهن. شال انهيءَ (برڪت ڀرئي) مينهن واريون کِنوڻيون هن طرف موٽي اچي وسن ته (هي غريب) سنگهار به سُکيا ستابا ٿي پون (سندن ڏک ڏولاوا لهي پون).

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*عمار علي: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ.

*سعد الله ڏاهري: ڪلاس ستون، اسد پبلڪ هائير سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.

*شايان علي علوي: ڪلاس ٽيون، مخدوم خليق الزمان پرائمري اسڪول هالا نوان.

*عبدالسميع: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي.

*سليمان جمالي: ڪلاس ڇهون، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن هاءِ اسڪول ڳوٺ جان محمد عرف (مٺياڻي) جمالي ضلع مٽياري.

*خليفو فيصل ڪاڪا: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڦل ڪاڪا ضلع مٽياري.

*عبيدالله ڪاڪا: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڦل ڪاڪا.

*عبدالباقي ڀٽو: ميرپور ماٿيلو مومل جي ماڙي گهوٽڪي.

*عبدالمالڪ سهندڙو : ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول رستم ضلع شڪارپور.

*سعيده سهندڙو: ڳوٺ عظيم سهندڙو ضلع شڪارپور.

*انيبا فرحان: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ باغ ڀٽي حيدرآباد.

*عادل جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول پاهڙ خان جمالي ضلعو مٽياري

*فردوس علوي: ڪلاس پنجون، مخدوم خليق الزمان پرائمري اسڪول هالا نوان.

*ذوالقرنين حيدر لاکو: اقصى ماڊل اسڪول هالا نوان.

*صبغت الله ڏاهري: ڪلاس يارهون، اسد پبلڪ هائير سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.

*آزان علي خاصخيلي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي سيوهڻ.

*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن دادو.

*ميرب زهره: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ.

*حجاب زهره: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ.

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
خليفو فيصل ڪاڪا جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org